منهنجي مٺڙي ٻوليءَ سان ايڏو وير!

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏28 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    منهنجي مٺڙي ٻوليءَ سان ايڏو وير!​


    افشان حاجي خان ٻرڙو
    ثقافت جو سڀ کان طاقتور ذريعو ٻولي آهي ۽ اسان جي ٻولي سان هن ”ڪشور حسين“ ٺهڻ کان پوءِ جيڪي ويل وهايا ويا، اهي ڪنهن کان به ڳجها ڪونه آهن. لياقت علي جي دور اقتدار ۾ ڪراچي شهر ۾ موجود 1380 اسڪولن مان سنڌي ميڊيم ختم ڪري، اتي اردو ٻولي رائج ڪئي وئي، ۽ اڄ تائين ساڳيون سازشون جاري آهن. سنڌ مان هڪ منظم سازش تحت سنڌي ٻولي کي نيڪالي ڏني پئي وڃي. سرڪاري انگن اکرن موجب ڪراچي شهر ۾ چار لک سنڌي رهن ٿا، پر پنهنجي ملڪ ۾ انهن کي پنهنجي ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم ڪيو پيو وڃي. ڪراچي شهر ۾ سنڌي ميڊيم جا ٻه هاءِ اسڪول آهن، چئن لکن جي آبادي لاءِ صرف ٻه اسڪول؟!!! ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي مجبور آهن ته هو پنهنجن ٻارڙن کي سنڌي بجاءِ اردو ۾ تعليم ڏيارين، سنڌين سان ان کان وڌيڪ ڪهڙي ناانصافي ٿيندي جو اسان جا ٻار شاهه، سچل، ۽ سامي کي به نه پڙهي سگهن! انگريزن جي وقت ۾ سنڌ جي سرڪاري لک پڙهه جي ٻولي، انگريزي سان گڏ سنڌي به هئي. انگريزن ئي سنڌي الفابيٽ ترتيب ڏياريو. مگر اڄ صورتحال ان کان به بدتر آهي. ڪنهن به ٻولي جو ادب انهيءَ ٻولي جو ورثو هوندو آهي، پر اسان جي ادب جي سرڪاري سطح تي به ڪابه مدد نه پئي ڪئي وڃي. سنڌي نصاب ۽ تاريخ سان به هٿ چراند ڪئي پئي وڃي. سنڌ جا وارث سنڌي اڄ پاڻ کي بي وس ٿا سمجهن
    .
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: منهنجي مٺڙي ٻوليءَ سان ايڏو وير!

    بس ڙي يار مصيبت اها آهي ته اها ويڌن اسان سان ڪا لڪ ڇپ ۾ نه ظاهر ظهور ٿي رهي آهي پر اسين سنڌي ماشاء الله ايترا ته سجاڳ آهيون جو ڌاريا سنڌ ڀيلن پيا پر اسين آهيون جو ڪن تي جونءَ به نٿي چري ۔۔۔

    ڇا صرف ٻوليءَ سان ناانصافي آهي ۔۔۔؟ اقتصادي وسيلا ۽ زمين جو ڇا ٿيندو ۔۔۔؟ اها ڪهڙي کاتي ۾ کاڌ جو شڪار آهي ۔۔۔ سواءِ ٽٽو حڪمرانن جي ٻيو اسانجي هٿ ۾ آهي ڇا ۔۔۔؟ ڪو سمجهائي ته من ڳالهه سمجهه ۾ اچي ۔۔۔۔

    بس ڙي يار سور نه پڇو ۔۔۔۔ هٿ مٿي آهن ۔۔۔ رب جي بارگاهه ۾ ته هن ۡ”ڪشور حسين “ کان جان ڇٽي ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو