شادي مطلب زال مُڙس ٻنهي جي پير ۾ سنگهر

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏24 مئي 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا نثار ابڙو صاحب شاديءَ جي باري تاريخي ڄاڻ ڏني هُئي هڪ نرالي انداز ۾ بس ڪجهه مزاحيه تصويرون مان ڀي شيئر ڪرڻ ٿو چاهيان ڏسون ته توهان جي چهري تي ڪيتريون ٿيون مسڪراهٽون پکيڙجن​


    شادي مطلب وڏي سنگهر زال ۽ مڙس ٻنهي جي پيرن ۾ توهان ڏسي سگهو ٿا​

    [​IMG]
    او هو، هي ڇا صرف ٿوري عرصي کانپوءِ گُل به واپس زال ۽ مڙس جون هڪ ٻئي کي پٺيون؟​

    [​IMG]
    ڇا ڪيون سنگهر مطلب زنجير مطلب ٻنڌڻ مضبوط آهي پر هي ڇا زال جهنگ جي جانور ۽ مُڙس ويڙهو ڍڳو مطلب انگريزي وارو بُل؟​

    [​IMG]
    اڙي شادي واري رشتي جو ٻنڌڻ ته صفا مضبوط پيو ڏسجي پر زال هنٽر باز حسينه ۽ مڙس گاڏو گهيل گهيلان؟!​

    [​IMG]
    سائين سدائين ٻُڌندا آيا هُئاسين ته هڪ ٻيلي ۾ ٻه شينهن نٿا رهي سگهن پر هڪ ٻيلي ۾ شينهن ۽ شينهڻ رهي سگهن ٿا پر هتي هڪڙي گهر ۾ مڙس ۽ زال اجهو هينئن به رهن ٿا، اصل ٽي وي ڏسڻ تان جهيڙو ڇا ڪجي شاديءَ وارو ٽوڙهو جو پاتل آهي پيرن ۾​

    [​IMG]
    فري اسٽائل ريسلنگ ڏسي سگهجي ٿي في الحال زال جو پلو ڀاري آهي دوستو هي نورا ڪُشتي بلڪل ناهي؟!​

    [​IMG]
    شڪر ٿيو صرف پادرن جو استعمال ٿيو آهي پر انهي هوندي به مُڙس ويچاري کي ڏينهن جا تارا نظر اچي ويا آهن۔ لڳي ٿو زال کُڙين وارا سينڊل استعمال نٿي ڪري نه ته مُڙس کي رات مان ڏينهن نظر اچي ها ۽ ڏينهن مان رات!​

    [​IMG]
    مُڙس ويچاري غم غلط ڪرڻ لاءِ ٺري جو سهارو ورتو آهي، بجلي جي بنبو جو سهارو ورتو آهي، ۽ پراڻو سنڌي گانو ” مالڪ تون درد ڪٽيندين“ ڳائي پيو سندس خيالن ۾ زال جي هٿ ۾ عورت وارو روايتي هٿيار ويلڻ پڻ موجود آهي۔​

    [​IMG]
    هان هي ڇا مڙس ويچاري ڪجهه گهڙيون آرام وارو دڳ ڳولي ورتو آهي، آفيس سيڪريٽري اصل شغل لڳو پيو آهي پر اهو شادي وارو ” ٽوڙهو “ ته وري به نظر پيو اچي؟!​

    [​IMG]
    وڃ ڙي مڙس کي زال دهشت گرد ڊڪليئر ڪري ڇڏيو، اصل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ زال مورچه بند ٿي ويئي، بس ذري گهٽ آپريشن شروع ٿيڻ وارو آهي، پاڙي وارن کي لائوڊ تي پڙهو ڏنو ويو آهي ته ڪير به وچ ۾ نه پوي نه ته بي موت مارجي ويندو۔​

    [​IMG]
    يارو ڪنڪليوڊنگ پوائنٽ مان ڇا لکان ڏسو پيا شادي جي ٽوڙهي جا حوال بس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مُٺي به ماٺ ته مِٺي به مڙس زنده صحبت باقي۔۔۔۔۔۔۔۔​

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    سائين نثار،

    توهان جي محنت تي توهان کي داد ڏجي ٿي۔ توهان جو اندازِ بيان من موهيندڙ آهي، ننڍڙين تصويرن کي سندن پنهنجي زبان ڏئي ڇڏي۔ توهان جي هي تخليقي ڪاوش به پنهنجو مَٽ پاڻ آهي۔

    سدائين خوش رهو ۽ خوشيون ورهائيندا رهو۔

     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي مٺا نثار صاحب توهان جي اهڙي شيئرنگ ئي ته اسان فقيرن کي موهي وڌو آهي
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا نثار ناز
    الله اوهانکي خوش رکي ... ۽ اسانکي اهڙي حالت کان بچائي ... يار زال ۽ مڙس جو جهيڙو ته هونءَ به مشهور آهي ، سنڌ ۾ ته اڃان مرد ذات جو ڪجه خئير آهي، پاڻ وٽ ڪجه حياء ۽ شرم باقي آهي ... پر يورپ ۾ حالتون ابتيون آهن، عورت جي هٿ ۾ موچڙو ته مرد جي هٿ ۾ طلاق يا عدالت جو دروازو ...

    ڀائڙا تمام سٺو ليک آهي ۽ تصويرن سبب ليک ۾ جان اچي وئي آهي، بلکه ايئن چئجي ته اصل نياپو آهي ئي تصويرن ۾ ...

    ادا هن نفسا نفسيءَ واري دور ۾ مڙئي ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي کي کلائڻ به ثواب آهي ...

    سدائين گڏ
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سائين اصل ۾ هاڻي ماڊرن دور اچي ويو آهي نه ان ڪري اهڙا مسئلا پيدا ٿيندا آهن روز نئين فرمائش مڙس وٽ ڪجهه هوندو نه ته وڙهندو نه ته ڇا ڪندو؟ هاها ها ها ! اسان جي زماني ۾ ائين ڪو نه هو اهو ڇا چوندا آهن ٽي ويون فرجون وسي آر اي سي ڪولر وري ڪاٽن ها ها هاڻي جيتري زماني ترقي ڪئي اوترا ويل وڌياآهن اسان جي زماني ۾ فرجن ڪولرن جي جاء تي دلا ۽ مٽ هئا ۽ ڪاٽن جي جاء تي سستو فيبرون جو ڪپڙو هئو نه ڪڏهن ڪا فرمائش ٿي نه ئي ڪو اهڙو حال ٿيو شڪر آ مالڪ جو خير سان چڱا ڏينهن ڪڍي ويا سين هاڻي وڃي قبر جي ڪنڌيءَ تي پهتا آهيون هاڻي ته وڙهندي به شرم ٿو اچي بس پيا ڏوريون
    اوهان جي محنت لاجواب آهي ان مٿان پهنجا تبصرا سچ پڇو ته اصل موهي وڌو. اسان جي دعا آهي ته رب سائين اوهان کي هميشه خوش رکي شل جڙيا هجو
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين نثار صاحب۔۔۔ ادا علي علي ڪوڙ پيو ڳالهائي،، ادو اڃان جوان آهي ۽ اڃا سهپ رکي پيو، الائي ڇو هينئر ئي همٿ هاري ويٺو، بس سائين چوندا آهن ته مڙس ته ڪيڏو ڀلو آهين، پر يار اهڙو ڪم ڪيو اٿئي جو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!! سائين ادي علي علي جي پارت اٿوَ اسانجو تمام پيارو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    sindhsalamatsaathsal
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    پرين زاهد سهپ هئي ته سهي پر اهڙيون تصوريون ڏسڻ کان پوء نڪري وئي هونئن به ته اسان پوڙها ماڻهون دل جا ڪمزور آهيون ادا اهڙي حالت اسان کان ڪٿي ٿي سهي ٿئي سو همٿ هاري ويٺا آهيون ادا
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني مٺا سُلطان : توهان مُنهنجي هن حقير ڪاوش کي پسند ڪيو، ادا بي لوث مسڪراهٽون ورهائڻ سان مونکي يقين آهي ته نيڪي ضرور نصيب ۾ لکجي ويندي آهي۔ توهان مُسڪرايو، مون مُسڪرايو ۽ هرسنڌي مُسڪرايو مطلب سموري سنڌ مُسڪرايو۔​
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا وحيد ڦلپوٽا فقير راضي مطلب مولا راضي، فقير موهجي وڃن باقي ڇا کپي مونکي فخر آهي، ته مون مولائي جون ڪاوشون توهان کي وڻن ٿيون۔ لکين ٿورا​
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مٺا علي علي سنڌ سلامت جو تون واحد نائب منتظم آهين جيڪو هر ڪا ڳالهه پنهنجي دل تي کڻي ويندو آهين، هاڻي مُنهنجون مزاحيه تصويرون ، جيڪي ڪنهن حد تائين ڪارٽون جي زمري ۾ اچن ٿيون انهن ۾ تو مُڙس واري ڪردار ۾ پنهنجي پاڻ کي فٽ ڪري ڇڏيو، اڙي بابا هروڀرون تو پاڻ کي ان مڙس واري ڪردار ۾ ڇو ڦِٽ ڪيو، بس پنهنجي پاڻ کي تصور ئي تصور ۾ تصويري ڪارٽونن جي ڪردار نمبر ٻه يعني ”زال“ محسوس ڪرين ها ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃي ها، توکي بهادريءَ جو سنڌ سلامت وارو ايوارڊ پڻ ملي وڃي ها ۽ سموري سنڌ کلي پئي ها، باقي هاءِ گهوڙا، پوڙهو ٿيڻ جا پاراتا، ڳالهه ڳاٽي ڪون چڙهه ڳئي هي۔ بي بولڊ بابا، جيڪڏهن بهادري واري ڪردار کي نڀائڻ لاءِ تون زال بڻجي وڃي ها ته منطق ئي نرالو ٿي وڃي ها۔ هر سنڌيءَ جي چهري تي مُسڪراهٽون پکڙجي وڃن ها۔ بهرحال توهان کي اها پوسٽ وڻي اصل دل خوش ٿي ويئي۔ سدا سلامت هُجين پنهنجي پيارن سان۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ها ادا علي علي صرف توهان جو پيارو ڪونه آهي پر اسان سموري سنڌ سلامت جو پيارو ڇا پر لاڏلو آهي، پر هي دماغ کان سوچيندو ڪونهي دل کان سوچيندو آهي، دل وارو ۽ ڀوُرِي مينهن وارو آهي الائي ان ڪري۔ باقي الجميلي مهرباني ادا علي علي جي باري ۾ توهان جي سفارش تي ضرور ضرور عمل ڪيو ويندو۔ خوش هُجين شال​
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا نثار ابڙو، بس دوست انسان ويچارو پنهنجي خفن ۾ ايترو پورو آهي، جو ڪائي ڳالهه ڪنهنکي وڻي ئي ڪونه ٿي، اسان ته دوست ڪوشش ڪندا آهيون ته هرڪو ماڻهو هر خفي کان نڪري زندگيءَ جي رونقن کي پسي، زندگيءَ جي خوشين کي ڏسي۔ مُنهنجي خيال ۾ اهو ئي لطيف سائين وارو ٻيو فهم آهي، جنهن جي رستي تي هلندي پرين پسجي سگهجي ٿو۔ الله سائين توهان کي آباد رکي پنهنجي پيارن سان​
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو