سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهيءَ جا خاموش ڪارڪن

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهيءَ جا خاموش ڪارڪن​


    [​IMG]

    منوج ڪمار
    اهي هڪ نئين سنڌ جا نوجوان آهن. اهي نئين ريتن ۽ روايتن جا امين آهن ۽ هنن جو سندن پراڻين روايتن سا ڪوبه واسطو ڪونهي. انهن کي نه ته شهرت جي بک آهي ۽ نه ئي ڪنهن مڃتا جي خواهش. اهي نه ته ڪنهن ايوارڊ جا متلاشي آهن ۽ نه ئي کين ڪنهن معاوضي جي تمنا. نه کين اسٽيجن تي، ڪرسين تي ويهڻ جي آرزو آهي ۽ نه وري کين وڏيون وڏيون تقريرون ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن جي نه ڪا تنظيم آهي، نه ڪو وٽن اليڪشنون ٿين ۽ نه وري اهي عهدن تي هڪ ٻئي سان وڙهن. نه کين اها لالچ آهي ته کين ڪنهن اداري جو سربراهه بنايو ويندو ۽ نه ئي کين انهيءَ جو شوق ته کين ڪو ٽوئر تي ٻين ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي. انهيءَ نئين سنڌ جا اهي نوجوان انهن سڀني شين کان مٿانهان ٿي سنڌي ٻولي جي لاءِ اهو ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو اسان جا عالم، اديب، ماهر ۽ ٻولي جا گھڻگهرا اڃان نه ڪري سگھيا آهن. پر انهن گمنام ڪارڪنن جو ذڪر توهان کي اخبارن، مئگزينن ۽ ڪتابن ۾ به ڪونه ملندو. اسان مان کين رڳو اهي سڃاڻن، جيڪي نئين دنيا جي بدليل ضرورتن ۽ نون رجحانن سان لاڳاپيل آهن. انهن نوجوانن جي ڪم جي رڳو انهن کي خبر آهي، جيڪي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا سان ڳنڍيل آهن، ۽ جيڪي انهيءَ ڳالهه کان واقف آهن ته ايندڙ ويجهي مستقبل ۾ رڳو سندن ئي ڪيل ڪم هوندو، جيڪو سنڌي ٻولي کي جيئدان ڏيندو. اهي سنڌي ٻولي جي سڀاڻي جا امين آهن.
    سنڌي ٻولي جي انهن خاموش ڪارڪن ۾ بدين جا ننڍڙا آفتاب ٽالپر ۽ اشفاق ٽالپر به آهن، جن جي ”وائس آف سنڌ“ جي نالي واري ويب سائيٽ تي سنڌي ادب، تاريخ ۽ سياست تي ايترا ته ڪتاب ڊجيٽل فارميٽ ۾ لکيل آهن، جيترا ٻولي ۽ ادب سان جڙيل ڪنهن به سرڪاري اداري جي ويب سائيٽ تي نه آهن. انهن ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو استاد احسان عرساڻي به آهي، جنهن ڄاڻ ۽ علم جي حوالي سان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ انٽرنيٽ انسائيڪلو پيڊيا، وڪي پيڊيا جو سنڌي ۾ اجراءُ ڪيو آهي ۽ سنڌي ٻولي ۾ معياري مواد مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. انهن ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڪارڪنن ۾ رابطي جي پل بڻيل علي حسن ملاح به آهي. انهن ۾ سنڌي ٻولي کي يونيڪوڊ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ سافٽ ويئر ٺاهيندڙ لطيف ساگر شيخ به آهي ته عبدالرحيم نظاماڻي به. انهن ۾ ڊاڪٽر گل آغا، حبيب ساجد، اڪبر لاکو، عبدالعزيز مڱريو، عبدالطيف انصاري، غلام قادر ڄاموٽ، خليق جمالي، احمد سومرو به آهن، جيڪي انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جا مختلف فورم جوڙي ۽ ويب سائيٽون يا بلاگ ٺاهي اڄ جي نوجوانن کي پنهنجي ٻولي سان جوڙي ويٺا آهن. هتي ٽنڊي باگي جو ڪرشن لوهاڻو به آهي، جنهن ڪمپيوٽر لاءِ سافٽ ويئر ۽ سنڌي-انگريزي ۽ انگريزي-سنڌي ڊڪشنريون نه فقط سنڌي ٻولي لاءِ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ اتساهه آهن، پر جنهنجو دماغ نون نون خيالن سان ڀريل آهي. سنڌي ٻولي جي گمنام ڪارڪنن ۾ شبير پرين ڪنڀار، عبدالستار سمون، ثناءُ الله مڱڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن، جن سنڌي ٻولي جي سونهن وڌائڻ لاءِ پنهنجي پيار جي پورهئي تحت سوين نوان ۽ خوبصورت فونٽ تخليق ڪيا آهن، انهيءَ لسٽ ۾ شاهنواز سومرو، حبيب سنائي آهن، جن جي محنتن سان لطيف ۽ سچل جا رسالا ۽ قرآن شريف جو سنڌي ترجمو انٽرنيٽ تي اچي سگهيو. اهڙا ٻيا به کوڙ سارا نوجوان آهن، جيڪي پنهنجي نوڪرين ۽ مصروفيتن جي باوجود پنهنجي ٻولي جي لاءِ وقت ڪڍيو سنڌي کي جديد ٻولين جي صف ۾ بيهارڻ جي عمل ۾ رڌل آهن. پر انهن سڀني نوجوانن کي سو آهي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي. جن جي جوڙيل ايم بي ڀرڳڙي پروگرام تحت اسان نه رڳو ڪمپيوٽر تي سنڌي ۾ لکي پڙهي سگهون ٿا، پر اسان سنڌي ٻولي جون ويب سائيٽون ٺاهي، بلاگ جوڙي، انٽرنيٽ چيٽ ڪري، پنهنجيون پريزنٽيشنس ڏئي ۽ ٻين سافٽ ويئرن ۾ ڪم ڪري سگهون ٿا. ماجد ڀرڳڙي جي انهيءَ انقلاب جو پاڻ پهرين به هنن ڪالمن ۾ ذڪر ڪندا آيا آهيون ۽ سنڌي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر سان واسطو رکندڙ تقريبن سڀني دوستن کي سائين ڀرڳڙي جي سنڌي ٻولي تي ڪيل احسان جي خبر آهي. اڄ آئون پنهنجي ڪالم ۾ سندس هڪ ٻئي ڪم جو ذڪرڻ ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن جي پوري ٿيڻ سان سنڌي ٻولي ۾ هڪ ٻيو انقلاب اچي ويندو.

    ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ سڀني ماڻهن کي خبر آهي ته ڪمپيوٽر هلائڻ لاءِ هڪ آپريٽنگ سسٽم جي ضرورت هوندي آهي. اسان وٽ عام طور ونڊو ايڪس پي يا نئون آيل ونڊو وسٽا يا ونڊوز سيوَن استعمال ٿيندا آهن، پر اهي آپريٽنگ سسٽم اهي ئي استعمال ڪري سگهندا آهن، جيڪي انگريزي کان واقف هجن، ڇاڪاڻ ته انهن کي هلائڻ وارو نظام انگريزي ٻولي ۾ هوندو آهي. اهي سسٽم ڇاڪاڻ ته پرائيويٽ ڪمپنين، يعني مائڪرو سافٽ جي ملڪيت آهن، تنهن ڪري اهي مهانگا به آهن، ۽ انهن ۾ اسان تبديليون به ڪري نٿا سگهون، پر ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ انهن وڏن فرمن جي هڪ هٽي ٽوڙڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ ڪمپيوٽر ماهر مفت آپريٽنگ سسٽم جوڙي رهيا آهن. اهي جيئن ته اوپن سورس جي تحت آهن، تنهن ڪري انهن ۾ ڪير به پنهنجي ضرورتن تحت تبديليون ڪري سگهي ٿو. ماجد ڀرڳڙي هن وقت لينڪس (Linux) جي هڪ مشهور آپريٽنگ سسٽم ابنٽو (Ubuntu) جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ ۾ رڌل آهي، انهيءَ سسٽم جي ٺهڻ سان اهو ٿيندو ته انگريزي سان واقفيت نه هئڻ باوجود به هر ماڻهو ڪمپيوٽر استعمال ڪري سگهندو. انهيءَ سسٽم سافٽ ويئر جي سنڌي ۾ اچڻ سان روينيو ڊپارٽمينٽ جهڙن کاتن ۾ ڍل يا زمين جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽر تي سنڌي ۾ رڳو سنڌي پڙهيل به درج ڪري سگهندو. تپيدارن ۽ ٻين ننڍن اهلڪارن پاران سنڌي ۾ ورتل انگن اکرن کي سڌو سنئون ڪمپيوٽر ۾ رکي سگهبو، ۽ کين انهيءَ رڪارڊ کي انگريزي ۾ ترجمي ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. نه فقط روينيو، پر آبپاشي، پوليس، تعليم کاتو، عدالتن ۾ به سنڌي ۾ موجود رڪارڊ کي ڪمپيوٽر تي محفوظ ڪري سگھبو. نه رڳو ايترو پر ڦٽين جي ڪارخانن کان وٺي پيڊين ۽ ننڍڙن ڪاروبار ڪندڙ دڪاندارن کان وٺي زمينداري حساب کي به ڪمپيوٽر تي منتقل ڪرڻ لاءِ ڪنهن اضافي پورهئي يا مهارت جي ضرورت نه پوندي ۽ هر ماڻهو، جنهن کي صرف سنڌي ٻولي ايندي، سو به دنيا جي ٻين ماڻهن وانگر جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي سگهندو.

