• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاٽ شريف جو تصويري منظر

زاهد سومرو

سينيئر رڪن
دوستو ڪجهه ڏينهن پهريان مون پنهنجي ڳوٺ جي باري ۾ تحقيقاتي جائزو ونڊ ڪيو هئو۔۔۔۔ ان ۾ پڻ اهو به لکيو هيم ته اوهان کي ڳوٺ جو تصويري منظرنامون به ڏيکاريو ويندو۔۔۔ بس وقت جي ڪمي سبب ۽ ڪافي مصروفيتن جي باوجود اڄ ان ڪم کي ڪنهن حد تائين رسايو آهي اميد ته اوهان سڄڻن کي پسند ايندو۔۔۔ باقي رهيل تصويرون ڪنهن ٻي ساعت تي موڪلبيون۔۔۔۔۔۔۔

Slide3.jpg

Slide20.jpg

Slide16.jpg

Slide13.jpg

Slide8.jpg

Slide10.jpg

Slide11.jpg

Slide4.jpg

Slide5.jpg

Slide6.jpg
 
جواب: پاٽ شريف جو تصويري منظر

ادا زاهد لک لائق ۔۔۔ سنڌ جون سموريون وسنديون جهڙو سون جي ڪاڻ۔۔۔
هوئن ته مان به اڪثر پاٽ شهر ايندو رهيو آهيان پر ڪجهه منظر جيڪي توهان تصوير ڪشي ۾ آندا آهن سي منهنجي نظر کان به اوجهل هيا۔۔۔
محترم حبيب الله صديقي جو ڪافي نالو ٻڌو آهي ۔۔۔ پاڻ ادبي حلقن ۾ پڻ شامل آهن ۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي عظيم استاد ”محترم شفيع محمد قريشي (مرحوم)“ جن کي ڀيٽا ڏيندي هڪ زبردست قسم جي سندس شاعري پڻ نظر مان گذري۔۔۔ جيڪڏهن سندن باري ۾ ڪو مواد موجود هجي ته ضرور ونڊ ڪندا۔۔۔
توهان جي والد بزرگوار مرحوم جن سان نه ملڻ جو ڏک اڪثر ڏکوئي وجهندو آهي۔۔۔ توهان جي چهري مان سندن مماثلت پري کان نظر اچي رهي آهي۔۔۔ الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي۔۔۔ پاڻ سگهڙ طور ڪافي مشهور هئا۔۔۔ پري پري کان ماڻهون سندس سان ڪچهري ڪرڻ ايندا هئا ۔۔۔ نه صرف ايترو پر اسان جي ڳوٺ ۾ پڻ سندس ٻه ٽي شاگرد موجود آهن۔۔۔ جيڪي سندس طرزِ عمل جو نقل ڪندي ڳجهارتون ۽ انهن جو توڙ ٻڌائيندا آهن۔۔۔۔ جيڪڏهن وقت ملي ته سندن باري ۾ پڻ ضرور آگاهي ڏيندا۔۔۔
ٽائيٽل سان خوبصورت منظر ڪشي ڏيکارڻ جي هڪ دفعو ٻيهر مهرباني۔۔۔
 
سائين قبلا اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان اسان کي بابا سائين مماثلت ڏني۔۔۔۔ سائين بابا سائين واقعي اهڙا شاگرد سگهڙ ڪيا جيڪي اڄ تائين به مونکي بابا سائين جو اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندا رهندا جن کي ٻڌي منهنجي اکين مان خوشي ۽ غم جا ڳوڙها تري ايندا آهن۔۔۔ جڏهن اڪثر بابا سائين وٽ سگهڙ ايندا هئا ته مان اوطاق ته مانيون ڍوئي ڍوئي ٿڪجي پوندو هئس پر جڏهن ڪچهري شروع ٿيندي هئي ته فجر نماز تي گڏ ويندا هئاسين۔۔۔۔۔ ۽ ائين سڄي رات اک ٻوٽڻ جو نالو ئي نه وٺندي هئي۔۔۔۔ اهڙا ته ڏور ۽ بيت سگهڙ پڙهندا هئا جو واهه واهه پر ادا رشيد ان کان وڌ مزو اهو هوندو جو جڏهن ڪو سگهڙ انهي بيت کي سڌو ڪندو هئو پر سائين اهي ڏور ۽ بيت پنجتن ۽ چئن يارن جي شان ۽ انهن جي معجزن ۽ ڪرامتن تي مبني هوندا هئا۔۔۔۔ ڇا ته سگهڙن جو عقل هوندو آهي۔۔ هڪ حديث مبارڪه کي انهي بيت ۾ سمائڻ ۽ انهي بيت کي سولي ڪرڻ وارو به ان کان گهٽ نه هوندو آهي۔۔

سائين بس اهي پراڻيون پيون ڪچهريون ياد پون۔۔۔۔۔ سائين مون به هن فورم تي هڪ ڳجهارت ڏني هئي پر ڪنهن به دوست انهي کي سڌي ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي۔۔۔

مهرباني سائين ونڊ ڪرڻ جي

اوهان جي حڪم مطابق ته مان سائين حبيب الله صديقي جن متعلق مواد ضرور آڻيندس۔۔۔ انشاالله
 
