” مولا تي ننگ آ “

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
    مولا تي ننگ آ
    نثارابڙو
    ( هي ليک مون سيپٽمبر 2005 ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ سنڌي رسالي ”سنڌ رويو“ لاءِ لکيو هو )

    شمشير علي عرف شمشير الحيدري ... سنڌ جو ناميارو ۽ هردلعزيز شاعر، ڊراما نويس، فلسفي ۽ عظيم انسان، جنهنکي آءُ مخلص، سچي، بي لوث ۽ معصوم انسان جي حيثيت سان سڃاڻان ... سنڌ جو هر سڄاڻ شخص حيدريءَ کي چڱيءَ طرح سان سڃاڻي ... سندس ادبي، سماجي ۽ صحافتي خدمتون سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان آهن ... جيئن ته آءٌ سندس گھر ڀاتي آهيان انڪري بهتر ٿيندو ته سندس باري ۾ ” جيئن ڏٺو آهي مون“ جي بنياد تي ڪجھه لکان ... جيتوڻيڪ مون لاءِ شمشير تي لکڻ ، ڪوزي ۾ سمنڊ سمائڻ برابر آهي ...

    سائين ٻارن سان ٻار، عورتن سان محترم، بزرگن سان بزرگ، اديبن سان اديب ۽ فلسفين سان فلسفي ... سندس شخصيت گھڻ پاسائين، شفاف هيري جيئان آهي جنهنجي هر ڪنڊ کان نئين رنگ جي روشني نڪري ٿي ... آءُ سندس گھريلو ۽ شخصي زندگيءَ جي ڪجھه اهڙن پهلوئن تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪندس جنهن سان، شمشير جي ساده، حقيقت پسند ۽ اصول پرست شخيصت نروار ٿئي ٿي ....

    حيدري ۽ سندس ڪمرو؛

    دال_ڀت سندس خوراڪ، سادگي حيرت جوڳي، گھر ۾ ضروريات زندگي جو سامان ايترو جو چادر پيرن تي ته چهرو اگھاڙو ۽ جي چهرو ڍڪيل ته پير اگھاڙا، کيسي ۾ پئسا ايترا جو اڄ جو خرچ اڻپورو، سڀاڻي لاءِ ” مولا تي ننگ آ “ ... هونئن ته سائينءَ جو گھر ۾ ڪو خاص ڪمرو آهي ئي ڪونه، سندس اولاد ۽ مهمانن جي ضروريات مطابق، بابا جو بسترو ۽ سامان، هِنَ ڪنڊ کان هُنَ ڪنڊ ڏانهن پيو سفر ڪندو آهي، تنهن هوندي به ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڪمري تي سندس قبضو ٿي ويندو اٿس ... سادي سودي ميز، هڪ ٻه ڀڳل ڳنڍيل ڪرسيون، کٽ آهي ته ٺيڪ، نه ته بسترو پٽ تي ، پڙدا اٽڪيل سٽڪيل، آهن ته به ٺيڪ، ناهن ته به پرواه ناهي ... ناليدار ڇت سبب ڪمرو سخت گرم، پراڻو پکو لڳل، هلي ته به ٺيڪ نه هلي ته به پرواه ناهي ... نوان پراڻا ڪتاب وکريل پکڙيل ۽ انهن وچ۾ بابا سائين پڙهڻ لکڻ ۾ مشغول ... مهمانن ۾ عزيزن ۽ رشتيدارن کان علاوه سنڌ جي ادبي، ثقافتي ۽ سياسي لڏي سان تعلق رکڻ وارا هميشه موجود ... هر وسيلي سان سندن مهمانوازي ڪئي ويندي آهي ...

    هڪ ڀيري گھر جي نياڻين کي خيال آيو ته ڪيئي اهم شخصيتون بابا سان ملڻ اچن ٿيون ۽ ڪمري جي حالت مناسب ناهي ، ڇونه پٽ سٽ ڪري ڪمري جي حالت سڌارجي ، بابا سان صلاح ڪئي وئي ، آرام ۽ صبر سان تجويز ٻڌڻ کانپوءِ سندس جواب جو مفهوم هن ريت هو ....... ” اوهان منهنجي ڪمري جو فڪر نه ڪريو، آرام سان آهيان، منهنجا ملڻ وارا حيدريءَ سان ملڻ اچنٿا، حيدري کٽ تي يا پٽ تي، ڀلي گنجيءَ ۽ گوڇ ۾، ملڻ وارا ضرور ايندا “

    شادي

    87 ۽ 1986ع ۾ اسين ڪجھه نوجوانن، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم يا سنڌي ادب ۾ ڊگري وٺڻ لاءِ داخلا نه ورتي هئي بلڪه يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي نوجوانن جي طاقت ۽ تعداد وڌائڻ لاءِ آيا هئاسون ...

    نسيم حيدري اسانجي ڪلاس ۾ هڪ ئي ڇوڪري هئي، سنڌي چهرو، معصوم، مخلص، محنتڪش ۽ ٻوليءَ جي مٺاس سان سنواريل، ملڻ سان ئي پنهنجائپ جو احساس ڏيندڙ ... قومپرستيءَ جي جذبي سان سرشار، مطلب ته سنڌ جي روشنخيال نياڻين مان هڪ نياڻي، ڪلاس ۾ حاضر ٿيندي، استادن سان شخصي ۽ ادبي بحث ڪندي، قومي حقن جي ڳالهه ڪندي، ثقافتي سنگت لاءِ پروگرام منظم ڪندي، ڪينجھر جي سير دوران شهيد خالق سومري کان قومي گيت ٻڌندي، خبر ئي نه پئي ته ڪڏهن هڪٻئي کي پسند ڪرڻ لڳاسين ... سندس ساٿ جو ايتريقدر عادي ٿيڻ لڳو هوس، جو هڪ ٻه ڏينهن نسيم جا يونيورسٽيءَ ۾ نه اچڻ مون لاءِ ڳرا گذرندا هئا، ڊڪي وڃي پاڪستاني ڪوارٽرس پهچندو هيس ۽ ڪنهن بهاني سان ملي سڪون محسوس ڪندو هيس ... مون من ئي من ۾ فيصلو ڪري ورتو ته شريڪ حيات نسيم ئي ٿي سگھي ٿي، کٽ يا پٽ تي خوش رهڻ واري ڇوڪري آهي ۽ منهنجي حالت به ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ رهندي آئي هئي ... آخر مون کيس پنهنجي ان فيصلي متعلق آگاه ڪيو، خبر پئي ته حالت هڪطرفي ناهي ...

    مون لئه هاڻ سڀ کان ڏکيو مرحلو هو سائين حيدريءَ کان سڱ گھرڻ جو ... سندس شخصي مطالعي مان اهو معلوم ٿيو ته سائين روشنخيال، ترقي پسند ۽ عملي انسان آهي ... انڪري اها جرئت پيدا ٿي جو اڪيلي سر ئي وڃي حاضر ٿيس .... معمول مطابق آڌرڀاءُ ٿيو، چانهه پيئڻ کانپوءِ مون پنهنجيون سموريون قوئتون گڏ ڪندي ڪجھه هيٺين ريت شروع ٿيس ...

    ” سائين اڄ آءُ انتهائي ضروري ۽ نازڪ مسئلو کڻي حاضر ٿيو آهيان، ٿڌي دل ۽ کليل ذهن سان ٻڌو ته عرض ڪريان ...“ گھور پائيندي چوڻ جي اجازت ڏنائين ۽ مون ادب ۽ احترام سان پنهنجي وڪالت پاڻ شروع ڪئي ...

    ” آءُ سمجھانٿو ته اها ڳالهه منهنجي وڏن ۽ رشتيدارن کي ڪرڻ گھرجي ها، پر مجبوري ... وڏا ڀائر خاندان سميت سعودي عرب ۾ رهن، ماءُ ڪراڙي ۽ بيمار آهي، والد گذر ڪري ويو آهي ۽ ڀينرون پنهنجن پنهنجن گھرن ۾ آهن، مالي حالتون به پوريون ساريون آهن عمر ڀر محنتڪشي سان ۽ پنهنجي مدد پاڻ جي نظريي تحت گذاري اٿم ۽ مستقبل به ساڳيءَ طرح گذارڻ جي اميد اٿم ...“

    سائين شفيق پيءُ جي نظرن سان ڏسندو رهيو ۽ آءُ اڳتي وڌيس ...

    ”نسيم ۽ مون گڏ تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي قومي ۽ ادبي مسئلن ۾ گڏ هجڻ جا موقعا مليا آهن، انهيءَ عرصي دوران مون هن ۾ اهي سموريون خوبيون ڏٺيون آهن جي ڪنهن مڪمل ۽ باشعور عورت ۾ هجڻ کپن، ڏک سک ۾ بردبار ۽ حقيقت پسند آهي ...“

    سائين لفظن جو ماهر ۽ حساس طبيعت جو مالڪ آهي، شايد پهرين جملن مان ئي منهنجو مقصد سمجھي چڪو هو ... ” پنهنجي شاديءَ جي خواهش کڻي آيو آهين “ مخاطب ٿيندي چيائين ... مون اکين ئي اکين ۾ هامي ڀري.

    ” نثار! جهڙيءَ طرح سان تون آيو آهين ۽ پنهنجي حقيقت بيان ڪئي اٿئي، سا پنهنجي جاءِ تي، پر ان حقيقت ۾ جمع ۽ ڪٽ جا ٻئي پاسا موجود آهن ... مثبت ڳالهه اها آهي ته فطرتن سڀ والدين پنهنجي نياڻيءَ کي خودمختيار ۽ پنهنجي گھر جي پاڻ ذميوار ڏسڻ چاهيندو آهي ۽ تنهنجي انداز ۽ ٻڌايل حقيقت مان اهو ظاهر آهي ته تنهنجي اڳيان پويان ڪوئي به ناهي انڪري آزاد ۽ خودمختيار آهين ۽ منفي عنصر اهو ته سڀاڻي تون نسيم کي ڪو رنج رسائين ته جوابدار ڪير ۽ شڪايت ڪنهن سان ڪبي؟ “

    مون لئه سوال ته وڏو هو پر اندر جي سچائيءَ جواب ڏنو ... ” بابا سائين! اوهانجو انديشو بلڪل درست آهي، آءُ صرف ايترو چوندس ته سچو ۽ باغيرت انسان نه فقط پنهنجن بزرگن بلڪه شريڪحيات جي والدين ۽ رشتيدارن جو پڻ اوترو ئي احترام ۽ عزت ڪندو ۽ سمورا حق بجا آڻيندو جي سماج جي اخلاقي اصولن سندس مٿان فرض ڪيا آهن، سمورا رشتيدار گڏ ڪري وٺي اچي سگھجنٿا پر جيڪڏهن آءُ سچو سٺو انسان ناهيان ته پوءِ اوهان سميت سمورن رشتيدارن جي ڪهڙي پرواه ۽ عزت ڪندس!“

    سائين جي پارکو نظر مهنجي سچائيءَ کي پرکي ورتو ۽ بغير ڪنهن شرط جي شادي ٿي وئي ....

    ڀٽ جو ميلو ۽ نوڪري

    1993ع ۾ بابا شمشير ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ بورڊ جي سيڪريٽري هائوس ۾ رهڻ لڳو هو ... بورڊ لاءِ ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏنائين، انتظامي امور ڪيئن رهيا ۽ آخر ۾ ڪهڙيطرح سنڌ جي بيوروڪريسيءَ جي ظلم جو شڪار ٿيو، هڪ ڪربلائي واقعي ذريعي کيس نوڪريءَ ۽ گھر مان ڪيئن بيدخل ڪيو ويو، قطع نظر انجي آءُ ڪجھه الڳ روئداد بيان ڪندس ...

    ايم اي سنڌي ادب ۾ پوزيشنون حاصل ڪرڻ کانپوءِ نسيم ۽ آءُ سنڌ ماڊل اسڪول ڪراچيءَ ۾ پڙهائيندا هئاسين ۽ گلستان جوهر جي جوهر اسڪوائر ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي ... خئير سان نسيم اميد سان ٿي ته ڊاڪٽرن کيس ڏاڪڻيون لهڻ چڙهڻ منع ڪئي، اسڪول ۾ ڏاڪڻن تان لهه چڙهه ۽ وري گھر به ٻي منزل تي سو فيصلو ڪيوسين ته ڄامشوري جي پرفضا ماحول ۾ سائينءَ سان ڪجهه عرصو گذارجي، سو الله تي آسرو رکي نوڪري ۽ ڪراچيءَ کي خئيرآباد چئي اچي ڄامشوري نڪتاسين ... سائين پنهنجي روزمره جي معمولات ۾ مصروف ۽ اسين بيروزگار، ڪتابن پڙهڻ ۽ آرام ڪرڻ ۾ پورا...
    سنڌ جي سرتاج شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو ساليانو عرس ٿيڻ وارو هو، سائين حيدريءَ جي نالي سنڌ حڪومت پاران عرس جي تقريبات ۾ شرڪت جو دعوتنامو مليو، جنهن ۾ وزيراعظم، وزيراعليٰ ۽ ٻيا ڪئي ڪامورا شرڪت ڪرڻ وارا هئا ... دعوتنامو ڏسندي ئي هڪ خيال ڊوڙ پاتي ته ڇونه بابا کي ان دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آماده ڪري، نوڪريءَ جون درخواستون اعلا عملدارن تائين پهچائي نوڪريون حاصل ڪجن ۽ پيٽ تان پٿر لاهجن ... شام جو بابا بنگلي جي باغ جي گلن ٻوٽن جي خدمت ۾ گذارييندو هو، مناسب موقعو سمجھي کيس عرس جي دعوت ۾ شريڪ ٿي پنهنجي نوڪرين جون عرضيون اعلا عملدارن تائين پهچائڻ جي گذارش ڪيم ... ڪجھه بحث کانپوءِ عرض قبول ٿيو، عرس ۾ ڪجهه ڏينهن باقي هئا، مون درخواستون ۽ ٻيا ضروري ڪاغذ پٽ جمع ڪري فائيل تيار ڪري ڇڏيا ... خيالن ئي خيالن ۾ پيٽ تان پٿر لهندي محسوس ٿيا، اوسيئڙي جي آخري ڏينهن تي شام جو هڪ مهمان عمر ڪوٽ کان ڪهي آيو ۽ سائينءَ کي سڀاڻي تي عمرڪوٽ ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي مشاعري ۾ شرڪت جو دعوتنامو ڏنائين، مشاعري جو مهمان خاص پڻ شمشيرالحيدري ئي لکيو ويو هو ... دعوت قبول ڪئي وئي ... منهنجين اميدن جا ڏيئا گل ٿيڻ لڳا، مهمان وڃڻ کانپوءِ مون کيس سڀاڻي تي شاه جي عرس جي ڪوٺ ۽ نوڪريءَ جي درخواستن جو ذڪر ڪيو ... سائينءَ چند گھڙين جي سوچ کانپوءِ ڪجهه هن ريت مخاطب ٿيندي چيو ...

    ” نثار احمد! مون ڄمار ساري شاهي دسترخوان بجاءِ غريب دوستن سان پٽ تي رُکي سُکي کائڻ کي ترجيح ڏني آهي، اڄ به هڪ طرف شاهي دسترخوان ۽ ٻي طرف غريب ۽ مخلص دوستن جي دعوت، تون ئي ٻڌاءِ ته آءُ ڪهڙي پاسي وڃان، اُنطرف جن جي دلين ۾ احترام، محبت ۽ اندر ۾ جايون آهن يا هِنطرف، جت صرف ڏيکاءُ، لالچ ۽ ڍونگي ڪامورن جو ميڙ ... ۽ هر ڪنهنکي مطلب جي ڪسوٽي تي پرکيو وڃي؟“

    ٻي ڏينهن تي مون سائينءَ جي ڊرائيور جا فرائض ادا ڪندي عمرڪوٽ لاءِ روانا ٿي وڃي محبتن جا ميڙ ميڙياسون ....

    نوجوانن واري وزارت ۽ قرض

    پيپلزپارٽيءَ جي دور ۾ ”نوجوانن واري وزارت“ جو وفاقي وزير هو سيد پرويز علي شاه ۽ سنڌ جي نوجوانن کي روزگار لاءِ مالي امداد ڏيڻ واري اداري جو سربراه هو سائين شمشيرالحيدري ، وزارت جي اهم مقصدن ۾ نوجوانن جي تعليمي، ثقافتي ۽ معاشي ترقيءَ جا معاملا شامل هئا ... اها ڄاڻ شايد تمام ٿورن ماڻهن کي هوندي ته وفاقي سرڪار جي ”نوجوانن واري پاليسي Youth Policy“ حيدري صاحب جوڙي ترتيب ڏني هئي ... جيڪا بينظير صاحبه کي پڻ پسند آئي ۽ پاڪستان جي سڌ سماءَ وارن ادارن پڻ انجي گھڻي تعريف ڪئي هئي ... سنڌ لاءِ نوجوانن واري وزارت جي مکيه آفيس ڪئنٽ اسٽيشن واري پاسي، هڪ ڪشادي بنگلي ۾ قائم ڪئي وئي هئي ... آءُ به بيروزگاري، معاشي تنگي ۽ ذهني پيڙائن کان مجبور ٿي، سائينءَ وٽ لنگھي ويس ... روايتي آڌرڀاءُ ۽ حال احوال ٿيو ... چانهه چسڪيءَ کانپوءِ مون ڪجهه هن ريت عرض ڪيو ...

    ”بابا سائين اوهان ۾ ضروري ڪم آهي ... اوهانجي مدد سان اميد ته آسان ٿي ويندو!“
    ڪاغذ پٽ اٿلائيندي ۽ جاچيندي چيائين”چئه بابا“
    ”قرض کپي“ مون عينڪ درست ڪندي چيو
    ”هائو، بلڪل وٺي سگهينٿو، بلڪه آهي ئي اوهان نوجوانن لاءِ“
    آءُ ڏاڍو خوش ٿيس ته بس اجھو ڪم ٿي ويو ... بابا ڪاغذن کي پاسيرو ڪندي، مون ڏانهن متوجهه ٿيندي چيو ” قرض وٺڻ جو ارادو سوچي سمجھي ڪيو اٿئي؟“
    ” قرض ملي وڃي ته ڪجھه نه ڪجھه ڪبو“
    ” مطلب ته ڪو منصوبو ناهي“ ڳالهه سمجھندي چيائين ... ” نثار احمد! قرض مرض آهي، قرض هميشه سوچي سمجھي کڻجي ۽ انجو پورو پورو لاڀ حاصل ڪجي، ٻيءَ صورت ۾ نقصان وڌيڪ ۽ فائدو گھٽ ۽ حڪومتي تڪليف الڳ ... وڃ وڃي رٿابندي ڪر ۽ قرض وٺڻ لاءِ سمورا ڪاغذ ۽ گھربل ضرورتون پوريون ڪري جمع ڪراءِ، اميد ته قرض منظور ٿي ويندو ...“

    مون ته پڪ ۽ يقين جا جبل ٺاهي ڇڏيا هئا ته بابا سربراه آهي، بس قرض گھرڻ جي دير آهي!!! پر بابا جي نصيحت، مشوري ۽ ڪاغذن جي پوري ڪرڻ واري ڳالهه ڪجھه ٿڌو ڪري ڇڏيو ... گھڻي سوچ کانپوءِ مون قرض وٺڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو ...

    پنهنجي گھريلو زندگيءَ ۾ روز مره ڪيئي اهڙا واقعا ٿين ٿا، جيڪي سائين شمشيرالحيدري جي حقپرست، ۽ اصولن تي مبني زندگيءَ جي دلالت ڪنٿا ... سائينءَ جي پوري ڄمار اصولن جي پاسداريءَ ۾ گذري آهي ۽ انهيءَ پاسداريءَ جي پاداش ۾ کيس ڏکيا ڏينهن به پسڻا پيا آهن پر ـ مولا تي ننگ آ “ واري ڀروسي تي سندس زندگيءَ جو گاڏو گڙڪندو رهي ٿو ...
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,414
    ورتل پسنديدگيون:
    736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ” مولا تي ننگ آ “

    تمام سٺي ونڊ آهي مهرباني
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ” مولا تي ننگ آ “

    [​IMG]
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ” مولا تي ننگ آ “

    اوه ادا واه تمام زبردست.
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ” مولا تي ننگ آ “

    ادا علي اڪبر ۽ سهڻا رياض حسين ، اوهانجون مهربانيون جو اوهانکي منهنجو هي ليک پسند آيو ۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ” مولا تي ننگ آ “

    [​IMG]
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ” مولا تي ننگ آ “

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو