1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

عورت ڌرتي ۽ آڪاس جي وچ ۾ ٽنگيل هڪ وجود

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ bakhtawar طرفان آندل موضوعَ ‏30 جولائي 2010۔

  1. bakhtawar

    bakhtawar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    mir pur khas sindh
    عورت



    ڌرتي ۽ آڪاس جي وچ ۾ ٽنگيل هڪ وجود



    انساني تاريخ جي اڀياس مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته انسان پنهنجي وجود ۾ اچڻ واري وقت کان وٺي عورت ۽ مرد جي روپن ۾ هميشه هڪٻئي سان سلهاڙيل رهيا آهن انسان جا اهي ٻئي روپ گڏجي سندس مڪمل وجود جي تشڪيل ڪن ٿا ڪوبه هڪ ٻئي کان سواءِ مڪمل چئي نٿو سگهجي هنن گڏجي انساني نسل اپايا ۽ نپايا آهن انهن جي پرگهور لڌي آهي انهن کي اڳتي وڌايو ۽ ترقي ڪرائي آهي جيتوڻيڪ حالتن جي ستم ظريفيءَ سبب اڄ عورت دنيا جي تقريبن سڀني سماجن ۾ پٺٽي نظر اچي ٿي ۽ دنيا جي سمورن وسيلن تي مرد قابض نظر اچي ٿو پر تڏهن به اينٿرا پالاجي(anthropology) يا علم الانسان جا ماهر جيڪا سندن ارتقا ڏيکارين ٿا، تنهن ۾ عورت جي پورهئي جو پڙ ڳرو نظر اچي ٿو. جيڪڏهن غير جانبداريءَ ۽ انصاف سان ڏسبو ته اهاڳالهه مڃڻي پوندي ته ابتدائي وحشي انسان کي تهذيب ۽ تمدن سيکارڻ واري عورت ئي هئي ۽ هن جو ڪردار مرد جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فعال رهيو آهي. هڪ بي رحم ۽ وحشي جانور کي ماڻهپي ۾ آڻيندڙ عورت ئي رهي آهي.

    اڄ جي سائنسي ترقي جي معراج تي پهتل انسان کي ان جو بنياد عورت وجهي ڏنو ۽ جيڪڏهن تاريخ جي ڪنهن ظالم دور ۾ مٿس اهي پابنديون نه پون ها، جيڪي هن وقت هوءَ لاهڻ جي ڪوشش ۾ آهي ته ڪو شڪ ناهي ته انسان اڄ کان وڌيڪ مهذب ۽ ترقي يافته هجي ها. سندس ڪاميابين ۽ ڪارنامن کي ڳڻپ ۾ آڻجي ته ٿلهي ليکي ائين چئي سگهجي تو ته عورت انسان کي ماڻهپو سيکاريو، تهذيب ۽ تمدن سيکاريو، هن تن ڍڪڻ جو هنر ايجاد ڪيو، انسان جي علاج جي لاءِ جڙي ٻوٽين جوا ستعمال ڪري ابتدائي طب جي پيڙهه وڌي، وڻن ٻوٽن مان خوراڪ ۽ ٻيون زندگيءَ جون ضرورتون حاصل ڪرڻ جي شروعات ڪئي ۽ ائين زراعت جو بنياد وڌو بنيادي هٿ جا ڪم ۽ هنر ايجاد ڪيائين، وهٽ ڌارڻ ۽ انهن جي خدمت چاڪري ڪرڻ، منجهائن گوشت، کير،بيدا ۽ چمڙو حاصل ڪرڻ جي شروعات ڪئي، ماءُ جي حيثيت ۾ بنيادي تربيت ۽ شعور ڏيڻ واري به اها ئي هستي هئي، جنهن کيس مختلف فضيلتون سيکاريون ۽ انسانن جي وچ ۾ رهڻ جهڙو انسان بنايو.

    اهي سڀ ڳالهيون مفروضن تي بيٺل ڪونه آهن، انهن جي ثابتيءَ ۾د ليل به ڏيئي سگهجن ٿا.

    پهريون مثال لباس جو وٺجي ته اهو هر ڪو ڄاڻي ٿو ته بنيادي انسان جهنگن ۾ اگهاڙو رهندو هو ۽ هو جانورن کان ڪنهن به ريت مختلف ڪونه هو، گرمي سرديءَ جي شدت کان بچڻ لاءِ سڀ کان پهريائين مائرن پنهنجن ننڍڙن ٻارن کي ڪکن پنن سان ڍڪيو هوندو، ڪي وڏا پن پاڻ ويڙهيا هوندائون ۽ پوءِ مردن به ائين ڪيو هوندو. پر اها هڪ عارضي شيءَ هئي. پوءِ شڪار ڪري آندل جانورن جون کلون سڪائي انهن کي ڪتب آندو هوندائون، مرد ظاهر آهي ته شڪار ڪيل جانور جي گوشت کائڻ سان ئي واسطو رکندا هوندا. جڏهن ته زالن انهن کلن کي اُس ۾ سڪڻ کان پوءِ جنهن حالت ۾ ڏٺو اهاکين ان جي لباس طور استعمال لاءِ مناسب لڳي هوندي. ڪو وقت اهي کلون استعمال ٿيون هونديون، پوءِ کين جانورن جي کلن مٿان چڙهيل وارن يا ڪپهه جهڙن ٻوٽن مان ڌاڳا وٽڻ جو خيال آيو هوندو ۽ ائين هنن ڌاڳو وٽڻ لاءِ نڙانڊيون، اوبڻيون ۽ ائٽ ايجاد ڪيا هوندا.

    عورت جوائٽ سان تمام پراڻو تعلق آهي ۽ ائين ڪپڙو اڻڻ جي ابتدا ٿي هوندي ۽ اگهاڙي انسان تن ڍڪيو هوندو.

    وري اچو ته عورت جي طب جي ابتدائي ڪردار کي ڏسون. اڄ به اسان جي ڳوٺن جون بنهه اڻ پڙهيل عورتون به اهڙين ستين ڦڪين جي اثرن بابت جاڻنديون آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن جي جديد صورت ۾ا چڻ کانپوءِ انهن جي فعاليت گهٽجي ويئي آهي. مريض پوءِ ٻار هجي يا وڏو، ان جي خدمت چاڪري ۽ علاج يا شڪار لاءِ ويل مردن جي زخمي حالت ۾ اچڻ تي سندن پرگهور لهڻ جو ڪم به عورتن ڪيو هوندو، ان ڪري بنيادي نرس ۽ ڊاڪٽرياڻي به عورت کي ئي چئبو.

    زراعت جي ميدان ۾ اسان جي ڳوٺن ۾ اڌ کان وڌيڪ ڪم عورتن جي بلي آهي. هر هلائڻ مردن جو ڪم آهي باقي گهڻو ڪري ٻيا سڀ ڪم يا گڏجي ڪن يا صرف عورتون ڪن. عورت ئي زميني پيداوار استعمال ڪرڻ جي ابتدا ڪئي. زمين جڏهن ابتدائي وحشي انسان جي جهنگن ٻيلن ۾ جانورن جو شڪار ڪرڻ ويندا هئا ته ڪي عورتون ٻار جي پيدائش يا نيپاج لاءِ پويان رهجي وينديون هيون، جن جي پيٽ گذران لاءِ هو وڻن جا پن، گل ٻوٽن جون پاڙون ۽ ٻج وغيره کاڌي طور استعمال ڪنديون هيون ۽ پوءِ تجربي مان هنن اهو به ڄاڻي ورتو ته ٻج مان ٻيو وڻ ڪيئن ٿو ڦٽي سگهي، اهڙيءَ ريت هنن نوان نوان وڻ پوکيا هوندا ۽ ڀاڄيون ميوا ۽ ان حاصل ڪيو هوندو. اها زراعت هئي. هن انهن شين کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪپڻ، ڪٽڻ ۽ پيهڻ جا اوزار به ٺاهيا هوندا.

    علم الانسان جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پٿر سڌا ڪري جنڊ جي بنيادي صورت ٺاهڻ، ٿانون گهڙڻ جو رواج، کاڌو محفوط ڪرڻ جا طريقا ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي ڪم عورت جي ذهني صلاحيتن جو نتيجو آهن، ۽ چئي سگهجي ٿو ته انساني سماج ۾ صنعتي راهه تي پهريون قدم رکندڙ به اها ئي عورت آهي ۽ ايندڙ زمانن ۾ صنعتي انقلابن جو بنياد به ان جو ئي رکيل چئبو.

    جانورن جي پالنا، سار سنڀال وغيره به اڪثر عورت جي ذمي هوندي آهي. اڳوڻن وقتن ۾ سندن رهائش گاهن جي ويجهو چرندڙ جانورن جو مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ ات رهندڙ عورتن انهن جي کير مکڻ ۽ ڪن حالتن ۾ گوشٽ وغيره جي استعمال لاءِ انهن کي جهليو هوندو، خاص ڪري جڏهن مرد ٻاهر شڪار تي ويل هوندا ته کين خوراڪ جا ٻيا متبادل ذريعا ڳولڻ دوران اهو به هڪ ذريعو سمجهه ۾ آيو هوندو. پوءِ انهن جا ڌڻ پالڻ جو رواج پيو هوندو.

    اڄ جديد دنيا ۾ زراعت ۽ جانورن جي افزائش مان دنيا پنهنجي خوراڪ جو هڪ وڏو حصو حاصل ڪري ٿي ۽ اهو سڄو عورتن جي ان محنت جي ڪري ممڪن آهي.

    ٻار جي پيدائش کان پوءِ هن کي کارائڻ پيارڻ، هلڻ گهمڻ جهڙو ڪرڻ واري اها ئي عورت هوندي آهي. تاريخ کان اڳ واري وحشي انسان کي تهذيب ۽ تمدن جي راهه تي قدم اڳتي وڌائڻ لاءِ اها ئي عورت ذميدار چئي سگهجي ٿي، ٻارن کي جسم جي صفائي سٿرائي ڪپڙن پائڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي وڻندڙ بنائڻ جون بنيادي ڳالهيون به مائرن سيکاريون هونديون. اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي فضيلت به هنن ماءُ کي ڏسي سکي هوندي، جو پيءُ ته اڪثر ڪري شڪار لاءِ هليا ويندا هئا.

    مطلب ته وحشي انسان کي اونداهيءَ مان روشنيءَ ڏانهن آڻڻ ۾ عورت جو اهم ڪردار رهيو آهي.

    بنيادي تهذيب واري دور ۾ اسلامي دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ مان ملندڙ مختلف تهذيبن جي آثارن مان خبر پوي ٿي ته عورت کي سماج ۾ تمام مٿانهون درجو مليل هو ۽ اهي سماج ماءُ آدرشي سماج هئا. موهن جو درو، هڙپا به انهيءَ قسم جي سڀيتا جا ساکي آهن، انهن تهذيبن ۾ عورت کي ديويءَ جو درجو مليل ۽ زنانين مورتين جي گهڻي تعداد ۾ ملڻ مان اهي انومان ڪڍيا ويا آهن، ته انهن سماجن ۾ عورت کي تمام بلند ۽ اوچو مقام حاصل آهي.اها بلندي ۽ اوچائي مٿي ذڪر ڪيل سندس محنتن جو نتيجو چئي سگهجي ٿي، هوءَ انهن دورن ۾ ڪٽنب جي سربراهه قبيلي جي سردار ۽ مذهبي رتبي جي لحاظ کان ديويءَ جي روپ ۾ اڄ کان هڪ بلڪل مختلف هستي محسوس ٿئي ٿي.

    مزي جي ڳالهه اها آهي ته سندس انهن محنتن جي نتيجي ۾ پاڻ جيڪي ڪاميابيون ماڻيائين، اهي ئي سندس پيرن جون زنجيرون بڻيون.زراعت جي ابتدا پاڻ ڪيائين ۽ ائين زرخيز زمين جي ڳولا ۾ جڏهن دريائن ۽ ندين جي ڪنارن تي وستيون ٺاهيون ويون ۽ پنهنجي ضرورت آهر زمين کي کيڙيو ويو، پر پوءِ ان جي مالڪي ۽ ان کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ٿيون ۽ وڌيڪ زمين حاصل ڪرڻ يا وڌيڪ اپت جي لاءِ افرادي قوت وڌائيندڙ ڄاڻي، کيس ٻارن جي ڄڻڻ جي مشين بڻايو ويو، جسماني طاقت جي خيال کان پٽن جي پيدائش کي ڌيئرن تي ترجيح ڏني ويئي،انهي مشين کي پنهنجي قابو ۾ رکڻ لاءِ مٿس پهرا وڌا ويا، پابنديون وڌيون ويون، مال ڌارڻ جي ابتدا عورت ڪئي پر پوءِ پاڻ مال ۽ ملڪيت بڻجي ويئي، جيڪا حاصل ڪرڻ لاءِ جهيڙا جهٽا به ڪيا ويا ته ان کي خريد ۽ وڪرو به ڪيو ويو ۽ هوءَ ديويءَ جو درجو رکندڙ هستي پنهنجوانساني درجو به وڃائي ويٺي ۽ سندس انهيءَ پستيءَ کي مختلف ڌرمن وسيلي جائز ۽ فطري ثابت ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ويئي. جيڪا نفسيات اڄ ڏينهن تائين نظر اچي ٿي.

    عورت جي آزاديءَ، خودمختياريءَ ۽ برابريءَ جي خلاف دنيا جي مختلف ڌرمن ۾ اهڙا اهڙا حڪم احڪام موجود ملن ٿا، جيڪي سندس انسان هئڻ واري حيثيت ۾ شڪ ظاهر ڪن ٿا، يهودين، عيساين، هندن، ٻڌن ۽ ٻين مذهبن جي پوئلڳن وٽ عورت بابت مروج مختلف حقارت آميز معروضن جي ڀيٽ ۾ اسلام ۾ عورت کي هڪ آزاد فرد جي حيثيت سان مخاطب ڪيوويو آهي.اسلام جو اهو روح نبي سڳوري جي حياتيءَ ۾ ۽ ان کان پوءِ خليفن جي خلافت دوران قائم رهيو، پر انهي نئين ڳالهه کي قبول ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ جو عمل بادشاهت يا ملوڪيت جي اچڻ کانپوءِ ممڪن نه رهيو.بادشاهت واري دور ۾مسلمانن جي مختلف فرقن ۾ا قتدار جي ڇڪتاڻ ۾ هر ڪهن پنهنجي پنهنجي دليلن سان انهن ڳالين جي تفسير ۽ تشريح ڪري وقت جي بادشاهن جي مرضيءَ ۽ مفادن مطابق معنائون ڏنيون ۽ ملن کان فتوائون ورتيون. جنهن جي ڪري مونجهارا پيدا ٿيا.

    ان کان پوءِ وري جيئن جيئن اسلام وڌيڪ ملڪن تائين پکڙبو ويو، تيئن تيئن انهن مختلف ملڪن جون ڪلچري روايتون ۽ مفروضا مذهب جي نالي ۾ شامل ٿيندا ويا ۽ هن مذهب ۾ عورت بابت مثبت روين کي منفي انداز ۾ پيش ڪرڻ سان ڳالهه ويئي هٿن مان نڪري. هڪڙو ننڍڙو مثال حق بخشائڻ جي رسم جو ڏيئي سگهجي ٿو، جيڪا مذهب جي نالي ۾ ادا ڪئي وڃي ٿي، اصل اسلام ۾ رهبانيت يا مذهب جي نالي ۾ شادي نه ڪرائڻ جو ڪو تصور ئي ڪونهي، پراسان وٽ مولوي ان رسم کي مذهبي منظوري ڏيندا رهيا آهن

    مٿين سموري اپٽار مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته عورت مرد جي برابر هڪ انسان جي حيثيت ۾ حياتيءَ جي ابتدا ڪئي ۽ پنهنجي ذهني صلاحيتن سان مرد کي ڌرتيءَ تي مضبوطيءَ سان قدم ڄمائي هلڻ جي قابل ڪيو. پوءِ انساني تاريخ جي ڪنهن دور ۾ مرد پنهنجي مضبوطيءَ سبب سندس پيرن هيٺيان زمين ڇڪي ورتي ۽ هاڻي هوءَ ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ ۾ معلق پنهنجي پاڻ کي مڃارائڻ لاءِ دانهون ڪري رهي آهي.!!
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,636
    ورتل پسنديدگيون:
    5,636
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: عورت ڌرتي ۽ آڪاس جي وچ ۾ ٽنگيل هڪ وجود

    [​IMG]

    سرتيون 1994 رسالي مان ورتل محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل هي عورت بابت لکيل مقالو انتهائي جاندار آهي۔۔۔۔۔۔ ادي توهان جا آندل ليک فورم جي لاءِ بهترين اضافو آهن ۔۔۔ بس جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه جي ڪَمي آهي ته اها آهي حوالي جي ۔۔ جهڙوڪ هن مقالي جو حوالو ڏيندي سنڌي ادبي بورڊ وارن جي سائيٽ يا سرتيون رسالو يا وري ليکڪ جو نالو ضرور ڏيندا ڪريو۔۔۔
    اهڙن ڪارائتن ليکن جو انتظار رهندو۔۔۔
     
  3. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: عورت ڌرتي ۽ آڪاس جي وچ ۾ ٽنگيل هڪ وجود

    ادي تمام بهترين
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,414
    ورتل پسنديدگيون:
    735
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: عورت ڌرتي ۽ آڪاس جي وچ ۾ ٽنگيل هڪ وجود

    تمام سٺي ونڊ آهي مهرباني
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    339
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: عورت ڌرتي ۽ آڪاس جي وچ ۾ ٽنگيل هڪ وجود

    ادي تمام سٺي شيئرنگ آهي مهرباني.
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,683
    ورتل پسنديدگيون:
    1,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: عورت ڌرتي ۽ آڪاس جي وچ ۾ ٽنگيل هڪ وجود

    ادي تمام بهترين ڪوشش آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو