شاه جي ڪلام ۾ تنظيم سازي جو تصور

'مقالا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏25 مئي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    [JUSTIFY]
    شاه جي ڪلام ۾ تنظيم سازي جو تصور

    گذارش؛

    شاه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي فڪر تي نئين سوچ سان تحقيق ڪرڻ جي گهرج کي سامهون رکندي هن مضمون جي چونڊ ڪئي آهي، سنڌ جي مفڪر ۽ رهنما ڀٽائي سڳوري جو ڪلام اهڙن ڪئي هدايتن ۽ نياپن سان ڀريو پيو آهي جو هوند اسين قومي، سماجي ۽ سياسي ادارن کي مضبوط ڪرڻ خاطر رهنمائي حاصل ڪري، قومي خوشحالي حاصل ڪري سگهون ... سنڌ سڄڻن کي گذارش آهي ته منهنجي هن ڪوشش جو تنقيدي جائزو وٺي پنهجن خيالن کان آگاهي ڏيندا ته ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ...
    نثار ابڙو
    مڪو پاڪ
    تاريخ؛ 24/03/2009
    kanwalnisa@yahoo.com
    ________________________________________
    سر رامڪلي جي داستان ٻئي ۾ شاه سائينءَ ٻارنهن (12) ڏينهن جي عرصي واري ڏاڪڻ تي هڪ انساني گروه کي تمام خراب حالت کان تمام بهتر ۽ ڪامياب حالت طرف مرحليوار چوٽ چاڙهيوآهي ... فڪري ڪمال، روحاني تدبر ۽ ادبي مهارت سان اهڙا ته عميق اشارا ڪيا آهن جو ڪابه جماعت يا ٽولو، پنهجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ رهنمائي حاصل ڪري، جمالو ڳائي سگهي ٿو ...

    شاه جي ان جماعت جا مثالي انسان، ڪاپَڙِي، جوڳي، ويراڳِــيِ، نانگا، آديسِي، سامِي ۽ سيڻ ... جي پنهنجي حڪمت عمليءَ سان اُن منزل تي وڃي پهچنٿا جنهن لاءِ هو ڪڏهن کان سڪندا ۽ ڪشالا ڪڍندا رهيا هئا ...

    ڪَيَمِ ڪاپَڙِيُنِ جي، پَهريــــن ڏِينهن پَرُوڙَ؛
    سَگھا ساعَـتَ نه هڪڙي، چارئي پَهرَ چُورَ؛
    سدائين سيَدُ چئي، هـــــونِ سناسي ۾ سُورَ؛
    جوڳي ساڻَ ضَرُورَ، لِـــــڪا ڀُڻَنِ لـوڪَ ۾.

    پهرين ڏينهن ڪاپڙين جي جماعت تمام بري حالت ۾ آهي، ڏکن ۽ ڏولاون سان ٽمٽار، سندن سگهه ٽٽل آهي، منزل کان ڪوهين پري ۽ بيحال پيا آهن ... ڪو اهڙو پل ناهي جنهن ۾ هو سکيا هجن ... پر کين پنهنجي ان حالت جي ڄاڻ آهي ۽ ان ضرورت کين ڳاري وڌو آهي ۽ پنهنجي لوڪ ۾ پاڻ لڪايوٿا وتن ...

    تنظيم جي ضرورت ڇو ۽ ڇالاءِ؟
    انساني سماج ۾ جڏهن ڪنهن شيءَ جو حاصل ڪرڻ ضروري ٿيو پوي ته انکي حاصل ڪرڻ لاءِ ادارو يا جماعت ٺاهي ويندي آهي ۽ اها جماعت پنهنجي حڪمت ۽ عمل سان گهربل مَقصَدَ حاصل ڪري قومي يا سماجي کوٽ کي پوري ڪرڻ جي ذميوار هوندي آهي ...

    مثال ته ڪو ماڻهون سماجي ۽ معاشي مسئلن ۾ انتهائي خراب حالت کي وڃي پهتو آهي، پرين پيارن سندس ساٿ ڇڏي ڏنو آهي، رزق ۾ ڪمي جو شڪار آهي، سماج کيس نظرانداز ڪرڻ لڳو آهي!!! اهڙي بڇڙي حالت ۾ ان انسان کي ڇا ڪرڻ کپي ته هو ٻيهر سماج ۾ پاڻکي سرخرو ڪري پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري سگهي؟ بس اها ئي حالت آهي جنهن ۾ نظم جي ضرورت پوي ٿي، پنهنجن عملن کي اهڙي ته منظم انداز ۾ ڪرڻو آهي جو ڪاميابيءَ طرف هلندو ئي رهجي ...

    اها ساڳي حالت معاشرن ۽ قومن جي به ٿي پوندي آهي، جن قومن جي عدالت ۾ انصاف وڪامندو هجي ، تعليمي ادارن جا استاد صرف وقت ٽپائيندا هجن ۽ جي واقعي تعليم حاصل ڪرڻي هجي ته اگهه ايترو جو عام ماڻهونءَ جي پهچ کان ڪوهين ڏور، طبيب قومي خزاني تي بار هجن ۽ جيڪڏهن حقيقي علاج ڪرائڻو هجي ته گهر وڪڻڻو پئجي وڃي، ڪاريگر ۽ هنرمند سست ۽ ڪم چور هجن، واپاري مهنگي لاءِ ميڙيندا هجن، مذهبي ادارا دڪان ٿي پون، ماڻهون پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ گنڊن ۽ بدمعاشن جو سهارو وٺندا هجن ... ترقي يافته قومن وٽ اهڙن معاشرن جي حيثيت انتهائي هيٺين درجي جي هوندي آهي، هو انهن معاشرن جي ماڻهن کان لنوائڻ شروع ڪندا آهن ۽ ڏيتي ليتي کان پاسو ڪري ويندا آهن جنهن سبب انهن معاشرن جي معاشي حالت زوال پذير هوندي آهي، اخلاقي معيار هيٺاهينءَ طرف ڪرڻ لڳندا آهن، انصاف نه هجڻ سبب، انساني جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ختم ٿي ويندو آهي ۽ افراتفري ۽ غير يقيني وارو ماحول پيدا ٿي پوندو آهي ... ته پوءِ اهڙن معاشرن ۽ قومن کي مضبوط نظم جي سخت ضرورت هوندي آهي ته هو ان بڇڙي حالت مان نڪري ٻاهر ٿين ۽ ترقي يافته قومن جي قطار ۾ پاڻ ڳڻائي سگهن ...

    بلڪل ساڳي طرح ڪاپڙين جي جماعت شروعات ۾ چارئي پهر چور آهي ۽ پوءِ اچو ته ان جماعت جي ٻي ۽ ٽين ڏينهن واري حالت تي غور ڪجي ...

    ويهــي ويراڳِــيُنِ جو ٻِئـــي ڏِينهن ٻُڌُمِ حـــــالَ؛
    اُنِ جــــا ڌاڳـــا ڌُوڙِ ڀَڪُلِيـــا، جــــاڳوٽــــا زَوالَ؛
    تــن ڄـاڻِي ڄَٽــائُون ڇَڏِيُون، چوٽـا چَڱِيءَ چالِ؛
    ويچـارا وُجودَ جِي، ڪَنهِن سان ڪَنِ نه ڳالِ؛
    نانگــــا ٿِيـــا نِهــــالُ، لِڪـــا ڀُڻَنِ لـــــــوڪَ ۾.

    ويراڳين جي جماعت هاڻ ڪجهه نهال ۽ چاڪ چوبند ٿيڻ لڳي آهي ، حال احوال ۽ پچارون ڪرڻ جي حالت ۾ آهي ... سندن ڪفنيون ۽ ويس وڳا ميرا ۽ ڌوڙ سان ڀريل آهن، سندن وار اڻڀا ۽ بيترتيب وڌيل آهن ۽ پنهنجي وجود جو ذڪر به ڪنهن سان ڪرڻ لائق ناهن ...

    ٽِئين ڏينهن ٽِمڪائينِ، دُونهِيُون دائِرَنِ ۾؛
    ميڙِيو ڪَڙِڄَ ڪاٺِـيُون، جـوڳِـي جَلائِيـنِ؛
    سَنــدِيُون کامــَڻَ خَبَـــرُون، آديسِيُنِ آهِــينِ،
    ڳُـجُهه نه ڳالهــائِيــنِ، لِـڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

    جوڳين جي جماعت هاڻ پنهنجن پورن حواسن ۾ بيدار ٿي آهي ... پنهنجي منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجاڻيون ڪرڻ لڳا آهن ۽ دائرن ۾ ويهي صلاح مصلحت ڪري رهيا آهن ... کين منزل جي ڄاڻ پئجي وئي آهي ... منزل ۽ مقصد تي پهچڻ جون ڏکايون به کين نظر ۾ اٿن ...

    تنظيم ڇا آهي؟
    تنظيم جي اصل زمين آهي نظم جنهنجي معنا آهي، ترتيب ۾ آڻڻ، منظم ڪرڻ، انتظام ڪرڻ، پيدا ڪرڻ، ٺاهڻ وغيره وغيره ... تنظيم جي معنا پڻ ٿيندي شين يا ماڻهن جي ترتيب ٺاهڻ، انجمن ٺاهڻ، نظام قائم ڪرڻ وغيره وغيره ...

    تنظيم ٺاهبي ئي انڪري آهي جو ڪا شئ حاصل ڪري سگهجي يا ڪنهن منزل تي پهچي سگهجي تنهنڪري تنظيم جو سڀ کان پهريون قانون ئي آهي نظريو ٺاهڻ، پنهنجي منزل ۽ مقصد بيان ڪرڻ (Mission Statement) ته جيئن جدوجهد ۽ عمل جو نشانو ان منزل ئي طرف رهي، ۽ ڀٽڪي وڃڻ جا اهڃاڻ نه رهن ۽ سڀ وهم گمان ختم ٿي وڃن ...

    چوٿين ڏِينهن چَوگانَ ۾، ڪَنهن جَنهن پَهه پِيا؛
    وَهَـــمَ پِرِيــان جي وَڍِيـــا، تــن ۾ ڪُـــوڙَ ڪِها؟
    انــــــدَرِ آديسِيُـــنِ کــــي، اَچَــــنِ جـــــــوشَ جِـهــا؛
    ســـــامِــي ســــونُ ٿِيــــا، لِڪـــا ڀُڻَنِ لــــوڪَ ۾.

    آديسي پنهجي نظرئي کي عملي جامو پهرائڻ جا پهه پچائي، رٿابندي(Action Plan) ٺاهڻ ۾ لڳل آهن، پنهنجين ذميوارين جا دائرا مقرر ڪرڻ لڳا آهن ) (Organizational Chart ، تنظيمي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي درجابندي ڪري ذميواريون ورهائي پنهنجي سچي هجڻ جا وچن ڪري رهيا آهن ... جڏهن منزل جو تعين ٿي وڃي ۽ ان منزل تي پهچڻ جي رستي جي به خبر پئجي وڃي ته سمجهبو تنظيم جو اهم مرحلو طئه ٿي ويو آهي ... سو هاڻ سامين آڏو منزل ۽ منزل تي پهچڻ جو رستو واضح ٿيو آهي، انڪري عملي جدوجهد لاءِ سندن اندر ۾ جوش ۽ جذبي جا طوفان پئدا ٿي رهيا آهن ۽ پاڻکي سون جيئان پچائي پڪو ڪري رهيا آهن ...

    تنظيمي ڪارڪن لاءِ انتهائي اهم آهي ته هو پنهنجي نظرئي سان ڪيتري سچائي رکي ٿو ۽ انلاءِ ڪيترا گهرا جذبا پئدا ڪري ٿو (Enthusiasm & Passion) ... جذبي جي گهٽتائي ۽ مقصد سان لڳاءَ جو نه هجڻ تنظيمي ڪارڪن کي عمل ۾ ڍرو، سست ۽ تنظيم جي لاءِ هاڃيڪار ڪري وجهندو آهي ...

    ڪَنهن جَنهن پُورَ پَچائِيا، پَنجين ڏِينهن پَئِــــــي؛
    اَنــدَرِ آديسِيُــــنِ کـــي، سُـــورَنِ شـــاخَ ڪَئِـــــي؛
    مُحَـبَتَ جــــي ميــدان ۾، لاشَـــڪُ پِيـــا لَهِـــي؛
    تن کي ساري راتِ، سيَدُ چئي، گُوندَرَ ساڻُ گَــئِي؛
    ڪَــريو سيڻَ سهـــي، لِــــڪا ڀُڻَنِ لــــوڪَ ۾.

    جماعت جو ڪم آهي سيڻ سهي ڪرڻ، هڪ اهڙي ڪسوٽي پئدا ڪرڻ جنهن سان ڪارڪنن جي ڪم جي تور تڪ ۽ پرک ڪري سگهجي ڪارڪنن ۽ ساٿين جي ڪم تي ڪڙي نظر رکي سگهجي (Operating Rules & Position Guideline)، مٿن تنظيمي قانون ۽ رهنما اصول واضح ڪيا وڃن هر هڪ ڪارڪن جي ڪم جو دائرو قائم ڪيو ويندو آهي، ڪم ۽ ذميوارين آهر اهميت ۽ احترام جو بندوبست ڪيو ويندو آهي ... کين ضروري سکيا ڏني ويندي آهي ته جيئن هو مقصد واري ميدان ۾ بيشڪ ٿي لهن ۽ مقابلي دوران سرخرو ٿي سگهن ... چٽا ڀيٽي جي راهه ۾ ايندڙ هر ڏکئي گس ۽ ور ورڪڙ کان واقف هجن ... ايئن نه ٿئي ته سورن ۽ تڪليفن کان اڻواقف هجڻ ڪري همٿ هاري ويهن ...

    پِيا ڪَنهِن پَرياڻَ ۾، ڇَهين ڏِينهن ڇَڻِي؛
    اَنــــدَرِ آديسِيُن کي، ڌُريــــان ئِي ڌڻِـــــــــي؛
    ٻَـــرِي ٻاجھارا ڪَيا، کانـئِي خاڪَ کڻِي؛
    پِنِيـــــو پَنجَ ڪَڻِي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

    نظرياتي جوڙجڪ، انتظامي رٿابندي ۽ عهديدارن جي رهنما اصولن قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ جماعتي جسم ۾ پٺيءَ جي هڏي واري حيثيت وارو اهم ۽ ضروري مسئلو آهي، آمدني ۽ خرچ جو انتظام ڪرڻ (Financial Plan/Income & Expenses) پنج ڪڻيون حاصل ڪري، پنهنجي پنهنجي عمل جي ضروريات مطابق خرچ ۽ آمدنيءَ جو حساب ڪتاب رکڻ ... اهڙا ذريعا ۽ وسيلا پيدا ڪرڻ جنهن سان عملي ميدان ۾ سهولت پئدا ٿئي ... ناڻي ۽ آمدني کان وانجهيل جماعتون هميشه منزل تي رسڻ کان اڳ ئي ختم ٿي بي فائدا ثابت ٿينديون آهن، انڪري ڪامياب تنظيمون پنهنجي حساب ڪتاب واري کاتي کي انتهائي مضبوط ۽ ايماندار هٿن ۾ رکي گهرجن آهر خرچ ڪندي منزل طرف وڌنديون رهنديون آهن ...


    سَتين ڏِينهن، سَيَدُ چئي، ڌاڄا ڌوتائُون؛
    اُڀِـــي اَلَکَ ســـامهُون، ٻـــانهُون ٻَڌائون؛
    وَڏِيءَ ڪَنهن وِلاتِ جـا، اُهُڃَ آندائُون؛
    رُوحُ پَنهنجو رامَ سيــن، پَرِ ۾ پُوتائُــون؛
    کَـڻِيو کِــدائُون، لِــڪا ڀُڻَنِ لــوڪَ ۾.

    تنظيم سازي جو عمل پورو ٿي ويو آهي ته هاڻ ميدان ۾ لهڻو آهي، پنهنجا وسيلا ۽ اوزار ٺيڪ ڪرڻا آهن ۽کدائون سنڀالي کڻڻيون آهن، ايئن نه ٿئي ته ميدان ۾ لهي پئجي ۽ ضروري اوزار اڻلڀ هجن ... پنهنجي نظريي ۽ عملي معيار آهر وڏي ولات ۽ ڪاميابي جي خبر ڏيڻي آهي، مقصد ۽ منزل جي ثمرات جا نشان واضح ڪرڻا آهن ته جيئن عام ماڻهن کي به ان ثمرات کان واقفيت ڏئي سگهجي ...

    اَٺيـــــن ڏِينهن، اُڀِـــي وِيــــا، جــــوڳِي جــــاءِ بَجــــاءِ؛
    ســا پَـــرِ ســـامـــِي سکيــــا، جــــا پَرِ جـــوڳَ جُڳاءِ؛
    ويــــروتـــــارَ وُجــــودَ ۾، اُنِ کـــي رامُ رَهيــــوئِي آهِ؛
    ڪَنهن جَنهن ڪمائِي لاءِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

    پهنجي وڏي مقصد حاصل ڪرڻ خاطر ربط (communication) قائم ڪرڻ ضروري هوندو آهي، پاڻ سان لاڳاپيل هر ڪارڪن سان رابطي جو هجڻ ۽ عوامي سجاڳي لاءِ فڪري ڄاڻ عام ڪرڻ انتهائي اهم هوندو آهي، ٻي صورت ۾ اهو وڏو مقصد پذيرائي حاصل ڪري نه سگهندو ۽ موٽ ۾ ڪاميابيءَ جا اهڃاڻ اڻ چٽا ۽ غير واضع ٿيندا ويندا ...

    تنظيمي ڪارڪنن جو اخلاقي ۽ عملي ڪردار خاص ۽ مثالي ) (standardized هجڻ کپي جو دنيا جي تنظيمي ڍانچن سان مشابهت رکندڙ هجي ۽ عام لاءِ قابل قبول پڻ هجي، اهڙي پَرَ سکجي جا مقصد جي شان وٽان هجي، ٻي صورت ۾ دنيا جي ٻين تنظيمن ۽ جماعتن وٽ سرخرو ٿي نه سگهبو ۽ ٻين ڪارڪنن ۾ پڻ کاميون پئدا ٿينديون، جي اڳتي هلي جماعت جي لاءِ سخت هاڃيڪار ثابت ٿينديون آهن ...

    تنظيمي ڪارڪن، سماج اندر مثالي ڪردار جو مالڪ هوندو آهي، جنهنجي تقليد ۾ قومي ۽ سماجي ضروريات جي پورائي ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي ... سماجي ضروريات جي نفسيات اندر ئي جماعتي ڪارڪن کي پاڻ تيار ڪرڻو هوندو آهي ... ٻي صورت ۾ ڪارڪن پنهنجو اصل مقصد حاصل ڪري نه سگهندو ۽ ناڪميابي جو منهن ڏسڻو پوندو اٿس ...

    نائيــن ڏِينهن نيڻانِ، اوجــاڳــي اُجارِيـــا؛
    سَٻاجھي ٻاجَھ ڪَئي، سُڃاڻي سيڻـانِ؛
    جِتــــــي نَظَــــرُ ناٿَ جو، اُتــــي اوتــارانِ؛
    اِهــي اُهُڃـاڻـانِ، لِـڪا ڀُڻَنِ لـــوڪَ ۾.

    مقابلي جي ميدان ۾ لهڻ کانپوءِ رات ڏينهن محنت ڪرڻ سان منزل تي پهچڻ وارو خواب جلد ساڀيان ٿيندو آهي، جماعت جو مقصد جيترو اعلا ۽ ڏکيو هوندو ايترو ئي ڪارڪن کي پنهنجي تن کي تڪليف ڏيڻي هوندي آهي ... نظر منزل تي رکڻي آهي، منزل تي پهچڻ کان اڳ ٿڪجڻو ناهي، بردباري سان هلڻو آهي ۽ پنهنجي مثالي ڪردار کان هيٺ ڪرڻو ناهي ...

    ڏَهيـن ڏِينهن ڏِکَ ٿِيـا، پِـرِينءَ پاٻوهِيــــا، پَسُ؛
    وَرقَ جي وِصالَ جا، سي واري ڪيائُون وَسُ؛
    لَـــڌائُون، لَـطِيفُ چئي، سَندو گُـــروءَ گَــــــسُ؛
    جـوڳِـيُــــنِ کَٽِيــو جَسُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

    جماعتي اصولن سان هلندي، سچائي ۽ محنت سان ڪارڪن پنهنجي منزل کي ويجها ٿيڻ لڳا آهن، پنهنجي وجود جو کليل اظهار ڪري رهيا آهن، مقصد جي راهه ۾ ايندڙ مشڪلاتون ختم ڪري سرخرو ٿيڻ لڳا آهن، سندن ڪاميابي جو ثمر پيدا ٿيڻ لڳو آهي ... پنهجي اڳواڻ (Leader) جي ٻڌايل خوشخبري پوري ٿيڻ تي آهي ...

    وَريو ويراڳِـيُنِ جو، ڪارِهين ڏِينهن ڪَرَمُ؛
    جـــوڳِـيُنِ جاٽــــائُون پُنِيُون، هَلِي وِيــا حَرَمُ؛
    دائِــــم جَھـلِيـــو دَمُ، لِــڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

    مَنَ مُرادون پُنِيُون، ٻارِهين ڏِينهن ٻَـئِي؛
    جوڳِي اِنَ جاٽا کي، ٿي سِڪِيا سَڀيئِي؛
    سَمــــانا سيئِي، جي گُـــــرَ گَڏِجِي آئِيـــا.

    ڪاميابي جو بگل وڄي چڪو آهي ... سندن تقدير بدلجي وئي آهي ... جنهن منزل لاءِ سڪيا ٿي سا سندن سامهون آهي، پنهنجي جماعتي اصولن پٽاندر بردباري کان ڪم وٺي رهيا آهن ... ڪاميابي جي خوشين ۾ ڪو اهڙو ڪم نٿا ڪن جو سندن مقصد جي اوچائيءَ واري نقطي کي شيهو رسائي ... پنهنجي اڳواڻ سان ٻٽ ٿيو خوشين جا ترانا ڳائي رهيا آهن ... مان اوچو ٿيو اٿن ... ۽

    ... مقصد پورو ٿيو ...
    [/JUSTIFY]
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,016
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    اد اوهان جي لاجواب شيئرنگ آهي مهرباني اهڙي سهڻي معلومات ڏيڻ جي ادا شل جڙيا هجو آباد هجو
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين اهڙي لاجواب معلومات ڏيڻ جي مهرباني
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم سائين نثار ابڙو صاحب اوهان جا ٿورائتا آهيون جو اوهان سائين ڀٽائي گهوٽ جي سر رامڪلي جي داستان ٻئي مان شاه سائينءَ جي ٻارنهن بيتن جي سمجهاڻي ڏئي سمجهايو۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اوهان جي اهڙي ڪاوش کي ڪروڙين سلام، جو اسان جهڙن سان اهڙيون ناياب شيون شيئر ڪندا آهيو، انهي لاءِ اوهان لکين کيرون لهڻو، اميد ته اهڙيون ناياب شيون هميشهه هن سنڌ سلامت جي لاءِ زينت بڻبيون۔۔۔۔

    shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين نثار ابڙي جي لکڻين ۾ هڪڙي قسم جي سمجهاڻي هوندي آهي، پوءِ اهو ننڍو هجي يا وڏو پوڙهو هجي يا جوان
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀائڙا علي علي، سهڻا وهاب ۽ مٺڙا زاهد
    حق موجود؛
    مهربانيون اهڙن پيارن رائن جون
    مقصد آهي ته اسانجي ڪنهن ڪاوش مان شايد سنڌ وطن جو ڪو ڀلو ٿي پوي ... وطن جي عشق ۾ ويٺا رنڊا روڙيون ... اوهان دوستن کي ڳالهه پسند آئي ۽ ان مان اسان کي ڪو فائدو ٿيو ته ڄڻ پنهنجي محنت سجائي ...
    دعائن ۾ گڏ
    sindhsalamatsaathsal
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بلڪل ادا نثار ابڙو صاحب ادا وهاب سچ پيو چوي ته توهان جي ڪهاڻين ۾ هڪ سمجهاڻي هوندي آهي
    تمام بهترين تحرير آهي سائين توهان جي
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شاه جي ڪلام ۾ تنظيم سازي جو تصور

    [justify]محترم فقير سائين ۽ ادا وهاب اهي اوهانجا قرب آهن جو اوهان مان ڏيو ٿا ۽ ڪچن ڦڪن ليکن کي پسند ڪريو ٿا ۔۔۔۔ ادا سائين هي ڪهاڻي نه پر هڪ مضمون يا مقالو آهي ۔۔۔ ۽ لطيف سرڪار جي فڪر مان تنظيمي سازي کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي ۔۔۔ اوهان دوستن کي گذارش آهي ته هي ڪارائتو مضمون آهي ۽ جيڪڏهن اوهان به ان سان ڀيٽ ڪندڙ ڪي مضمون پيش ڪري سگهو ته لک ٿورا ۔۔۔ ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي ته نتيجا سٺا نڪرندا ۔۔۔[/justify]
     
  9. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: شاه جي ڪلام ۾ تنظيم سازي جو تصور

    محترمي و مڪرمي ابڙا صاحب۔ شاه جي رسالي جي زبان ويسي ته اسان جهڙن جي فهم کان چڙيل آهي، پر اوهان جهڙي نموني سولو ڪري بيان ڪيو آهي، ان تي اوهان کير لهڻا۔ باقي شاه صاحب جي عالمي ۽ آفاقي پيغام کي عام ڪرڻ اسان مان هر هڪ سنڌي جي قومي ذمينداري آهي جنهن کي اوهان سهڻي نموني نڀايو آهي، بهرحال جيڪڏهن ٻين قومن ڏانهن ڏسون ته انهن ڪئين پنهنجي قومي شاعرن کي کنيو آهي ته اسان جو هال مڙي هيڻو آهي۔ بهرحال شاه جي ڪلام ۾ تنظيم سازي بابت هيڏي ساري معلومات پڙهي اچرج ۾ پئجي ويس ۽ پڪ ٿئي ته سندن ڪلام قرآن مجيد مان ورتل آهي۔ قرآن مجيد جدوجهد، ڪوشش ۽ دائمي جوشش بابت فرمائي ٿو ته منهنجي توهان کي هڪ ئي نصيحت آهي جو اوهان خدا لاءِ قيام ڪريو گڏجي ڪري يا اڪيلا۔ يعني پهريان گڏجي جدوجهد جي نصيحت آهي، پر جيڪڏهن ائين به نٿي سگهي تڏهن به همت نه هاريو،اڪيلا به الله جي راه ۽ خلق جي ڀلائي لاءِ جدوجهد ڪندا رهو؛
    قُلْ إِنَّمَا أَعِظُكُم بِوَاحِدَةٍ أَن تَقُومُوا لِلَّهِ مَثْنَى وَفُرَادَى ثُمَّ تَتَفَكَّرُوا مَا بِصَاحِبِكُم مِّن جِنَّةٍ إِنْ هُوَ إِلَّا نَذِيرٌ لَّكُم بَيْنَ يَدَيْ عَذَابٍ شَدِيدٍ
    (کين) چؤ ته اوھان کي رڳو ھڪ ڳالھ جي نصيحت ڪريان ٿو، ته ٻه ٻه ۽ ھڪ ھڪ ٿي الله (جي ڪم) لاءِ کڙا ٿيو وري پروڙيو، ته اوھان جي سنگتيءَ کي ڪو سوداءُ نه آھي، (بلڪ) اُھو ته سخت عذاب (جي پھچڻ) کان اڳ اوھان کي ڊيڄاريندڙ آھي. (سورت سبا، آيت46)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: شاه جي ڪلام ۾ تنظيم سازي جو تصور

    ادا بلڪل۔۔۔
     
  11. جيئي لطيف

    جيئي لطيف
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: شاه جي ڪلام ۾ تنظيم سازي جو تصور

    لاجواب شيئرنگ
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شاه جي ڪلام ۾ تنظيم سازي جو تصور

    [justify]

    سائين تسنيمي صاحب رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي، بيشڪ اسانکي گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو سبق پنهنجي پياري دين مان مليل آهي ۔۔۔ الله جي رسول جي سڄي ڄمار عرب جي ريگستان ۾ بدو عربن کي هڪ ڪرڻ ۾ گذري، کين سڌي راهه تي هلڻ جي سڏڻ ۾ گذري ۽ انهن جي تعليم ۽ تربيت ۾ گذري ۔۔۔

    ياد ڪيو الله جي رسول جي محترم چاچي جا آخري ڏينهن جڏهن هو بستر مرگ تي هو ته قريش جا سردار گڏجي آيا ته تون، اسان ۽ محمد صه جي وچ ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏ ۽ جڏهن محترم ابو طالب پنهنجي پياري ڀائٽي کي سڏايو ته رب جي هن ٻانهي چيو ته، ” آ جيڪو دين اوهانکي ڏيانٿو ان سبب اوهان دنيا جي بادشاهي هٿ ڪندا ۽ دنيا جا سردار ٿي ويندا“ ۽ مشرڪين جي هر ڳالهه ٺڪرائي ڇڏي ۔۔۔

    محترم دوستو، اسانکي پنهنجن ڏاهن، ۽ مفڪرن جي پيروي ڪندي سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائي جو ڪم شروع ڪرڻو پوندو ۔۔۔ خئير جو ڪم هميشه گهر کان شروع ٿيندو آهي، اچو ته پنهنجي قوم ۽ پنهنجي وطن کي اڄ جي ظلم ۽ انڌيري مان ٻاهر ڪڍڻ جا جتن ڪريون ۔۔۔۔

    تون ۽ مان ۔۔۔ اسين ٿي پونداسون ۽ هڪ مٺ جي سگهه تمام گهڻي سگهاري هوندي آهي ۔۔۔

    لک ٿورا ليک کي پسند ڪرڻ جا ۔۔۔
    [/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو