جواب: پاٽ شريف جو تصويري منظر
محترم مخدومي الجميلي زاهد سومرا ۔ السلام عليڪم ۔ ادل مونکي معاف ڪجان جو توهان هن اهم ترين ۽ تاريخي تصويرن واري ونڊ منهنجي نظرن کان پري رهي، سائين منهنجا ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي پر ۾ اصل سنڌ جا سورهيه هوندا آهن، هرڪو پنهنجي پنهنجي ماڳ سان محبت ڪندو آهي ۔ ادا توهان پنهنجي ماڳ واري شهر سان ڪيتري محبت ڪريو ٿا ان جو اندازو توهان جي موڪليل هن ونڊ جو مشاهدو ڪرڻ کان پو ڀلي ريت ڄاڻي چُڪو آهيان، پاٽ شريف جي ماڳ مڪانن کان وٺي ان شهر جي تاريخ ساز شخصيتن جي باري ۾ توهان تصويرون ڏئي پنهنجي خوبصورت شهر سان اڻ ميئي محبت جو ثبوت ماشا الله تمام خوبصورت سان ڏئي چُڪا آهيو، ان ڳالهه جي جيتري به تعريف ڪئي وڃي سا گهٽ آهي، مان اها ونڊ شايد پنهنجي پُٽ جي شادي وارِي مصروفيت جي ڪري ڏسي نه سگهيس، پر يقين ڄاڻ ته اڄ تفصيل سان تنهنجو موڪليل هن پوسٽ جو مشاهدو ڪيم ته تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي۔ ادا زاهد هن تاريخي پوسٽ جي ونڊ ڪرڻ لا لکين کيرون لهڻو۔ توهان جي والد بزرگوار مرحوم الله سائين کيس جنت ۾ جايون ڏي هنن تصويرن ذريعي ديدار ٿِي ويو، هڪڙي ڄاڻ ڀري اها ڳالهه به معلوم ٿِي ته توهان جو والد بزرگوار سائين غلام النبي سومرو مرحوم سنڌ جو هڪ مڃيل سُگهڙ هو۔ ادا زاهد مونکي خبر آهي ته توهان جي والد بزرگوار مرحوم جون تصنيفون جيڪي به سگهڙيائتيون تصنيفون لازمي لازمي لکت ۾ توهان وٽ يا توهان جي خاندان ۾ ضرور هونديون ، جيڪڏهن اهي سگهڙيائتا اسم هُجن ته برا مهرباني سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻتي ضرور ونڊ ڪيون وڃن اسان سڀئي سنڌ سلامت جا ساٿي انهن تصنيفن جو شدت سان انتظار ڪنداسين۔ هونئن ته تون پاٽ شريف شهر جو حلالي پُٽ آهين پر اڄ تنهنجي هن خوبصورت معلوماتي ونڊ کي ڏسي تو اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته تون صرف پاٽ شريف شهر جو نه پر سموري سنڌ جيجل جو سپوت پُٽ آهين الله سائين توکي تنهنجي پيارن سميت سدائين شاد ۽ آباد رکي (آمين ثم آمين)