هي جو سونو سنگُ ڏسين ٿو، ۽ جو اُن جو رنگُ ڏسين ٿو: اُن ۾ رت-پگهر جو پورهيو، هاريءَ جو ۽ هر جو پورهيو. سنگ ۾ هن جا گيت به آهن، سُڏڪا، سُر، سنگيت به آهن. اُن ۾ هُن جي ”ڪالهه“ به آهي، مستقبل جي ڳالهه به آهي. سوني سنگ ۾ اَن جا داڻا، داڻا، اڄ سڀاڻِ وڪاڻا. پر، جنهن سنگُ پچايو آهي، ۽ هي رنگُ رچايو آهي. اُن جو به ته ڪو قصو هوندو، داڻن ۾ ڪو حصو هوندو!؟