جواب: پاٽ شريف جو تصويري منظر

پر توهان جي آندل اهڙي ڳجهارت منهنجي نظر مان نه گذري آهي۔۔۔۔ نه ته پاڻ به ڪنهن سگهڙ کان گهٽ نه آهيون۔۔۔ (مذاقن ۾)
 
جواب: پاٽ شريف جو تصويري منظر

سائين زاهد پيارا تمام بهترين ونڊ آهي۔ الله توهان کي سلامت رکي سدا آباد هجو ۔
 
جواب: پاٽ شريف جو تصويري منظر

پر توهان جي آندل اهڙي ڳجهارت منهنجي نظر مان نه گذري آهي۔۔۔۔ نه ته پاڻ به ڪنهن سگهڙ کان گهٽ نه آهيون۔۔۔ (مذاقن ۾)

سائين قبلا اوهان ڪاڪي آچار جي اوطاق واري سيڪشن ۾ ڳجهارت جي عنوان سان جانچي وٺو۔۔۔۔۔

سائين زاهد پيارا تمام بهترين ونڊ آهي۔ الله توهان کي سلامت رکي سدا آباد هجو ۔

آمين قبلا ۔۔۔۔۔۔ ساڳي دعا اوهان جي لا پڻ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: پاٽ شريف جو تصويري منظر

ادا الجميلي تمام بهترين ونڊ آهي، پوءِ‌ڪڏهن ٿا اسان کي پاٽ شريف گهرايو

ادا عبدالوهاب قنبراڻي جڏهن اوهان جي دل گهري هليا اچجو۔۔۔۔ فقير جو آستانو اوهان جي تاحيات کليل آهي۔۔۔۔۔

مهرباني سائين اوهان کي ونڊ پسند آيو۔۔۔
 
جواب: پاٽ شريف جو تصويري منظر

تمام ڀليون تصويرون ۽ زاهد جو ڪيل ڪم به ساراهڻ جوڳو آهي، ۔۔۔ نه ته ڪير آهي جو پنهنجي ڳوٺ سان اهڙي وفاشعاري ڏيکاري ۔۔۔ علم، ادب ۽ سگهڙائپ ۾ پاٽ شريف جو نالو ته پوري سنڌ ۾ مشهور آهي ۔۔۔ سو اڄ پاٽ شريف جو ديدار به ٿي ويو ۔۔۔ مٿان وري ادي زاهد مخدومي صاحب جي والد بزرگوار جو ديدار پڻ ٿيو ۔۔۔ رب کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين

مهرباني ادا زاهد ۔۔۔ اوهان جهڙا قومپرست تهڙا ڳوٺائي پرست پڻ لڳو ٿا ۔۔۔ جيڪا سٺي ڳالهه آهي ۔۔۔ اميد ته ٻيا دوست به پنهنجن ڳوٺن جي تاريخ سان گڏ تصويرون، اوهان جيئان ونڊ ڪن ته هوند ڪيترو نه ڀلو ۔۔۔!!!

دعائن ۾ گڏ
 
سائين محترم نثار ابڙو صاحب!

اوهان جو لک ٿورائتو آهيان۔۔۔ جو اوهان مون حقير جي همٿ افزائي ڪئي ۽ منهنجي ڪم کي ساراهيو اٿو۔۔۔ ۽ منهنجي بابا سائين لا پڻ دعا ڪئي اٿوَ آمين۔۔۔

بلڪل سائين اوهان صحيح ٿا فرمايو هر دوست کي ائين ڪرڻ گهرجي پنهنجي ڳوٺ جي تاريخ ۽ تصويرون پڻ هتي ونڊ ڪرڻ گهرجن۔۔۔۔

مهرباني پسند ڪرڻ جي قبلا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: پاٽ شريف جو تصويري منظر

ادا سومرا صاحب توهان جون ونڊ ڪيل تصويرون ته وڻيون ئي وڻيون مگر توهان جو ڪيل ڪم تمام بهترين ۽ دل کي پسند آيو ، ادا سنڌ ڌرتي جيڪي نالي واريون شخصيتون پيدا ڪيون آهن انهن مان ڪافي نالي واريون شخصيتون پاٽ شريف جون آهن علامه َقاضي صاحب ۽ ڊاڪٽر صديقي صاحب ته سنڌ جون مڃيل شخصيتون آهن صديقي صاحب هون ته ٻيا ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن پر سندس ڀٽو صاحب تي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب وساري نه ٿو سگهجي۔ جيڪو ڪتاب زيبيسٽ واري وٽ آهي۔ادا ماشاءالله سان پاٽ تي تصويري ڪم تمام گهڻو پسند آيو۔
 
مهرباني قبلا سائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس سائين اهڙي علمي شهر ۾ رهڻ جو پاڻ کي به شرف حاصل آهي۔۔۔۔ انشاالله مان ڪوشش ڪندس ته دوستن سان محترم حبيب الله صديقي پاٽائي جا لکيل ڪتاب به متعرف ڪرايان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

مهرباني قبلا سائين
 
Back
Top