جواب: سنڌي تهذيب جا ڏيک
بابلا درويش منهنجي پروش پڻ اهڙي ئي ماحول ۾ ٿي آهي ۔۔۔۔ ۽ جڏهن اهڙي قسم جون تصويرون ڏسندو آهيان ته امڙيون، ادڙيون، نانيون، چاچيون ۽ ڏاڏيون ياد اچي وينديون آهن ۽ مزي جي ڳالهه ته بابا سائين پڻ جڏهن واڻ سٽيندو هو هٿ واري چرکي تي واڻ ٺاهيندو هو ته بلڪل ساڳيو نمونو هوندو هو جيڪو مٿي هڪ همراه ڪري ويٺو آهي ۔۔۔۔
سنڌ جا رنگ هزار ، سنڌ جي تاريخ پراڻي ۽ شاندار، سنڌي ٻولي مٺڙي ۽ مزيدار ۔۔۔ مطلب ته هر شئي آهي بس جي ڪا شئي ناهي ته اها آهي ” آزادي “ دعا ڪريو ته ڪو وا سڻائو لڳي ۔۔۔۔
لک ٿورا ۔۔۔۔