    پر هڪ پوري آپريٽنگ سسٽم کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي. انهيءَ ۾ سوين ماڻهن جي ضرورت آهي، جيڪي ڪم کي ورهائي کڻن. سولي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن پنج ماڻهو ايڏو وڏو ڪم ڪندا ته کين پنج سال لڳندا، پر جيڪڏهن پنج س‍‍ئو ماڻهو هجن ته ساڳيو ڪم پنجن مهينن ۾ به ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ڪمپيوٽر جي شاگردن ۽ استادن کي گذارش آهي ته اهي انهيءَ ڪم ۾ ماجد ڀرڳڙي جو هٿ ونڊائين، انهيءَ سان نه رڳو کين پنهنجي ڪم جو تجربو ٿيندو، پر انهيءَ سان گڏ سنڌي ٻولي جي واڌ ويجھه ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ واري اعزاز سان به نوازبا. انهيءَ لاءِ توهان هن لنڪ تي وڃي ڪم لاءِ جوڙيل گروپ جو حصو ٿي سگهو ٿا. https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd

    اسان کي اهو ڪم پنهنجي هٿ ۾ انهيءَ ڪري به کڻڻو پيو پوي جو اسان جي ادارن جو حال پورو سارو آهي. سواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي، ڪنهن ٻئي اداري جي ڪا مڪمل ويب سائيٽ سنڌي ۾ ڪانهي. ايتري قدر جو سنڌي ٻولي کي بااختيار بنائڻ واري اداري جي سنڌي ويب سائيٽ به مڪمل طور تي سنڌي ۾ ڪانهي.

    اسان جي ٻولي جي بي حسي جو توهان کي هڪڙو مثال ڏيان ته ٻه سنڌي، انگريزي ڊڪشنريون آن لائين آهن. آن لائين ڊڪشنري مان مراد ته اهي انٽرنيٽ تي موجود آهن ۽ انهن ۾ توهان ڪو لفظ سنڌي ۾ داخل ڪندئو ته انگريزي ۾ انهيءَ جي معنيٰ ملندي يا انگريزي لفظ جي سنڌي ۾ معنيٰ ملندي، پر ٻنهي ڊڪشنرين مان ڪا هڪڙي به سنڌ جي ڪنهن اداري يا يونيورسٽي طرفان نه جوڙي ويئي آهي. هڪڙي آمريڪا جي شڪاگو يونيورسٽي پاران جوڙي ويئي آهي، جنهن جي نگراني ڊاڪٽر جينيفر ڪول ڪئي آهي. اها ڊڪشنري هن لنڪ تي ڏسي سگهجي ٿي.

    http://dsal.uchicago.edu/dictionaries/mewaram

    جڏهن ته ٻي ڊڪشنري لاهور جي هڪ پرائيوٽ يونيورسٽي پاران قائم ڪيل ڪمپيوٽر تي ادارو ٻولي جي واڌاري واري اداري پاران جوڙيل آهي، جنهن کي هن لنڪ تي ڏسي سگهجي ٿو: www.crulp.org/sed

    جيڪو ڪم اسان جي ٻولي جي اٿارٽي يا سنڌ ۾ موجود يونيورسٽين کي ڪرڻ گهربو هو، اهو شڪاگو ۽ لاهور جا ادارا ڪري رهيا آهن.

    سنڌي ڪمپيوٽنگ کي اڃان به اڳتي وٺي وڃڻو آهي، انهيءَ جي ٽڙيل پکڙيل ڪارڪنن کي هڪ هنڌ آڻڻو آهي. ڪم جي دهرائجڻ بجاءِ نئين ڪم تي توجهه ڏيڻي آهي. مستقبل جي ٽيڪنالاجين ۽ خاص طور تي موبائيل فون جي لاءِ سنڌي سافٽ ويئرن کي جوڙن تي توجهه ڏيڻي آهي. اسان اميد ڪنداسين ته حڪومت ۽ ٻولي جي ترقي لاءِ جوڙيل ادارا ۽ سنڌ جون يونيورسٽيون ان ڏس ۾ به نظر ڪندا ۽ سنڌي ٻولي کي ايندڙ نسل جي گهرجن مطابق ترقي وٺرائيندا
    .

