سنڌ جو ڀلوڙ شاعر عبدالغفار ” تبسم “

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏25 مئي 2009۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    [​IMG]

    سنڌ جو ڀلوڙ شاعر عبدالغفار ” تبسم “

    مسٽر عبدالغفار تخلص ”تبسم“ ولد قادر بخش ڀٽي تاريخ 20 نومبر 1951ع تي ڳوٺ مير پور ڀٽو تعلقو رتو ديرو ضلعو لاڙڪاڻو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم نئو ديري ۽ ڳڙهي ياسين ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديري مان سال 1966ع ۾ جڏهن ته بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان سال 1972ع ۾، ايم اي (بين القوامي تعلقات) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سال 1974ع ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪري پاس ڪيائين.

    تبسم صاحب جي زندگي گهڻن رخن ساب ڀرپور رهي آهي. جنهن ۾ هڪ شاگرد اڳواڻ بلدياتي سياست، ٽي وي، فلم، ڊراما، شاعري، سماجي ۽ ثقافتي شعبي ۾ وقت به وقت پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي نالو پيدا ڪيائين. بحيثيت طالب علم سال 1972ع ۾ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري، سال 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جو ڪلاس نمائندو، سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو عهديدار، گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي تقريري ۽ ادبي سوسائٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻو اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن (ايل ايس او) جو نائب صدر به رهيو، تقريري مقابلن ۾ ڪيترائي انعام کٽيائين. ان کان اڳ 1963ع ۾ الفتح اسٽوڊنٽس فيڊريشن نئون ديرو جو جنرل سيڪريٽري، سنڌ گريجئيٽس ايسوسيئشن نئون ديرو شاخ جو باني ۽ نئو ديرو ڊراماٽڪ سوسائٽي صدر ۽ سرپرست به هيو. هن پليٽ فارم تان شيرين فرهاد، آغا حشر ڪاشميري جو سنڌي ترجمي ڪيل ڊرامو باغبان، تاريخي ڊرامو ليلا چنيسر ۽ ٻيا ڊراما پيش ڪيا ويا.

    تبسم صاحب ڪيترن ئي ٽي وي جي سنڌي ڊرامن ۾ هيرو ٿي ڪم ڪيائين جنهن 1978ع جوبهترين ڊرامو ”بري هن ڀنڀور۾“ به شامل آهي. ڪيترن علمي ادبي ۽ راڳ رنگ جي محفلن جو ميزبان به ٿيو. ٽيلوزن جي پروگرام ”سنڌ سينگار جو ميزبان ڪمپيئر 1981ع کان 1982ع تائين رهيو. سال 1982ع ۽ 1984ع ۾ پاڻ هڪ سنڌي فلم به ٺاهيائين جنهن ۾ فلم ” برسات جي رات“ جو هيرو جڏهن ته بي ايس گل صاحب جي فلم ”سهڻا سائين“ ۾ ولن جو ڪرادار ادا ڪيائين جڏهن ته پروگرام آرگنائيزر به پاڻ هو. ٽن سالن کان ڪراچي آرٽس ڪائونسل گورننگ باڊي جو ميمبر به آهي.

    پاڻ ملازمت جي لحاظ کان پهرين 1982ع ۾ استاد وري فيملي پلاننگ آفيسر پوءِ 1983ع ۾ يونائيٽيڊ بئنڪ ۽ آخر ۾ 1975ع ۾ پي آئي اي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. مارشل لا دور ۾ 1981ع ۾ ملازمت تان لاهڻ بعد ٺيڪيداري به ڪيائين. سال 1983ع کان 1987ع تائين نئو ديرو ميونسپالٽي جو چيئرمين چونڊجي اچڻ بعد شهر جي خدمت ۽ راڄوڻي فيصلا به ڪيائين. ٻيهر 1990ع ۾ پي آئي اي ۾ ملازمت تي بحال ڪيو ويو ۽ هڪ ڪامياب آفيسر جي حيثيت ۾ ذميواريون نڀائي رهيو، آهي.
    تبسم صاحب جي هاڻ سڃاڻپ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ آهي جيڪو پنهنجي شاعري معرفت محبت ۽ ڌرتي سان لاڳاپيل رهي ٿو. شاعري ۾ پهريون قدم سال 1964ع ۽ 1965ع ڌاري رکيو. پهرين شعر 1966ع ۾ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد جي زير اهتمام مخدوم طالب الموليٰ صاحب جي زير صدارت منعقد ٿيندڙ مشاعري ۾ پڙهيائين. جڏهن ته هن وقت تائين ڪيترائي شعري مجموعا پڻ شايع ٿيل اٿس. هن ڏس ۾ پهريون ڪتاب ”گلن جهڙا ڳل“ 1966ع ، ”مٽي جا سر“ 1991ع، ”شفق وارا ڇانورا“ 1982ع، ”زندگي تنهنجا رنگ هزار“ (سرنامو) 1994ع، ”سوچون صحرا سراب“ 1995ع ۽ ”نيڻن جي آڳر ۾“ 1996ع ۽ تنها ڪنڌيءَ مسافر 1999ع شامل آهن.
    تبسم اٽڪل ٽي سال لڳاتار عوامي آواز اخبار لاءِ قطعو لکندو رهيو. محفلن، مشاعرن ۾ پنهنجا شعر پيش ڪرڻ، صدارت يا مهمان خاص هئڻ کان علاوه هو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو شايد پهريون شاعر آهي جنهن جي گيتن، غزلن کي سنڌ جي هر وڏي ننڍي فنڪار ڳايو آهي. سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سندس شاعري ٻڌي وڃي ٿي. سندس هر ڳايل شاعري يا گانا هر ننڍي وڏي جي لبن تي جهونگارجن ٿا. هر ايندڙ گيت مقبوليت ماڻي ٿو سندس ڪافي آڊيو ڪيسٽون رليز ٿيون آهن هي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو پهريون خوشنصيب شاعر آهي جنهن جي آمريڪا مان 1999ع ۾ سي ڊي رليز ٿي آهي. هنجي شاعريءَ ۾ تمام رمزون، بحر وزن ۽ پختگي آهي. محبوب، پيار، ڌرتي ۽ ماروئڙن لاءِ شاعري ۾ سچائي ۽ انقلابي صداقت شامل آهي. پاڻ سنڌ جي پڙهيل ۽ اڻپڙهيل طبقي ۾ هڪجيتري مقبوليت رکي ٿو. سندس مداحن جو وڏو حلقو آهي. بنيادي طرح سان محفلن جو مور، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ محبتي ماڻهو آهي. وٽس دفتر يا گهر ۾ گهڻو ڪري محفلن جو مور، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ محبتي ماڻهو آهي. محبت ۽ مرڪ سان هر، ڪنهن جي آجيان ڪندڙ، ڪنهن جي به مخالفت ۾ ڪونه سڀ جو خير گهرندڙ هي نئين ٽهي جو شاعر ننڍي وڏي اديب ۽ اد دوست حلقن ۾ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.

    پاڻ پرڏيهي دورن جي حوالي سان به خوشنصيب آهي. 1992ع ۾ دبئي ۾ ”سنڌي سدائين گڏ“ تنظيم جي دعوت تي شرڪت، سنڌي ايسوسيئشن آف نارٿ آمريڪا پاران دعوت ۾ 1992ع ڪئيليورنيا، شڪاگو، واشنگٽن، نيويارڪ کان علاوه سنگاپور، ملائيشيا، بئنڪاڪ، سعودي عرب (والد سان گڏ 1978ع ۾ عمرو) جرمني ۽ انگلينڊ جو سير ب ڪري چڪو آهي.

    عبدالغفار تبسم سال 1980ع ۾ اعواڻ خاندان مان شادي ڪئي. هن وقت اولاد ۾ خليل جبران، ارسلان، نوشيروان، زعفران، فاران ۽ نياڻي ساره غفار اٿس.



    محترم عبدالستار ڀٽي جي لکيل ڪتاب لاڙڪاڻو امر شخصيتون تان ورتل

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا زاهد سومرا: اصل جيئاري ڇڏيئي سائين عبدالغفار تبسم جي مهان شخصيت جو مڪمل تعارف اسان سان شيئر ڪري۔ لک لائق جو توهان شاعرن، اديبن ، جو قدر سندن لکڻين، سندن تعارفن سان سنڌ واسين سان شيئر ڪري ڪيو ٿا۔ الله سائين توهان کي جام ساريون سوڀون عطا ڪري آمين ثم آمين​
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    shal judy hujeen

    مهرباني محترم سائين، اوهان جي همٿ افزائي ڪرڻ جي، اوهان آهيو جو اسان کي هن سنڌ سلامت جهڙي سٿ ۾ هٿي ڏيڻ وارا نه ته اسان کي ڪو ٻيو هن سٿ تي سڃاڻي ئي ڪونه لک قرب اوهان سڄڻن جا سائين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    sadayeen gud
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا زاهد سائين تبسم جو تعارف ڪرائي اوهان اسان تي قرب ڪري ڇڏيا مهرباني ادا شل جڙيو هجين سهڻا
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    مٺا زاهد تبسم جي باري ايتري ڪجهه ڄاڻ ڏيڻ جي مهرباني
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    shabash

    sindhsalamatsaathsal
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    pasand فقير سائين.. بس فقير پنهنجين دعائن ۾ ياد ڪندا ڪريو....
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جو ڀلوڙ شاعر عبدالغفار ” تبسم “

    سائين عبدالغفار تبسم جي مهان شخصيت جو مڪمل تعارف اسان سان شيئر ڪري۔اوهان ته منهنجي دل خوش ڪري ڇڏي آهي،ادا تبسم جي شاعري به بهترين شاعري آهي تبسم استاد بخاري جو شاعري ۾ شاگرد به رهي چڪو آهي ان ڪري سندس شاعري تي استاد بخاري جو اثر پڻ نظر پيپ اچي، اهيو فطري عمل آهي استاد جو شاگرد تي اثر رهڻ وارو۔ ادا سنڌ جي عالمن اديبن ۽ شاعرن جون سوانح عمريون پڙهڻ ۽ انهن جون يادگار تصويرون گڏ ڪرڻ منهنجو شوق ۽ مشغلو رهيو آهي، هت سنڌ سلامت جي فورم تي به مون انهن جون تصويرون ۽ ڪجهه مخصوص شاعرن جي شاعري وڊيوز جي صورت ۾ پڻ ونڊ ڪيون آهن جيڪي۔۔۔۔ (عالمن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، ڪالم نويسن، محققن جا البم ) ( سنڌ جا ڏات ڌڻي ۽ وڻندڙ ۽ خوبصورت آواز ) ۔۔ نالي سان موجود آهن ۔ ۔۔۔۔۔۔۔ تبسم صاحب جي شاعري جا ڪجهه وڊيوز ۽ تصويرو هت پيش ڪجن ٿيون۔

    [​IMG]



    [​IMG]



    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پوپٽن کي تبسم بهارن چيو
    سال وڇڙي گذرڻ ڪو چرچو نه هو
    سنڌ جي نامياري شاعر سائين غفار تبسم کي جنم ڏينهن جون واڌايون۔
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    مان لڇڻ وارو مزو توکي ڇو ڏيان۔
    تاڻ تڙپڙڻ جو نشو توکي ڇو ڏيان
    تو ورهائي تانگهه تبسم کي ڏني۔
    من اهو پنهنجو حصو توکي ڇو ڏيان

    سنڌ جي ڀلوڙ شاعر کي عنم ڏينهن جو کور ساريون واڌايون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان ته مايوسين ۾ تبسم ماٺ ٿي ويهان مگر
    هر دفعي هڪ نئين تمنا آٿتون ڏيندي رهي

    ناليواري شاعر سائين عبد الغفار تبسم سان گڏ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾

    [​IMG]


     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  18. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  19. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  20. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن (ساوا) جي ٽئين سالگرهه جيڪا دنيا ۾ ملهائي وئي ان سلسلي ۾ ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب ٿي. ان موقعي تي نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، عبدالغفار تبسم، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ساوا جي سيڪريٽري جنرل ذوالفقار بهڻ، ساوا جي ترجمان محمد سليمان وساڻ، انعام عباسي ۽ غلام مرتضى وساڻ سميت ٻين دوستن شرڪت ڪئي​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو