حيدرآباد، خطي جو پيرس تي هڪ نظر

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏24 مئي 2009۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ



    حيدرآباد، جيڪو پنهنجي اوائلي دور ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي سان مشهور هو، سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ به رهي چڪو آهي. هيءُ ڪلھوڙن جي دور حڪومت کان سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ اها حيثيت اوستائين رهيس جيستائين انگريز سنڌ تي قابض نه ٿيا، جن اچي ڪراچيءَ کي سنڌ جي گادي بڻايو. پاڪستان جي بيٺڪ قائم ٿيڻ کان اڳ، حيدرآباد کي خطي جو پيرس سڏيو ويندو هو.


    حيدرآباد جو پڪو قلعو، جيڪو اڄ به موجود آهي

    تاريخ
    ‏‏ڪلهوڙو شهنشاهت جي بادشاهه ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي سنڌو درياءَ جي ڪپ تي نيرون ڪوٽ جي نالي سان وسندڙ مهاڻن جي آبادي ايتري ته پسند آئي جو هن ويجھين ٽِن ٽڪرين مان هڪَ تي پنهنجو قلعو جوڙائڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو اڄ تائين قائم دائم آهي ۽ تڏهن کان پڪو قلعو جي نالي سان مقبول عام آهي.



    ٽالپر راڄ
    ڪلهوڙن کان پوءِ سنڌ تي مير ٽالپرن جي حڪمراني قائم ٿي. مير فتح علي خان ٽالپر خدا آباد ڇڏي حيدرآباد جو پڪو قلعو اچي وسايو ۽ 1789ع کان حيدرآباد ئي سندس گاديءَ جو هنڌ هو. سندس عدالت به پڪي قلعي ۾ ئي هلندي هئي. مير فتح علي خان ٽالپر ۽ سندس ٽي ڀائر، المعروف چار يار، حيدرآباد جي معاملات کي سنڀاليندا هئا. سندن دور حڪومت گھڻو ڊگھو نه هليو، ۽ جلد ئي 1843ع ۾ 24 مارچ تي برطانوي قوتن کان جنگ هارائڻ بعد حيدرآباد جو شهر انگريزن جي قبضي هيٺ اچي ويو ۽ ميرن جي صاحبي اختتام تي پهتي.


    حيدرآباد 1889ع ۾ ڏسجندي
    برطانوي بيٺڪ وارو دور


    جيتوڻيڪ برطانوي فتح بعد سنڌ جي گاديءَ جو هند ڪراچيءَ منتقل ٿي ويو، پر حيدرآباد جون اڪثر پڪييون ۽ خوبصورت عمارتون برطانوي دور ۾ جڙيون. حيدرآباد جي ويجھو خوبصورت ۽ شاهڪار ڪوٽڙي بيراج پڻ انگريزن جي دور ۾ جڙي. ان کان سواءِ حيدرآباد ۾ ثقافتي ۽ تعليمي سرگرمين اڃا وڌيڪ زور ورتو.


    ھلندڙ پاڪستاني بيٺڪ جو دور

    ‏‏اڄ بدقسمتيءَ سان سنڌ جي هن تاريخي شهر ۽ ادبي ثقافتي مرڪز تي مڪڙ قوم جو قبضو آهي ۽ پڪي قلعي ۾ مڪڙ دهشتگردن جا هزارين گھر آباد آهن. شهر جي اڪثريت مڪڙ آهي ته شهر جو ناظم به مڪڙ آهي. پاڪستاني بيٺڪ قائم ٿيڻ شرط ڪراچيءَ کي وفاقي گاديءَ جو هنڌ بڻائي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو ۽ سنڌ جي گاديءَ کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت ڪجھه سالَن لاءِ حيدرآباد هڪ ڀيرو وري سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ بڻيو هو. مگر پاڪستان جي قيام کان پوءِ لڳاتار ڪيترا ئي سالَ هندستان کان آيل مڪڙ دهشتگردن هٿان حيدرآباد ۾ رهندڙ امن پسند سنڌي هندو شهرين جو ڪوس ڪيو ويو ۽ اهڙيءَ ريت کين لڏڻ تي مجبور ڪري سندن سموريون ملڪيتون هندستاني مڪڙن ۾ ورهايون ويون.


    حيدرآباد شهر اپگرهه کان ڏسجندي
    ڀُون نگاري


    حيدرآباد گنجي ٽڪر جي اُترين ٽڪريءَ تي واقع آهي، جيڪا ويڪرائي ڦاڪَ 25.367 (اُتر) درجا ۽ ڊگھائي ڦاڪَ 68.367 درجا (اوڀر) تي، سنڌو درياءَ جي اڀرندي ڪپَ تي واقع آهي. حيدرآباد جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترا ئي ننڍا شهر آهن، جهڙوڪ 6.7 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڪوٽڙي، 8.1 ڪلموميٽر جي فاصلي تي ڄامشورو، 5 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هٽڙي، ۽ 7.5 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هُسڙي. حيدرآباد سنڌ جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچيءَ کان تقريباً 160 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر اوڀر ۾ سامونڊي سطح کان 13 ميٽر اوچائيءَ تي واقع آهي.


    نَو وديالا، سنڌ يونيورسٽيءَ جو پراڻو ڪيمپس
    تعليم
    حيدرآباد ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترا ئي اعليٰ تعليمي ادارا آهن.

    اسرا يونيورسٽي حيدرآباد
    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
    انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    صحت ۽ طبي سائنس جي لياقت يونيورسٽي ڄامشورو

    آبهوا

    ‏‏حيدرآباد منجھند جو تمام گرم ٿيندو آهي. سيارو اڪثر تمام گھٽ ٿڌو ٿيندو آهي. جڏهن ته اونهاري ۾ منجھند جو گرمي پد 48 درجا سينٽيدريڊ به ٿي ويندو آهي. اونهاري ۾ رات جو تمام سٺو ٺار ٿيندو آهي جڏهن ته سياري جون راتيون تمام ٿڌيون ٿي وينديون آهن ، ڇاڪاڻ ته حيدرآباد ۾ اڪثر تيز هوائون لڳنديون آهن. تنهنڪري سياري جون راتين ۾ هوائون تمام گڻيون ٿڌيون ٿينديون آهن ته اونهاري ۾ منجھند جو لُڪَ لڳندي آهي. تنهنڪري حيدرآباد جا ماڻهو اونهاري ۾ منجھند جو ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن.


    معاشيات

    ‏‏آباديءَ جي اڪثريت جيئان، حيدرآباد جي ڪاروبار تي به مڪڙ قوم ڇانيل آهي. هر ننڍو وڏو ڪاروبار يا ته ڪو مڪڙ هلائي رهيو آهي يا وري ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ گجراتي. هاڻي ته حيدرآباد جي شهر ۾ افغاني پناهگير به ڪاروبار ڪري رهيا آهن. پاڪستان جي بيٺڪ قائم ٿيڻ کان پوءِ مڪڙ قوم جي ڪن فردن حيدرآباد ۾ چوڙين جا ڪارخانا لڳايا، جنهن کان پوءِ دنيا جو وڏي ۾ وڏي چوڙين جو صنعتي مرڪز حيدرآباد بڻجي ويو. ان کان سواءِ هن وقت حيدرآباد ۾ سمينٽ، صابڻ، شيشي جا ڪارخانا پڻ آهن. تنهن کان سواءِ سون ۽ دستڪاريءَ جا هنرمند پڻ نمايان آهن. ڀرپاسي جي ٻهراڙيءَ ۾ اپايل ميوي، ڪڻڪ، چانور، ۽ ڪپاهه جي وڪري جو مرڪز پڻ حيدرآباد آهي.


    شهري انتظاميه

    ‏‏هن وقت حيدرآباد جي سموري شهري حڪومت مڪڙن جي هٿ وس آهي. سن 2005ع ۾ جڏهن حيدرآباد ضلعي کي ٽوڙي ان کان مٽياري، هالا ۽ ٽنڊو محمد خان جا تعلقا الڳ ڪيا ويا ته بچيل حيدرآباد ضلعي اسيمبليءَ ۾ ازخود مڪڙن جي اڪثريت ٿي وئي ۽ ضلعي ناظم مڪڙ ٿي ويو. اهڙيءَ ريت مٽياري، جيڪو حيدرآباد کان بمشڪل 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي، تنهن جي رهاڪن لاءِ به حيدرآباد ۾ سرڪاري ملازمت ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي.


    آمدورفت


    ‏‏حيدرآباد کي روڊ، ريل، فضا ۽ درياءَ رستي رسي سگھجي ٿو.

    ‏‏هوائي اڏو:
    ‏‏اڳي اهو چڱو خاصو هوائي اڏو هو، پر هن وقت تقريباً بند پيو آهي. پي آئِي اي اتان هر هفتي ٽي اڏامون ڀريندي هئي. اڃا به ڪڏهن غير چارٽرڊ اڏام اتي لهي سگھي ٿي.



    ماڻهنگاري
    ماڻهسيه Population جي لحاظ کان حيدرآباد سنڌ جو ٻيون، اڄوڪي پاڪستاني بيٺڪ ۾ اٺون ۽ دنيا ۾ ٻه سَو نائون (209) وڏي ۾ وڏو شهر آهي. هن وقت ان جي ماڻهسيه لڳ ڀڳ تيرهن لک اٺيتاليهه هزار ٻه سَو اٺاسي 1,348,288 آهي. حيدرآباد جي آباديءَ جي اڪثريت مڪڙن تي مشتمل آهي. انتظامي اعتبار سان اڄوڪو حيدرآباد شهر ۽ ضلعو چئن تعلقن، حيدرآباد شهر، قاسم آباد، لطيف آباد ۽ حيدرآباد ٻهراڙي ۾ ورهايل آهي. انهن مان ٻن تعلقن، يعني ٻهراڙي ۽ قاسم آباد ۾ اڪثريت سنڌي آباديءَ جي آهي ته باقي ٻن وڏن تعلقن ۾ اڪثريت مڪڙن جي آهي.


    عوام ۽ ثقافت


    روايتاً حيدرآباد سنڌ جو ثقافتي مرڪز سمجھيو ويندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ پاڪستاني بيٺڪ جي قيام کان پوءِ حيدرآباد جي ان سڃاڻپ کي ڌڪ لڳو ڇاڪاڻ ته پاڪستاني حڪومت سنڌي هندن کي زوريءَ لڏائي مڪڙ قوم کي وسايو ۽ سموريون ملڪيتون مڪڙ قوم جي فردن ۾ ورهائي ڇڏيون. جنهن بعد حيدرآباد ۾ سنڌي هڪ اقليت جيان گذاري رهيا آهن ۽ ڪيترا ئي ڀيرا مڪڙ دهشتگردن طرفان سنڌين جو قتل عام پڻ ڪيو ويو آهي. 1990ع کان حيدرآباد ۾ سنڌين ۽ مڪڙن جون وسنديون نسبتاً ڌار ڌار ٿي ويون آهن.


    حيدرآباد پنهنجي مذهبي رواداريءَ باعث پڻ مشهور آهي. اتي هندو ۽ ڪرستان اقليت تمام امن ۽ سلامتيءَ سان رهي ٿي.


    ذريعات

    اخبارون
    حيدرآباد مان ڪيتريون ئي سنڌي توڙي غير سنڌي اخبارون نڪرن ٿيون. ڪجھه مقبول اخبارون هي آهن:

    ‏‏روزانه ڪاوش
    روزانه عبرت
    روزانه شام
    تنهن کان سواءِ حيدرآباد مان ڪيترا رسالا پڻ شايع ٿين ٿا.





    ڏور ڏيک
    حيدرآباد ۾ هڪ خانگي ٽي وي چينل شاليمار ٽيلي وزن پڻ ڪم ڪري رهيو آهي. مگر هيءُ هڪ خالص مڪڙو چينل آهي ۽ ان تي سنڌي پروگرام نشر نه ٿيندا آهن.

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سٺي ڪوشش آهي ادا علي علي
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    تمام بهترين شيئرنگ ادا علي علي۔۔۔۔

    ادا انهن مڪڙن کان جان ڪيئن ڇڏائجي،،،،،،،
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا تمام بهترين شيئرنگ آهي، اصل اندر ٺاري ڇڏيئي ٻي ڳالهه ته ٻڌاءِ ڪنهن مهل شاعري ته ڪنهن مهل مزاق ته وري ڪنهن مهل تاريخ، وري ڪنهن مهل ته الائي ڇا ڇا کڻي ٿو اچين مٺا اسان جي ڀيڻي ناهي۔
    مٺا مون منهنجي ننڍي ڀاءُ ٻن ٻين دوستن گڏجي ڪري انهي حيدآباد واري پيرس کي پڙهيو آهي، پوءِ وري ڳالهيون ٿيون مس مس وڃي ڳالهه دماغ ۾ ويٺي۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ير علي علي ٻيلي صفا زورا ور آهين حيدرآباد جي باري ۾ ايترو ڀلوڙ مضمون لکي وئين ۽ اسان کي خبر به ڪانه پئي، رات خواب ۾ ڏٺو هُئم ته سنڌ جو ڏاهو ليکڪ ڊاڪٽر فگار هَڪڙو پنهنجي ڪتاب سنڌ جا شهر ۽ انهن جي تاريخ ۾ اهو مضمون شامل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو هو۔ ڇا ڳالهه ڪجي تو واري مضمون جي انتهائي شاندار۔ مڃي وياسين ته علي علي سُٺا مقالا به لکي سگهي ٿو، سڀني سنڌي دوستن سان شيئر به ڪري سگهي ٿو۔شال جُڙيو هُجين​
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا تهنجي پاڙي ۾ مون وارو سوٽ حڪيم جو آهي ان کان پڇي وٺ يار مون پوڙهي کي ڇوٿو تڪليف ۾ وجهين ڪيرڦڪيون گهوٽي يار اڳئي گرمي لڳي پئي آهي ادا پوڙها نه گرمي سهن نه سردي

    ادا انشاء الله اهڙو ڪوشس جاري رکندا سي khil sahi:D
    اسان سان ڪجه مري ٻروچ دوست پڙهندا هئا سي گاڏي يا بس کي ويندو ڏسي ڪري چوندا هئا ته اهو بس وڃي ٿو اها گاڏي وڃي ٿو سو اسان کي اهو زمانو ياد ڏياري ڇڏيئيsuhnan saan:D

    يار هر فن مولا آهيون ڇا ڪيون زماني سکاري ڇڏيو آهي آخر ايتري عمر زماني کي ڏني آهي هو ڪهاوت بڌي اٿو نه
    ته آهيون غريب پر شي ڀلي ڌاريندا آهيون :D:Dkhil sahi

    سائين اوهان جي پسند جي تمام گهڻي مهرباني سائين مون وٽ ايترو ٽايم ڪٿي جو مان ايڏو مقالو لکان سائين مون مقالو سنڌي وڪي پيڊيا تان کنيو آهي اصل ۾ اهو سيڪشن خالي پيو هو سو مون سوچيو ته اهو خالي نه رهي ۽ دوستن کي به معلومات ملي سو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔هاڻي پهنجي مٺڙي شهر خيرپور بابت مقالو ڏيندس
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: حيدرآباد، خطي جو پيرس تي هڪ نظر

    سائين ڪافي ڀاڱي اوهان حيدرآباد تي روشني وڌي آهي
    مهرباني
     
  8. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: حيدرآباد، خطي جو پيرس تي هڪ نظر

    حيدرآباد جي باري ۾ ته تواهان پوري ڪتاب لکي ڇڏي مهرباني
     
  9. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    جواب: حيدرآباد، خطي جو پيرس تي هڪ نظر

    ٻه سوال آهي سنڌ جي سنڌي سڄڻن کان ته:سنڌ ۾
    گذريل هڪ سو سالن کان
    لکنوء جا لوفر،
    امروهي،
    گلگتي،
    چترالي،
    هنزه،
    گجراتي،
    ايراني
    بمبئي جا بوهري،
    ڪرماني،
    ۽ اترين علائقن جا ٻيا
    گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ غير سنڌي ڀاڄوڪڙ
    ڪنهن آباد ڪرايا ؟
    سو بهمذهب جي نانء تي ۽ ان مذهب جي ڪهڙي فرقي سان ڪهڙن تعلق رکندڙن ؟
    بعد صحيح جواب جي اهي سنڌي پنهنجي اندر م جهاتي پائي، پنهنجو محاسبو ڪن !
     
  10. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    جواب: حيدرآباد، خطي جو پيرس تي هڪ نظر

    هزهائينيس مير علي نواز خان والي رياست خيرپور ميرس: (جعلي جڙتو هندو مسلم دو قومي نظريه) جي بنياد تي آيل لکنوءَ جي لوفرن دهشتگردن کي خيرپور سميت سنڌ ۾ آباد ڪرائي، پنهنجن سنڌي (مسلم + ويداني= سنڌي) ڀائرن کي ذلت جا ڏينهن ڏيکاريا! اڄ اهي دهشتگرد سنڌين ۽ سنڌ جي وجود جا ويري ٿي، سنڌين ۽ سنڌ کي تباهه حال ڪري چڪا آهن، افسوس! پنهنجا سنڌي ڪئوڙا ڪيا ۽(غير سنڌي) بگهڙ ڪتا مٺا ڪيا حيراني آهي ؟ ڇوته اهي لوفر هن جا هم مسلڪ هيا
     
  11. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    جواب: حيدرآباد، خطي جو پيرس تي هڪ نظر

    هڪ ڳالهه هميشه ياد رکڻ گهرجي ته وطن ڪڏهن به مذهب جي نالي تي ناهين جڙندا جنهن لاء وڌيڪ تفصيل امام انقلاب عبيد الله سنڌيء جي تفسير الهام الرحمن ۾ لفظ عالمين جي باري امام انقلاب جي باري م تحقيق پڙهندا جيڪو آرٽيڪل منهنجو لکيل سنڌ سلامت تي موجود آهي۔ وڌيڪ هڪ مسئلي کي حساس بڻائي جيڪو سنڌي ماڻهن کي غلام بڻائڻ جي ڪوجهي اوڇي قسم جي شيطانيت سنڌين جي رت م ملائي سنڌين کي ذهني جسماني غلام بڻائي ڪيو ويو آهي يعني ته اسان سنڌي مذهبي طور تي دنيا م الله جي نائيبي امامت يعني اڳواڻي جا اهل ناهيون پر عرب تنهن بعد فارسي تنهن بعد ترڪ ۽ بعد م ڪرد وري مغل ۽ هاڻ وري ايراني انهي اعزاز جا اهل آهن جيڪو ظلم آهي
    انتهائي مڪر وارا ڪوجها لڇڻ آهن افسوس پر سنڌي نه خلافت نه نيابت نه امامت جا حقدار آهن يعني اسلام معني ته عرب ترڪ فارسي مغل ايراني يهودين عربن برهمڻ مسحين وانگر الله جا پٽ آهي جئن يهودي چوندا هيا ته هو نحن ابناء الله آهن ان سلسلي ۾ مان وڌيڪ هڪ آرٽيڪل امام انقلاب عبيد الله سنڌي جو شئر ڪندس انشاء الله
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: حيدرآباد، خطي جو پيرس تي هڪ نظر

    سائين، اسانجي مفڪرن ته اسانکي ٻڌايو آهي ته اسين سنڌي دنيا جي امامت ڪري سگهونٿا، سنڌ وٽ اسلام جي سهي صورت موجود آهي ۽ سنڌي امن ۽ آشتي جا پوئلڳ اهن، سنڌي ڪڏهن به دنيا جي ٻين قومن تي قبضي جا نه خواهشمند رهيا اهن ۽ نه وري دنيا جي سگهارين قومن کي ٻين ننڌين قومن تي حملا ڪري قابض ٿيڻ جي حمايت ڪنٿا ۔۔۔

    محترم جي ايم سيد پڻ پنهنجي فڪر ۾ فرمايو آهي ته سنڌ وٽ لطيف سڳوري جي صورت ۾ اهڙو فڪر موجود آهي جنهن سان هو دنيا جي امامت ڪري سگهنٿا ۔۔۔

    پاڻ کي گهوٽ ڪري، ڄڃ جي اڳيان هلڻو آهي نه ڪي تماشبين ٿي انڀوهه جي آخر ۾ ۔۔۔

    رب العالمين اسانجي دوست جوکيو صاحب کي وڏي ڄمار ڏي جيڪو دين مان قومي عظمت جا مثال پيش ڪري ٿو ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو