نثارناز
سينيئر رڪن
ادا نثار ابڙو صاحب شاديءَ جي باري تاريخي ڄاڻ ڏني هُئي هڪ نرالي انداز ۾ بس ڪجهه مزاحيه تصويرون مان ڀي شيئر ڪرڻ ٿو چاهيان ڏسون ته توهان جي چهري تي ڪيتريون ٿيون مسڪراهٽون پکيڙجن
شادي مطلب وڏي سنگهر زال ۽ مڙس ٻنهي جي پيرن ۾ توهان ڏسي سگهو ٿا

او هو، هي ڇا صرف ٿوري عرصي کانپوءِ گُل به واپس زال ۽ مڙس جون هڪ ٻئي کي پٺيون؟

ڇا ڪيون سنگهر مطلب زنجير مطلب ٻنڌڻ مضبوط آهي پر هي ڇا زال جهنگ جي جانور ۽ مُڙس ويڙهو ڍڳو مطلب انگريزي وارو بُل؟

اڙي شادي واري رشتي جو ٻنڌڻ ته صفا مضبوط پيو ڏسجي پر زال هنٽر باز حسينه ۽ مڙس گاڏو گهيل گهيلان؟!

سائين سدائين ٻُڌندا آيا هُئاسين ته هڪ ٻيلي ۾ ٻه شينهن نٿا رهي سگهن پر هڪ ٻيلي ۾ شينهن ۽ شينهڻ رهي سگهن ٿا پر هتي هڪڙي گهر ۾ مڙس ۽ زال اجهو هينئن به رهن ٿا، اصل ٽي وي ڏسڻ تان جهيڙو ڇا ڪجي شاديءَ وارو ٽوڙهو جو پاتل آهي پيرن ۾

فري اسٽائل ريسلنگ ڏسي سگهجي ٿي في الحال زال جو پلو ڀاري آهي دوستو هي نورا ڪُشتي بلڪل ناهي؟!

شڪر ٿيو صرف پادرن جو استعمال ٿيو آهي پر انهي هوندي به مُڙس ويچاري کي ڏينهن جا تارا نظر اچي ويا آهن۔ لڳي ٿو زال کُڙين وارا سينڊل استعمال نٿي ڪري نه ته مُڙس کي رات مان ڏينهن نظر اچي ها ۽ ڏينهن مان رات!

مُڙس ويچاري غم غلط ڪرڻ لاءِ ٺري جو سهارو ورتو آهي، بجلي جي بنبو جو سهارو ورتو آهي، ۽ پراڻو سنڌي گانو ” مالڪ تون درد ڪٽيندين“ ڳائي پيو سندس خيالن ۾ زال جي هٿ ۾ عورت وارو روايتي هٿيار ويلڻ پڻ موجود آهي۔

هان هي ڇا مڙس ويچاري ڪجهه گهڙيون آرام وارو دڳ ڳولي ورتو آهي، آفيس سيڪريٽري اصل شغل لڳو پيو آهي پر اهو شادي وارو ” ٽوڙهو “ ته وري به نظر پيو اچي؟!

وڃ ڙي مڙس کي زال دهشت گرد ڊڪليئر ڪري ڇڏيو، اصل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ زال مورچه بند ٿي ويئي، بس ذري گهٽ آپريشن شروع ٿيڻ وارو آهي، پاڙي وارن کي لائوڊ تي پڙهو ڏنو ويو آهي ته ڪير به وچ ۾ نه پوي نه ته بي موت مارجي ويندو۔

يارو ڪنڪليوڊنگ پوائنٽ مان ڇا لکان ڏسو پيا شادي جي ٽوڙهي جا حوال بس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مُٺي به ماٺ ته مِٺي به مڙس زنده صحبت باقي۔۔۔۔۔۔۔۔
