هڪ وڏو مزاحيه ڪردار ( حليم بروهي ) حليم بروهي: هڪ نرالو شخص شوڪت حسين شورو حليم بروهي جو گذاري وڃڻ سنڌي ادب مان مزاح جي في الحال پڄاڻي آهي. سنڌي ادب ۾ مزاح جي کوٽ کي حليم بروهي اڪيلي سر ڪنهن حد تائين پورو ڪيو هو. سنڌ ۾ اڳي وڏا چرچائي ۽ ڀوڳائي هوندا هئا، پر سنڌي معاشري ۾ جيڪا بدحالي، ٽوڙ ڦوڙ ۽ انارڪي پيدا ٿي آهي، تنهن ۾ چرچو ڀوڳ ختم ٿي ويو آهي. ”خوشي ۽ خريد وئي ويچارن وسري“ وانگر سنڌي ماڻهو پنهنجي هڻ پٽ ۾ ڄڻ مزاح جي حس کان محروم ٿي ويا آهن. جتي روئڻ پٽڻ روزمرهه جو معمول ٿي ويو هجي، اتي مزاحيه ادب لکڻ جوکم جو ڪم آهي. حليم بروهيءَ اهڙي مايوسي واري خشڪ ماحول ۾ اهو جوکم جو ڪم ڪيو ۽ بنان ڊپ جي ڪيو. هو عام پڙهندڙن ۾ برابر مقبول ٿيو، پر اسان جا عالم، اديب ۽ دانشور، جيڪي پنهنجو پاڻ تي ڳنڀيرتا طاري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا آهن، تن کي حليم بروهيءَ جي اها حرڪت نه وڻي. جيڪڏهن اهي حليم بروهي کان الرجڪ رهيا، ته حليم پاڻ انهن کان ٻه رتيون ڪثر کانئن الرجڪ رهيو. هن جا خيال ۽ لکڻيون تڪراري رهندا آيا. هو سنڌي ٻوليءَ سان سندس دشمني نه هئي. حليم جنهن پنهنجائپ واري انداز ۾ اهي تڪراري ڳالهيون لکندو هو، ان تي سندس پڙهندڙ ڪڏهن چڙيا ڪو نه. ڪن اديبن ۽ عالمن حليم جي خيالن سان اختلاف ظاهر ڪيا، ته اهو اختلاف راءِ جو حق هر ڪنهن کي آهي. سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌين ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قائم رکڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته موجوده عربي-سنڌي صورتخطي کي بدلائي رومن اسڪرپٽ اختيار ڪيو وڃي. پر اها ڳالهه ايتري سولي ڪونهي، ڪنهن ٻوليءَ جو صدين کان مروج اسڪرپٽ بدلائڻ معمولي ڪم ڪونهي، سو به موجوده سياسي حالتن ۾ جڏهن سنڌ سان هر معاملي ۾ ناانصافي ۽ بي واجبي ڪئي پئي وڃي. اسڪرپٽ بدلائڻ ۽ سڄي ادبي ذخيري کي ان ۾ ڇپرائڻ وڏي خرچ جي ڳالهه آهي، جيڪو ڪهڙي حڪومت ڀريندي! حليم بروهي ذاتي طور هڪ نرالو شخص هو، مصلحت پسندي ۽ منافقيءَ واري دور ۾ هو سڀني کان الڳ ۽ اڪيلو هو. هن لکڻ توڙي ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي راضي ڪرڻ، خوش ڪرڻ لاءِ مصلحت کان ڪم نه ورتو. حليم جنهن ڳالهه کي صحيح سمجهندو هو، ان جو اظهار ڪري ڇڏيندو هو، پوءِ ڀلي ڪنهن کي نه وڻي يا ڏکي لڳي، اها پرواهه ڪرڻ حليم بروهي سکيو ئي ڪو نه هو. هن جي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ حليم بروهي اهو ئي ساڳيو ۽ هڪڙو هو. فقط حليم بروهي ئي ڪنهن کي کل کل ۾ چئي سگهيو ٿي ته، ”تون مون کي نٿو وڻين“. حليم وٽ وڻڻ ۽ نه وڻڻ جا ڀلي پنهنجا ماپا هجن، پر ان ۾ رک رکاءُ يا منافقي نه هوندي هئي. حليم کي جيڪو ماڻهو نه وڻندو هو، ڀلي ان جا سبب ڪهڙا به هجن، هو ان کان هميشه الرجڪ رهندو هو. سندس لکڻ ۾ به اها ساڳي جولاني هوندي هئي. سنڌ يونيورسٽي جا پي ايڇ ڊي ڪيل ڊاڪٽر سڏائيندڙ استاد، خاص طور سنڌي شعبي جا پروفيسر ۽ سنڌي ٻوليءَ جا ماهر حليم بروهي جي طنز ۽ مزاح جي نشاني تي رهيا. ان جو هڪڙو سبب اهو هو ته حليم سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪئي هئي ۽ انهن پروفيسرن/ڊاڪٽرن کي ذاتي طور سڃاڻندو هو ته منجهن علمي اهليت ڪيتري آهي. ٻي ڳالهه اها هئي ته خود اهي پروفيسر صاحبان حليم بروهي جي خيالن ۽ ڳالهين کي ”چريو آهي“ چئي مذاق ۾ اڏائي ڇڏيندا هئا. نتيجي طور حليم بروهي به انهن سان ڪڏهن گهٽ نه ڪئي. ڪن دوستن جو چوڻ آهي ته حليم بروهي جو سنڌي ادب ۾ قدر ڪو نه ٿيو. حليم جيڪڏهن انگريزي ۾ لکي ها ته کيس نوبل پرائيز ملي ها ۽ جيڪڏهن اردو ۾ لکي ها ته سندس وڏو قدر ٿئي ها. اصل ۾ حليم بروهي پنهنجي لکڻ جي شروعات انگريزي ۽ اردو ۾ ئي ڪئي هئي، سنڌيءَ ۾ ته هن گهڻو پوءِ لکڻ شروع ڪيو. اردوءَ جا اهلِ زبان ٻي ڪنهن ٻولي ڳالهائيندڙ کي اردو جو اديب فقط ان حالت ۾ مڃيندا آهن ته هو ڄمڻ سان ئي پنهنجي مادري زبان کي ڇڏي چڪو هجي. پنجابي ۽ پٺاڻ، جيڪي اردو جا ناميارا شاعر ۽ اديب آهن، تن پنهنجي مادري زبان کي ڇڏي اردو کي هينئين سان لاتو، ان ڪري کين قبول ڪيو ويو. ائين ته ڪجهه سنڌي اديب اردوءَ ۾ لکندا رهيا آهن، عبدالقادر جوڻيجو ۽ نوالهديٰ شاهه کي اردو ڊراما ۽ امر جليل کي اردو ۾ ڪالم لکندي سال ٿي ويا آهن، تڏهن به هنن کي اردوءَ جو نه، پر سنڌيءَ جو ليکڪ ئي سمجهيو ويندو آهي. حليم بروهيءَ کي سنڌي ۾ لکڻ سبب پنهنجا پڙهندڙ مليا، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا، کيس عزت ۽ نالو مليو، ڇا اها ڳالهه ڪنهن ايوارڊ يا وڏي عهدي کان گهٽ آهي! حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ان احساس ڪمتريءَ جي هيءَ بيماري خود سنڌي ليکڪن ۾ آهي. حليم بروهي هڪ سچو ۽ خوددار شخص هو، هن کي ڪنهن انعام اڪرام يا عهدي جي ضرورت نه هئي، نه وري هن ڪڏهن سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي اپيل ڪئي ته سندس سار سنڀال لڌي وڃي، يا سرڪاري خرچ تي سندس علاج ڪرايو وڃي. هن وقت سندس گذاري وڃڻ کانپوءِ اهو نهايت ضروري آهي ته سنڌ ثقافت کاتو يا سنڌي ادبي بورڊ حليم بروهي جي سمورن ڪتابن کي ٻيهر ڇپرائي پڌرو ڪري. ڪنهن ليکڪ کي ان کان وڌيڪ بهتر نموني سان خراج تحسين پيش ڪري ئي نٿو سگهجي
جواب: هڪ وڏو مزاحيه ڪردار ( حليم بروهي ) حليم! تون سدا ياد رهندين نواز بروهي/شاهپور چاڪر اڃا اسان مارگلا جي پهاڙن ۾ جهاز حادثي ۾ اجل جو شڪار بڻيل انسانن جي غم واري سڪتي کان نڪتا ئي نه هئاسين ته سنڌ جي يگاني مفڪر ۽ نامياري مزاح نگار حليم بروهي جي دل جي دوري وگهي لاڏاڻي واري خبر برساتي موسم ۾ وڄ وانگي ڪڙڪي اندر ئي اڌ ڪري ڇڏيو. سنڌ جي شعوري سوچ لاءِ حليم بروهي جو وڇوڙو ڪنهن حادثي واري درد کان گهٽ ناهي. حليم بروهي سان منهنجي پهرين ملاقات ڪاوش جي هيڊ آفيس ۾ انهن ڏينهن ۾ ٿي هئي، جنهن وقت حليم سنڌ يونيورسٽي جو ملازم هوندي به تنهن وقت جي وائس چانسلر سان جنگ جوٽيو بيٺو هو ۽ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ بدعنوانين خلاف پنهنجي نوڪري جي پرواهه نه ڪندي قلم واري ويڙهه وڙهي رهيو هو، تنهن وقت آئون ”خادم وطن“ اخبار ۾ لکندو هئس ۽ خادم وطن ۾ حليم بروهي ۽ اي آر شاهه واري ڦڏي جون خبرون سپر ليڊ ٿي ڇپنديون هيون. حليم کي سچ لکڻ ۽ منهن تي چوڻ واري جرم ۾ چريو قرار ڏئي ميڊيڪل بورڊ آڏو پيش ٿيڻ جو نادري حڪم ڏنو ويو، ليڪن هن شينهن مڙس بجاءِ نوڪري بچائڻ ۽ هيٺاهين وٺڻ جي مطالبو ڪيو ته وي سي کي به ميڊيڪل بورڊ آڏو پيش ڪيو وڃي، خبر پئجي ويندي ته ڪير ذهني مريض آهي. هن جي خودداري ۽ ايمانداري جي اها حد هئي جو سنڌ يونيورسٽي جي سيڪريٽ برانچ ۾ هئڻ باوجود هن جي نياڻي يونيورسٽي جي امتحانن دوران هڪڙي پيپر ۾ گهٽ مارڪون هئڻ سبب رهجي وئي هئي، سندس انهن ڳالهين تي زور هوندو هو ته پنهنجي محنت وسيلي قابليت ٺاهيو، سهارو محتاجي جو ٻيو نالو آهي. هن جي لفظن ۾، گفتگو ۾ اهڙي ته سچائي واري طنز هئي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ حليم جهڙو ئي زماني جي آوي مان پچي نڪتل ذهن گهربل هو. هو چوندو هو، ”اسان جي سنڌي سماج ۾ چاپلوسي ڪلچر ناسور جيان پکڙيل آهي، جنهن مان نجات حاصل ڪرڻ تائين اسين ڪنهن به ريت ترقي نٿا ڪري سگهون“. حليم بروهي جي مزاح ۾ سنجيدگي، سچائي ۽ حقيقت پسند ڇلڪندي نظر ايندي آهي. هن جون لکڻيون پر اثر ۽ دل ۾ سانڍڻ جهڙيون آهن. حليم بروهي انهيءَ ڳالهه تي زور ڏيندو هو ته، ”پنهنجي دماغ کان ۽ پنهنجي طريقي سان سوچڻ شروع ڪريو، ٻين جي خيالن کي ڀلي پڙهو، ٻڌو ليڪن ڪجهه سمجهندا به ڪريو“! هو چوندو ته، ”لڪير جا فقير نه ٿيو، سنديون اکيون کوليو، پنهنجو رستو ٺاهيو“. هن بيماري دوران ڪڏهن به سرڪار کي علاج لاءِ اپيل نه ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه جو ڪلاس فيلو هئڻ باوجود ڪڏهن به کيس ڪنهن ڪم لاءِ نه چيائين، باقي ماڻهو ته پري جي سلام تي به سي ايم هائوس جي در تائين پهچندي دير نه ڪندا آهن. حليم سڄي سنڌ کي ڇڏي هليو ويو آهي، ليڪن هن جا دل کي وندرائيندڙ مزاح ڀريا ڪالم، لفظ ۽ ڪچهريون اسان کي سڄي زندگي سندس ياد ڏيارينديون.
جواب: هڪ وڏو مزاحيه ڪردار ( حليم بروهي ) حليم! آد جڳاد جو ڪاوڙيل يوگي گل محمد عمراڻي/حيدرآباد هو سڄي ڄمارControversial (متنازع) ئي رهيو. ننڍپڻ ۾ اسڪول ۾، ڪاليج، يونيورسٽي، وڪالت، يونيورسٽي ۾ نوڪري جي دوران ۽ آخر ۾ رٽائرمينٽ کان پهرين ۽ پوءِ به هن جي دل ۾ هڪ ٻار جهڙي معصوميت هئي، پر هن جي متحرڪ زبان ۽ قلم ۾ هڪ ٻه ڌاري تلوار جي تک ۽ ملير جي ساون مرچن جي ڪوڙاڻ هوندي هئي. منهنجي شناسائي هن سان هن جي انگريزي ۾ ڇپيل مختصر ڪتابڙنBook lets) ) جي ڪري اڳ ۾ هئي، پر ظفر حسن جي پرفيڪٽ پرنٽرز تي 1972ع ۾ باقاعده ٿي، جڏهن مون Ariel (انگريزي شعبي جو ساليانو رسالو) جو هڪ شمارو ايڊٽ ڪري، ان جا پروف پئي پڙهيا (تڏهين اسان جي پهرين ملاقات ٿي). هن جون اهي مرچن جهڙيون لکڻيوڻ ته انگريزي ٻولي جي عين مزاج مطابق هيون، پر سنڌي مزاج اڄ تائين اهڙين بي تڪليف چونڊڙين کي برداشت ڪرڻ پنهنجي صدين پراڻن نيمن ڪري بلڪل نه سکيو آهي. حليم کي هن حقيقت جو خود به ادراڪ هو ۽ پاڻ ڪٿي اهو چيو به اٿس ته، ”ڇو ته مان ادب جي عام وهڪ کان ڪجهه الڳ ئي رهيو آهيان، تنهن ڪري مون سان ٽريجڊي هيءَ آهي ته مون کي اهي به پڙهن ٿا، جن کي مان نٿو وڻان“. حليم کي تڪرار ۽ بحث مباحثو ڏاڍو وڻندو هو، اهو هن جي فلسفيانه مزاج ۾ هو، ۽ هو ڄاڻي واڻي Holy Cows (مقدس ڍڳين) کي چهبڪ هڻندو هو. هن جي انهن گستاخ لکڻين جي ڪري اڪثر تنازعه ۽ تڪرار جنم وٺندا هئا، جنهن کي هو ڏاڍو enjoy ڪندو هو. هن ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته جيترو منفرد ۽ بيباڪ هن سنڌي ۾ لکيو، اوترو ئي موثر ۽ وڻندڙ هن اردو ۾ به لکيو ۽ انهن ٻنهي ٻولين کان به وڌيڪ، بلڪه گهڻو سُٺو هن انگريزي زبان ۾ دل کولي لکيو، ۽ ان ٻولي تي هن کي مڪمل عبور حاصل هو. حليم پنهنجي باري ۾ چوندو رهندو هو ته، ”هن جي شخصيت ۽ لکڻين ۾ ڪوبه تضاد ڪونهي، ڇاڪاڻ هو رواجي ۽ عام ماڻهن وانگر وقت سان نِباهه ڪندڙ، مصلحت پسند نه آهي. هن جي زندگي ۽ لکڻين ۾ مڪاري، دروغ، دورنگي ۽ ٻهه رُوپيت نه آهي، ڇو ته هو منافقي کي پسند نه ڪندو آهي. جيڪو اندر ۾ سوچيندو ۽ محسوس ڪندو آهي، ان کي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي، خلوص ۽ سچائي سان، بغير ڪنهن مصلحت جي، ايمانداري سان اظهاريندو آهي“. ها، ائين ضرور آهي ته گهڻو ڪري چڱن ڀلن جا پٽڪا لاهي به وجهندو هو، جيڪو ادبي تناظر ۾ ٻاهر ۽ انگريزي ادب ۾ ته هڪ عام معمول آهي، پر هت اسان جي مشرقي روايتن موجب ۽ ماحول مطابق اصل ۾ مستعمل ۽ مروج نه آهي، ۽ ان ڪري ئي گهڻن سکر ماڻهن جي بلڪل دل آزاري پنهنجين لکڻين ۾ ڪئي هوندائين. پاڻ سوچيندو ئي انگريزي ۾ هو ۽ لکندو وري سنڌي ۾. سندس دانسته غير مقبول، سماجي رويا به هن ديس جي ماڻهن کان قدري مختلف رهيا. حليم پاڻ چئي ٿو ته، ”مان ڳالهين کي سماجي، سياسي، ذاتياتي ۽ ٻين(Compartments) ۾ ورهائي نٿو سگهان، ڇو ته اهي سڀئي ۽ مڙئي ڳالهيون هڪڙي ئي ۽ ساڳي ئي شخصيت جا ڌار ڌار زاويا آهن. اهو فساد بنيادي طرح سنڌي ڳوٺاڻي ذهنيت ۽ شهري ذهنيت جو تضاد آهي. مان جيڪو ڪجهه به نه آهيان، سو اهڙو ڪم ضرور ڪري ويندس جو منهنجو نالو سقراط، ارسطو ۽ افلاطون ۾ ڳڻيو ويندو. مون وٽ پنهنجي لائقي جي وڏي ثابتي هيءَ آهي ته مان اوهان مان نه آهيان“. واقعي هو اسان مصلحت پسند ۽ امن پرست ساري جڳ جو خير گهرندڙن، جڙي کي جس چوندڙن مان نه هو. هو ڪنهن آدجڳاد جو ڪاوڙيل يوگي هو.
جواب: هڪ وڏو مزاحيه ڪردار ( حليم بروهي ) حليم! او حليم، ڳالهه ته ٻڌ يار! حفيظ ڪنڀر حليم! تون نيٺ هليو وئين!! تو کي خبر آهي الائي نه، ته هن ڪاوش جي پنن تان آئون توسان پهريون ڀيرو مخاطب ٿيو هئس، ۽ پوءِ ڪاوش ۾ لکڻ جو سلسلو جاري رهيو. حليم! تون الائي منهنجي ڳالهه ٻڌين پيو يا نه!؟... يار ڪن ۾ هيئرنگ ايڊ هڻ. ڳالهه ته ٻڌ حليم!.... حليم! حليم!... اجهو هي توکي خط لکندي، منهنجي موبائل فون تي، تنهنجي نمبر تان ڪال آئي آهي. تنهنجو نالو اسڪرين تي ڏسي گهڙي کن لاءِ تسلي ٿي ته تون جيئرو آهين. مون سان ”مذاق“ پيو ڪرين... پر ائين ڪونه هو، فون تي ميڊم جا سڏڪا هئا.....بس! توسان مون کي ملڻو هو. هر هر ملڻو هو.... جام ڳالهيون ڪرڻيون هيون، جيڪي ڳالهيون پاڻ فون تي نه ڪري سگهندا هئاسون. تون سدائين پنهنجو هيئرنگ ايڊ وڃائي ويهندو هئين. آخري ڀيرو به منهنجي ڳالهه ٻڌڻ کانسواءِ تو مسلسل مونکي پئي چيو.... ”تون سٺو پيو لکين..... سٺو پيو لکين، پر ياد رک تون هڪ ڏينهن مون وانگر پڇتائيندين“..... معصوم حليم! توکي ماڻهو چيڙاڪ جا لقب ته ڏيندا هئا پر تنهنجي معصوميت کي ڪنهن ماڻهو ڪونه سمجهيو. تون جيڪو موبائل فون به ٻين ماڻهن کي ائين چئي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هئين ته، ”تون رکي ڇڏ، مون انهيءَ کي جام استعمال ڪري ورتو آهي“.... ”لا ابالي“، ”بي پرواهه“ جا لقب به هتي ”علامه“، ”شمس العماءَ“، ”دانشور“ جي لقب جيان ورهايا ويا آهن. حليم! تنهنجي لا اُبالائي ۽ بي پرواهي ڪنهن ڏٺي هئي!؟... ان ڏينهن تو بي پرواهي ۾ مون کي چيو ته، ”مون کي مسواڙ جو گهر وٺي ڏي قاسم آباد ۾، آئون هي گهر انهن کي ڏيڻ چاهيان ٿو، جيڪي هن گهر تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا... آئون ته هن گهر ۾ ڪافي رهي چڪو آهيان.... هاڻ ڀلي ٻيا اچي رهن“. ماڻهن کي نه تنهنجي کهرائي جو، نه تنهنجي گهرائي جو، نه ئي تنهنجي معصوميت جو پتو پئجي سگهيو، ان ڪري ته سڄي ڄمار سنگباري سهندو رهئين. هلو! هاڻي ته پٿر بازي ٿي ختم. ”ٿم گيا شورِ جنون، ختم هوئي بارش سنگ“. توکي هميشه ڊپ رهندو هو ته جيڪو تنهنجي ويجهو ايندو، سو اڪيلو ٿي ويندو.تڏهن ئي ته تو مون کي چيو هو ان ڏينهن ته، ”رومن اسڪرپٽ جي حق ۾ لکي تو ڇا ڪيو آهي؟ پنهنجي لاءِ دشمنيون وڌايون اٿئي، هاڻي توکي هي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا“. تون پنهنجي ويسٽرن ويزن ۽ اسٽائيل ۾ هونئن ئي الڳ هئين. تون پنهنجي مطالعي ۾ به پنهنجي مزاج جيان منفرد ۽ الڳ هئين. تنهنجي اڪيلائي تنهنجو پيڇو ڪندي آئي ۽ ڀري تري شهر، ادبي حلقن کان وٺي گهر تائين، صبح کان شام، ڏينهن کان رات تائين اڪيلائيون، تون جسماني طور ڪمزور ۽ باقي ميڊم!! خالي خالي گهر..... تنهنجي انهن اڪيلائين جو سبب ڪهڙو هو؟ فقط سچ ڳالهائڻ ۽ اڳ ۾، ايڊوانس ۾ ڳالهائي ڇڏڻ، جنهن کي سمجهڻ لاءِ روايتي نصابي ذهن تيار نه هئا. ان ڪري تنهنجون ڳالهيون دل ۾ تسليم ڪندي پرائيوٽ ڪچهرين ۾ مڃيندي به انهن ڳالهين جا انڪاري هئا. تنهنجون سچيون ڳالهيون ماڻهن کي منهن نه پيون... پر مون کي پڪ آهي ته علم جي ابن کي تنهنجون ڳالهيون هڪ ڏينهن پبلڪ ۾ تسليم ڪرڻيون پونديون. حليم! تون ويندي ويندي، سنڌ جي الائي ڪيترن نوجوانن کي پنهنجي لکڻين جي ان جادو ۾ ڦاسائي وئين، جيڪي لکڻيون جملي جملي ۾ هٿوڙا کڻي انهن ذهنن جي زنگيل سانداڻ لڳنديون هيون، ۽ ذهن جا سانداڻ زنگ، ڪٽ مان نڪري چمڪڻ لڳندا هئا. ڪالهه ئي هڪ نوجوان جي آيل اي ميل پئي پڙهيم، لکيائين ته؛ ”حليم! مون کي ابتو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي“. حليم ڇا اها تنهنجي مڃتا ناهي!؟ ۽ اهڙا هزارين نوجوان آهن، جيڪي تو تائين سڌو پهچي نه سگهيا پر اهي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان توسان گڏ هئا ۽ ايندڙ وقت ۾ به هو تنهنجون لکڻيون کڻي تنهنجي ئي ڳالهه جي تسلسل ۾ دليل ڏيندا. تو مونکي پنهنجي آخري ڪال تي چيو هو ته؛ ”حيدرآباد اچين ته مون سان ضرور ملجان“، آئون توسان حيدرآباد ۾ هوندي به ڪونه ملي سگهيس. مون کي ڪهڙي خبر ته توکي ايتري تڪڙ هئي.... تو ته ڪڏهن ڪچهري ۾ مون سان موت جو ذڪر ئي نه ڪيو...... سدائين، سنڌي ماڻهن کي انگريزي سکڻ گهرجي، رومن لپي تي وڃڻ گهرجي، سنڌي ادب ۾ ادب جي نالي ۾ پيل ڪچرو ضايع ٿيڻ گهرجي، فلاڻن فلاڻن، سنڌ جي هنن شاهڪار ڪتابن جو ٻيڙو ڇو ٻوڙيو آهي؟ جهڙيون ڳالهيون ڪندو هئين. تو ته پنهنجي ڏاهپ ڀري ”چريائي“ سان پنهنجي لکڻين ۾ نالا کڻي نشاندهي ڪئي ته هنن هنن ماڻهن ادب ۾ ادب جي نالي ۾ هيئن ڪيو آهي، هونئن ڪيو آهي، جنهن جو حق هنن کي نه هو... نه ته پاڻ وٽ نالا نه کڻي ڪک رکڻ جي پراڻي ادبي ۽ سماجي روايت آهي. حليم تون زندگي ۾ به ڪنهن جي ڪونه ٻڌندو هئين، هاڻ به ڀلي نه ٻڌ!! پر توکي ٻڌايان ٿو... تون سنڌ جو واقعي اهو جينئس هئين، جنهن کان اڌا گابرا پڙهيل ”قلمي ڪاٽڪو“ لهرائيندا هئا. جن وٽ تنهنجي ڳالهين کي رد ڪرڻ لاءِ ڪو دليل نه هو، نه ئي تنهنجي اخباري صفحن تي رجسٽر ٿيل دليلن کي هو ايندڙ عرصي ۾ رد ڪري سگهن ٿا، بلڪه هنن کي ته ايندڙ نسل خود رد ڪندو، ۽ توکي اهو نسل پنهنجائپ بخشيندو. حليم! تو جنهن سنڌي ادب ۾ مزاق ۽ مسخري کي ڦٽو ڪري، ”مزاح“ جي صنف ڏني ۽ اهو به انٽيليڪچوئل مزاح، ماڻهن کي الائي خبر آهي يا نه! تون نقشا گرافي به ڪندو هئين، شايد تنهنجي هٿن سان ٺهيل قديم سنڌ جا ڪجهه نقشا شايد مون وٽ اڃان به محفوظ هجن. تون به ايم ايڇ پنهور جيان واقعي شروعات کان انگريزي ۾ لکين ها ته ڪافي ماڻهن جي سنگ باري کان بچي وڃين ها... پر تو جهڙي معصوم ماڻهو کي ان جو احساس به آخري ڀيرو ٿيو، پر خير!! ٿي سگهي ٿو ته تنهنجون لکڻيون دير اوير ڪير نه ڪير انگريزي ۾ ترجمو ڪري... تون سدائين چوندو هئين ته سٺي لکڻي کي ڪنهن اسڪرپٽ جي ضرورت نه هوندي آهي، اها پنهنجي قوت سان اسڪرپٽ کان جمپ ڏئي، ٻولي کان ٻاهر نڪري، ٻي هنڌ شفٽ ٿي سگهي ٿي. تنهنجون لکڻيون به اها قوت رکنديون هيون، اڄ به تنهنجي پڄاڻان انهن ۾ اها ئي قوت آهي، ۽ سڀاڻي ضرور اهي ڪنهن ٻي زبان ۾ هونديون. عجيب ماڻهو حليم!! توکي زندگي ۾ ڪڏهن به اها تمنا نه رهي ته ڪير توتي لکي، ڪير توکي مڃتا ڏي، ڪير ايوارڊ ڏي، ڪير ادبي پڳون پارائي. بي پرواهه حليم! تڏهن ئي ته تو پنهنجي موت تي اڳ ۾ ئي لکي ڇڏيو هو. جڏهن تو پنهنجي ئي موت تي اڳواٽ لکي ڇڏيو هو ته پوءِ آئون تنهنجي موت تي ڪيئن ٿو لکي سگهان... ان ڪري حليم! هي جيڪو به لکيو اٿم، سو تنهنجي حياتي جي ٻي فيز تي لکيو اٿم. ٻڌين ٿو حليم!! يار تون ڇا ٻڌندين، تون ته نه هن زندگي ۾ ڪنهن جي ٻڌندو هئين، ته زندگي جي هن فيز ۾ منهنجي ڇا ٻڌندين....خوش رهو يار حليم!
جواب: هڪ وڏو مزاحيه ڪردار ( حليم بروهي ) حليم بروهي جو وڇوڙو! سنڌ جو يگانو مفڪر، مزاح نگار، شاعر، ماهر لسانيات، ناول نويس ۽ خوددار شخص حليم بروهي ڪالهه حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. حليم سنڌ ۾ ظنز ۽ مزاج جي اقليم جو اڪيلو بادشاهه هو. حليم بروهيءَ جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ سوڳوار اهي. حليم بروهي جو وڇوڙو سنڌي ادب جو ته تمام وڏو نقصان آهي ئي، پر حليم جي وڇوڙي سان سنڌ هڪ خوددار ۽ بيباڪ شخص کان به محروم ٿي ويئي آهي. سنڌ جي ليکڪن ۾ حليم بروهي ئي واحد ليکڪ هو، جنهن جي لکڻ جو تسلسل برقرار رهيو. هو مني صديءَ جي عمر جي آخري ڏهاڙن تائين به لکندو رهيو. حليم بروهي وٽ ڪوبه ”ماسڪ“ نه هو، هو اهڙو ئي هو، جهڙو نظر ايندو هو. سندس وڏي ۾ وڏي خوبي سندس خودداري هئي. هن دور ۾ ڪنهن اديب ۽ شاعر کي مٿي ۾ به سور پئجي وڃي ته ان جي سرڪاري خرچ تي علاج لاءِ اپيلون ڪيون وينديون آهن، پر حليم بروهيءَ جي زندگيءَ جو پويون حصو توڙي جو بيماريءَ ۾ گذريو، پر ”شال نه وڃي شان“ جي قائل حليم بروهيءَ ڪنهن جي به محتاجي نه ڪڍي. ڪيترائي قلمڪار پنهنجي لفظن جي حرمت وڪڻڻ لاءِ ”براءِ فروخت“ جي تختي کڻي وچ ”بازار“ ۾ بيٺل نظر ايندا، پر حليم بروهي آخر تائين ڪمپرومائيز نه ڪيو، نه ئي وٽس ڪا اهڙي تختي هئي. حليم بروهي منهن تي سچ چئي ڏيندڙ، بيباڪ شخص هو. حليم بروهي کي ڏکن سان گڏ خوش رهڻ ايندو هو، ايترو ته بلند حوصلو هئس جو پنهنجي ڏکن تي ٽهڪ ڏيندو هو. حليم بروهي صرف مزاح نگار ئي نه پر هڪ لساني ماهر پڻ هو. هن سنڌي ٻوليءَ جي رومن انگلش اسڪرپٽ تيار ڪئي هئي ۽ سندس دليل اهو هو ته جيڪڏهن سنڌي زبان لاءِ رومن انگلش رسم الخط اختيار ڪئي وڃي ته سنڌي ٻوليءَ جي وجود کي درپيش خطرا ختم ٿي ويندا، پر اهو ٻوليءَ سان محبت گهٽ پر حليم بروهي سان بغض ايترو رهيو جو سنڌ جي ”اهل علم“ توڙي، لساني ماهرن جو، ان اسڪرپٽ کي اختيار ڪرڻ ته پري جي ڳاهه، ان اسڪرپٽ تي بحث مباحثي جا دروازا ئي بند ڪري ڇڏيا. اهو بحث مباحثو ٿيڻ گهرجي ها، پر اسان جا عالم اڪابر حليم بروهيءَ جي دليلن کان ايترو ته خوفزده هئا، جو انهن ان معاملي تي بحث کي مناسب ئي نه سمجهيو. حليم بروهيءَ جي وڇوڙي تي اسان ڏک جو اظهار ٿا ڪريون. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حليم بروهيءَ جي تحريرن کي گڏ ڪري ڇپرايو وڃي، ته جيئن سندس ڇڙ وڇڙ تحريرون يڪجا ٿي محفوظ ٿي سگهن.
جواب: هڪ وڏو مزاحيه ڪردار ( حليم بروهي ) حليم لاءِ ڇا لکجي....۔۔۔۔۔۔۔.؟ ( عمر قاضي ) موت مسئلو ناهي، مسئلو حياتي آ“ منهنجو ويساهه سدائين ان مٿين سٽ تي رهيو آهي. پر پوءِ به جڏهن مون کي هن جي موت جي خبر منهنجي موبائل فون جي اسڪرين تي هڪ ”ايس ايم ايس“ جي صورت ۾ اڀري ته موبائل فون جو ننڍڙي اسڪرين تي هن جي تصوير اڀري آئي. هو جنهن کي مون اڪثر غصي ۾ ڏٺو هو. هن جو اهو غصو، هن جي اها ڪاوڙ هن جي لکڻين مان پڌري هئي. هن جي ان انداز کي ڏسي مون کي اڪثر اهو شعر ياد ايندو هو ته: ”هڪڙي شاعر جو وطن هن جون اکيون هو سڪيءَ تي سمنڊ جهڙي سار ٿي هن کي اچي! هو لکي ٿو لفظ ڪيڏي خار ٿي هن کي اچي!“ هن کي واقعي خار ايندي هئي. هن جو سنهڙو سڪڙو وجود ڪاوڙ ۾ ڪنهن چهبڪ وانگر وڪڙ کائيندو هو. هو اياز جي ان شعر جو عڪس هوندو هو ته: ”توکي ڪجهه آکڻ جي چاهيان شبدڪوش ۾ لفظ نه آهن ڪچيون گاريون آهن.“ پر هو جيڪو حفيظ قريشيءَ وانگر ڪچيون نه پر پڪيون گاريون ڏيندو هو. تنهن جي موت جي خبر پڙهي، مان موبائل فون کي تڪيندو رهيس ۽ ان جي اسڪرين تي هن جو مسڪرائيندڙ چهرو اڀري آيو. هن جي چهري تي هڪ معصوم مرڪ هئي. بلڪل اهڙي جهڙي ننڍڙن ٻارن جي مک مٿان هوندي آهي. ۽ مون کي ياد اچڻ لڳي هن سان اها آخري ملاقات! هو حيدرآباد ۾ روڊ تي بيٺي مون کي ٻڌائڻ لڳو ان مغربي اديب جي باري ۾ جنهن هڪ مالهيءَ کي صوف جي سڪل وڻ ۾ لوهه جون ٽي ڪليون ٺوڪيندي ڏٺو. ان اديب مالهيءَ کان پڇيو ته ”هي ڇا پيو ڪرين؟ هي وڻ ته سڪي سڙي ختم ٿي ويو آهي.“ مالهيءَ اديب کي جواب ڏيندي چيو ته ”هي وڻ مري نه ويو آهي. هي وڻ گهري ننڊ ۾ هليو ويو آهي. مان هي ڪليون هڻي هن کا جاڳائي رهيو آهيان.“ ان اديب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته ”مون کي اهو مالهي ديوانو لڳو. پر جڏهن مان ڪجهه وقت کان پوءِ ان باغ وٽان گذريس ته مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته اهو وڻ جيڪو سڙي ختم ٿي چڪو هو. تنهن ۾ نوان گونچ ڦٽا هئا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ مون ان ۾ گل ٽڙيل ڏٺا ۽ پوءِ ان ۾ ڦل به لڳا!“ اهو اديب مالهيءَ ۽ صوف جي سڪل وڻ مان ايترو ته انسپائر ٿيو جو هو جيڪو عمر جي آخري حصي ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ جي تياري ڪري رهيو هو، تنهن پاڻ کي صوف جو سڪل وڻ سمجهي پاڻ کي ذهني طور تي تيار ڪيو ۽ ان وقعي کان پوءِ هن سڄا سارا ٽي ناول لکيا. هن اهو به لکيو ته اهي ٽي ناول مون پنهنجي دل ۾ ٽن ڪلين وانگر کوڙيا آهن.“ اها ڳالهه ٻڌائيندي ۽ روايتي سنڌي اديبن کي هڪ عدد پڪي گار ڏيندي حليم مون کي چيو هو ته ”هنن کي ڏس! هنن مان اڪثريت جي واتن ۾ عاج جي ٻٽيهي آهي. ان مان ته اهو ٿو ٿابت ٿئي ته انهن کي ٽي نه پر ٻٽيهه ڪليون لڳيون آهن پر پوءِ به انهن ۾ ڪوئي پن سائو نه ٿيو آهي.“ هن جي اها ڳالهه ٻڌي مون کي شيخ اياز جو جملو ياد آيو هو ته ”ڇا پلاسٽڪ جي ٻٽيهيءَ ۾ عقل جي هوڙ هوندي آهي؟“ ۽ اڄ جڏهن مان حليم بروهيءَ جي باري ۾ لکي رهيو آهيان ته مون کي هن جي مٿين ڳالهه به ياد آئي آهي ۽ مون کي اهو به محسوس ٿيو آهي ته ”هو ماڻهوءَ جي روپ ۾ صوف جو اهو وڻ هو، جنهن جا پن آخر تائين ساوا رهيا ۽ جيڪو آخر تائين ڦل ڏيندو رهيو.“ حليم بروهيءَ جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو. پر ڇا لکجي؟ هن پاڻ ايترو گهڻو لکيو ۽ جيترو به لکيو، شاندار لکيو. هن جي لکڻين جي وڏي خوبي اها هئي ته هن هڪ وقت ڪيترن ئي موضوعن تي مختلف انداز سان لکيو. اڃان پنهنجي گذريل ڪالم ۾ مون حليم بروهيءَ کي ياد ٿي ڪيو. جڏهن عورتن جي حوالي سان لکندي مون کي حليم بروهي ياد آيو هو ته مون هن جي باري ۾ اهي لفظ لکيا هئا ته ” سنڌي ٻوليءَ جي ذهين ۽ مزاحيه ليکڪ حليم بروهيءَ لکيو آهي ته ”زال مڙس جو رشتو دنيا جو غيرت کان بلند رشتو آهي. هو جنهن وقت هڪ ٻئي سان وڙهندا آهن، ان ئي وقت جيڪڏهن مهمان اچي وڃن ته هو هڪ ٻئي سان ائين کير کنڊ نظر ايندا آهن، ڄڻ ته انهن جي وچ ۾ ڪجهه ٿي ئي نه رهيو هو!!“ اهڙيون ڳالهيون صرف حليم ئي لکي سگهندو هو. هو حقيقت کي اهڙي ته سڌي ۽ سولي انداز سان پيش ڪندو جو ماڻهوءَ جي چهري تي مڃتا جي مرڪ اچي ويندي هئي. اڄ اسلام آباد ۾ جڏهن مان نيٽ تي سنڌي اخبارون پڙهي رهيو آهيان ته ان ۾ حليم جي موت جي خبر ۾ اديبن جي شرڪت جي حوالي سان لفظ پڙهي مون کي حليم جي اها ڳالهه شدت سان ياد اچي رهي آهي، جيڪا هو سنڌي اديبن جي منافقانه مزاج جي باري ۾ چوندو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حليم سنڌي ٻوليءَ جو تمام وڏو اديب هو پر روايتي اديب نه هجڻ سبب هن کي سنڌ ادبي لڏي وٽان ڪڏهن به موٽ نه ملي. هن کي ان ڳالهه جي ڪا پرواهه به نه هئي. پر ان جي باوجود هن جي ڪاوڙ ۽ غصي ۾ هڪ شڪايت ضرور هئي. اهڙي شڪايت، جنهن کي شڪايت ته نه پر ميار يا ان جهڙي ڪنهن معصوم ڪيفيت ۾ ڪنهن ٻي لفظ سان ياد ايندڙ ڳالهه چئي سگهجي ٿو. اهڙي ڳالهه جهڙي ڳالهه اياز سنڌي اديبن جي رويي جي حوالي سان هن هائيڪوءَ ۾ ڪئي هئي ته: ”هي جي پڙ پائن ڀلا ڪنهن کي جيئري ڇاتيءَ سان لائن؟“ سنڌي ادب جي نام نهاد سردارن ڪڏهن حليم کي ڇاتيءَ سان نه لاتو ۽ ڪڏهن هن کي پنهنجي ٻوليءَ جو بي تاج بادشاهه اديب ڪري نه مڃيو. ڇو ته هن جي مزاج ۾ منافقت لاءِ ڪا گنجائش نه هئي ۽ سنڌي اديبن جي سٿ ۾ ويهڻ لاءِ منافقت لازمي هوندي آهي. ان ڪري هو سڄي حياتي اڪيلو رهيو. هن کي ڪڏهن به ادبي تقريبن ۾ نه ڏٺو ويو. هن ڪڏهن به ڪنهن ادبي عهدي لاءِ ڪوشش نه ڪئي. هن ڪڏهن به پنهنجو ادبي گروهه نه ٺاهيو. هو بنيادي طور تي هڪ باغي اديب هو. ان ڪري اڪيلو رهيو. انسان هن دنيا ۾ اڪيلو آيو آهي ۽ اڪيلو وڃي ٿو. پر هن کي اڪيلائيءَ کان خوف ٿئي ٿو، ان ڪري هو پنهنجو الڳ حلقو ٺاهي ٿو. حليم ۾ اهڙو ڪو خوف نه هو. ان ڪري هن اڪيلائيءَ کي پنهنجي تقدير سمجهي قبول ڪيو ۽ هڪ فقير وانگر ان تي هلندو رهيو. هن جي حياتيءَ ۾ هن کي اها مڃتا نه ملي، جيڪا هن جو حق هئي پر هاڻي هن مٿان مضمون لکيا پيا وڃن ۽ هن تي ڪالمن جي ڀرمار ٿيندي. ممڪن آهي ته هن جي ياد ۾ ڪي ادبي ميڙاڪا به منعقد ٿين ۽ انهن ۾ اهي ماڻهو معتبر ٿي ويهن، جن جو نالو ٻڌي به حليم جي تن، من ۽ بدن کي غصي جي باهه وڪوڙي ويندي هئي. حليم تمام گهڻو ذهين ليکڪ هو. هو اهڙو اديب هو، جيڪي پنهنجي آئيندي کي اڳواٽ ڏسي سگهندا آهن. هن کي به اياز وانگر معلوم هو ته هن جا مخالف هن جي موت جا منتظر آهن ته جيئن حليم بروهي ماٺ ٿئي ته هو هن جي ساراهه ۾ لفظن جون الٽيون ڪرڻ شروع ٿي وڃن. اياز اهڙي رويي جي باري ۾ لکيو آهي. مان آخر ۾ حليم جي حوالي سان اياز جي ان اردو نظم کي اتاري رهيو آهيان ته: ”آج ڪيون پهول لاني لگي اور عقيدت ڪي شمعين جلاني لگي ميري برسي مناني لگي! جائو جي جائو جي! اپني بيوي ڪي رانون پي هاٿون ڪو گرمائو جي اس ڪا سينا نگاهون سي برمائو جي اب اشاعت گهرون مين ڪتابين ميري ڪوئي ڇاپي تو ڪيا راکهه پي هاٿ تاپي تو ڪيا مجهه ڪو پيمانا ئي وقت ناپي تو ڪيا خاڪ سي لو لگائي تو ڪيا ميري بسري هوئي گيت گائي تو ڪيا پهول لائي تو ڪيا اب تو آدهي صدي هوگئي هڊيون ڪو ٺٺرتي هوئي قبر پر گائون ڪي چاندني ڪو نکهرتي هوئي اواس ڪي آنسوئون ڪو بکهرتي هوئي! اب مجهي انتظارِ شناسِ سخن هي نهين پاسِ فن هي نهين ڪوئي اپني لئي حسنِ ظن هي نهين“ ”هن کان وڌيڪ حليم لاءِ ڇا لکجي؟“ مان سوچي رهيو آهيان!!!!!
جواب: هڪ وڏو مزاحيه ڪردار ( حليم بروهي ) ادا ممتاز! هميشه جيئان اوهان اڄ مرحوم حليم بروهي تي سنڌ جي مڙوئي اديبن جا ليک گڏ ڪري اسان سان ونڊ ڪري ڄڻ ته حليم بروهي جي شخصيت تي مواد مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، جيئن ته حليم بروهي جي سنڌي ادب ۾ جيڪا حيثيت آهي تنهن تي شايد اڃان گهڻو ڪجهه لکڻ لئه موجود آهي ۽ لکبو رهبو پر هنن سڀني ليکن مان مرحوم مانواري حيلم بروهي جي شخصيت واضح ٿي وڃي ٿو ۔۔۔ آ مرڻو هر هڪ ماڻهون کي پر ائين نه مرنداسين ساٿي ۔۔۔ ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسون ڪا آگ لڳائي وينداسون ۔۔۔ مٿين سٽن جيائن حليم بروهي به سنڌي ادب ۾ پنهنجي طنز و مزاح سان ڪئي ڀنڀٽ ٻاري ويو آهي ۔۔۔ رب العالمين سندس مغفرت فرمائي جنت الفردوس ۾ مقام عطا ڪري ۔۔۔ آمين
جواب: هڪ وڏو مزاحيه ڪردار ( حليم بروهي ) حليم بروهي جي ڳاله ٻولهه جو انداز http://www.youtube.com/watch?v=SEUwOVr5GgA
جواب: هڪ وڏو مزاحيه ڪردار ( حليم بروهي ) حليم بروهي: سنڌ جو البيلو ۽ انوکو ڪردار مرتضيٰ سيال نيٺ حليم بروهي پنهنجو وارو وڄائي هليو ويو ۽ سنڌي ادب ۾ مزاح نگاريءَ جو باب بند ٿي ويو. حليم منفرد شخصيت جو مالڪ هو، جهڙي طرح هـُـن جي لکڻ جو انداز نرالو هو، اهڙي طرح سندس سوچڻ، سمجهڻ ۽ زندگي گذارڻ جو به انوکو انداز رهيو، رک رکاءُ، منافقت ۽ ڪوڙ بجاءِ هـُـن کي جيڪو من ۾ هوندو هو اهو چئي ڏيندو هو. کيس نه ڪڏهن نتيجن جي پرواهه رهي ۽ نه ئي اهو خيال رهيو ته ماڻهو هن لاءِ ڪهڙي راءِ رکن ٿا. ٻين کي ته منهن تي چئي ڏيندو هو پر هو اهڙي طبيعت جو مالڪ هو جو پاڻ کي به نه بخشيندو هو. پنهنجن غلطين جو اعتراف به کليل دل سان ڪندو هو. جيتوڻيڪ سندس لفظ ڏاڍا کهرا ۽ سخت هوندا هئا پر انهن ۾ ڪنهن به قسم جي بدنيتي نظر نه ايندي هـُـئي. وقت ۽ حالتون ڪهڙيون به ڇو نه هـُـجن پر حليم جي روين ۽ طريقه ڪار ۾ ڪڏهن به ڪا تبديلي نه آئي. ڪافي وقت هو سنڌ يونيورسٽي ۾ ملازمت ڪندو رهيو، مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيائين پر هر جاءِ تي سندس اسٽائل بلڪل ساڳيو رهيو. سندس اسٽائل ۽ رويي نوڪري دؤران هـُـن لاءِ ڪافي مسئلا به پيدا ڪيا پر هن ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻ ۽ هيٺاهين اختيار ڪرڻ بجاءِ هر ڳالهه جو نهايت بي ڊپائيءَ سان مقابلو ڪيو. مون کي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. 1993ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿي آيو ته حليم بروهي کي واپس آندو ويو ۽ سنڌ يونيورسٽي انفارميشن سروسز ۾ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، انهن ڏينهن ۾ آئون پبلڪ رليشن آفيسر هيس ۽ اسان يونيورسٽي نيوز ليٽر گڏ ڪڍندا هئاسين. اُن کان اڳ عبرت مئگزين ۾ به ڪجهه وقت گڏ ڪم ڪيوسين، انهن ڏينهن جو هڪ واقعو مون کان ڪڏهن به ناهي وسريو. حليم بروهي کي غفور ڪريمي عبرت مئگزين ۾ وٺي آيو، تن ڏينهن ۾ عبرت جي هڪ آفيس گلستان سجاد ۾ به هوندي هئي، جتي سڀئي مئگزين ۽ اخبار جا اندريان پيج تيار ٿيندا هئا اُن آفيس جو انچارج غفور ڪريمي هوندو هو، آئون عبرت مئگزين جو انچارج هوندو هـُـيس. اتي منهنجي هڪ “مهربان” دوست حليم بروهي کي منهنجي خلاف الائي ڇا ڇا چيو جنهن تي حليم بروهي مون سان اٽڪي پيو، آءٌ کيس ڪو به جواب ڏيڻ بجاءِ چپ چاپ رزائن ڪري هليو آيس، حليم کي ٽن ڏينهن کانپوءِ خبر پئي ته کيس ڏاڍو افسوس ٿيو، مون کي واپس گهرائڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي پر آئون واپس نه ويس. جڏهن وري حليم کي سنڌ يونيورسٽي ۾ واپس گهرايو ويو ته هو منهنجي آفيس اچي غلط فهمي جي بنياد تي ٿيل بدمزگيءَ لاءِ معذرت ڪيائين. جنهن کانپوءِ حليم اهڙو ئي حليم بڻجي ويو جهڙو شروع کان هيو. ڪافي معاملن تي اسان جا زبردست بحث به ٿيا، ڪن معاملن تي اختلاف راءِ جي باوجود اسان جون ڪافي رهاڻيون رهيون. ٽي چار مهينا اڳ اوچتو هڪ ڏينهن حليم سنڌ يونيورسٽي پريس اچي پهتو اچڻ سان چيائين "ٌيار پير نظام جو ٻـُـڌي ڏاڍو ڏک ٿيو" مون پڇيومانس "ڇا ٿيو، پير نظام ڇا ڪيو؟” چيائين “پير نظام گذاري ويو” مون کان ٽهڪ نڪري ويو، سڄي ڳالهه سمجهي ويس، کيس ويهاري چيم "پير نظام صحيح سلامت آهي کيس گهرايان ٿو" ۽ پوءِ ڪجهه ئي گهڙين ۾ پير نظام حليم جي سامهون آيو ته حليم جي چهري تي اطمينان ڦهلجي ويو ۽ وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين "ماڻهو ڏاڍا حرامي آهن." اُن ڏينهن حليم ڪافي دير مون سان ويٺو رهيو ۽ اسان جي ڪافي وقت کانپوءِ تفصيلي ڪچهري ٿي. جڏهن مون کيس سندس زندگي ۽ ڪم جي حوالي سان تفصيلي انٽرويو ڏيڻ جي فرمائش ڪئي ته هڪدم چيائين “مون ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن، مون ته ڪجهه به نه ڪيو آهي، رڳو گند ڪيو اٿم پر پوءِ به چاهين ته ڀلي انٽرويو وٺ مون کي ڪو اعتراض ڪونهي.” اُن وقت مون حليم جون ڪافي تصويرون به ڪڍيون پر اها منهنجي نالائقي آهي جو انٽرويو ڪري نه سگهيس ۽ حليم هميشه لاءِ اسان سڀني کان موڪلائڻ بنا هليو ويو. حليم بروهي نهايت سچو ۽ کرو انسان هو، هو ڪڏهن به اُن خوش فهميءَ جو شڪار نه ٿيو ته هو ڪو وڏو اديب يا دانشور آهي، ڪير ساڻس اهڙي ڳالهه ڪندو هو ته هو اهڙي موٽ ڏيندو هو جو ٻيهر اُهو اهڙي ڳالهه نه ڪري سگهندو هو. هـُـن کي روايتي سستي جي شڪار ۽ مقابلي کان پري رهندڙ سنڌين تي ڏاڍي ڪاوڙ هوندي هئي، هو ورائي ورائي اها ڳالهه ڪندو هو ته "اجاين خوش فهمين ۾ رهڻ بجاءِ اسان کي وقت جي چئلينجن مطابق تياري ڪرڻ گهرجي ۽ عملي ڪم ڪرڻ گهرجي.” کيس عالم سڏائيندڙ بي عمل ماڻهن تي ڏاڍي خار هوندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ته هو ڏاڍو جذباتي ٿي ويندو هو ۽ گهڻو ڪجهه ڳالهائي ويندو هو، سندس ڳالهيون تلخ هوندي به خراب نه لڳنديون هيون ڇا لاءِ ته اهي حقيقتن جي بلڪل ويجهيون هونديون هيون. مزاح نگاري جي حوالي سان حليم بروهي جو تمام وڏو ڪم آهي. سنڌي ۾ صرف ٻه مزاح نگار پيدا ٿيا ۽ عجيب اتفاق اهو آهي ته ٻئي بروهي. هڪ علي احمد بروهي ٻيو حليم بروهي. حليم بروهي ٻارهن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا جن مان “اوڙاهه"، "ڇڙواڳ"، "حليم شو"، ۽ "هٽلر جي ڪهاڻي" ڪافي مشهور ٿيا. ڪتابن کانسواءِ هن اخبار ۾ به ڪافي ڪالم لکيا جن کي پڙهندڙن طرفان تمام گهڻي موٽ به ملي، سندس مرتئي کانپوءِ خبر پئي ته هو "دي سائوٿ ايشين ٽراما" نالي هڪ ناول به لکي رهيو هو پر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو. حليم پاڻ کي نه اديب سڏائيندو هو نه ڏاهو يا دانشور پر حقيقت ۾ هو سنڌي ٻولي جو اهڙو يگانو ۽ انوکو ڪردار هو جنهن جي وڃڻ سان سنڌي ادب ۾ مزاح نگاري جو باب بند ٿي چڪو آهي. حليم جو خال ڪو به ڀري نه ٿو سگهي، سندس مزاح نگاري ۾ به ڪمال جي سنجيدگي شامل هوندي هئي. مزاح لکندي به هو مقصديت کان پري نه ٿيو، مزاح مزاح ۾ وڏو مئسيج ڏيڻ هـُـن جو ڪمال هو. آخري ڏينهن ۾ جيڪي دوست حليم سان مليا انهن کي چوندو رهيو ته “منهنجي وڃڻ کانپوءِ ڪا به تعزيتي گڏجاڻي يا پروگرام نه ڪجو، مون اهڙو ڪجهه به نه ڪيو آهي جنهن تي فخر ڪري سگهجي.” اها سندس نيت جي سچائي هئي جو پنهنجي ڪم کي اهميت نه پئي ڏنائين، حقيقت ۾ هو سنڌ سان پيار ڪندڙ اهڙو شخص هو جيڪو چاهي پيو ته سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ تمام گهڻو ۽ وڏو ڪم ٿيڻ گهرجي تنهن ڪري ئي پنهنجي ڪم کي "ڪجهه به نه" واري خاني ۾ رکندو آيو، نه ته اسان وٽ لاتعداد ڪردار اهڙا به آهن جن واقعي ڪجهه به ناهي ڪيو پر باوجود اُن جي ناقدري جون رڙيون به ڪندا رهن ٿا ۽ سنڌي سماج تي احسان به جتائيندا رهن ٿا، ڪجهه نه ڪرڻ جي بنياد تي وڏي مان مرتبي کانسواءِ گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ جون خواهشون به رکن ٿا. حليم اهڙو حليم ۽ فقير ماڻهو هو، جنهن ڪڏهن به اهڙي ڪا خواهش نه ڪئي، ڪا به لالچ کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي نه سگهي، هو اجائي مان مرتبي، ڪوڙين دعوائن، لقبن، ايوارڊن ۽ مڃتائن کان الاهي مٿانهون هو. حليم بروهي سان اختلاف رکندڙ ماڻهو به اها ڳالهه مڃيندا ته هو جهڙو ٻاهران هو اهڙو ئي اندر جو صاف ۽ سڌو ماڻهو هو. هڪ انسان هئڻ جي ناتي لاتعداد خامين جي باوجود هو منافقت کان پري هو. زندگيءَ جي آخري حصي ۾ سندس لکڻ جي رفتار گهٽجي وئي هئي پر بيمارين ۽ اڪيلاين جي باوجود هن آخر تائين لکڻ نه ڇڏيو. حليم بروهي هڪ ڪمزور انسان هئڻ جي باوجود زندگي ۽ سماج سان ڪڏهن به ڪا شڪايت نه ڪئي، تڪليفن ۽ بيمارين جي باوجود هو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو. حليم بروهي جهڙا ماڻهو پنهنجي وطن ۽ سماج لاءِ بجا طور قابل فخر هوندا آهن، هو پنهنجي وطن، سماج ۽ ماڻهن کي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ چاهيندا آهن، ڏيتي ليتي واري جهان ۾ رهي ڪري به ڏيڻ جي جذبي سان پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪم ڪندا آهن. حليم بروهي ڪنهن مان ڪا به اُميد رکڻ بنا پنهنجو ڪم ڪندو رهيو. هن پنهنجي لاءِ ڪڏهن به ڪجهه به نه گهريو، ڏکين حالتن جي باوجود هـُـن خود داري ۽ ايمانداري واري زندگي گذاري. حليم سنڌي ادب ۽ سنڌ جو هڪ انتهائي البيلو ۽ انوکو ڪردار هو جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.
جواب: هڪ وڏو مزاحيه ڪردار ( حليم بروهي ) حليم بروهيءَ جي مزاحيه شاعري منهنجا همدرد منهنجا دوست توکي خبر آهي ته مان ريحانه سان پيار ڪندو هوس، ۽ تنهنڪري تون منهنجي اکين ۾ پاڻي ڏسي، ۽ منهنجي چهري جو هيڊو رنگ ڏسي، محسوس ٿو ڪرين ۽ سمجهي ٿو سگهين ته مان اڄ تائين ريحانه جي ياد ۾ پنهنجو اندر جلائيندو رهيو آهيان پر اي منهنجا دوست اڄ ريحانه جو ذڪر نه ڪر اي منهنجا همدرد اڄ ريحانه جو ذڪر نه ڪر ڇو ته اڄ منهنجي لڙڪن جو سبب ۽ منهنجي چهري جي هيڊي رنگ جو سبب پيرن ۾ پاتل بوٽ آهي جيڪو منهنجي پير کان شايد هڪ نمبر ننڍو آهي. کڙڪو در تي کڙڪو ٿيو! ڪير هوندو؟ جي رفعت هجي ته چئجانس ته مان اهو نه آهيان جنهن وچن ڏنو هوس ته قيامت ڏينهن به الڳ نه ٿينداسين. جي نگهت هجي ته چئجانس ته مان اهو نه رهيس جنهن چانڊوڪيءَ راتين ۾، سندس جلوي جي تشبيهه، چانڊوڪي سان ڪئي هئي. جي زرينه هجي ته چئجانس زماني جي سازشن ڪري پاڻ کي الڳ ٿيڻو پيو. جي بلقيس هجي چئجانس ته ان ماضي کي وساري ڇڏي جنهن جي يادگيرين منهنجي اندر ۾ وڏا گهاءَ ڪيا. پر ترس! ڏسجانءِ! جي ڪو قرضي هجي ته چئجانس ته مان گهر ۾ ناهيان. بند ڪمري ۾ مران ٿي مران ٿي دريون کول پيارا دريون کول پيارا هوا کي اچڻ ڏي لڳي جي ٿو طوفان طوفان اچڻ ڏي ڏسي جي جهان ٿو جهان کي ڏسڻ ڏي مران ٿي مران ٿي دريون کول پيارا دريون کول پيارا هوا کي اچڻ ڏي ڀتيون ڊاهه پيارا ۽ طوفان اچڻ ڏي اها تنهنجي پيرن جي ڌپ! مران ٿي مان پيارا پاءِ بوٽ پيارا دريون کول پيارا.
سنڌي ادب خاص ڪري مزاح جي وڏي ليکڪ حليم بروهي جي ٻي ورسيء تي سنڌ سلامت پاران کيس ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔ 419 اٽيچمينٽ ڏسو
مون جڏنهن ڪي ٽي اين ٽي وي تي حليم بروهي جو تيز ترار سچو حقيقت کي اکيون ڏيکاريندڙ انٽرويو ٻُڌو ۽ ڏٺو ته آئون هن جي سچي حقيقت پسند گفتگو کان اهڙو ته مُتاثر ٿي ويس جو هر ڳالهه ۾ هر محفل ۾ هن جو ذڪر ڪندو رهيس۔ ۽ جڏنهن اهو بحث گهر ۾ ٻارن سان ڪيم ته مونکي ان وقت آگهي ٿي ته حليم بروهي ڪنهن نه ڪنهن وسيلي مهنجي ساهرُن جي رشتن ۾ مُهنجو مائٽ به آهي۔ حيرت ورتم ته اهڙو املهه ماڻڪ گهر ۾ موجود آهي ۽ مونکي خبر ناهي (يعني بچا بغل ۾ ڍنڍورا شهر ۾!) هُو اُن وقت ڪراچي جي موتي محل گُلشن واري علائقي ۾ هڪ فليٽ ۾ پنهنجي زال سان رهندو هو۔ مُهنجي سالي جي زال جو ڀا محمد حيات ميمڻ هالا (شهر جي مُحمد هاشم ميمڻ جيڪو پنهنجي وقت ۾ بيروڪريٽ هو)جو اڪيلو پُٽان سندس نياڻي سان پرڻيل هو ۽هن جي شادي حليم بروهي جي نيڻي سان ٿي، هو ڪراچي الڪٽرڪ سپلائي ۾ انجنيئر هو هاڻ ڪئناڊا شفٽ ٿي ويو آهي۔ شايد مان سندس شادي جي تقريب ۾ وڃي پُهتو هوس ته جتي خبر پئي ته اها مُهنجي رشتي جي ڀاڀي حليم بروحي جي نياڻي آهي۔ مان شادي تقريب ڇڏي ان اڪيلي، ويڳاڻي ويٺل حليم بروهي سان ڪُجهه پرائڻ ۽ ڪي سُتيون وٺڻ لا سندس فليٽ جي هڪ بيڊ روم ۾ ڪچهري ڪرڻ هليو ويس اهو ڏسڻ ٿي چاهيم ته ڇا هي اُهو ساڳيو حليم بروهي آهي جنهن ڪي ٽي اين تي اهڙو تُرڇو ۽ سخت سچائي وارو انٽرويو ڏنو هو جنهن کي يقينن ڪنهن پير مير جي پُڇ ۾ ٻڌل اديب پسند نه ڪيو هوندو۔ اهو ڏسڻ ٿي چاهيم ته ڇا اهو هڪ لکيل اسڪرپٽ هو جنهن جو ڪريڪٽر حليم بروهي پاڻ هو، ڇو جو ميڊيا ۾ رهي اهڙا پروگرام ترتيب ڏبا آهن جو حقيقت ته مُنحصر هوندا آهن پر هوندو اسڪرپٽ آهي جيئن اڄ ڪلهه مختلف چينلن تي وچ جي وقفن کان سوا توهان مُختف نمائندن جا جذباتي ٽاڪڙا ۽ منظر ڏسندا آهيو ۽ پنهنجي پنهنجي ليڊر جي گدڙ ڀڀڪين تي ڇنڊجي شينهن ٿي ويندا آهيو ۽ هڪ ٻئي سان مارا ماري ڪري ويهندا آهيو ۽ هوجيڪي وقفي ۾ پاڻ ۾ ائين کير کنڊ ٿي ڳالهائيندا آهن ۽ هڪ ٻئي کان پُڇندا آهن ڪيئن لڳو هو نه دم قوم کي بيوقوف بنائڻ جو! ۽ پو شايد اڪثر گڏ ئي هڪ ئي گاڏي ۾ ڪنهن هڪ جي ڊرائنگ روم يا اوطاق تي وڃي ٺري جي محفل مچائيندا آهن۔ پر هتي ته قصو ئي ٻيو هو۔ اهو ساڳيو حق سچ چوڻ وارو ڇڙٻون ڇاڙٻون ڏيندڙ حليم بروهي هو جنهن سان عليڪ سليڪ کان سوا ڪا گفتگو ڪرڻ جي جسارت نه ڪري سگهيس۔ هن نهايت عزت ۽ احترام سان پر چهري تي روب تاب هڻي آڌرڀا ڪيو هو ۽ پو گهرولي فنگشنن، اجاين خرچن وغيره تي تبصرو ڪندو رهيو ايستائين جو اسين پنهنجي ڀاڀي جي بارات گهر وٺي آياسون، هو بيمار رهڻ لڳو ۽ مُهنجي ڀاڀي سندس اڪيلي نياڻي هُئي شايد جيڪا سندس خدمت ڪندي هُئي شادي کان اڳ به پو به ۽ ما پي جون جهجهيون دُعان سان ۽ پو سگهوئي خبر پئي ته چاچو حليم بروهي اسان کان جُدا ٿي ويو (انا لله و انا اليه راجعون) اڄ سنڌي ادب ۾ يارئو اهڙن تنقيد نگارن جي زبردست کوٽ آهي جيڪي سُٺي ادب، معاشري ۽ ماحول جو واڳون ڇڪي سگهن ۽ اسٽيرنگ وانگر انهن کي سڌي رستي تي هلائڻ لا تير وهائين ڪاش جي سچا ۽ حليم بروهي جهڙا تنقيدڪار وري جڙي اچن جي هُجن ها ته الاهي لکڻيون يا حالتون سکي سُڌاري سگهجن ها! هاڻ انتظار آهي اهڙي ٻئي حليم بروهي جو جو سنڌ سنڌي لکت ادب ۾ به سُڃي ٿيندي وڃي۔ آه حليم بروهي چاچا! هاڻ ته سڀ توهانجي تعريف ۾ آهن اُهي به جيڪي ڇا ڇا نه ڇوندا هُئا!