• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خيرپور سنڌ جو ٻارهون وڏو شهر

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ علي ظفر
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

علي ظفر

نائب منتظم
انتظامي رڪن

خيرپور سنڌ جو ٻارهون وڏو شهر آهي. خيرپور شهر، هاڻوڪي ضلعي خيرپور ۽ اڳوڻي خيرپور رياست جو گاديءَ جو هنڌ آهي.

خيرپور ميرس، جيڪو کارڪن جي باري ۾ مشهور آهي، هن شهر ملڪ جا ڪيترائي شاعر، سياستدان، فنڪار ۽ اديب پيدا ڪيا. مير علي نواز، محمد عالم زيدي، استاد حامي، عطا محمد ڀمڀرو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، سرمد سنڌي، استاد گلزار (اميد خيرپوري) ۽ محمد علي حداد انهن مان ڪجھ مشهور شاعر ۽ اديب آهن.

(وڪيپيڊيا)
 
ادا علي علي توهان جو به ته خيرپور سان واسطو آهي ۽ توهان به اسان لا۽ ڪنهن شاعر اديب ڊاڪٽر کان گهٽ نه آهيو اصلي صفا ..............................
وڌيڪ توهان پاڻ سياڻا آهيو
 
ادا علي علي توهان جو به ته خيرپور سان واسطو آهي ۽ توهان به اسان لا۽ ڪنهن شاعر اديب ڊاڪٽر کان گهٽ نه آهيو اصلي صفا ..............................
وڌيڪ توهان پاڻ سڃاڻا آهيون

صفا ڇا ادا؟ چئه کڻِي نه ته رشيد جي نظر پئي ته اهو الاء ڇا لکندو ان خال ۾
 
ادا علي علي توهان جو به ته خيرپور سان واسطو آهي ۽ توهان به اسان لا۽ ڪنهن شاعر اديب ڊاڪٽر کان گهٽ نه آهيو اصلي صفا ..............................
وڌيڪ توهان پاڻ سڃاڻا آهيون
فقير سائين، اصل منهنجائي وڌئي ادي علي علي کي، هاڻي ڦاٿو اٿئي۔

صفا ڇا ادا؟ چئه کڻِي نه ته رشيد جي نظر پئي ته اهو الاء ڇا لڪندو ان خال ۾
ڇو ڀلا ادي رشيد کي ڇو خبر نه پوي۔ ڪهڙي قسم جو ڀئو آهي۔
 
ادا ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين جڏهن کان منهنجي ڀُوري مينهن ويائِي آهي زمانو دشمن ٿي ويو آهي ادا اڳتي سمجهه دار آهين سو ڊڄون ٿا ته ۔۔۔۔۔۔۔
 
مٺا توهان جي ڀوري مينهن لڳي ٿو توهان جي دشمن ٿي پئي آهي، ڊڄي ڪري زندگي نه گذار مڙس ٿي سنڌ سلامت فورم جا ميمبر، مان ۽ ادو رشيد توهان سان گڏ آهيون۔ پريشان نه ٿي
 
مٺا توهان جي ڀوري مينهن لڳي ٿو توهان جي دشمن ٿي پئي آهي، ڊڄي ڪري زندگي نه گذار مڙس ٿي سنڌ سلامت فورم جا ميمبر، مان ۽ ادو رشيد توهان سان گڏ آهيون۔ پريشان نه ٿي

ادا علي علي
مان ادي رشيد لا۽ ڪجهه چئي نه ٿو سگهان پر متان عبدالوهاب جي آسري تي لڳو آهين سر چٽ مال نيلام هوند۽ .:D

shal judy hujeen

sindhsalamatsaathsal
 
سائين تنهنجي هن شيئرنگ کي پڙهي اصل مونکي خيرپور جي ياد اچي وئي۔ پر ڪري به ڇا ٿو سگهان۔ هت پرديس ۾ پنجگلي تي چاٽ کائيندڙ پنهنجو فوٽو ڏسي ئي خوش ٿيندو آهيان۔ باقي واهه جو مزو آهي خيرپور ۾ اهو سنهڙي واهه تي تڙ ڪرڻ اهو کجين تي چڙهي ڏنگ ۽ ڏوڪا کائڻ، ڪيئن ڀائو علي علي؟؟؟؟؟
 
ادا هاڻِ هلي آ ته گڏجي ميرواه ۾ ٽُٻيون هڻون کجين تي ڏنگ به ٿي ويا آهين ادا هتي ته پوري دنيا لٿل آهي وڻ وڻ جي ڪاٺي ادا پنهنجو ديس آهي پنهنجي مِٽيءَ جِي خوشبو جهڙي ٻي ڪا خوشبو ناهي ادا اوهان پرديس ۾ آهيو شال جڙيا هجو
 
بس جاني ڇا ڪريون پنهنجو گهر ته سڀني کي پيارو آهي، بس هتي اسين فلم لائين ۾ گهڙي پيا آهيون سو فلحال ته خيرپور ۾ اچڻ جو سوچي به نٿا سگهون، اگر حالتن اجازت ڏني ته مٿئين سال پڪ اچي غريب نواز هوٽل تي چانهه پيئبي.
 
ادا غريب نواز ڇو پرين توکي مان ڪاڪ محل يا ارم هوٽم ۾ وٺي ويندس ادا پر يار اچجان ته اسان کي ياد ضرور ڪجان ويسي چانه ته غريب نواز هوٽل جي مشهور آهي ۽ چانهن پيئڻ دوران سڄي دنيا جو نظارو به ڏسڻ جهڙو هوندو آهي ادا sadayeen gud
 
ادا بس ب ڪريوڪاڪم جئ پوسٽ ڪريو

ادا گل محمد يار جهوني تي ڪاوڙ نه ڪر مس ڪو ڳوٺائي مليو آهي ان سان روح رهاڻ تر ڪرڻ ڏي يار هونن به ته اسان جهونن سان ڪير ڪونه ڳالهائندو آهي ريٽائر مخلوق سمجهي سڀڪو پيو جان ڇڏائيندو آهي سو ادا جي رنجيت سان ڪا ورنههنو ڪيم ته ادا ڪو گناه ته نه ٿيو
ادا جهونن جي پارت هجيو باقي اسان جي سر جا سائين اهيو سو جهونو هاڻي چپ ٿو ڪري ادا اوهان راضڳ هجو اسان جو خير آهي
 
جواب: خيرپور سنڌ جو ٻارهون وڏو شهر

هي آهي منهنجي شهر خيرپور جي ويب سائيٽ، جيڪا مون 2004 ۾ ٺاهڻ شروع ڪئي ۽ 2007 ۾ مڪمل ڪئي، 3 سال مسلسل ڪم ڪونه ڪيو، بلڪه 2005 کان 2006 تائين ڪجه به نه ڪيو ۽ 2006 جي وچ ۾ ٻيهر شروع ڪري 2007 ۾ سائيٽ مڪمل ڪئي۔ وڌيڪ ان ويب سائيٽ ۾ لکيل آهي۔

http://khairpur-mirs.netfirms.com

اميد اهي ته سڀني دوستن کي پسند ايندي۔
 
جواب: خيرپور سنڌ جو ٻارهون وڏو شهر

سائين خيرپور جي ڳاله ٿي سو به وڪيپيڊيا تي
۽ شاه عبد اللطيف يونيورسٽي جي ڳاله نه هجي ته مان سمجهان ٿو اها نا انصافي ٿيندي
 
Back
Top