    ( نوٽ منهنجي خيال ۾ منوج ڪمار صاحب کي سنڌ سلامت جي باري ۾ علم نه آهي، ۽ مون منوج ڪمار صاحب کي هن سائيٽ جي باري ۾ هڪ ميل ته ڪري ڇڏيو آهي اميد ته منوج ڪمار صاحب هن سائيٽ کان به واقف ٿيندا ۽ سنڌ سلامت بابت به پنهنجا خيالات ظاهر ڪندا ۽ کين هي سنڌ سلامت جي سائيٽ به پسند ايندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ممتاز علي وگهيو )
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهيءَ جا خاموش ڪارڪن

    ادا ممتاز، منوج ڪمار جو تمام سٺو مضمون ونڊ ڪرڻ تي مهربانيون ۔۔۔ ادا سائين غلام قومن جا ادارا به غلامانه ذهنيت جو شڪار هوندا آهن، انڪري اهي مالڪ جي اشاري جا منتظر هوندا آهن ۔۔۔ ها غلام قومن جون سڄاڻ تنظيمون ۽ فرد پنهنجو پاڻ ملهائي پاڻ به سرخرو ٿيندا آهن ۽ قوم جو ڳاٽ به اوچو ڪندا آهن ۔۔۔ جيڪو ڪم به ٿئي ضرور ٿو پر اهو به سست ۽ غير منظم ۔۔۔

    هٿ مٿي آهن ۔۔۔ نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي ڌوڪي جي ديوار ۔۔۔

    لک ٿورا
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهيءَ جا خاموش ڪارڪن

    ادا پياري شيئرنگ آهي.
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهيءَ جا خاموش ڪارڪن

    ادا هن هفتي جي آخير ۾ هي توهاجي بهترين ونڊ آهي مهرباني
     
  5. منوج

    منوج
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2010
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهيءَ جا خاموش ڪارڪن

    ز
    توهان جي مهرباني ته توهان پنهنجي فورم تي منهنجو ڪالم ونڊيو آهي. مون توهان جي فورم پهرين به ڏٺو هو پر ڪالم ۾ انهي جو ذڪر رهجي ويو. انهي لاءِ معافي.
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهيءَ جا خاموش ڪارڪن

    ادا منوج ڪمار توهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔۔
    دوستن جو لکيل ڪالم پڙهيو۔۔۔ توهان جي سوچ ۽ علمي قابليت جو واضح ثبوت آهي۔۔۔
    مون سميت سمورن سنڌ سلامت جي سنگتين کي توهان جي هتي اچڻ سان سرهائي ٿي آهي۔۔۔ اميد ته پنهنجيون اهي لکڻيون جيڪي پنهنجي سنڌين کي سجاڳي جو درس ڏينديون هجن ونڊ ڪندا رهندا۔۔۔
    توهان جي تفصيلي تعارف جو پڻ انتظار رهندو۔۔۔
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهيءَ جا خاموش ڪارڪن

    ڀاء منوج ڪمار صاحب سڀ کان پهرين ته توهان کي مون سميت تمام سنڌ سلامت جي ميمبرن ۽ انتظاميه طرفان سنڌ سلامت جي فورم تي ڀليڪار ۔ڀاء منوج ڪمار صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي ميل جو جواب منهنجي ميل ائڊريس تي الڳ ۽ سنڌ سلامت جي فورم تي الڳ ڏنو آهي، جنهن لاء توهان جا لک لائق۔ ادا اميد ته توهان پنهنجن تحريرن سان پڻ سنڌ سلامت کي مالا مال ڪندا رهندا، ڀاء هت مان ( سنڌ سلامت تي ) توهان ڏانهن ڪيل ميل ۽ توهان جي آيل ميل جو جواب پڻ پنهنجن باقي دوستن لاء ونڊ ڪيان ٿو، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اسلام عليڪم ڀاء منوج ڪمار صاحب
    ڀاء توهان جو ليک ( سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهيءَ جا خاموش ڪارڪن ) پڙهيم ۽ مون کي تمام گهڻو پسند آيو، ۽ ان ڪري اهيو ليک مون سنڌ سلامت جي فورم تي ونڊ ڪري ڇڏيم، جنهنکي توهان به ڏسي سگهو ٿا۔ ٻيو عرض ته توهان ان پنهنجي ليک ۾ سنڌ سلامت جو ذڪر به ڪيو هان ته بهتر ٿئي هان، توهان سنڌ سلامت جي سائيٽ کي ڏسڻ لاء هتي ڪلڪ ڪري ( سنڌ سلامت جو فورم ) توهان سنڌ سلامت جو فورم ڏسي سگهو ٿا۔


    ادا ممتاز
    توهان جي مهرباني ته توهان پنهنجي فورم تي منهنجو ڪالم ونڊيو آهي. مون توهان جي فورم پهرين به ڏٺو هو پر ڪالم ۾ انهي جو ذڪر رهجي ويو. انهي لاءِ معافي. اميد ته ٻئي دفعي ايئين ڪون ٿيندو.
    محبتن لاءِ مهرباني
    منوج



    [​IMG]


    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو