جسقم پاران پاران سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ جي خلاف مڪمل شٽر بند هڙتال

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏25 مئي 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) پاران سنڌ ۾ ڌارين جو لوڌ ۽ آبادڪاريءَ جي خلاف سموري سنڌ ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال.​

    رپورٽ: نثاراحمدناز: ٽنڊو محمد خان​
    سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ ۽ آبادڪاريءَ خلاف جسقم(آريسر) طرفان سموري سنڌ سميت شهر ٽنڊو محمد خان ۾ پڻ مڪمل شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال آهي، جسقم جي ڪارڪنن اڄ صُبح شهر جي مُک چوراهن تي ٽائر ساڙي پنهنجو احتجاج ڪيو. اڄ شاگردن جون پنهنجي اسڪولن ۾ حاضريون انتهائي گهٽ آهن، گورنمنٽ آفيسن جا شٽر پڻ اڌ کليل ۽ اڌ بند آهن.
    رستي تان ويندڙ هڪ کير واري کان جڏهن مون پڇيو ته هڙتال سبب تُنهنجو هي کير ته يقينن خراب ٿي ويندو. نتيجي ۾ هُن سنڌي کير واري چيو ته ڀلي مُنهنجا کير خراب ٿي وڃن پر اهو ڪٿي جو انصاف آهي، جو جيڪي به ڌاريا اچن ٿا اهي سنڌ کي پنهنجي پيءَ جي جاگير سمجهي سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هڻن ٿا، سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪن ٿا. اهو آخر ڪيستائين هلندو رهندو. مون کانئس سندس تعليم جي باري ۾ پُڇيو ته هُن کير واري جواب ڏنو ته هُو پڙهيل ناهي.
    رستي تان ويندڙ هڪڙي ماسي جيڪا شايد ڪنهن گهر ۾ ڪم ڪندي آهي اُها پنهنجي مالڪن جا ٻار اسڪول ڇڏڻ پي وئي مون جڏهن کانئنس اڄ جي هڙتال جي باري ۾ سوال ڪيومانس پاڻ خبر ناهي ڪهڙي جذبي تحت وڏا وڏا جيئي سنڌ جا نعرا هڻڻ لڳي. ۽ سندس اکين مان نير نار ڪري وهڻ لڳا، چوڻ لڳي آخر ڇو مُنهنجي جيجل سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي پئي وڃي، ڌاريا مڪڙن وانگر مُنهنجي جيجل سنڌ کي کائي ويندا، ڇا سنڌ جي مائن، دودا، هوشو، هيمون ڄڻڻ بند ڪري ڇڏيا آهن مون سندس لڙڪ اُگهندي چيو ته امان تون به هڪ ماءُ آهين مونکي يقين آهي سنڌ جون اهڙيون لکين مائرون هونديون، جن جي ڪُک مان هڪ ڇا، ٻه ڇا پر يقينن لکين، جوڌا، سوڍا، هوشو، هيمون، جنم وٺندا يقينن انهن جي ڪُک مان مائي بختاور جهڙيون جيجل سنڌ ڄايون جنم وٺنديون.
    مان شهر جي سبزي منڊي ۾ هڪڙي سبزي فروش وٽ ويس جيڪو شايد سنڌ جو سنڌي هندو هو، کائنس سوال ڪيم ته هن هڙتال ۾ توکي ڪيترو نقصان ٿيندو چيائين ته مُنهنجي نقصان جو خير آهي، مڙس ماڻهو آهيان وري به ڪمائي وٺندس پر ڌارين جي ڪري جيڪو نقصان مُنهنجي جيجل سنڌ کي ٿيندو ان نقصان جي تلافي ڪوئي ادا ڪري نه سگهندو.​
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    مٺا نثار ناز، منهنجا سائين اسان جو شهر ته صفا بند پيو آهي۔ منهنجي رب کان دعا آهي، ته مولا سنڌ کي ڌارين ۽ ڌرين کان بچائي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا نثار ناز
    حق موجود ۽ جيئي سنڌ
    ڌڻيءَ در دعا آهي ته اسين سڀ سنڌي هڪ مٽ ٿي وڃون ۽ ڌارين کي ڌرتيءَ تان ڌڪي ڪڍون ... الله اسانکي همٿ سان جدوجهد جي توفيق عطا فرمائي ... هي وقت آهي مٺي ماءُ سان پنهنجي محبت جي اظهار جو ...
    آءُ اڄ حرم پاڪ ۾ وڃي دعائون ڪندس ته ڪا سڻائي ٿئي ..
     
  4. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    ها سائين اڄ هتي ڪراچي ۾ به مڪمل هڙتال آهي۔ڪجه ته سنڌي جاڳيا آلله ڪري سڀئي سنڌي سجاڳ ٿين۔آمين
     
  5. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    ها سائين اڄ هتي ڪراچي ۾ به مڪمل هڙتال آهي۔ڪجه ته سنڌي جاڳيا آلله ڪري سڀئي سنڌي سجاڳ ٿين۔آمين
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    ثم آمين .
    sindhsalamatsaathsal
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    پنهنجي رب کان هر دعا گهرندو رهندو آهيان ته منهنجي سنڌ ۽ سنڌ واسين کي ڪوسو واء٪ نه لڳي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو