سنڌ جو سيلاني، سنڌ جي سڃاڻ الطاف شيخ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جو سيلاني، سنڌ جي سڃاڻ الطاف شيخ ​


    [​IMG]

    الطاف شيخ سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن کي سنڌ جو هر شخص دل و دماغ سان پڙهندو آهي۔ الطاف شيخ کي شايد ئي ڪوسنڌي علم دوست هجي جيڪو نه ڄاڻندو هجي۔مان ته ائين چوندس ته جيئن شاه صاحب اسان جي سنڌي ٻولي کي سنڌي شاعري سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي ۽ شاه صاحب جي شاعري ۽ فڪر اسان سنڌين ۽ سنڌي ٻولي لاء فخر جي نشاني آهن اهڙي ريت سنڌ جي لطاف شيخ صاحب تي پڻ اسان کي ناز ۽ فخر آهي، الطاف شيخ صاحب سنڌي ٻولي ۾ سون جي تعداد ۾ سفرنامه لکي ڪري سنڌي ٻولي کي سنڌي سفر نامن سان مالا مال ڪري سنڌي ٻولي تي وڏو احسان ڪيو آهي، شايد اهيو احسان اسان جو سنڌي ماڻهون ڪڏهن به وساري نه سگهي، محترم دوست الطاف شيخ صاحب سان منهنجي پهرين ڳالهه ٻولهه تڏهن ٿئي هئي جڏهن پاڻ ايران ۾ موجود هئا، شيخ صاحب مون سان جڏهن به ڳالهايو آهي ته پيار محبت ۽ اڪير سان ڳالهايو آهي، جڏهن ته پاڻ هڪ سنڌ جو نالي وارو ليکڪ ۽ هڪ نيوي جا بالا آفيسر پڻ آهي ، مگر مون ڪڏهن به شيخ صاحب ۾ ڪا وڏائي، تڪبر ۽ غرور ناهي ڏٺو۔ شيخ صاحب تي مان وڌيڪ ڇا لکان، بس منهنجو اهيو مختصر تاثر توهان اڳيان پيش آهي باقي سندس جي باري ۾ هيٺ پڙهندا۔۔۔۔ سنڌ سلامت جا دوستو مان سائين الطاف شيخ صاحب جو ٿورائتو آهيان جو مون ڏانهن پنهنجون ميل ۽ لنڪون موڪليندا رهندا آهن، هت سندس ڪتابن جي ّذخيري مان ڪجهه ڪتاب ،سندس تعارف، يادگار تصويرون ۽ سندس لکيل آتم ڪهاڻي مان ڪجهه حصو پيش ڪجي ٿو اميد ته پسند ايندو۔۔۔۔۔ ممتاز علي وگهيو ۔

    الطاف شيخ جي انٽرويو مان چونڊ سوال​

    سوال آخر روايت موجب پڙهندڙن لاء ڪو پيغام چاهيندائو۔
    جواب اهوئي چوندس ته اسان جي نوجوانن کي وقت جو قدر ڪرڻ کپي۔ مقابلي جو دور آهي ۽ اهي ئي ڪامياب ٿين ٿا جيڪي بهتر پوزيشن حاصل ڪن ٿا، جيڪي بهترين ڪاردگي ڏيکارين ٿا، پرهائي هجي يا نوڪري هنن کي اهو ثابت ڪرڻ گپي ته هنن وٽ صرف ڊگرين جا ڪاڳر نه آهن پر هنن وٽ علم به آهي هو نازڪ مزاج ٿڪل ٽوٽي نه پر هارڊورڪنگ۽ سخت جان آهن هو عياش ۽ ٻٽاڪون هڻڻ وارا نه پر سادگي پسند ۽ ايماندار آهن
    الطاف شيخ جي لکيل آتم ڪهاڻي مان ڪجهه حصو ​

    جھنڊي، ڪاشي ۽ پڻ تعليم جي حوالي سان مشهور حيدرآباد جي ڳوٺ هالانوان ۾ 14 نومبر، 1944ع تي منهنجو جنم ٿيو. ننڍپڻ هالا ۾ ئي گذريو. سال ۾ ٻه چار دفعا حيدرآباد ۾ اچڻ ٿيندو هو، جتي مهنجا ناناڻا (سنڌ زميندار هوٽل ۽ فاران هوٽل وارا) سومرا رهيا ٿي. تن ڏينهن ۾ پرائمري تعليم ۾ چار درجا هوندا هئا ۽ صبح توڙي شام جو اسڪول وڃڻو پوندو هو. هالا جي پرائمري اسڪول جا هڪ ٻه استاد سائين عبدالهادي شيخ، يارمحمد تورپيو، محمد بچل قريشي، ۽ سائين محمد اشرف ۽ اهڙي طرح انگريزي اسڪول جا ٽيچر سائين عبدالرحيم ارباب، ظفر علي ارباب، محمود ابڙيجو، محمد خان گاجڻي ميمڻ (جيڪو بعد ۾ ABL بئنڪ جو صدر به ٿيو) اڄ به ياد ٿا اچن ته انهن جو قدر ٿو ٿئي ۽ سندن فرض ادائيگي، محنت ۽ ايمانداريءَ کي مڃڻو ٿو پوي، جن مون جهڙن هزارين شاگردن کي دل و جان سان تعليم ڏني. اڳتي هلي مون به ڏهاڪو کن سال ماستري ڪئي پر ماڊرن طريقن Audio Visual Aids سان. اڄ جي پڙهائي کان انوقت جي نوڪري ڪيڏي سخت هوندي هئي، جڏهن هڪ ماستر صاحب فقط ڪاري بورڊ ۽ اڇي چاڪ جي مدد سان ٻارن کي پڙهائيندو هو. هالا جي مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ ٽي درجا پڙهڻ بعد منهنجو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اچڻ ٿيو، جيڪو ٻه سال کن ميرپورخاص ۾ عارضي طور رهڻ بعد اڄ واري پيٽارو ڪئمپس ۾ شفت ٿيو. انوقت 1960ع ۾ جڏهن ڪاليج جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ اسين شاگرد ميرپورخاص کان پيٽارو پهتا هئاسين ته چوڌاري رڻ پٽ هو. ٻي جنگ عظيم جو هڪ رن وي ۽ ٻي ٽي دٺل هئنگر (جنهن ۾ هوائي جهاز بيهن ٿا) هئا. اڄ 46 سالن بعد اهو هنڌ جهنگل ۾ منگل ٿو لڳي. ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد آئون اڪيلو (۽ پهريون پڻ) هوس جيڪو چٽگانگ، بنگلاديش (ان وقت مشرقي پاڪستان) جي مئرين اڪيڊمي لاءِ چونڊجي ويس. ٻئي سال ٻيا به سنڌ کان آيا، جن ۾ ڪئپٽن بشير وسطڙو مچڙ (نوشهروفيروز جو) ڪئپٽن احمد حسين مخدوم (زاهد مخدوم ۽ ثريا مخدوم جو ڀاءُ)، سانگهڙ جو ڪئپٽن رياض چوڌري ۽ ٻيا هئا. آئون انجنيئرنگ برانچ ۾ رهيس. اڳتي هلي مئرين انجنيئرنگ (جهازن جي مشينن جي انجنيئرنگ) ۾ پوسٽ گريجوئيشن سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو جي World Maritime University مان ڪيم. لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍپڻ کان پيدا ٿيو. والد مرحوم گل محمد شيخ ڪيترائي رسالا گھرائيندو هو، جن ۾ پهريون تصويرون پوءِ ننڍا ننڍا مضمون پڙهڻ شروع ڪيم. 13 سالن جي ڄمار ۾ جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج پهتس ته ان وقت جي رسالن بادل، گلستان ۽ ڳوٺ سڌار ۾ ڪچو ڦڪو لکڻ لڳس. ان بعد مئٽرڪ ۾ پهچي ڪاليج جي مئگزين جي ايڊيٽر ٿيڻ جو موقعو مليو ۽ پوءِ چٽگانگ مان اتي جون ڳالهيون ”دريائن جي ديس مان“ جي عنوان سان لکڻ لڳس. هالا ۾ اسانجي مائٽي مٽي ۾ ڪيترائي اديب شاعر هئا، جھڙوڪ انور هالائي، سليم هالائي، شوڪت (جنهنجو پٽ امتياز ابڙو، اڄ ڪلهه ڪاوش ۾ مزاحيه ڪالم لکي ٿو)، اضعف هالائي (جنهن جا پٽ منصور ويراڳي، منور ۽ پوٽا شاعر، اديب آهن). خود والد صاحب کي شوق هو ۽ سندن ڪتاب ”ماکيءَ جي مک“، ”ڪوريئڙو“، ”ماڪوڙي“ ۽ هڪ ڪتاب پنهنجي ڪلاسي دوستن (سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ڊاڪٽر نبي بخش) سان گڏجي لکيل ”گڏهه“ اڃا تائين مختلف ادارن طرفان وري وري ڇپبو رهي ٿو. حيدرآباد ۾ اچبو هو ته منهنجا ناناڻا بزنيس سان تعلق ضرور رکندا هئا پر منهنجي ناني سيٺ محمد حسن جي گھر ۾ وڏي لئبرري هئي ۽ اسان کي به هروقت پڙهڻ لاءِ چوندو هو. سنڌ جو طنز و مزاح وارو ليکڪ حليم بروهي منهنجي ناني جي وڏي ڀيڻ (پڦي غلام فاطمه جو پٽ) به اتي ايندو هو يا هن وٽ وڃڻ تي اهي ئي ادبي ڳالهيون هونديون هيون. اڳوڻو وائيس چانسلر نظير مغل، جسٽس حامد علي مرزا وغيره جيڪي منهنجي نانيءَ جا ڀاڻيجا ٿين، اهي به ناني جي گهر ايندا رهندا هئا يا پاڙي ۾ سندن گھر وڃڻ ٿيندو هو ته هميشه لکڻ پڙهڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا. ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اچي مطالعي جي اڃا به وڌيڪ عادت ڪرنل ڪومبس وڌي، جيڪو اسان کي ڪتاب پڙهڻ تي ڏاڍو زور ڏيندو هو. ڪرنل ڪومبس اسان جي ڪاليج جو پهريون پرنسپال ٿي آيو هو. پاڻ برٽش آرمي جو ڪرنل ۽ ٻي جنگ عظيم جو جپانين وٽ قيدي Prisoner of War ٿي رهيو. هو اسان کي چوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ کي مطالعي جي عادت آهي، اهو جھنگ ۾ به اڪيلو رهي سگھي ٿو. هن جي نصيحت جو احساس مونکي سامونڊي ڊگھن سفرن ۾ ٿيو، جڏهن چين کان ڪئناڊا چاليهه ڏينهن راتين جو يا جپان کان ڪيوبا 35 ڏينهن راتين جو لڳاتار سفر ٿي ڪيو سين ۽ ڳالهائڻ لاءِ ڪا پهر نه هوندي هئي. ان وقت ڪتابن اسان کي مشغول ٿي رکيو. اسان پيٽارو ۾ سنڌي، اڙدو، ۽ انگريزي جا فقط ڪتاب نه پر مصنفن جا سڄا سڄا سيٽ پڙهيا. چٽگانگ ۾ به مون کي ان قسم جو ماحول مليو. منهنجي بنگالي دوست ڪلاس ميٽن جو ڪتاب پڙهڻ سان ايترو ته چاهه جو مونکي شروع جي ڇهن مهينن اندر پنهنجي بنگالي زبان نه صرف ڳالهائڻ پر لکڻ سيکاريائون، منهنجو روم ميٽ چيف انجنيئر راشد ڪاظمي ته سمهڻ کان اڳ اوڙي پاڙي جي ڪمرن مان ٻين ڪئڊٽن کي گڏ ڪري رابندر ناٿ ٽئگور جي ”گيتا انجلي“ پڙهي ٻڌائيندو هو.
    چٽگانگ ۾ موڪل جا ڏينهن آئون چٽگانگ ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ نعيم دريشاڻي وٽ ويندو هوس. نعيم هاڻي ڪافي سالن کان لکڻ ڇڏي ڏنو آهي، پر تن ڏينهن ۾ سندس شاعري ٽيڙو، هائيڪو روح رهاڻ ۽ سهڻي رسالي ۾ هر مهيني ڇپبا هئا. سندس هڪ آزاد نظم آهي:
    آئون جنهن گھڙي،،،،پنهنجي ماءُ جي ڪک مان نڪري،،،،،هن جهان ۾ آيس،،،تنهن گھريءَ کان،،،،منهنجو پاڇو مون ساڻ هو،،،ڪالهه،،،،ٻن ڏينهن جي بک کانپوءِ،،ڀڳڙن مٺ جي عيوض،،،مون اهو سچو دوست،،،پنهنجو پاڇو،،،وڪڻي ڇڏيو.​
    بهرحال اتي چٽگانگ ۾ نعيم سان گھڻي ڀاڱي ادبي ڳالهيون ٿينديون هيون. حميد سنڌي، طارق اشرف، ولي رام ولڀ، وغيره هن جا دوست هئا، جن سان ڊاڪٽر نعيم مون کي اتي چٽگانگ ۾ ويهي متعارف ڪرايو.جهازن جي ڊگھين مسافرين (Routes) تي جهازي، وقت پاس ڪرڻ لاءِ اڪثر پتي راند کيڏندا هئاسون، يعني تن ڏينهن ۾ جڏهن 60ع واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جونيئر انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي چڙهيو هوس. پتي راند نه اچڻ ڪري آئون ٻين کان الڳ ٿلڳ ٿي ويس. پوءِ پنهنجي منهن مون ٿوري گھڻي پيسڪوٽ ۽ برج (جيڪي رانديون عام هيون) سکڻ جي ڪوشش به ڪئي پر ايڏو پختو رانديگر نه هجڻ ڪري ڪوبه مونکي پنهنجي ڀيچي ٺاهڻ لاءِ تيار نه هو. ڏسڻ لاءِ ويندو هوس ته ڏسڻ جو موقعو به نه ملندو هو. رانديگرن مان ڪو چوند هو يار اسٽيورڊ کي ته فون ڪر ته چانهن ٺاهي اچي. ڪو چوندو هو يار ڪنٽرول روم وارن کي ته ٻڌائي اچ ته آئون هتي آهيان، جيئن منهنجو جهاز هلائڻ جو وارو اچي ته مونکي هن ڪمري ۾ اطلاع ڪن وغيره وغيره. پوءِ هڪ ڏينهن فيصلو ڪيم ته جهاز هلائڻو يعني ديوٽي ڪرڻي آهي ۽ پنهنجو منهن وٺي ويهڻو آهي.پوءِ جهاز تي وقت پاس ڪرڻ لاءِ دوستن کي خط ۽ عبرت اخبار لاءِ ڪالم لکڻ لڳس. جنهن ۾ بندرگاهن، سمنڊن، ۽ جھازن بابت اهي ڳالهيون هيون، جيڪي مون کي دلچسپ ۽ کلائيندڙ لڳيون ٿي يا اهي جن مان سمجھيم ته عام ماڻهوءَ کي معلومات به حاصل ٿيندي. شروع جي ڏينهن ۾ افسانوي نموني انهن ڳالهين ۾ رومانيت ۽ دلڪشي پئدا ڪندو هوس ته جيئن سنڌ جو نوجوان جيڪو سمنڊ جي ڪناري واري وطن ۾ رهي به سمنڊ جي نوڪري کان اڻڄاڻ آهي، ان جو هن فيلڊ ۾ چاهه پئدا ثئي. منهنجي پهرين ان قسم جي سفرنامي ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ تي رائيٽرس گلڊ جو ايوارڊ ملڻ تي به منهنجي لکڻ لاءِ دلچسپي وڌي. پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته لکڻ منهنجي مجبوري هئي جو ڏينهن رات، سال جا 365 ڏينهن جهاز تي رهي ڊگھن سفرن جو وقت ڪاٽڻ لاءِ منهنجو وڏو هٿيار لکڻ پڙهڻ هو.60ع واري ڏهي ۾ سائين نورالدين سرڪي وڪيل صاحب جي آفيس ۾ به سنڌي اديبن جي گڏجاڻي ٿيندي هئي. منهنجو جهاز جڏهن به ڪراچيءَ ۾ لنگر انداز رهندو هو ته آئون اتي ويندو هوس، جتي منهنجي ملاقات ۽ دوستي امر جليل، نسيم کرل، شمشيرالحيدري، قمر شهباز، تاج بلوچ ۽ ٻين اديبن سان ٿي. هر ڪو پنهنجي لکڻي پڙهندو هو، جنهن تي ٻيا تنقيد ڪندا هئا. آخر ۾ سرڪي صاحب جي خرچ تي هڪ چانهن ۽ ڪجھ بسڪيٽ (نسيم کرل ٻه چانهيون ۽ گھڻا بسڪيٽ) کائي روانا ٿيندا هئاسين يا وري نسيم کرل وٽ، جنهن هوٽل ۾ هو ٽڪيل هوندو هو، اچي رات جي ماني کائيندا هئاسين. 1971ع ۾ منهنجي مستوران گھلوءَ سان دادوءَ ۾ شادي ٿي. ڪجھ ڏينهن هالا ۾ گذاري وري اچي جهاز تي چڙهيس. اسان جو گھر يعني جهاز ٿيو. اسان لاءِ به اهو بهتر هو جو ٻين نوڪرين وانگر سيڌو سامان آڻڻ، رڌ پچاءَ ڪرڻ، گئس ۽ بجلي جا بل ڀرڻ جهڙن کٽراڳن کان بچيا پيا هئاسين. هرشيءِ ٺهي ٺڪي ٿي ملي. جهاز جي نوڪريءَ ۾ مون کي سڀ کان بهتر ڳالهه اها لڳي. آفيس وڃڻ لاءِ به نه بس ٽئڪسي جو کٽراڳ ۽ نه پنهنجي ڪار ڪڍڻ جو مسئلو. بس رڳو پنهنجي ڪئبن جو در کولي، ورانڊو ٽپي پنهنجي جهاز جي آفيس يا انجڻ روم جو دروازوکولڻو هوندو هو.ڪڏهن ڪهڙي ملڪ ۾ ته ڪڏهن ڪهڙي ۾ ساڳئي وقت ڪڏهن پراڻي جهاز تي ته ڪڏهن نئين آٽوميٽڪ جهاز تي. پراڻن جهاز جو وري اهو فائدو هوندو جو ويجھن ويجھن بندرگاهن واري روٽ ملندي هئي. جيئن ڪراچي کان پوءِ ڏيڍ ڏينهن بعد بمبئي، هڪ ڏينهن بعد ڪولمبو، ٽن ڏينهن بعد پينانگ، هڪ ڏينهن بعد ڪوالالمپور، هڪ ڏينهن بعد سنگاپور ۽ پوءِ هانگ ڪانگ، جپان ۽ ڪوريا وغيره نون جهازن ۾ ڊگهين روٽن تي هلندا هئاسين. ڪراچي کان ممباسا – جتان پوءِ موزمبق، پوءِ ڊڪار (سينيگال)، لاس پاماس (ڪناري ٻيٽ)، ڊئنمارڪ، ناروي وغيره. آٽوميٽڪ ۽ ماڊرن جهاز ٽيڪنيڪلي به ته سونهن سوڀيا ۾ به State of Art هئا. چيف انجنيئر جي حيثيت سان وڏو بيڊ روم، ڊرائنگ روم ۽ اٽيچڊ آفيس ملندي هئي. طوفانن ۽ خراب سمنڊن ۾ وري به تڪليف مون لاءِ هوندي هئي، جو جهاز مونکي هلائڻو پوندو هو. زال ۽ ٻارن لاءِ ته رڳو گھمڻ ۽ گھمڻ هوندو هو. خراب موسم ۾ سي سڪنيس Sea Sickness به ان کي تنگ ٿي ڪري، جيڪو جهاز هلائي ٿو. جيڪي ستا پيا هجن ته انهن کي ڪهڙي پرواهه. وڌ ۾ وڌ رکي رکي چڪر، ننڊ جا گهيرٽ ۽ هڪ اڌ الٽي ٿي اچي. پر اهو عجيب اتفاق هو جو منهنجي زال توڙي ٻارن کي ائٽلانٽڪ ،هندي وڏي سمنڊ توڙي بحر احمر ۽ ڀؤنچ سمنڊ ۾ ڪڏهن به سي سڪنيس نه ٿي. مونکي ڪمري ۾ ويٺي ويٺي به سخت ٿيندي هئي. الٽيون ڪري پيٽ خالي ٿي ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيٽ ۾ ڪجھ نه هئڻ ڪري اٻڙاڪن تي رت ايندو هو. پر ان ڳالهه جي منهنجي عملي جي ماڻهن کي ڪڏهن به خبر نه پيئي. ڪٿي لڪي يا ڪمري ۾ اچي الٽيون ڪندو هوس. آخر تائين اها ڳالهه ظاهرنه ڪيم ۽ ڪرڻ به نه کپي. ڇو جو چاهي ڪهڙو به سمنڊ يا موسم ٿي وڃي، جهاز ته هلائڻو پوي ٿو. ٻي صورت ۾ جهاز ٿو ٻڏي ۽ سي سڪنيس جو اثر سڀني کي ٿئي ٿو ۽ جي منهنجي عملي جي ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته چيف انجنيئر کي سخت سي سڪنيس ٿي پيئي آهي ته اهي به ويتر سست ٿي پون. انڪري هونءَ جو انجڻ جي چڪاس لاءِ رات جو هڪ ٻه چڪر هڻڻو پوندو هو، خراب موسم ۾ ٻيڻا چڪر ڪري ڇڏيندو هوس، جيئن ڪنهن کي شڪ به نه پوي ته سي سڪنيس جي ڪري منهنجي ڪارڪردگي سست ٿي رهي آهي ۽ انجڻ تي يا جهاز هلائيندڙ انجنيئرن تي آئون اها اک رکي نٿو سگهان. ڪو جونيئر انجنيئر سي سڪنيس جي دانهن ڪندو هو ته آئون ٻاهريون ٻنو رکي وڏي اعتماد سان هن کي دڙڪو ڏيندو هوس:There is nothing like Sea Sickness.
    جيئن هرڪو پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهي. ڪو سست ٿي ڪري پوندو ته ان جي ڊيوٽي ڪير ڪندو. ڪجھ به ٿي پوي، پر جهاز ته ڏينهن رات هلندو رهڻ کپي. ۽ خراب موسم ۾ هڪ هنڌ بيهارڻ بدران خراب موسم ۽ خراب سمنڊ کي اُڪرڻ ۾ ئي عافيت آهي. هونءَ به اهڙي خراب موسم ۾ شل نه ڪو جهاز خراب ٿئي يا بيهي رهي. پوءِ ته ان جهاز کي گڏهه وانگر سمنڊ جيڪو ڪڏائي ٿو، ان ۾ چڱا ڀلا به بيحال ٿيو وڃن. بهرحال سمنڊ تي اهڙا خراب ڏينهن روز ڪونه ٿا اچن. گھڻائي سٺن ڏينهن جي ئي رهي ٿي ۽ آن دي هول سامونڊي نوڪري جهڙي ٻي بهتر نوڪري ناهي ۽ مون وانگر ڪيترا ان قسم جي زندگيءَ مان ڪڏهن به بيزار نٿا ٿين. پر جيئن ٻار وڏا ٿين ٿا ته انهن جي تعليم جو مسئلو ٿئي ٿو. مون کي به ٻه ٻار ٿي ويا ۽ پهريان ٻه ٽي ڪلاس آئون کين جهاز تي پڙهائيندو رهيس. آخر مونکي سامونڊي نوڪريءَ کي خدا حافظ چئي ڪنهن ڪناري جي نوڪريءَ جي ڳولا ڪرڻي پئي. عرب ملڪن جي مون ڏاڍي تعريف ٻڌي هئي. ڪيترائي منهنجا هم وطني ۽ دوست ڊاڪٽر، سول انجنيئر، پورفيسر، پاڪستان ۾ تعليم ختم مختلف عرب ملڪن ۾ نوڪري ڪري رهيا هئا. انگلينڊ جي هڪ رسالي Economist ۾ ڪويت بندرگاه جي چيف انجنير جي پوسٽ جو اشتهار آيو. مون Apply ڪيو ۽ چونڊجي ويس. پنهنجي جهاز ران ڪمپنيءَ سان حال اوريم ته مونکي جهاز هلائڻ واري ڊيوٽي کان آجو ڪيو وڃي. هنن مونکي اجازت ڏني. ڪجھ ميهنا ڪويت ۾ ڪم ڪيم، پر بنهه مزو نه آيو. عربن (يعني هنن اڄ جي عياش عربن) جي سوچ ۾ وڏو فرق محسوس ڪيم. ڪٿي جپان، يورپ، آمريڪا جهڙو سوچ جي آزادي وارو ماحول ۽ ڪٿي هي ٻوساٽيل ماحول. هڪ عرب پوءِ چاهي هو جاهل هجي، اڇو جبو پائي پير مرشد بڻجيو وڃي ۽ اسان جا ننڍي کنڊ جا ماڻهو هنن جي نظرن ۾ جهڙا باگڙي ۽ ڀيل. گورن انگريزن کان اهڙا متاثر جو ڳالهه ئي نه پڇ. پنهنجي آفيس ۾ لکيم ته پگهار گھڻي هوندي به هتي دل نٿي لڳي. آفيس وارن کي ڪنهن چيف انجنيئر جي ضرورت هئي، جيڪو ڪمپني جي جپان ۾ ٺهندڙ نون آٽو ميٽڪ جهازن تي نظر رکي. منهنجا اليڪٽرانڪس ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا به ڪورس ڪيل هئا. هنن مون کي ٽوڪيوجي IHI شپ يارڊ ۾ موڪل جپاڻ ۾ هونءَ به جهازن کي وٺي اچڻ وڃڻ لڳو رهيو، پر هاڻ جپان جي شهر ٽوڪيو ۾ رهڻ ڪري جپان کي وڌيڪ ويجھڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليو. IHI (آشيڪاوا هِريما هيوي انڊسٽريز) جو هي ڪارخانو جنهن ۾ مالاڪنڊ جهڙا جهاز ٺهيا، ٽوڪيو جي مرڪزي علائقي گنزا ڀرسان آهي. رهائش جو بندوبست اتي رهيو. ڪناري جي هن نوڪريءَ ۾ ڇهه ست مهينا ته ڪناري ۾ رهڻ جا ملي ويا ٿي، پر جهاز تيار ٿيڻ تي ان کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان يورپ ۽ آمريڪا وٺي وڃڻو پيو ٿي. هڪ دفعو وري ٻار جهاز تي چڙهيا ٿي ۽ سندن پڙهائي ڊسٽرب رهي ٿي.
    1980ع کان اڳ تائين ملائيشيا جا نوجوان جهاز راني جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان، انڊيا ۽ آسٽريليا ويا ٿي. 1981ع ڌاري هنن جي حڪومت ملاڪا ۾ نيول اڪيڊمي کولي، جنهن جي سرپرست ڪئپٽن حمزه سان منهنجي ملاقات ٿي. بلڪ هڪ قسم جو آفيشل انٽرويو ٿيو. اڪيڊمي ملاڪا شهر کان چاليهه کن ڪلوميٽر پري سمنڊ جي ڪناري تي هئي. ڳوٺ وڃڻ جي موڪل ٽن سالن ۾ هڪ دفعو جو شرط هو. ٻارن جي تعليم لاِ ملئي زبان جا اسڪول هئا ۽ روزانو ملاڪا وڃڻو پيو ٿي. پگھار گھٽ هو، پر مونکي ملائيشيا جهڙو ملڪ ۽ ملاڪا جهڙي پرسڪون جاءِ ڌيان ۾ هئي ۽ پسند هئي. ان کان اڳ ڏهه سال کن جپان ۽ ڪوريا ايندي ويندي ملايشيا جي بندرگاهن ۾ ترسڻو پوندو هو. هتي جي ملئي زبان (جنهن کي هي بَهاسا ملائيشيا سڏين ٿا) هر هر اچڻ وڃڻ ڪري نه فقط آئون پر شادي بعد منهنجي زال به سکي ويئي هئي، سو جهاز هلائڻ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي هن اڪيڊمي جو مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ اچي سنڀاليم. جهازن جي ٻي برانچ، ناٽيڪل ۾ درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم مون کان اڳ ئي اتي موجود هو. هن سنگاپور مان شادي ڪئي هئي ۽ پنهنجي زال مونا ۽ هڪ پٽ سان گڏ رهيو ٿي. ان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن جا جهازي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر اتي پڙهائڻ لاءِ اچي چڪا هئا يا ايندا رهيا. پر پڙهائڻ وارن جي کوٽ هجڻ ڪري اسان کي ٽن سالن بدران چئن سالن بعد وطن وڃڻ جي موڪل ملي. آئون ٽي مهينا کن موڪلون گذاري وري ملائيشيا واپس آيس. ڪئپٽن مخدوم برونائي هليو ويو، جتي جهازن جي سکيا جو نئون تعليمي ادارو کليو هو. ملاڪا جي نيول اڪيڊمي کان علاوه سنگاپور جي ”پولي ٽيڪنڪ“ ۽ ملائيشيا جي ٿائلينڊ جي ڀر ۾ شهر اپوح جي ”انگڪو عمر پوليٽيڪنڪ“ اداري ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان پڻ مون کي وڃڻو پيو ٿي. ان ريت ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلينڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. هونءَ جهاز رستي اچبو هو ته فقط بندرگاه ڏسي سگھبا هئا پر هاڻي شهر، ڳوٺ، ٻهراڙيون ۽ ٻيٽ ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. سنگاپور توڙي ٿائلينڊ ۾ اسان پاڪستانين لاءِ ويزا جي سختي شروع نه ٿي هئي، سو پنهنجي ڪار ۾ يا بس ۾ پيو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ائين اچبو ۽ وڃبو هو، جيئن ڪو حيدرآباد کان ڪوٽڙي ۽ اتان ڄامشوري پهچي. سنگاپور کان ”تاناح ملايو ڪيريتا آپي“ (ملئي ڌرتي جي باه تي هلندڙ ڪار – يعني ٻاڦ گاڏي – يعني ٽرين) ۾ چڙهبو هو ته سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وچ وارو سمنڊ ٽپي، سڄو ملائيشيا لتاڙي، ٿائيلنڊ جي اڌ ملڪ مان ٿي 72 ڪلاڪن بعد ريل گاڏي اچي بئنڪاڪ جي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏيندي هئي.
    ملائشيا، جپان، سئيڊن، آمريڪا ۽ چين ۾ منهنجو گھڻو رهڻ ٿيو. ان ڪري ان پاسي جي ملڪن تي گھڻا ڪتاب لکيا اٿم. ملائيشيا وارن جي حڪومت منهنجي لکڻين ۽ سندن ڏورانهين ۽ نئين اڪيڊمي کي سيٽ اپ ڪرڻ لاءِ مونکي ايوراڊ به ڏنو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته مونکي لکڻ پڙهڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويندو هو. ملائيشيا ۾ شادين مرادين، ملڻ جلڻ ۽ ڪچهرين تي ماڻهو نه برابر وقت وڃائين ٿا. ان ڪري ڊيوٽي بعد هرڪو پنهنجي ذاتي ڪم ۽ وندر ۾ مصروف رهي ٿو. هڪ ٻئي جي هورا کورا ۽ نوس نوس ۾ به نٿا وقت وڃائين. سندن ترقيءَ جو هڪ راز اهو به آهي. نه ته ملئي ماڻهو ته اسان کان وڌيڪ ڄٽ ۽ ڳوٺاڻا هئا. پر انگريزن کان آزادي ملڻ بعد هنن جي ڳوٺ ڳوٺ جي وڏيري غير قانوني ۽ غير شرعي جويون رکڻ، شراب ڪواب جون محفلون سجائڻ، ڪڪڙ ويڙهائڻ، چوريون ۽ ڌاڙا هڻڻ هڻائڻ، اغوا ۽ ٻين جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جا هڪٻئي سان مقابلا ڪرڻ بدران هنن ڳوٺ ڳوٺ ۾ تعليمي ادارا، روڊ رستا، اسپتالون ۽ ڪارخانا نه فقط ٺهرايا پر اهي امن امان سان هلائڻ ۾ مدد ڪئي. ۽ هتي جي عوام ڳوٺ جي ان وڏيري کي هيرو سمجھي ٿي، جيڪو ڳوٺ جي عوام جي ڀلائِيءَ جو سوچي ٿو ۽ نه جنهن جي کيسي ۾ پوليس هجي. هتي وڏيرا، سردار ويندي سلطان (جيڪي واري وٽي تي ملڪ جا چئن سالن لاءِ بادشاه ٿين ٿا) پنهنجي ٻارن تي عام ماڻهن کان وڌيڪ سختي ڪن ٿا. جيئن هو وڌيڪ تعليم يافته ٿي سگھن. صحيح معنيِٰ ۾ تعليم حاصل ڪري. سٺا ڊاڪٽر، انجنيئر ۽سائنسدان ٿي سگھن ۽ پنهنجون اسپتالون، ڪارخانا ۽ فئڪٽريون کولي ٻين لاءِ روزگار مهيا ڪري سگھن. آئون هن وقت 62 سالن جي ٿي ويو آهيان. ٻن سالن کان رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو آهيان، جنهن لاءِ وڏي عرصي کان تانگھي رهيو هوس. اڄ به ملائيشيا وارا مختلف ادارن مان ڪنهن جي نظرداري يا صلاحڪار جي حيثيت ۾ مونکي گھرائڻ چاهين ٿا، پر آئون آزاد زندگي گذارڻ چاهيان ٿو ۽ پنهنجي هابي لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول رهڻ چاهيان ٿو. لکڻ پڙهڻ هاڻ مون لاءِ وندر نه پر نشو ٿي پئي آهي.جنهن جو اهڙو addicted ٿي پيو آهيان، جو ان بنا مزو نٿو اچي. بهرحال هاڻي آئون پاڻ کي آزاد محسوس ڪريان ٿو. پٺيان جهاز هلائڻ يا جهازين لاءِ ليڪچر تيار ڪرڻ جو فڪر نه اٿم. ٻه ٽي مهينا ملائيشيا ۾ دوستن ۽ پراڻن شاگردن وٽ رهي آيس. ڪئڊٽ ڪاليج جي ٻن ڀائر دوستن جي پٽن جي دهلي ۽ بڙودا ۾ شادي ٿي ته آئون به ساڻن نڪري پيس ۽ ٻه مهينا کن مختلف شهرن جي مندرن، ڌرمشالائن، ننڍين هوٽلن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ساڻن گڏ گذاريم. تازو هاڻ هوائي جهاز رستي چار مهينا آمريڪا جي انهن شهرن ۾ رهي آيو آهيان، جن شهرن ۾ آئون پاڻي واري جهاز تي نوڪري خاطر ويندو هوس. انهن ڏينهن ۽ اڄ جي دور جو احوال پنهنجن ٻن ڪتابن ۾ قلمبند ڪيو اٿم. هڪ ”نيوهالا کان نيو يارڪ” ڇپجي چڪو آهي ۽ ٻيو ”ڳوٺ بخشو لغاري کان بالٽيمور“ ڪمپوز ٿي رهيو آهي. ان سفر جو باقي احوال ”آمريڪا ڙي آمريڪا“ ڪتاب لاءِ لکڻ ۾ مشغول آهيان.جييستائين سوال وقت ملڻ جو آهي، ان لاءِ اهو چوندس ته Where there is a will, there are ways لکڻ جهڙين شين لاءِ هتان هتان وقت ڪڍندو رهان ٿو. ريڊيو، ٽي وي يا ماڻهن سان ملڻ جلڻ کان پري رهان ٿو. ڪچهرين پٺيان ٽائيم وڃائڻ کان پرهيز ڪريان ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ننڍپڻ کان مونکي گھٽ ننڊ اچي ٿي. صبح جو سوير، فجز نماز کان به گھڻو اڳ، اٿان ٿو. چاهي اونهارو هجي يا سيارو، ڳوٺ هجي يا ولايت، آفيس هجي يا موڪل جو ڏينهن هجي. منجھند جو ڪلاڪ ڏيڍ سمهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. جي ننڊ اچي ويندي آهي ته بيحد توانو محسوس ڪندو آهيان ۽ اها شام تمام گھڻو لکي سگھندو آهيان.
    مختلف وقتن ۾ مختلف اخبارن، رسالن ۾ لکندو رهيو اهيان. اڄ ڪلهه خاص ڪاوش ۽ اڙدو اخبار امت ڏي مضمون موڪليندو آهيان. رسالن مان ڪرزما، عبرت مئگزين، سرتيون، گل ڦل، سوجھرو ۽ اردو ۾ پاڪستان پوسٽ، سرگزشت ۽ اردو ڊائيجسٽ ۾ مضمون ايندا رهن ٿا. سڀني اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن سان سٺا تعلقات آهن. بس رڳو تاج بلوچ سان جنگ جوٽيل هوندي آهي جو هو منهنجا مضمون گم ڪريو ڇڏي. وري دڙڪا به اسان لکندڙن کي ڏئي ٿو ۽ کيس جي ڪجھ چئجي ٿو ته يڪدم ورندي ڏيندو:”توهان اديبن بيزار ڪري وڌو آهي. توهان اديبن ۽ شاعرن سان ڳالهائڻ به ڏيڏر تورڻا آهن.“ هڪ دفعي تاج بلوچ آيوته ”قمر شهباز ٽن مهينن کان رسي ويو آهي. سوجھرو ۾ لکڻ به ڇڏي ڏنو اٿس. کيس ڪنهن نموني سان راضي ڪري. چئي ته معافي وٺانس.“ ”تاج تنهنجي معافيءَ تي ڪو به اديب نه پرچندو. هڪ منٽ ترس.“ چيومانس ۽ قمر کي فون ڪري پڇيم ته ”واندو اهين يا نه“. ”واندو آهيان.“ قمر وراڻيو. ”سوسائٽي واري قبرستان هلندي، آئون وڃان پيو.“ ٻڌايومانس. “ڇو خير ته آهي؟“ قمر وائڙو ٿي ويو.
    ”تاج بلوڇ ڪالهه گذاري ويو. دل جو دورو پيس. دفن به ڪري ڇڏيائونس. آخري ڏينهن ۾ تنهنجو ڏاڍو ڏک هوس ته سوجھري ۾ نٿو لکين. ٻڌايومانس. ۽ پوءِ قمر جي حالت ڏسڻ واري هئي. هو تاج جي ورسين، ادبي خدمتن ۽ شاعري بابت يادگار محفل سڏائڻ جا پلان جوڙڻ لڳو. پوءِ نيٺ چيومانس ته اهي سڀ شيون في الحال ڪجھ عرصي لاءِ ملتوي ڪري فقط هڪ مضمون سوجھرو جي ايندڙ پرچي لاءِ موڪل. تاج اڃان جيئرو آهي. بهرحال جڏهن کان جنت منگھاڻيءَ سوجهرو جي ادارت سنڀالي، چوطرف سڪون ڇانيل رهيو. پر هاڻي وري اها به ذاتي مصروفيتن جو عذر ڄاڻائي ادارت ڇڏي ويئي آهي. سٺ کان مٿي ڪتاب ڇپيا اٿم. صحيح تعداد جي گھڻي خبر ڪانهي. ڇو ته منهنجو پبلشر سان ڪو واسطو نٿو رهي. آئون اخبارن ڏي ڪالم موڪليان ٿو، جيئن گھڻي کان گھڻا ماڻهو پڙهي سگھن. ڪو به ادارو يا ماڻهو منهنجا ڪتاب ڇپائي سگھي ٿو. منهنجي طرفان ڪنهن به اجوري يا ائلٽي جي بندش ناهي. آئون پنهنجي لاءِ ڪاپي به دڪان تان پاڻ خريد ڪندو آهيان. انڪري منهنجن دوستن کي جيڪڏهن آئون پنهنجو ڪتاب تحفي ۾ نٿو ڏيان ته دل ۾ نه ڪن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ڏيان ٿو ته ان کي ان جو قدر ڪرڻ کپي. ان ڪري ته ان تي مون پنهنجي کيسي مان سؤ يا ڏيڍ سؤ خرچ ڪيو هوندو. اڄ ڪلهه جي انٽرنيٽ ۽ ڪيبل جي دور ۾ جڏهن ماڻهن پڙهڻ گھٽائي ڇڏيو آهي ۽ دڪانن ۽ اسٽالن تي ڪتاب ۽ رسالا ائين پيا سڙن. ان دؤر ۾ علي نواز گھانگھري، فيروز ميمڻ، يا نوراحمد ميمڻ صاحب جهڙو ڪو پبلشر يا تاج بلوچ، فقير محمد، عرفان نوراني، عرفان عباسي جهڙو ايڊيٽر رسالو ٿو شايع ڪري ته ان جي مهرباني آهي، جو هو اسان جهڙن اديب ۽ شاعرن کي پڙهندڙن سان متعارف ٿو ڪرائي.
    (ماهوار امرتا جي نومبر 2006 (62نمبر) پرچي مان کنيل )​
    الطاف شيخ جو مختصر تعارف​

    پورو نالو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الطاف احمد شيخ ولد جو نالو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ گل محمد شيخ،، جنم ڏينهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 14 نومبر1944 جنم جاء هالا نوان،،پتو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔گذري لين فيس 4 دفينس هائوسنگ اٿارٽي ڪراچي75500
    تعليمي لياقتون ميرين انجنئرنگ ميرين اڪادمي چٽگانگ​
    ايم ايس سي ان ميرين سيفٽي ايڊمنسٽريشن فرام ورلڊ ميريٽائم يونيورسٽي مالمو سويڊن۔۔فرسٽ ڪلاس انجنيئر موٽرس سرٽيفڪيٽ آف ڪمپيٽنسي فار سيلنگ ايز چيف انجينئر آن فارين گوئنگ ويسلز۔۔اي ايم آئي مڪينيڪل انجينئير امتحان انسٽيٽيوٽ آف انجنئير لنڊن،،بي اي ايل ايل بي يونيورسٽي آف سنڌ
    ڊپلوما ڊجيٽل ڪمپيوٽر ٽيڪنڪ فرام انسٽيٽيوٽ آف ميرن انجنيئرس لنڊن اينڊ انسٽيٽيوٽ آف نيول ارڪيٽيڪٽ انگلينڊڪنسٽرڪشن آپريشن اينڊ مينٽيننس آف مشين ڪورس فرام آئ ايڇ آئ شپيارڊ ٽوڪيو جاپان،،ويريتاس ٽريننگ ايٽ ڊي اين وي سينٽر هووڪ ناروي،ٽريننگ آف سيفٽي آف لائف ايٽ سي اينڊ پروٽيڪشن آف د ميرين انوائرونمينٽ فرام دينمارڪ فنلينڊ ناروي اينڊ سويڊن،،شارٽ ڪورس آن ميريٽائم فا.ئر پروٽيڪشن فائر ڊيٽيڪشن اينڊ فائر ايڪسٽنڪشن ايٽ مالمو سويڊن مختلف ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ڪورس توڪيو جاپان ۽ مالمو سويدن،،،فيلڊ سروي ٽريننگ ايٽ اين ڪي ڪي ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي راٽرڊيم نيدرليند،،ميرين آٽوميشن ڪورس فرام ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار شپ اپريشن فلينسبرگ جرمني،،مختلف سوسائٽيز جي ميمبر شپ،،،ميمبر ميرين انجنيئرنگ سوسائٽي جاپان
    ميمبر سوسائٽي آف نيول آرڪيٽيڪچر جاپان،،،ميمبر ڪينادين انسٽيٽيوِٽ آف ميرين انجينئرس ڪئنادا،،ميمبر سوسائٽي آف نيول ارڪيٽيٽ اينڊ ميرين انجينئر س سنگاپور،،ايسوسئيٽ ميمبر انسٽيٽيوٽ اف ميرين انجنيئرس لندن،،ايسوسئيٽ ميمبر انسٽيٽيوٽ اف ميرين انجنيئرس يو ڪي
    ميمبر سينگاپور انستيتيوت آف انجنيئرنگ تيڪنالاجي سنگاپور،،ميمبر چارتر انستيتيوت آف ٽرانسپورٽ سنگاپور،،ميمبر انستيتيوت آف ميرينرس ملائيشيا
    هنري تجربو​
    پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جونئر انجنئر 1968 کان چيف انجنئر 1976 مختلف جهازن تي 12 سالن تائين،،سينئر ليڪچرر ۽ پرنسپال پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ميرين ڪاليج ڪراچي آفيسر انچارج ميرين اڪادمي ملائيشيا ملاڪا 1983 کان1990 هن جاب ۾ نئين اڪادمي سيٽ ڪرڻ آرگنائيز ڪرڻ ۽ مختلف ڪورس ڪرائڻ،،،مختلف انجئيرنگ جا ڪورس ڪئدت ۽ انجنئير کي،،،وزيٽنگ ليڪچرر انگڪو عمر انستيتيوت اپوه پيراڪ سبجيڪٽ ڊيزل انجن بئائلر تربو چارجر فيوئل ٽيڪنالاجي فائر اينڊ سيفٽي مينيجمينٽ ايند ميرين ايڪئپمينٽ،،حاضر سروس
    ادبي خدمتون​
    50کان وڌيڪ ڪتابن جو مصنف
    ڪيترا سليبس ۾ آهن ڪراچي ۽ سنڌيونيورسٽي ۾،،،،پاڪستان پوسٽ امت ۽ڪاوش جو لڳاتار لکندڙ ڪالمسٽ
    ادبي انعام​
    پاڪستان رائٽرس گلڊ پاران بيٽ بڪ آف دي يئرڪينجهر ايوارڊ سفرناما لکڻ تي،،پي جي ڪي ملائيشيا جو وڏي ۾ وڏي اعزاز ادبي ۽ سوشل سرگرمين تي جيڪي ملا.ئشيا ۾ اٺ سال رهندي ۽ ميرين انجنئر نگ ڊپارٽمينٽ جو هئڊ رهندي خدمتون ڪيون،،تاحيات لٽرري سروس ايوارڊ يونائٽيڊ ميمن جمائت ڪراچي طرفان
    الطاف شيخ جي سفرنامن جا مڪمل ڪتاب​
    نوٽ توهان ڪتاب جي نالي مٿان ڪلڪ ڪري مڪمل ڪتاب پڙهي سگهو ٿا۔​
    بخشو لغاريءَ کان بالٽيمورمڪليءَ کان ملاڪا تائين
    ملير کان مالمو تائين
    ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
    ٽوڪيو جي گيشا گرل
    دهليءَ جو درشن
    اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا
    ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون (نئين اضافي ساب)سنگاپور ويندي ويندي
    ڇاجو ديس ڇا جو وديس
    منهنجو ساگر منهنجو ساحل
    بندر بازاريون
    الطاف شيخ جو انٽرويو (ڪتابي شڪل ۾)
    سي ئي جوڀن ڏينهن
    ههڙو ڪو ٻيو ڌنڌو
    وايون وڻجارن جون
    پيار جي گھٽ

    الطاف شيخ تصوير گئلري ـ 01
    الطاف شيخ تصوير گئلري ـ 02

    الطاف شيخ جون تصويرون(1)
    الطاف شيخ جون تصويرو (2)
    الطاف شيخ جون چونڊ تحريرون ​

    شيخ تصوير گئلري 3

    بنگالي ڪهاڻي ڪابلي والا۔۔۔ ليکڪ ۔۔ رابندر ناٿ ٽئگورمترجم الطاف شيخ

    الطاف شيخ هيلسنڪي جي حسينا

    مخدوم طالب المولا صاحب
    آئي ايم فرام يُوڪي ليکڪ : الطاف شيخ
    الطاف شيخ فيس بوڪ
    سنڌ جو سيلاني البم نمبر 1
    سنڌ جو سيلاني البم نمبر 2

    سنڌ جو سيلاني البم نمبر 3

    هي تمام ڪتاب پي ڊي ايف فائيل ۾ آهي، ۽ ان لاء توهان کي ايڊويب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي ۽ اگر توهان وٽ نه آهي ته توهان هت ڪلڪ ڪري توهان ايڊويب ايڪروبيٽ ريڊر لوڊ ڪري ۽ ڪتاب پڙهي سگهو ٿا۔

    الطاف شيخ بابت عالمن اديبن جا تاثر ​

    الطاف شيخ تعارف جو محتاج نه آهي ( علي احمد بروهي )​

    مهاڳ لکڻ ويٺس ته ماسي حوا اچي نڪتي چئي ابا خير ته آهي .چيم ها مهاڳ ويٺو لکان .چي ابا هاڻ عمر جي پڇاڙي ۾ وتائي وارا ويٺو اڳ لکين .کيس گهڻيئي سمجهايم پر چي ابا ڪتاب جڏهن پورو ٿيو ته مهاڳ ڪيئن ٿيو اها ته پڄاڙي ٿي پر ابا توکي لهڻو اٿن ڇا جو جڏهن ٿي اچان توکي قلم هٿ ۾ ٿي ڏسان ٻيو ڪو واندو ڪونه ٿو ملين ڇا . ماسي منهن جي مٿي ۾ ڀت رڌي ڀنڊڻ هلي وئي پر آء مونجهاري ۾ پئجي ويس ته مهاڳ کي واقعي آخري ٻه اکر لکي ڪتاب جي آخر ۾ شامل ڪيا وڃن .هونئن به مهاڳ ڪو ڪتاب جي قصي يا ڪهاڻي جو نچور نه آهي پر هڪ تنقيدي جائزو آهي . اوهريا جي عميق ڏي جو سالڪ الطاف شيخ ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي جديد سنڌ جو سند باد بلڪ سيلاني سفير آهي جو ديس ديس ۾ سڪ جو سنيهو پهچائيندو رهي ٿو سندس چاليهارو سفرناما شايع ٿي چڪا آهن ست اٺ ڇپائي هيٺ آهن سندس هر هڪ تصنيف حقيقت پسندي ۽ حقيقت نگاري سان گهڻو تعلق رکي ٿي ممڪن آهي ته هو سندس لکڻين ۾ ڪي اهڙا خواب ۽ تفسير به شامل هجن جيڪي منهن جي نظرن کان نه گذريا هجن بهرحال هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته الطاف سچو سيلاني آهي ۽ هو فقط هي اميد رکي سفر ڪري ٿو ته کيس خدا جي بستي ۾ ڳاٽ اوچو کڻي آزادي سان گهمڻ ڦرڻ نصيب ٿئي،،الطاف شيخ کي نه منوچي يا مارڪو پولو ٿيڻ جو شوق آهي نه وري هن ڪڏهن ابن بطوطه يا البيروني سڏائڻ جي دعوا ڪئي آهي سندس مدعا فقط اها آهي ته هو پنهن جي قلم سان اهڙيون ڳالهيون قلم بند ڪندو رهي جو ملڪ ۽ سندس هم وطن ساٿين جي ڀلائي ٿئي . سفر هونئن به آهي علم جي آبحيات تائين رسا ئي گهر ويٺي گنگا ڪونه ملندي آهي جيسين ڪو مها ساگر جي عميق ۾ ٽٻي نه ڏيئي موتين جي مالها نه ڪڍندو؟شهباز آکيرو نه ڇڏيندو ته پکي سندس آکيري ۾ ٿوروئي اچي آپگهات ڪندا ؟فارسي ۾ چوڻي آهي ته وڻ جڏهن هڪ هنڌ تي بيٺو آهي تڏهن ٿو وڍجي جي ٻئي ماڳ ڏانهن پنڌ پوي ها ته ڪهاڙين جي گهاء کان بچي پوي ها .۔۔لطاف سفرناما لکي پنهن جي ملڪ جي ماڻهن کي ملڪ ملڪ جا سير ٿو ڪرائي ته جيئن ماڻهن کي ملڪ گهمڻ جو شوق پئدا ٿئي .هونئن به هيرن جو قدر کاڻ ۾ ٿوروئي ٿيندو آهي جڏهن ماڻهو پهرئين جي چنڊ جيان لڳاتار سفر ڪندو تڏهن وڃي چوڏهين واري روپ کي ڏسي چوڏس چانڊوڪي ڪري. سير سفر اسان ۾ سڀڪو ڪري ٿو پر سفرناما ڪو ورلي لکي ٿو ڇاڪاڻ ته مسافر ۽ سيلاني جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق ٿيندو آهي ڪي ولايت وڃي گهمي ڦري اچن ته به ڪجهه به نه ڏسن ڪي گهر کان مارڪيٽ وڃن ته به اهڙا لقاء ڏسن جنهن لاء بياض گهرجن اصل ڳالهه آهي اکيون کولي _ڏسڻ وائسڻ جي. اسان جي وقت ۾ اسڪول جي ڪتاب ۾ الله توهار ٿيندي هئي نصيحت سان ته اکيون کولي ڪم آڻيو .ڪنهن زماني ۾ مسافري جو مول مقصد هوندو هو علم حاصل ڪرڻ ۽ مشاهدو ماڻڻ .هندن ۾ سنياس ۽ بنواس وٺڻ جو چين ۾ ٻڌمت جي بکشو ۽ ٻاون لاء برپٽن ۽ غارن ۾ وڃي تپسيا ڪرڻ ۽ مسلمانن ۾ عمرو ۽ حج ڪرڻ دين ڌرم جي فرض ادائي ليکي وڃي ٿي . اوهريا جي عميق ڏي صرف سفرنامو نه آهي پر کيس روزنامچو يا ڊائجيسٽ سڏي سگهجي ٿو سندس مواد ڪيترن مختلف مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو عنوان جيڪر گلن جي ٽوڪري يا گلدستو رکجي ته غلط نه ٿيندو مونکي ته اڃا به دنيا جو معروف ريڊرس ڊائجيسٽ جو سنڌي روپ لڳي ٿو مونکي ته اميد آهي ته اڳتي هلي هن سلسلي کي سنڌ باد سيلاني ڊائجيسٽ جي صورت ۾ جاري رکي سگهجي ته سنڌ ي ادب جي هي وڏي خدمت ٿيندي خا ص طور جڏهن بدامني جي سبب سنڌين جو سير سند ن گهرن جي اڱڻ تائين محدود آهي.سٽاء تي نظر ڪبي ته مختلف مضمونن جي رنگارنگي فهرست نظر ايندي جن ۾ گهڻائي اهڙا موضوع آهن جي مشرق بعيد سينگاپور ملايا بئنڪاڪ هانگ ڪانگ سان تعلق رکن ٿا هنن ماڳن ۽ سندن ماڻهن جي رهڻي ريتن رسمن بنسبت دلچسپ واقعا بيان ڪيل آهن ڪٿي نصيحت جا نقطا پڻ بيان ڪيل آهن.طنز مزاح جي چٽڪن سان گڏ مغل انڊيا جي تاريخ نويسن منوجي جي هڪ خوني داستان کي به ساڳي صف ۾ شامل ڪيو ويو آهي .ملايا جي رهاڪن بابت نهايت مفيد معلومات پيش ڪئي وئي آهي خاص طور مِضمونن جو مقصد اصلاحي آهي ملايا جو مسلمان هندو مت جي تاثر هيٺ صدين کان رهندي به هو عقيدي جي لحا ظ کان اسلام جي نجي حيثيت قائم رکندا اچن سندن ڀيٽ ۾ اسين اڃا سوڌو قبر پير پرستي ۽ ڦيڻي جي چڪر کان ٻاهر نڪري نه سگهيا آهيون جيسين نعره بازي جو تعلق آهي اسين پوري دنيا جي دعويدارن ۾ اول آهيون .
    خالق جي هر تخليق ۾ راز رکيل آهي بنا ڪنهن معني جي ڪنهن زندگي جو وجود ۾ اچڻ ناممڪن آهي فرق فقط اهو آهي ته آدمي کي پنهن جي مقصد جي ڄاڻ آهي ئي ڪانه .انهي ڪري هو ويڳاڻن وانگر هر وقت منزل جي تلاش ۾ سرگردان رهي ٿو الطاف شيخ به اهڙي اڃ ۽ اساٽ سبب وتي ٿو ٻارهو ئي وٿاڻ ۽ولائتون گهمندو هي آدم جي اولاد جو سفر آهي جو روز اول کان ئي روان آهي هي به اسان جو عقيدو ايمان آهي ته اسان ۾ هر هڪ اڳي يا پوء نيٺ وڃي ٿو پنهن جي منزل مراد کي پهچي .پوء ڪو هوائي اڏام وسيلي ڪو ريل ڪي موٽر لارين ذريعي . ته ڪي وري پيرين پنڌ ريڙهيون ڏيندي اچي ٿا ماڳ رسن .پوء هر هڪ اچي ٿو لالن جي لوء ماڻي . جيسين الطاف شيخ جي عوامي ذاتي مقبوليت جو تعلق آهي ته سفرنامن لکڻ ۾ هن اڳيئي اهو اوچو مقام حاصل ڪيو آهي جنهن جي تلاش ۾ اسين سڀ همعصر سرگردان آهيون.اسين سندس لاء دعاگو آهيون ته صاحب رب ستار کيس وڏي عمر نصيب ڪري ۽ ساڻس هر سفر ۾ ساڻي ٿي کيس توڙ رسائي ۽ سندس قلم ۾ طاقت ۽ توفيق عطا فرمائي ته جئن هو پنهن جي پڙهندڙن سان سوچ ۽ ساڃهه وارا سبق ۽نينهن نياڇي وارو سلسلو جاري رکندو اچي آمين.اللهٻيلي
    الطاف شيخ جا سفرناما اها واحد دري هئي، (ا مر سنڌو) ​

    ڊائرين ۾ شاعري لکڻ واري عمر کان به گهڻو اڳ، جڏهن اڃان ڪاڙهي تتي ۾ بلور چٽبا هئا، ڏاٽ چُمائيو کيڏندي کن پل ۾ وڻن جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃبو هو، نٽهڻ اُس ۾ سرد شامن ۾ ساڳ پٽڻ لاء ٻنين ڏانهن پنڌ ڪاهبو هو يا اڃان به وري ٻاراڻي رونشي خاطر ڪنهن پرائي ٻڪري کي ڌڻ کان چنل ڏسي، اواٽي تي چوري چوري کير ڏهي پيئڻ جهڙيون حرڪتون به وڏو ائڊونچر پيون لڳنديون هيون، ته اس ڪاڙهي نه ئي سياري پاري جي پرواه نه مٿي ۾ وارن کي ڦڻي نه پيرن ۾ جتي جو هوش. انهن ئي ڏينهن ۾ ان ئي ڇڙواڳ ۽ بيپرواه ٻاراڻي وهي ۾ منهنجو روح اهڙيءَ دنيا سان اٽڪيو جا اکرن جي ئي اڍائي اکري دنيا هئي. اڍائي اکري ان ڪري جو پنهنجي عمر ڀيچي نه ملي سگهڻ ڪري گڏين راند کيڏي نه سگهيس ۽ ائين روايتي ٻارڙن واري لڏي کان ڪي پل ٻاهراچي هڪ ٽڪاء هٿ ڪيم، سو هو ناني بابي جو ڪتابن سان ڀريل ڪٻٽ، جو منهنجي اندر جي سموري راند جو مرڪز ۽ محور بڻيو. ٻاراڻو ادب ته ممڪن آهي ته ان دؤر ۾ به تخليق ٿيندو هجي پر اتي جتي ڪورس جي ڪتابن کانسواء وري ٻي ڪابه پڙهائي ٻارن لاء ممنوع هجي، اتي پنهنجي عمر جي حساب وارن ڪتابن تي پهچ يقيناً ناممڪن هئي، نه سمجهه ۾ ايندڙ ڪتابن کان هلندڙ سفر ۾ جن ڪتابن سڀ کان پهرين پنهنجي ساحري ۾ جڪڙيو سي هئا سفرناما، سي به سنڌ جي پهرين سيلاني الطاف شيخ جا-ها ان وقت جڏهن سنڌ جا ڳوٺ بجلين ۽ ٽي-وي وارين سهلتن کان به ناآشنا، تڏهن اهي سفرناما ”سنڌباد سيلاني“ جي سفر کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئا. سنڌي ادب ۾ پڙهندڙ لاء پهرين ڏاڪي طور ڪم ايندڙ الطاف شيخ جا اهي سفرناما رڳو مون کي ئي نه پنهنجي ٽهيءَ جي ڪيترن ئيم پڙهندڙ لاء بلڪل ڪرزما رهيا. الطاف شيخ لفظن وسيلي انهن سڀني اڻ ڄاتل، اڻ ڏٺل ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڻ ٻڌل دنيائن جي ديس ۾ وٺي ويندڙ، عجيب گائيڊ، عجيب سونهون بنيو، ڏسندڙ اک سان نه پر محسوس ڪندڙ Imaging Eye سان هڪ نئين دنيا پڙهندڙ جي اندر ۾ تخليق ڪندو ان جي سير ڪرائيندو ويندو. ائين رڳو ليکڪ پاڻ ئي نه پر سندس پڙهندڙ به انهن ڏور ڏسائن جي دنيائن جي آگاهي حاصل ڪندو، ان جي Fantasy ۾ گم ٿيندو ويندو. ان ڳالهه ۾ ته وڌيڪ بحث جي ڪا گنجائش ئي ناهي ته الطاف شيخ جو پڙهندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ان ئي Fantasy ۾ جيئندو رهيو. ايستائين، جيستائين ٽيڪنالاجي وسيلي انفارميشن عام ٿي گهر گهر تائين نه پهتي. تڏهن اخبارن جو مُنهن به ڪو پنجين اٺين ڏينهن پيو نصيب ٿيندو هو، تڏهن الطاف شيخ جا سفرناما اها واحد دري هئي، جتان سنڌ کان ٻاهر، سمنڊ اپسمنڊ جي مفاصلن تي ڪوهين ڏور، ست سمنڊ پار وارين ڌرتين، سماجن ۽ اڻ ڏٺل دنيائن ۾ جهاتي پائي ٻاهر جو سڌ سماء وٺي سگهبو هو. رڳو ايترو ئي نه پر انهن سفرنامن ”پرديس وڃڻ واري“ سنڌ سان وابسته ان Myth کي ٽوڙن لاء پهريئن پٿر طور ڪم ڪيو، جيڪو سنڌين جي کاتي ۾ ائين ٿي ليکيو ويو ته ”سنڌي ڳوٺاڻا ٻاهر ڪيئن نڪرندا، انهن ته ساڳي نالي جو ٻيو شهر به ڄڻ پرديس آهي“ ۽ اها به وقت ۽ حالتن جي ستم ظريفي چئبي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪي قومون پنهنجي طبعي سياسي، اخلاقي ۽ تهذيبي اهڃاڻن بدران انهن سان وابسته ڏند ڪٿائي حوالن سان وڌيڪ سڃاتيون وڃن ٿيون.ائين ئي گهر کان ٻاهر جي دنيا کي پرديس سمجهڻ Mythکي الطاف شيخ جي سفرنامن نه رڳو ڀڃي غلط ثابت ڪيو، پر ٻئي پاسي سندس قلمڪاري واري پورهئي ۽ سندس سفرنامن لکڻ واري ڪرت سنڌي نوجوانن ۾ سمنڊ، اپسمنڊ، ڏور ولايت جي رنگين دنيا ۽ پرفريب منظرن ڏانهن ڇڪ ۽ ديس ديس جي صحرا جهاڳڻ جو اتساهه پڻ پيدا ڪيو. سفرنامن واري ادب جي تاريخ کڻي ڦلهوربي ته ابن بطوطه کان ويندي هاڻوڪي پنهنجي هن سنڌي سيلانين تائين ڪيترائي نانءُ، ڪيترائي اسلوب ۽ ڪيترائي نمونا انهن مان ڳولهي، جدا جدا درجه بندي، ڪري سگهجي ٿي پر الطاف شيخ کي انهن سڀني سفرنامن ۽ سندس لکيل سفرنامن ۾ جدا ڪري الڳ طريقي سان پرکي سگهجي ٿو .هئ سنڌ جو يگانو ليکڪ آهي جو جسماني طو ر تي ڏور ديس جون دنيائون جهاڳيندڙ سيلاني آهي پر ذهني طور هو محقق يا جاکوڙي آهي ۽ دلي طور تي رائٽر آهي . الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ جتي رنگين راتين نيون سائين سان ٻرندڙ وسامندڙ گهٽين همسفر ساٿين جا چرچا گهٻا ۽ ٻيا دلچسپي جا سامان وڌيڪ هوندا هئا سندس اڄوڪن سفرنامن ۾ جاء جاء تي تجزياتي تبصرا شخصي ڪمينٽس وڌيڪ شامل آهن منهنجي نظر “ ان جو بنيادي سبب به سندس عمر ۽ سندس تجربوآهي شروعاتي سفرنامن۾الطاف اهڙو بود ۾ ڀريل اک حيرت ۾ ٻڏل ۽ پير سفر جي پنڌ ۾ جواني جو رنگ زندگي جا پهريان تجربا ۽ قلم جي رواني هئي هاڻوڪا سفرناما هڪ ذميدار ۽ زندگي جي تجربن ما ن پچي راس ٿيل سيلاني جا آهن هاڻوڪي اک حيراني مان نڪري هڪ جهانديده نظر جو ڏيک ڏئي ٿي ۽ مشاهدن سان گڏ تجزيو ۽ تبصرو هڪ ئي بيان ۾ نظر اچن ٿا.
    الطاف شيخ ذري گھٽ اڌ دنيا جو سفر ڪيو آهي( شيخ اياز ) ​

    الطاف شيخ ذري گھٽ اڌ دنيا جو سفر ڪيو آهي ۽ هن جا سفرناما ۽ انهن ۽ منظر نگاري ۽ ڪردار نگاري ڪافي دلچسپ آهي . هي ڪتاب اي روڊ ٽ مدينه به هن جي ٻين سفرنامن وانگر هڪ قابل تحسين ڪو شش آهي
    االطاف شيخ تي مون هميشه رشڪ ڪيو آهي ( جمال ابڙو )​

    االطاف شيخ تي مون هميشه رشڪ ڪيو آهي ته هو ڪيئن سفرنامن ذريعي مسلسل ترقي پسند ادب ڏيئي رهيو اهي ترقي پسند ادب تي ڪنهن وڏي جگادري قسم جي اديب جي نڪي هڪ هٽي آهي ت نه ئي ميراث نه وري ڪو افلاطوني فلسفو اهي جنهن تي ڪنهن خاص گروه جو يا ڪنهن آئيديالاجي جو ٺپو لڳل هجي بس سڌو سنئون معلوماتي ادب جو سوچڻ تي مجبور ڪري بهتري لاء چاهنا پئدا ڪري ان لاء راهون کولي ان کان وڌ ترقي پسند ادب ڪهڙو چئبو ان ڪسوٽي تي الطاف شيخ جو ڏنل ادب نج سون ثابت ٿيندو سندس نگاهه تمام گهري خلوص واري ڇند ڇاڻ وااري ميٺاڄ ۽مزاح واري ڀلائي ۽ برائي جون آنڊا گجيون ڪڍڻ واري ۽ پيار سان _ڏاه ۽ ڏس ڏيڻ واري آهي ڪو دور هوندوهو جو ڪيئي کنڊ کائي مجنو ن ٻر کان ٻاهر نڪري ترقي پسند جو ٺپو هڻائي هنبوڇيون هڻندا وتندا هئا نه علم نه ڄاڻ نه مسئلن تي نظر نه عوام سان ڳوڙهي وابستگي نه ايثار جو جذبو پنجاه سٺ واري ڏهاڪي ۾ حقيقي ترقي پسند ته وڃي جيلن ۾ پيا يا عذاب کائي ماريا ويا پوء مڪو متو هٿراڌو ليڊر پسند شهرت پسند *۽ناماچار پسند ڄامڙن جو جي پيداوار اڄڪلهه جا ڌاڙيل يا خوشامد سرڪاري صلاحڪار آهن لفاظي ۽ نعري بازي ڪري پيسا ڪمائيندڙ وڃي ليڊري ۽ صلاحڪاري کي پهتا انهن جا ڪيئي نمونا ڪي مهذب ڪي بڪواسي ڪي چرچائي مقصد سڀني جوهو سرڪا ر سان سنمک ٿيڻ ۽ ماڻهن ۾معتبر بنجڻ سچو ترقي پسند ۽ انقلابي ٿيڻ سندن پهچ کا ن ٻاهر هو ڇو ته انلاء قرباني ڏيڻي ٿي پوي انلاء سولو بنهه آسان طريقو ايجا د ڪيائون ته مذهب ۽ الله جي نالي گهٽ وڌ ڳالهايو هڪدم ترقي تي ۽ جي ڪنهن سرڪاراي کاتي يا سپاهي کي هيسائن لاء مٿس جلهه ڪيو يا ڪنهن شريف جي _ڏاڙهي پٽ ڪيو ته توها ن انقلابي آهيو انهي دور ۾ ۾مولوي نذير جا انقلابي ٽوٽڪا ڏاڌا مقبول ٿيا مولوي صاحب لٺ کنيو ڪليڪٽر ۽ انجنيئر کاتي ۾ ماڻهن جا لانڍ وٺيو ڪم ڪرائيندو ٿي ويو ٻئي پاسي ڪامريڊ عبد القادر حيدر بخش ڪامريڊ سوڀو گيانچنداني ۽ رسول بخش پليجو جهڙا سمجهدار ورڪر ورهين جا ورهه جيلن ۾ پيڙهبا رهيا شيخ اياز جهڙو نج اديب پيارو ماڻهو پڪاري اٿيو ته سچ وڏو ڏوهاري آهي سنڌڙي تنهن جو نانء ورتو ڄڻ ڪاري تي پير پيو ٻاٻري ڪنڊي تي هلي رتو ڇاڻ ٿي وڃي جيل جو واسي ٿيو هن صدي جو ههڙو عظيم اديب ۽ انسان به اهو مقام پائي نه سگهيو جيڪو ٻيا سڌڙيا پائي ويا مٿيان سڀ عظيم ترقي پسند اڄ تائين لعن تعن جو شڪارآهين اها وڏي سرڪاري چال هئي جا اسين سمجهي ڪونه سگهيا آهيو ن اهڙيون قداور شخصيتون مشڪل سان پئدا ٿينديون اهن قادر بخش نظاماڻي وڃي لنڊن وسايو جمال الدين بخاري چريو ٿي مري ويواڄ لاڙڪاڻي پريس ڪلب تان سندس نالي جي تختي لاٿي وئي برڪت آزاد گمنامي گوشه نشيني ۾ گهاري رهيو آهي محترم ابراهيم جويو هڪ مثالي ڪردار آهي جنهن کي مان ۽ اياز ڪرائسٽ چوندا آهيون هند ويل ساٿين جو ذڪر ڪري پاڻ کي ٻوهي ۾ وجهڻ وارو مان نه آهيان ڪامريڊ غلام محمد لغاري بک ڏک ۾پاڻ کي غريب هارين جو ساٿاري بنايو ويٺو هوندو هو خالي هٿين ويوهليو تاج صحرائي انگريز ن جا جيل ڪاٽي اڄ به بيابان پيو جهاڳي آزادي کانپوء ادب جي ميدان ۾ پختو ۽ جاکوڙي محنت جو سهرو ڊاڪٽر نبي بخش ڊاڪٽر غلام علي الانا مرحوم حسام الدين ۽ علي محمد راشدي تي آهي انهن کي بڻ بنياد نه بنايوسين ته يتيم ٿي وينداسين انهن نئون رخ ڏنو انهي کان ڪو انڪار مورکپائي آهي ڪن جوانڙن جو چوڻ آهي ته انهن صاحبن تخليقي ادب نه ڏنو اهو بحث طلب مسئلو آهي انهن پهاڙ جهڙين هستين تي بحث ڪرڻ آهي جبل سان مٿو هڻڻ مٿي ذڪر ڪيل صاحبن کي ترقي پسند اديب ئي چئبو اهي صاحب توڙي ڪاڪوڀيرو مل ۽ ڪشنچند بيوس انهن جا نالا نه کڻان ها ته پاڻ کي ڪڏهن به معاف نه ڪيان ها.ترقي پسند ادب جو بڻ بنياد وجهندڙ آهن اها ٻي ڳالهه آهي جو مٿن ڪڏهن عتاب نازل نه ٿيو هميشهه معزز رهيا انهي جو اهو سبب ڪونهي ته انهن مزاحمتي ادب پيش نه ڪيو پوء ائين ڪونه چئبو ته ترقي پسند ادب صرف مزاحمتي ادب آهي پوء ته والٽ وٽمئن جهڙو اديب به چيو ٿو ته ويٺو آهيان ۽ ماٺ ڪري ويٺو ڏسان به معيارکان ڪري پوندو يا ملٽن چيو جي ماٺ ۾ اهن ۽ ترسيا پيا ـآهن سي به ڪرت سان آهن سچل سائين چيو ماٺ ڪيا ن ته مشرڪ ٿيان ڪڇان ته ڪافر سڀني عظيم انسانن جي سوچ هڪ ٿيندي آهي ٻيو ته اڄڪلهه ائين سمجهيو ويو آهي ته اديب دانشور آهي ائين نه آهي اديب ته سونهن پسي وٺي ٿوان جي جهلڪ ٻين کي وٺرائي ٿو اڄ جنهن صاحب جي ڪا تخليق اخبار ۾ ڇپجي ٿي ته هو اديب يا دانشور ٿيو وڃي ما ن پاڻ لاء اعلان ٿو ڪيان ما ن دانشور ڪونه اهيان اسان علم جي راه جا پانڌيئڙا اهيون شل الله علم زياده ڪري.ها ڊاڪٽر نبي بخش شيخ اياز رسو ل بخش پليجو محمد ابراهيم جويو سوڀو گيانچنداني وڏا اديب ۽ دانشور آهن ڇو ته هو عالم ۽ اسڪالر به اهن سچو اديب اهو ئي آهي جيڪو عوام جي آواز ۽ ضمير بنجي سند ن جدوجهد جو ساٿاري هجي ۽ عوامي تحريڪن کي صحيح لاڙا ڏي ڪجهه ڏينهن اها گونج ٻڌڻ ۾ آئي ته جيڪو سٽ لکي ٿو سو اديب هاڻي ڏيو منهن هر بندش کان آزاد جانسن لکيوته ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن جاهل کي لکڻ اچي ويندو الحمد الله هاڻ اهو رجحان ختم ٿيو آهي هاڻ وري ٻيو چوٻول ٿيو آهي ته هر اديب لٺڙيو هئڻ گهرجي امر جليل چوي ٿو ته ڌاڙيل سان منهن به اديب ڏين ڀائي ڏاها ٿيو پوء ته هاري هر ڦٽو ڪري پورهيت مترڪو ڇڏي ڪامورو نوڪري ڇڏي ٻيلي هرڪو پنهنجي،وت آهر دائري ۾ ڪم ڪندو ته هو اتي لاڀائتو ٿيندو ادب ۽ ترقي پسند جو مقصد فوجي هئڻ نه آهي هو سڀ ڪجهه هوندي به اديب هوندو آهي مون ڳالهه پئي ڪئي الطا ف جي سفرنامن جي سفرناما ٻيا به گهڻا لکيا ويا پر انهن مان پڏڻ پائي ۽ ذات جو اظها ر ٽيڪا پيو ڏئي الطاف ۾ اها ڳالهه ڪونهي هو اجايو عالماڻو اظهار ڪونه ٿو ڪر ي هو ٻين ماڻهن جون اوڻايون خوبيون چڱي طرح سان جاچي پرکي پنهن جا نتيجا ڪڍي اسانکي ٻڌائي ٿو معمولي موضوع مان اهڙا سبق ٿو ڏيئي جو واڄٽ وڄيو وڃن سندس ڪجهه ڪاڪوسن بابت پڙهي ڏسو پوء چئو ڪپاٽ کلي وڃن ٿا يا نه الطاف هڪ منفرد ليکڪ آهي هو منهنجي ديرينا دوست گل محمد جو فرزند آهي ڊاڪٽر نبي بخش هڪ گڏه تي معلوماتي ڪتا ب لکي ته شيخ صاحب ڪاليجي زماني ۾ ئي ماکي جي مک تي اهڙو معلوماتي ڪتاب لکي ڇپائي ڇڏيو ان بعد ماڪوڙي ۽ ڪوريئڙي تي پڻ شيخ صاحب نهٺو ٿور ڳالهائو ڳوڙهي سوچ رکڻ وارو خوش مزاج ۽ سچ جو ساٿاري هو سادي طبيعت ۽ آفيسري ۾ به گيڙو کاڌي جاڪپڙا پائيندو هو مون کي الطاف ۾ شيخ صاحب واريو ن جهلڪيون نظر اچن ٿيون سندس زور قلم اڃآ زياده آهي هن سڄي پٽاڻ جو مقصد آهي ته الطاف جون لکڻيون ترقي پسند ادب جو لاجواب حصو آهن
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,414
    ورتل پسنديدگيون:
    736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌ جو سيلاني، سنڌ جي سڃاڻ الطاف شيخ

    مهرباني سائين تمام سٺي ونڊ آهي
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,687
    ورتل پسنديدگيون:
    1,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ جو سيلاني، سنڌ جي سڃاڻ الطاف شيخ

    ادا تمام سٺو ڪوشش آهي اوهان جي اوهان تمام گهڻي اسان کي جاڻ ڏني آهي مهرباني لک لائق اوهان جا
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جو سيلاني، سنڌ جي سڃاڻ الطاف شيخ

    ادا مهربانيون​
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جو سيلاني، سنڌ جي سڃاڻ الطاف شيخ

    ’جو ڏٺم سو لکيم۔۔،۔۔۔۔۔۔۔ ( ‘ الطاف شيخ )​


    سفرناما نه رڳو لکڻ جو پر پڙهڻ جو به وڏو شوق رهيو اٿم، پوءِ اهي چاهي سنڌي، اردو ۾ لکيل هجن يا انگريزي يا ملئي زبان ۾، اهي چاهي ڏورانهن ڏيهن جا هجن يا ”حيدرآباد کان هنگلاج“ يا ”سکر کان ساڌ ٻيلو“ جهڙا هجن. انهن سڀني ۾ مون ڏِٺو آهي ته سامونڊي سَفرَ ڪجهه وڌيڪ ئي دلچسپ لڳن ٿا، پوءِ اهي آڳاٽي زماني جي سياحن مارڪو پولو ۽ ابنِ بطوطا جا هجن يا ويجهڙائيءَ ۾ لکيل مشيما يوڪيو ۽ شمويل جانس جا هجن. آئون پنهنجن جهاز ران دوستن کي توڙي پنهنجن شاگردن کي، ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪجهه لکڻ لاءِ هميشه همٿائيندو رهيو آهيان، ته هو پنهنجي مشغول گهڙين مان ڪجهه وقت ڪڍي پنهنجن تجربن، مشاهدن ۽ روزمره جي ڊيوٽين بابت دلچسپ احوال، ڊائري، سفرنامي، يادگيري، ڪالمن يا مضمونن جي صورت ۾ لکندا رهن، جيئن خبر پئجي سگهي ته اسان جا جهاز ران ڀائر دنيا جي مختلف سمنڊن ۽ بندرگاهن تي مختلف جهازن ۾ ڇا ڇا ڪري رهيا آهن ۽ سندن اهي لکڻيون، نه فقط هڪ عام پڙهندڙ لاءِ دلچسپ ثابت ٿين، پر ٻين جهازين لاءِ پڻ نصيحت آموز ۽ معلومات ثابت ٿي سگهن.

    منهنجي زور ڀرڻ تي روهڙيءَ جي ڪئپٽن عالم شيخ ۽ درٻيلي جي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم، جڏهن اهي اڃا ڪئپٽن نه ٿيا هئا ته لکڻ شروع ڪيو هئائون، پر سال ٻه لکڻ بعد جيئن ئي هو جهاز جا ڪئپٽن ٿيا، يعني جوابداري وڌي وئي، تڏهن هنن لکڻ ڇڏي ڏنو ۽ هنن جو وري ڪو مضمون نظر نه آيو. اڄ ٽيهارو سالن بعد هڪ نوجوان ڪئپٽن عبداللطيف لاشاريءَ جو مهاڳ لاءِ پهتل سفرنامو ڏسي خوشي ٿي آهي. عبداللطيف لاشاري ان ساڳي مئرين اڪيڊمي پاڪستان جو گريجوئيٽ آهي، جتان مون تعليم حاصل ڪئي؛ پر منهنجي ڏينهن ۾ اها اڪيڊميءَ جي ٻي بئنچ هئي، جنهن جو آئون ڪئڊٽ هوئس. ڪئپٽن عبداللطيف لاشاري ڇويهين بئچ جو گريجوئيٽ آهي. تعليم ختم ڪرڻ بعد 20 فيبروري 1990ع تي پاڻ پاڪستان جو آئل ٽئنڪر ”ايم ٽي (موٽر ٽينڪر) جوهر“ نالي جهاز Join ڪيائين. هن جهاز تي ٻه سال سفر ڪرڻ بعد هو اٽلي، يونان ۽ ايران جي مختلف جهازن تي Sail ڪندو رهيو آهي. انهيءَ دوران هن سامونڊي ڊيوٽي (Sea Time) جا مختلف مُدا مڪمل ڪري، بين الاقوامي امتحان پاس ڪيا ۽ پنهنجي فيلڊ جي اتاهين پوسٽ تي پهتو ۽ هاڻ، پنج کن سالن کان هو هر جهاز تي ڪئپٽن جي حيثيت سان Sail ڪري رهيو آهي.

    ڪئپٽن لاشاريءَ پنهنجي هن سفرنامي ۾ پنهنجي شروع جي ڏينهن جي هڪ سفر جو احوال لکيو آهي، جيڪو مون کي پَڪ آهي ته پڙهندڙن لاءِ دلچسپ ۽ معلوماتي ثابت ٿيندو. ويندي منهنجي لاءِ به ان ۾ ڪيتريون ڳالهيون نيون آهن. پاڻ ڪيترن ئي اهڙن بندرگاهن جو احوال لکيو اٿن، جن بابت مون اڃا تائين هڪ سِٽ به نه لکي آهي. جيئن هن سفرنامي ”جو ڏِٺم سو لکيم“ جو پهريون مضمون ”اٿوپيا جو احوال“ آهي. ڪيترا دفعا اٿوپيا جي بندرگاهه مَساوا ۾ وڃڻ بعد به آئون اهو ئي سوچيندو رهيس، ته هن بور ملڪ بابت ڇا لکجي پر ڪئپٽن لاشاري هن ملڪ ۽ سندس شهرن بابت اهڙو ته دلچسپ احوال لکيو آهي، جو دل چاهي ٿي ته هڪ دفعو ان جهاز تي ضرور Sail ڪجي؛ جيڪو اٿوپيا ويندو هجي. اهڙيءَ طرح جبوتيءَ جو احوال آهي. هن ملڪ تي فرينچن جو راڄ رهيو، جيئن اسان جي ننڍي کنڊ تي انگريزن جو رهيو. ڪئپٽن لاشاريءَ جو جهاز لڳي ٿو ته ڳاڙهي سمنڊ جي منهن وٽ، هن اهم بندرگاهه تي ڪيترائي دفعا ويندو رهيو آهي. بلڪ آئون ته اهو چوندس ته ڪئپٽن لاشاريءَ جو هوم پورٽ ڳاڙهي سمنڊ (بحرِ احمر) يا ايراني نار جا بندرگاهه هئا، ڇو جو پاڻ مون کي ٻُڌائي رهيو هو ته هن سواءِ هڪ ڪارگو جهاز جي، باقي جيڪي جهاز هلايا آهن، اُهي آئل ٽئنڪر آهن. آئل ٽئنڪر کڻي ڪهڙي به ملڪ جا هجن يا کڻي ڪهڙي به ملڪ ڏي تيل کڻي ويندا هجن، پر تيل کڻڻ لاءِ هُنن کي ايران، عراق، سعودي عرب، سوڊان، ڪويت، بحرين ۽ دبئي جهڙن بندرگاهن ڏي موٽڻو پوي ٿو، جيڪي انهن مٿين ٻن سمنڊن ۾ آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته جيتوڻيڪ سڀ کان گهڻو پگهار آئل ٽئنڪر (تيل کڻندڙ) جهازن تي ملي ٿو. پر ساڳي وقت سڀ کان سخت پورهيو ۽ خطرو به انهن جهازن تي رهي ٿو ۽ انهن جهازن تي نوڪريءَ دوران نه سمنڊ تي آرام ملي ٿو ۽ نه وري بندرگاهه تي. ان خيال کان ڪئپٽن لاشاريءَ کي Credit ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي، ته هن پنهنجي ٽينشن واري مشغول زندگيءَ مان گهڙيون ڪڍي، ٻين لفظن ۾ پنهنجي آرام جي ڪلاڪن مان وقت ڪڍي هيءُ دلچسپ سفرنامو لکيو آهي.

    ڪئپٽن لاشاريءَ پنهنجي هن سفرنامي ”جو ڏٺم سو لکيم“ ۾ اڄ کان 18 سال کن اڳ جو احوال لکيو آهي، جڏهن پاڻ 22 سالن جو نوجوان هو ۽ سندس جهاز پهريون دفعو ابو ظهبي، شارجا ۽ دبئي جهڙن بندرگاهن ۾ آيو هو. هُن هنن بندرگاهن جي دلچسپ زندگيءَ کان علاوه جهاز تي جهازن جي مالڪن ۽ جهاز هلائيندڙن جي وچ ۾ هلندڙ سياست، سُستي، چالاڪي ۽ ڊيوٽيءَ جي پوئيواريءَ بابت پڻ لکيو آهي، جيڪي ڳالهيون پڪ اٿم ته عام پڙهندڙ کي حيرت ۾ وجهنديون، ته ڪئپٽن کي هڪ ڌارئين ملڪ جي جهاز جي زندگي ڪيئن گهارڻي پوي ٿي؛ جنهن تي مختلف ملڪن، قومن، زبانن ۽ مذهبن جا ماڻهو ڪم ڪن ٿا ۽ جهاز هڪ ملڪ ۾ هجڻ بدران مختلف موسمن ۽ سمنڊن مان گذرندو رهي ٿو.

    آفريڪا ۽ عرب ملڪن جي بندرگاهن جو احوال ڏيڻ بعد ڪئپٽن لاشاريءَ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ انڊيا جي بندرگاهن جو احوال ڏنو آهي، جنهن جي شروعات هن برما (ميانمار) جي بندرگاهه رنگون (ينگون) کان ڪئي آهي. اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ جا جهاز رنگون ورلي وڃن ٿا، پر ڪئپٽن لاشاري جنهن دبئي واري جهاز تي رهيو، اُن کي رنگون پڻ وڃڻو پيو. رنگون انهن بندرگاهن مان آهي، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ بدران ملڪ مان وهندڙ نديءَ ۾ آهي. يعني هن بندرگاهه تي جهاز کي وٺي اچڻ لاءِ پهرين سمنڊ جي ان حصي تي پهچڻو پوي ٿو، جتي اها ندي اچي ڇوڙ ڪري ٿي، پوءِ نديءَ اندر سفر ڪري ان بندرگاهه تائين پهچڻو پوي ٿو. جيئن ڪنهن زماني ۾ جڏهن اسان جي سنڌو ندي تارؤن تار وهندي هئي. يعني بحري ٻيڙين لاءِ Navigable هئي ته انگريزن جا جهاز ڪوٽڙي، ٻڍا پور، هالا، درٻيلو، روهڙي ۽ سکر وٽان ٿيندا ملتان تائين پهچندا هئا. سو رنگون به سمجهو ته ڄامشورو آهي، پر ڄامشورو درياهه جي ڇوڙ کان 170 ڪلو ميٽر پري آهي، پر رنگون 95 ڪلو ميٽر آهي؛ ۽ ٻي ڳالهه ته ڄامشورو يا هالا پراڻا درياءَ جي هڪ ڪپر تي شهر آهن، پر رنگون شهر (بندرگاهه) درياهه جي ٻنهي ڪپرن تي آهي. ائين ناهي ته رنگون جو هڪ اڌ جو نالو سکر هجي ته ٻئي جو روهڙي، هن قسم جا درياهي بندرگاهه ڪيترائي آهن، جهڙوڪ ٿائلينڊ جو بئنڪاڪ يا آمريڪا جو نيو اورلينس؛ جيڪو مسي سپي نديءَ ۾ آهي. اهڙن درياهي بندرگاهن ۾ پهچڻ جو سفر بيحد دلچسپ ٿئي ٿو ۽ جهاز تي سفر ڪندڙ کي ائين لڳندو آهي ڄڻ ٽرين ۾ پيو هلي؛ جنهن جي ٻنهي پاسن کان هن کي سمنڊ بدران گهر، فصل، رڻ پٽ، جبل ۽ روڊن تان هلندڙ لاريون بسون نطر اچن ٿيون. بهرحال ڪئپٽن لاشاري پنهنجي سفر نامي ”جو ڏٺم سو لکيم“ ۾ برما جي هن بندرگاهه جو احوال دلچسپ نموني لکيو آهي.

    هن سفرنامي ۾ ليکڪ انڊيا جي به ٻن بندرگاهن جو احوال لکيو آهي. هڪ ممبئي جو، جنهن جو نالو هر هڪ ٻڌو هوندو، جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ بامبي ۽ بمبئيءَ جي نالي سان مشهور هو. ٻيو تامل ناڊو رياست جو بندرگاهه، ٽوٽي ڪورين آهي. ڪئپٽن لاشاري اڄ کان ڏهاڪو کن سال اڳ جنهن جهاز تي انڊيا جي هنن بندرگاهن تي پهتو هو، تن ڏينهن ۾ پاڻ پاڻ اڃا ڪئپٽن نه ٿيو هو. جهاز جو جيڪو ڪئپٽن هو، ۽ هو انڊيا جي مشهور فلمي ائڪٽر سلمان خان جو ماروٽ هو، ان ڪري هو جهاز جي ڪيترن ئي آفيسرن کي سلمان خان جي گهر وٺي هليو، جنهن جو دلچسپ احوال پڻ هن سفرنامي ۾ آهي. ان کان علاوه هن سفرنامي ۾ خراب موسم ڪري جيڪا جهاز ۽ جهاز هلائيندڙن کي شڪست آئي، ان جو احوال پڻ ڪئپٽن لاشاريءَ مزيدار انداز ۾ چٽيو آهي.

    هن ڪتاب جي آخر ۾ ”سمنڊ ۾ ٻڪرن جو شڪار“ ۽ بلوچ مهاڻن جي جان بچائڻ وارو واقعو اهڙي نموني دل کي ڇهڻ واري انداز ۾ پيش ڪيو اٿس، جيڪو اسلوبِ تحرير هڪ تخليقڪار جو ئي ٿي سگهي ٿو؛ ۽ پاڻ بيشڪ هن سفرنامي ذريعي هڪ تخليقڪار ٿي اُڀريا آهن، ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ اسان جي پاڙيسري ٻيٽ نما ملڪ سريلنڪا (سلون) جو پڻ احوال آهي، جتي جي بندرگاهه ڪولمبو ۾ لاشاري صاحب جو جهاز ويندو رهيو ٿي، هي احوال اهڙن سفرن مان هڪ جو آهي. دراصل هي ڪتاب (سفرنامو) ڪئپٽن لاشاريءَ جي هڪ شروعاتي سفر جو احوال آهي. پاڻ گذريل ويهه سالن ۾ خبر ناهي ڪيترائي سفر ڪيا هوندائين ۽ دنيا جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ ڪيترائي دفعا ويو هوندو. هينئر به هو نئين سفر جي تياري ڪري رهيو آهي. ٽن مهينن جي ورتل موڪل ۾ هو پنهنجو هي سفرنامو ڇپائڻ چاهي ٿو، جنهن جي مهاڳ لکڻ لاءِ پڻ هن مون کي فقط ٻن ٽن ڏينهن جو وقت ڏنو آهي، جيئن سندس موڪل دوران ڇپائيءَ وارو ڪم پورو ٿي سگهي. سندس هن آڳاٽي سفر جو احوال هن اهڙي ته دلچسپ انداز ۾ لکيو آهي، جو آئون هڪ ئي Sitting ۾ سڄو پڙهي ويو آهيان، بلڪه دل چاهي ٿي ته اهو اڃا به وڏو هجي ها. منهنجي ۽ پڪ هر پڙهندڙ جي اها ئي خواهش رهندي ته ڪئپٽن لاشاري هن قسم جا سفرناما لکندو رهي. منهنجي لاشاريءَ کي اها ئي صلاح آهي ته ڪنهن هڪ ٻئي پراڻي سفر جي احوال سان گڏ هن نئين سفر جو احوال پڻ ضرور لکي؛ جنهن جو هو سانباهو ڪري رهيو آهي. Change خاطر هو پنهنجي هن نئين سفر جو احوال ڊائري نموني پڻ لکي سگهي ٿو. جنهن جنهن ڏينهن، سمنڊ تي يا بندرگاهه تي جهاز بابت يا ٻاهر جي دنيا بابت ڪا دلچسپ ڳالهه رونما ٿئي، ته هو ان جي تاريخ هيٺان لکندو وڃي. اهڙيءَ طرح سفر جي پڄاڻيءَ تائين هڪ دلچسپ سفرنامو مڪمل ٿي ويندو.

    ڪئپٽن عبداللطيف لاشاري هر هڪ جو ڀلو گهرندڙ، هڪ سٺو انسان، ذهين ناکئو (Navigator) ۽ ننڍپڻ کان محنتي ۽ هوشيار شاگرد رهيو آهي. هڪ ڏورانهين ڳوٺ جو ٿي ڪري هن کي مطالعي ۽ اخبار پڙهڻ جو شوق ننڍپڻ کان رهيو آهي. اها ڳالهه ان ڪري به لکي رهيو آهيان ته منهنجا ڪيترا نوجوان پڙهندڙ هميشه اهو ئي روئڻ روئندا آهن ته اسان کي مئرين اڪيڊمي جهڙن ادارن جي خبر نه هئي، نه ته اسان به ان لاءِ Apply ڪريون ها- ۽ آئون هميشه کين اهو چوندو آهيان ته ڪيترائي ڳوٺن جا شاگردن، جيڪي اخبار پڙهن ٿا، معلومات سان دلچسپي اٿن، صحيح معنيٰ ۾ پڙهائي ڪن ٿا، اهي نه رڳو مئرين اڪيڊمي جهڙن مقابلي وارن ادارن ۾ چونڊجيو وڃن ٿا، پر هو اڳتي هلي سٺا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر پڻ ٿين ٿا. منهنجي خيال ۾ ڪئپٽن عبداللطيف لاشاري ان جو بهترين مثال آهي، جيڪو ميرپورخاص جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ”حاجي شاهه بخش لاشاري“ ۾ ڄائو، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين ۽ اهڙي ئي هڪ ٻئي ڳوٺ ڪاٺڙي مان 9 ڪلاس تائين پڙهيو. ان بعد مئٽرڪ ۽ انٽر سائنس ميرپورخاص جي شاهه عبداللطيف ڪاليج مان پڙهي پاس ڪيائين. لڳي ٿو ته هن مئٽرڪ ۽ انٽر سائنس صحيح معنيٰ ۾ پڙهي پاس ڪئي آهي، تڏهن ته هن مئرين سائنس ۾ گريجوئيشن ڪئي، نه ته سنڌ جا ڪيترائي شاگرد جيڪي ڌڻ مارڪن جو حاصل ڪري هن اداري لاءِ چونڊجي ته ويندا آهن، پر پوءِ تعليم نه هجڻ ڪري پهرين ئي ٽماهي امتحان ۾ فيل ٿي گهر لاءِ ٽپڙ ٻڌندا آهن. ڇو ته ههڙن ڏکين ڪمن لاءِ نه فقط اي- ون ڪلاس کپي، پر معلومات به هجڻ کپي. ظاهر آهي ته لاشاري رشوت ڏئي انٽر ۾ مارڪون حاصل نه ڪيون هونديون، تڏهن ته هو بين الاقوامي قسم جا امتحان پاس ڪري، جهاز رانيءَ جي وڏي عهدي تي پهتو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو