نثارابڙو
نائب منتظم
اڄ ورلڊ سنڌي نيٽ تي هي هڪ نظم نظر مان گذريو، سهڻو نظم آهي ۽ خاص ڪري جن جا محبوب مسافر هجن انهن جي دل جي ترجماني ۔۔۔
پاڻ پڙهي ڏسو؛
******
تازو هيوسٽن ۾ ٿيل سانا ڪنوينشن ۾ سنڌ مان آيل شاعر ۽ ليکڪ سردار علي شاه سان ملاقات ٿي ۽ ادبي محفل ۾ ان جي شاعري ٻڌڻ جو موقعو به مليو. هي سندس هڪ نظم آهي جيڪو مونکي فيس بوڪ تان مليو.
عزيز ناريجو
ٽيڪسس
__
پاڻ پڙهي ڏسو؛
******
تازو هيوسٽن ۾ ٿيل سانا ڪنوينشن ۾ سنڌ مان آيل شاعر ۽ ليکڪ سردار علي شاه سان ملاقات ٿي ۽ ادبي محفل ۾ ان جي شاعري ٻڌڻ جو موقعو به مليو. هي سندس هڪ نظم آهي جيڪو مونکي فيس بوڪ تان مليو.
عزيز ناريجو
ٽيڪسس
__
مسافر تون ڪٿي آهين؟ - نظم، سردار شاه
مسافر تون ڪٿي آهين؟
مسافر مَن سڏي توکي.
مسافر رات ڪاري آ،
ڪڪر ڪڙڪاٽ ڪن ڪيڏو
ڇتي هن ڦوهه جوانيءَ جا
ڇمر ٿا ڇاٽ ڪن ڪيڏو
لڪي ڪي آڳ جا آگم
لڱن ۾ لاٽ ڪن ڪيڏو
سوا تنهنجي اندر ڏيئڙا،
ٻَرن، پر ٻاٽ ڪن ڪيڏو
چِڪن چُوڙيون، کِلن کُهنبا،
بدن ڀڙڪاٽ ڪن ڪيڏو
ڳڱاٽيل ڳالهڙيون، ڳوڙها
کڻندي ڳاٽ ڪن ڪيڏو
اندر ۾ پير پيا پنڌڙا
وڃائي واٽ ڪن ڪيڏو
ڀڃي آرس اُميدن جا،
چندر چمڪاٽ ڪن ڪيڏو
وڄايان وِڄ وانگي پئي
تنبورو تن سڏي توکي.
مسافر تون ڪٿي آهين؟
مسافر مَن سڏي توکي.
مسافر اُڃ ٿي ايندين
ته مان ملهار ٿي پونديس،
گهٽائون گهاگهرو ٿينديون
۽ آئون ڪنوار ٿي پونديس،
رڱيندين روح جي راڻا
ته مينديءَ ڏار ٿي پونديس،
ڳچيءَ ۾ تون جي پائيندين
هٿن جو هار ٿي پونديس،
هينئڙو هنڌ تنهنجي لئه،
وڇائي وار ٿي پونديس
هُونئين تان هيکلي آهيان،
جي چُمندين، چار ٿي پونديس،
ذرو هان ذات تنهنجيءَ جو،
سڄو سنسار ٿي پونديس،
نه آئين هيل جي ڍوليا
بدن تي بار ٿي پونديس،
صندل جي ڪاٺ وانگي پيو،
جليو جوڀن سڏي توکي.
مسافر تون ڪٿي آهين؟
مسافر مَن سڏي توکي
مسافر پيار جي وسندو
پلر پالوٽ ڏئي ويندو،
اکين جو رڻ ڇڏي سپنو
ڪَتين کي ڪوٽ ڏئي ويندو،
چُميءَ جو چنڊ جي چمڪيو
چڱيري چوٽ ڏئي ويندو،
اُڃارو چور ڪو بادل
اکين جي اوٽ ڏئي ويندو،
وريو جي واءُ واڙيءَ تي،
ڦُلارَي، ڦوٽ ڏئي ويندو
گلابي گل ٽاريءَ کي
ٽڙندي ٽوٽ ڏئي ويندو
کٿيرو کنوڻ جيئن ايندو،
کِلي ڪا کوٽ ڏئي ويندو
اڱڻ تي نازبُو نچندا
مينهڙو موٽ ڏئي ويندو
ورهه جا موٽ وڻجارا،
دلين جو ڌن سڏي توکي.
مسافر تون ڪٿي آهين؟
مسافر مَن سڏي توکي.
مسافر مَن وطن آهي
اُتي ئي پاڻ ملنداسين،
ڪچو هي ٻور جوانيءَ جو
نه ڇرڪي ڇاڻ، ملنداسين،
ڪا سُرهي ساهه ۾ سانڍي
کٿوريءَ کاڻ ملنداسين،
هي ٻانهون هار وانگي تون،
تکيريون تاڻ، ملنداسين،
ملڻ لئه کٽ خالي آ،
وڇوڙو واڻِ، ملنداسين،
بدن جي بات ٻي آهي
اکين کي آڻ ملنداسين،
مان تو ۾ تو جيان هُوندس
مِٺا تون ماڻ ملنداسين،
الا سي آسرا تنهنجا
هينئر ۽ هاڻ ملنداسين،
ڦُٽي ڦارون ٿيو هينئڙو،
هي هيرڻ- پَن سڏي توکي.
مسافر تون ڪٿي آهين؟
مسافر مَن سڏي توکي
مسافر تون ڪٿي آهين؟
مسافر مَن سڏي توکي.
مسافر رات ڪاري آ،
ڪڪر ڪڙڪاٽ ڪن ڪيڏو
ڇتي هن ڦوهه جوانيءَ جا
ڇمر ٿا ڇاٽ ڪن ڪيڏو
لڪي ڪي آڳ جا آگم
لڱن ۾ لاٽ ڪن ڪيڏو
سوا تنهنجي اندر ڏيئڙا،
ٻَرن، پر ٻاٽ ڪن ڪيڏو
چِڪن چُوڙيون، کِلن کُهنبا،
بدن ڀڙڪاٽ ڪن ڪيڏو
ڳڱاٽيل ڳالهڙيون، ڳوڙها
کڻندي ڳاٽ ڪن ڪيڏو
اندر ۾ پير پيا پنڌڙا
وڃائي واٽ ڪن ڪيڏو
ڀڃي آرس اُميدن جا،
چندر چمڪاٽ ڪن ڪيڏو
وڄايان وِڄ وانگي پئي
تنبورو تن سڏي توکي.
مسافر تون ڪٿي آهين؟
مسافر مَن سڏي توکي.
مسافر اُڃ ٿي ايندين
ته مان ملهار ٿي پونديس،
گهٽائون گهاگهرو ٿينديون
۽ آئون ڪنوار ٿي پونديس،
رڱيندين روح جي راڻا
ته مينديءَ ڏار ٿي پونديس،
ڳچيءَ ۾ تون جي پائيندين
هٿن جو هار ٿي پونديس،
هينئڙو هنڌ تنهنجي لئه،
وڇائي وار ٿي پونديس
هُونئين تان هيکلي آهيان،
جي چُمندين، چار ٿي پونديس،
ذرو هان ذات تنهنجيءَ جو،
سڄو سنسار ٿي پونديس،
نه آئين هيل جي ڍوليا
بدن تي بار ٿي پونديس،
صندل جي ڪاٺ وانگي پيو،
جليو جوڀن سڏي توکي.
مسافر تون ڪٿي آهين؟
مسافر مَن سڏي توکي
مسافر پيار جي وسندو
پلر پالوٽ ڏئي ويندو،
اکين جو رڻ ڇڏي سپنو
ڪَتين کي ڪوٽ ڏئي ويندو،
چُميءَ جو چنڊ جي چمڪيو
چڱيري چوٽ ڏئي ويندو،
اُڃارو چور ڪو بادل
اکين جي اوٽ ڏئي ويندو،
وريو جي واءُ واڙيءَ تي،
ڦُلارَي، ڦوٽ ڏئي ويندو
گلابي گل ٽاريءَ کي
ٽڙندي ٽوٽ ڏئي ويندو
کٿيرو کنوڻ جيئن ايندو،
کِلي ڪا کوٽ ڏئي ويندو
اڱڻ تي نازبُو نچندا
مينهڙو موٽ ڏئي ويندو
ورهه جا موٽ وڻجارا،
دلين جو ڌن سڏي توکي.
مسافر تون ڪٿي آهين؟
مسافر مَن سڏي توکي.
مسافر مَن وطن آهي
اُتي ئي پاڻ ملنداسين،
ڪچو هي ٻور جوانيءَ جو
نه ڇرڪي ڇاڻ، ملنداسين،
ڪا سُرهي ساهه ۾ سانڍي
کٿوريءَ کاڻ ملنداسين،
هي ٻانهون هار وانگي تون،
تکيريون تاڻ، ملنداسين،
ملڻ لئه کٽ خالي آ،
وڇوڙو واڻِ، ملنداسين،
بدن جي بات ٻي آهي
اکين کي آڻ ملنداسين،
مان تو ۾ تو جيان هُوندس
مِٺا تون ماڻ ملنداسين،
الا سي آسرا تنهنجا
هينئر ۽ هاڻ ملنداسين،
ڦُٽي ڦارون ٿيو هينئڙو،
هي هيرڻ- پَن سڏي توکي.
مسافر تون ڪٿي آهين؟
مسافر مَن سڏي توکي