نثارناز
سينيئر رڪن
جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) پاران سنڌ ۾ ڌارين جو لوڌ ۽ آبادڪاريءَ جي خلاف سموري سنڌ ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال.
رپورٽ: نثاراحمدناز: ٽنڊو محمد خان
سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ ۽ آبادڪاريءَ خلاف جسقم(آريسر) طرفان سموري سنڌ سميت شهر ٽنڊو محمد خان ۾ پڻ مڪمل شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال آهي، جسقم جي ڪارڪنن اڄ صُبح شهر جي مُک چوراهن تي ٽائر ساڙي پنهنجو احتجاج ڪيو. اڄ شاگردن جون پنهنجي اسڪولن ۾ حاضريون انتهائي گهٽ آهن، گورنمنٽ آفيسن جا شٽر پڻ اڌ کليل ۽ اڌ بند آهن.
رستي تان ويندڙ هڪ کير واري کان جڏهن مون پڇيو ته هڙتال سبب تُنهنجو هي کير ته يقينن خراب ٿي ويندو. نتيجي ۾ هُن سنڌي کير واري چيو ته ڀلي مُنهنجا کير خراب ٿي وڃن پر اهو ڪٿي جو انصاف آهي، جو جيڪي به ڌاريا اچن ٿا اهي سنڌ کي پنهنجي پيءَ جي جاگير سمجهي سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هڻن ٿا، سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪن ٿا. اهو آخر ڪيستائين هلندو رهندو. مون کانئس سندس تعليم جي باري ۾ پُڇيو ته هُن کير واري جواب ڏنو ته هُو پڙهيل ناهي.
رستي تان ويندڙ هڪڙي ماسي جيڪا شايد ڪنهن گهر ۾ ڪم ڪندي آهي اُها پنهنجي مالڪن جا ٻار اسڪول ڇڏڻ پي وئي مون جڏهن کانئنس اڄ جي هڙتال جي باري ۾ سوال ڪيومانس پاڻ خبر ناهي ڪهڙي جذبي تحت وڏا وڏا جيئي سنڌ جا نعرا هڻڻ لڳي. ۽ سندس اکين مان نير نار ڪري وهڻ لڳا، چوڻ لڳي آخر ڇو مُنهنجي جيجل سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي پئي وڃي، ڌاريا مڪڙن وانگر مُنهنجي جيجل سنڌ کي کائي ويندا، ڇا سنڌ جي مائن، دودا، هوشو، هيمون ڄڻڻ بند ڪري ڇڏيا آهن مون سندس لڙڪ اُگهندي چيو ته امان تون به هڪ ماءُ آهين مونکي يقين آهي سنڌ جون اهڙيون لکين مائرون هونديون، جن جي ڪُک مان هڪ ڇا، ٻه ڇا پر يقينن لکين، جوڌا، سوڍا، هوشو، هيمون، جنم وٺندا يقينن انهن جي ڪُک مان مائي بختاور جهڙيون جيجل سنڌ ڄايون جنم وٺنديون.
مان شهر جي سبزي منڊي ۾ هڪڙي سبزي فروش وٽ ويس جيڪو شايد سنڌ جو سنڌي هندو هو، کائنس سوال ڪيم ته هن هڙتال ۾ توکي ڪيترو نقصان ٿيندو چيائين ته مُنهنجي نقصان جو خير آهي، مڙس ماڻهو آهيان وري به ڪمائي وٺندس پر ڌارين جي ڪري جيڪو نقصان مُنهنجي جيجل سنڌ کي ٿيندو ان نقصان جي تلافي ڪوئي ادا ڪري نه سگهندو.