مسافر تون ڪٿي آهين؟

'سنڌي شاعري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏28 جولائي 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اڄ ورلڊ سنڌي نيٽ تي هي هڪ نظم نظر مان گذريو، سهڻو نظم آهي ۽ خاص ڪري جن جا محبوب مسافر هجن انهن جي دل جي ترجماني ۔۔۔
    پاڻ پڙهي ڏسو؛
    ******
    تازو هيوسٽن ۾ ٿيل سانا ڪنوينشن ۾ سنڌ مان آيل شاعر ۽ ليکڪ سردار علي شاه سان ملاقات ٿي ۽ ادبي محفل ۾ ان جي شاعري ٻڌڻ جو موقعو به مليو. هي سندس هڪ نظم آهي جيڪو مونکي فيس بوڪ تان مليو.

    عزيز ناريجو
    ٽيڪسس

    __

    مسافر تون ڪٿي آهين؟ - نظم، سردار شاه

    مسافر تون ڪٿي آهين؟
    مسافر مَن سڏي توکي.

    مسافر رات ڪاري آ،
    ڪڪر ڪڙڪاٽ ڪن ڪيڏو
    ڇتي هن ڦوهه جوانيءَ جا
    ڇمر ٿا ڇاٽ ڪن ڪيڏو
    لڪي ڪي آڳ جا آگم
    لڱن ۾ لاٽ ڪن ڪيڏو
    سوا تنهنجي اندر ڏيئڙا،
    ٻَرن، پر ٻاٽ ڪن ڪيڏو
    چِڪن چُوڙيون، کِلن کُهنبا،
    بدن ڀڙڪاٽ ڪن ڪيڏو
    ڳڱاٽيل ڳالهڙيون، ڳوڙها
    کڻندي ڳاٽ ڪن ڪيڏو
    اندر ۾ پير پيا پنڌڙا
    وڃائي واٽ ڪن ڪيڏو
    ڀڃي آرس اُميدن جا،
    چندر چمڪاٽ ڪن ڪيڏو
    وڄايان وِڄ وانگي پئي
    تنبورو تن سڏي توکي.
    مسافر تون ڪٿي آهين؟
    مسافر مَن سڏي توکي.

    مسافر اُڃ ٿي ايندين
    ته مان ملهار ٿي پونديس،
    گهٽائون گهاگهرو ٿينديون
    ۽ آئون ڪنوار ٿي پونديس،
    رڱيندين روح جي راڻا
    ته مينديءَ ڏار ٿي پونديس،
    ڳچيءَ ۾ تون جي پائيندين
    هٿن جو هار ٿي پونديس،
    هينئڙو هنڌ تنهنجي لئه،
    وڇائي وار ٿي پونديس
    هُونئين تان هيکلي آهيان،
    جي چُمندين، چار ٿي پونديس،
    ذرو هان ذات تنهنجيءَ جو،
    سڄو سنسار ٿي پونديس،
    نه آئين هيل جي ڍوليا
    بدن تي بار ٿي پونديس،
    صندل جي ڪاٺ وانگي پيو،
    جليو جوڀن سڏي توکي.
    مسافر تون ڪٿي آهين؟
    مسافر مَن سڏي توکي

    مسافر پيار جي وسندو
    پلر پالوٽ ڏئي ويندو،
    اکين جو رڻ ڇڏي سپنو
    ڪَتين کي ڪوٽ ڏئي ويندو،
    چُميءَ جو چنڊ جي چمڪيو
    چڱيري چوٽ ڏئي ويندو،
    اُڃارو چور ڪو بادل
    اکين جي اوٽ ڏئي ويندو،
    وريو جي واءُ واڙيءَ تي،
    ڦُلارَي، ڦوٽ ڏئي ويندو
    گلابي گل ٽاريءَ کي
    ٽڙندي ٽوٽ ڏئي ويندو
    کٿيرو کنوڻ جيئن ايندو،
    کِلي ڪا کوٽ ڏئي ويندو
    اڱڻ تي نازبُو نچندا
    مينهڙو موٽ ڏئي ويندو
    ورهه جا موٽ وڻجارا،
    دلين جو ڌن سڏي توکي.
    مسافر تون ڪٿي آهين؟
    مسافر مَن سڏي توکي.

    مسافر مَن وطن آهي
    اُتي ئي پاڻ ملنداسين،
    ڪچو هي ٻور جوانيءَ جو
    نه ڇرڪي ڇاڻ، ملنداسين،
    ڪا سُرهي ساهه ۾ سانڍي
    کٿوريءَ کاڻ ملنداسين،
    هي ٻانهون هار وانگي تون،
    تکيريون تاڻ، ملنداسين،
    ملڻ لئه کٽ خالي آ،
    وڇوڙو واڻِ، ملنداسين،
    بدن جي بات ٻي آهي
    اکين کي آڻ ملنداسين،
    مان تو ۾ تو جيان هُوندس
    مِٺا تون ماڻ ملنداسين،
    الا سي آسرا تنهنجا
    هينئر ۽ هاڻ ملنداسين،
    ڦُٽي ڦارون ٿيو هينئڙو،
    هي هيرڻ- پَن سڏي توکي.
    مسافر تون ڪٿي آهين؟
    مسافر مَن سڏي توکي
     
    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: مسافر تون ڪٿي آهين؟

    سائين تمام بهترين نظم آهي سنگت سان شيئر ڪرڻ لاء‌ اوهان جي مهرباني۔
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مسافر تون ڪٿي آهين؟

    مسافرتون ڪٿي آهين۔

    تمام بهترين غزل‌شيئر ڪئي آهي
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مسافر تون ڪٿي آهين؟

    دوستو! آ ته جيئن جيئن ان نظم کي پڙهان ٿو تيئن تيئن نيون معنائون ٿيون نڪرن ۽ مسافر محبوب لئه تڙپ جي گهرائي جو اندازو ٿئي ٿو ۔۔۔ ڇا هر مسافر لئه سندس محبوب ايئن تڙپندو هوندو ۔۔۔ ؟؟؟
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مسافر تون ڪٿي آهين؟

    سائين منهنجا اسين پاڻ پرديسي هر مصرعي ۾ اسان کي پرين جي ياد محسوس ٿئي ٿي ۔
     
  6. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: مسافر تون ڪٿي آهين؟

    مهرباني سائين
     
  7. ايم صالح جاڙيجو

    ايم صالح جاڙيجو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 ڊسمبر 2017
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    سجاول

هن صفحي کي مشهور ڪريو