ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
منهنجي مٺڙي ٻوليءَ سان ايڏو وير!
افشان حاجي خان ٻرڙو
ثقافت جو سڀ کان طاقتور ذريعو ٻولي آهي ۽ اسان جي ٻولي سان هن ”ڪشور حسين“ ٺهڻ کان پوءِ جيڪي ويل وهايا ويا، اهي ڪنهن کان به ڳجها ڪونه آهن. لياقت علي جي دور اقتدار ۾ ڪراچي شهر ۾ موجود 1380 اسڪولن مان سنڌي ميڊيم ختم ڪري، اتي اردو ٻولي رائج ڪئي وئي، ۽ اڄ تائين ساڳيون سازشون جاري آهن. سنڌ مان هڪ منظم سازش تحت سنڌي ٻولي کي نيڪالي ڏني پئي وڃي. سرڪاري انگن اکرن موجب ڪراچي شهر ۾ چار لک سنڌي رهن ٿا، پر پنهنجي ملڪ ۾ انهن کي پنهنجي ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم ڪيو پيو وڃي. ڪراچي شهر ۾ سنڌي ميڊيم جا ٻه هاءِ اسڪول آهن، چئن لکن جي آبادي لاءِ صرف ٻه اسڪول؟!!! ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي مجبور آهن ته هو پنهنجن ٻارڙن کي سنڌي بجاءِ اردو ۾ تعليم ڏيارين، سنڌين سان ان کان وڌيڪ ڪهڙي ناانصافي ٿيندي جو اسان جا ٻار شاهه، سچل، ۽ سامي کي به نه پڙهي سگهن! انگريزن جي وقت ۾ سنڌ جي سرڪاري لک پڙهه جي ٻولي، انگريزي سان گڏ سنڌي به هئي. انگريزن ئي سنڌي الفابيٽ ترتيب ڏياريو. مگر اڄ صورتحال ان کان به بدتر آهي. ڪنهن به ٻولي جو ادب انهيءَ ٻولي جو ورثو هوندو آهي، پر اسان جي ادب جي سرڪاري سطح تي به ڪابه مدد نه پئي ڪئي وڃي. سنڌي نصاب ۽ تاريخ سان به هٿ چراند ڪئي پئي وڃي. سنڌ جا وارث سنڌي اڄ پاڻ کي بي وس ٿا سمجهن.