فيس بڪ جي دنيا جا رنگ هزار...امتياز چانڊيو

'فيس بوڪ' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    فيس بڪ جي دنيا جا رنگ هزار...امتياز چانڊيو​

    [​IMG]

    واهه واهه، ڪٿي گم آهين“_” هن تصوير ۾ ته صفا سٺي پئي لڳين“ يا وري” ويري نائس“ جهڙا کوڙ دلچسپ ڪمينٽس اڌ عمر ڳاري ڇڏيندڙ عورتن، مردن توڙي جواني جي سرحدن کي ڇهندڙ انهن ڪيترن ئي نارين ۽ نوجوانن جي فيس بڪ تي موجود تصويرن هيٺان پڙهڻ لاءِ ملندا رهن ٿا، جنهن ۾ هر روز نوان دوست ٺهندا ۽ ڊهندا (بلاڪ) به ٿيندا رهن ٿا، هونئن ته انٽرنيٽ تي اڻ ڳڻيون ويب سائيٽس موجود آهن، پر فيس بڪ تي تصويرن هيٺان اهڙا ڪمينٽس ڪجهه وڌيڪ پڙهڻ لا ملن ٿا، جنهن کي هاڻي دنيا جي اهم ترين ”سوشل نيٽ ورڪنگ ويب سائيٽ“جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، توڙي جو فيس بڪ جو بنياد ته سيپٽمبر 2006ع ۾ ئي پيو،پر هن ويب سائيٽ ٿوري ئي عرصي ۾ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي سماجي رابطي لاءِ جڙيل ويب سائيٽس کي ڪنهن حد تائين مات ڏئي ڇڏي آهي، اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ فيس بڪ کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ نواڻ آڻيندڙ ويب سائيٽ سمجهيو پيو وڃي،جنهن جو مثال فيس بڪ استعمال ڪندڙن جا انگ اکرن جن کي ڏسي حيرت ٿئي ٿئي،ڇو ته پوري دنيا ۾ فيس بڪ استعمال ڪندڙن جو انگ لڳ ڀڳ 40 ڪروڙن تائين آهي،جنهن ۾ پاڪستان ۾ فيس بڪ جا ميمبر 20 لک کان وڌيڪ ٿي چڪا آهن ۽ انهن ميمبرن ۾ به 67 سيڪڙو مرد ۽ 33 سيڪڙو عورتون آهن، جيڪي فيس بڪ کي روزانو استعمال ڪنديون رهن ٿيون، جن ۾ اڪثريت ته ورڪنگ وومين جي آهي،پر پاڪستان ۾ ڪجهه اهڙيون پڙهيل لکيل عورتون به آهن، جيڪي چارديواري ته پار نه ٿيون ڪري سگهن پر فيس بڪ تي پنهنجي يا ڪنهن فرضي نالي سان اڪائونٽ کولي پنهنجي دل جون ڳالهيون ٻين سان شيئر ڪنديون رهن ٿيون،خاص ڪري سنڌياڻيون ته فيس بڪ تي به ويهي مزي مزي جا ڪمينٽس ڏينديون رهنديون آهن،جن کي پڙهي کل نڪريو وڃي،يا وري پنهنجي وال تي اهڙا قول پيون لکنديون جو انهن جي دل جو آواز ست سمنڊ پار پيو محسوس ٿيندو آهي،جيئن هڪ عورت پنهنجي وال تي لکيو” اڄ آئون تمام گهڻي اداس آهيان“ ته ان تي ڪيترن ئي ماين ۽ مردن ڪمينٽس ڪيا، خاص ڪري هڪ نوجوان سندس وال تي لکيو ته” خودڪشي نه ڪجان، مٿي گنجائش ئيِ ناهي“.ڪيتريون پرڏيهه ۾ رهندڙ عورتون ته پنهنجي دل جون ڳالهيون،ڪا شاعري،ڪي نوان احساس به فيس بڪ فرينڊز سان شيئر ڪنديون رهن ٿيون، جن تي منٽن ۾ ڪمينٽس ڏيڻ جا ڌوڙيا شروع ٿي ويندا آهن، خاص ڪري جڏهن ڪا نئين تصوير اپ لوڊ ٿيندي آهي ته اها انهن سڀني وٽ نظر ايندي جيڪي ان جي دوستن جي لسٽ ۾ شامل هوندا، جيڪڏهن 500 دوست ڪنهن وٽ ايڊ ٿيل آهن ته هر ڳالهه انهن پنج سئو دوستن سان شيئر ٿيندي رهندي،تنهن ڪري هڪ ئي پيج تي سڀ ڳالهيون ڊسڪس ٿيڻ،هڪ ئي وقت چيٽ ڪرڻ، بنا جدا پيج کولڻ جي ميل ڪرڻ، ميسيج ڪرڻ، چيٽ ڪرڻ، ميوزڪ ٻڌڻ، وڊيو البم شيئر ڪرڻ، ڪنهن ٻئي دوست جي وال تي وڃي ڪجهه لکي ڇڏڻ يا پنهنجي تخليق ٻين سان ساڳئي پيج تان شيئر ڪرڻ واري جدت سبب ئي فيس بڪ جي استعمال ڪرڻ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي،جيئن ايم اين اي ماروي ميمڻ فيس بڪ ۽ ٽيوٽر کي هر پل يوز ڪندي رهي ٿي،هوءَ ڪٿي آهي؟ڪئين پئي محسوس ڪري،ڪهڙِي سياسي سرگرمي ڪري رهي آهي،ڪهڙي شهر ۾ آهي،ڪهڙي مسئلي تي تياري پئي ڪري؟انهن سڀني مامرن کان هوءِ پنهنجي نيٽ فرينڊز کي آگاهي ڏيندي رهي ٿي،ايتري قدر جو هوءَ جڏهن اسيمبلي ۾ ڪنهن اشو تي ڳالهائيندي آهي ته اها به ٽيوٽر ۽ فيس بڪ تي ٻن سيڪنڊن ۾ اچي ويندي آهي ته هن ڇا ڳالهايو؟ان جي فيس بڪ ۽ ٽيوٽر استعمال ڪرڻ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هوءَ جڏهن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ست ڏينهن ۽ راتيون روڊ تي بک هڙتال ۽ احتجاج ڪرڻ لاءِ ويٺل هئي،سندس حال هيڻا هئا، تڏهن به هن پنهنجون تصويرون ته رکيون ئي رکيون پئي، پر هن پنهنجي ٽڙيل پکڙيل سامان، بيگ، چپل، ميرن ڪپڙن، ڏينهن رات ڪوريج لاءِ ويٺل صحافين،ڪيمرامينن،ڪيمرائن جي تارن،مٽِي سان ڀريل روڊ،رات جو پوندڙ ماڪ،سياسي اڳواڻن سان ٿيندڙ ملاقاتن کان ويندي هر روز صبح جو جوس جو دٻو کڻي ايندڙ 90 ورهين جي سينيئر صحافي عبدالحميد ڇاپڙا ۽ رات جو فوٽ پاٿ تي ٺاهيل عارضي گهر جون تصويرون به هن ويب پيج تي رکيون،جيئن ٽينس اسٽار ثانيه مرزا پنهنجي مداحن کي فيس بڪ ۽ ٽيوٽر تي شادي بابت اپ ڊيٽ ڪندي رهي،اسلام آباد ۾ هڪ پرڏيهي اين جي او ۾ ڪم ڪندڙ ماروي سرمد به ساڳئي طريقي سان فيس بڪ کي نه رڳو باقاعدگي سان استعمال ڪندي رهي ٿي،پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا بولڊ موضوع ڇيڙي ڀنڀور کي باهه به ڏيندي رهي ٿي،سياست،ادب ۽ سياحت سان دلچسپي رکندڙ ماروي ڪڏهن ڪڏهن ”اهل وفا ڪو شوق شهادت هئي، آج ڀي، ليڪن ڪسي ڪي هاٿ مين خنجر نظر تو آئي“ جهڙا رومانوي، انقلابي ۽ درديلا شعر لکي دل جو اظهار به ڪندي رهي ٿي، هوءَ سيمينارن، سفرن، احتجاجن يا گهر ۾ مچندڙ ڪنهن محفل جون تصويرون به شيئر ڪندي رهي ٿي،جيتوڻيڪ فيس بڪ تي اڪثر عورتون عمر لڪائڻ واري پنهنجي فطري عادت برقرار رکيو اچن،پر اهڙِي عمر لڪائڻ مان ڪهڙو فائدو،جنهن جو اندازو تصوير مان ئي آساني سان لڳائي سگهبو هجي،گهڻين عورتن جي پروفائل ۾ وڃبو ته اتي سڀ ڪجهه لکيل هوندو،پر جنم جي تاريخ ۾ هوندو صرف 2 ڊسمبر....! سال جي خبر ئي نه پوندي ته ويچاري ڪڏهن هن دنيا ۾ اک کولي،وري جيڪڏهن فوٽو گيلري وزٽ ڪبي ته عمر جا پول ئي پڌرا...ائين به ناهي ته سڀ اڪائونٽ صحيح هوندا هجن پر اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته فيس بڪ تي ايتري چيٽنگ نه ٿي ٿئي ،هتي ته ڪيتريون ئي دلچسپ ڪهاڻيون به آهن،جيڪڏهن ڪير ڇڙو آهي ۽ مڱڻي ڪري اسٽيٽس سنگل کي تبديل ڪري انگيجڊ ڪريو ڇڏي ته ان جي فوري خبر جهنگ ۾ باهه جيان سمورن سندس دوستن تائين پئجي ويندي،جيڪي کيس پوءِ مبارڪون پيا ڏيندا،ساڳئي طرح وري ڪو جوڙو زال مڙس آهي ته انهن ۾ به وڏي دلچسپ جملي بازي پئي ٿيندي آهي،تازو هڪ اين جي او ۾ ڪم ڪندڙ دوست بنگلاديش جي دوري تي ويو اتان وڃي،پنهنجيون تصويرون اپ لوڊ ڪيائين،جنهن ۾ هڪ تصوير ۾ هو هڪ مائي سان گڏ بيٺل آهي ته ان تصوير جي هيٺان سندس زال اهڙا معصوم ۽ اندر مان اٿندڙ باهه محسوس ڪرائيندڙ مختصر ڪمينٽس لکيا” واهه سائين واهه. ڇا اوهان جي ڳالهه ڪجي“....جيڪڏهن ڇوڪرا طنز ۽ انتقام وٺڻ ۾ دير نه ٿا ڪن ته عورتون به ڪنهن کان پوئتي ناهن،هڪ همراهه عورت کي ميسج ڪيو ته موبائل نمبر ڏي،پوءِ ان عورت ڇا ڪيو ان جي ميل جي ڪاپي ڪري فيس بڪ تي رکي ڇڏيائين،جنهن به اهي ڪمينٽس پڙهيا،سوين ماڻهن ان همراهه کي اهڙو ته تنقيد جو نشانو بڻايو جو توبهه پيو ڪندو هوندو،ساڳئي طرح هڪ عورت پهريون ڀيرو پنهنجي هڪ سال ننڍي مڙس سان گڏ واري تصوير رکي ته سڀني ڪمينٽس ڪرڻ شروع ڪيا ته هن پاڻ ئي وضاحت ڪرڻ شروع ڪئي،هي ته مونکان صرف هڪ سال ننڍو آهي...!جئين اڳي ڪلاس فيلوز ۽ ننڍڻ پڻ جي دوستن جي حوالي سان ذڪر ٿيندو رهندو هو،هاڻي نيٽ تي وري نيٽ فرينڊز جو زمانو آهي،جتي روز توهان نوان دوست ٺاهيو ٿا ۽ ڪن کي دل جي دنيا جيان پنهنجي فرينڊ لسٽ مان ئي گم ڪري ناتو ختم ڪري ڇڏيو ٿا،فيس بڪ کي پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ڀارت ۾ وڌيڪ يوز ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڀارتي ليکڪا ارونڌتي راءِ به شامل آهي،جڏهن ته سنڌي عورتن ۾ به انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ خاص رجحان وڌڻ لڳو آهي، ان کانسواءِ سنڌ جا ڪيترائي وزير، صلاحڪار، بيوروڪريٽس، صنعتڪار، واپاري، پوليس آفيسر، ڳجهن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عملدار، سياسي ورڪر، اديب، دانشور، شاعر، صحافي ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ مرد ۽ عورتون شامل آهن،جنهن ۾ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا،صوبائي وزير شازيه مري،سسئي پليجو، ايم پي اي ماروي راشدي، انيتا شاهه، صحافڻ بينا سرور، بينا مسرور، صائمه محسن، مهر بخاري، عاصمه شيرازي، لنڊن ۾ رهندڙ سنڌ واسڻ امبرين هيسباڻي، فهميده صنم، انيس صنم، آمريڪا ۾ رهندڙ سلميٰ ملاح، نصرت لاشاري، امر سنڌو، عرفانه ملاح، رحيمان پنهور، صنم چانڊيو، شبنم بلوچ، مرڪ چانڊيو، اداڪارا عتيقه اوڍو، سڪينا سمون سميت ٻيون ڪيتريون ئي عورتون فيس بڪ جون ميمبر آهن،جيڪڏهن ڪا عورت شادي شده آهي ته اها پنهنجي مڙس جو تيستائين نالو ايڊ نه ٿي ڪري سگهي جيستائين ان جي مڙس جو به اڪائونٽ نه هوندو،تنهن ڪري فيس بڪ تي جيڪي جوڙا به ٺهندا رهن ٿا،يا واري ماضي جون سهيليون به هوريان هوريان مليو وڃن.”مون کي فيس بڪ تي ته تمام گهڻا اهڙا دوست مليا جن سان ملئي ڪئين سال گذري ويا ها،پر هاڻي هو مون سان روز رابطي ۾ آهن“.لنڊن ۾ رهندڙ فيس بڪ يوزر فهميده ٻڌايو،جنهن موجب فيس بڪ تي پرائيويسي هجڻ ڪري عورتون هن کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿيون،ڇو ته جيڪڏهن ڪير اوهان کي تنگ ڪري يا غلط ڪمينٽس ڏي ته توهان ان کي فوري طور بلاڪ ڪري سگهو ٿا،ايتري قدر جو هو چاهي ڪيتري به ڪوشش ڪري ان کي توهان جي آءِ ڊي وري نه ملي سگهندي...مستقل نيٽ يوزر ٻڌائن ٿا ته فيس بڪ تي اوهان کي دوستن جي ڳولا ڪرڻ ۾ سولائي به ٿئي ٿي،خاص ڪري جيڪڏهن ڪا جعلي آءِ ڊي ٺهيل آهي ته اها به جلدي ئي پڪڙجيو پئي پر ،نيٽ جا آڙيڪاپ يوزر نالو پڙهندي ئي اندازو لڳائي وڃن ٿا ته هي آءِ ڊي جعلي آهي يا نه؟ جيڪڏهن اهو چئجي ته جوڙا آسمان تي ته ٺهن ئي ٺهن ٿا پر هاڻي انهن جوڙن کي ملائڻ جو هڪ ذريعو فيس بڪ به آهي،جڏهن هڪ ناري کان سندس محبت جدا ٿي ته ان پنهنجي فيس بڪ تي هڪ اپيل لکي ته...مونکان منهنجو تمام پيارو، قيمتي کان قيمتي دوست ناراض ٿي ويو آهي،پليز ان کي چئو ته واپس اچي،آئون ان جي راهه تڪيان ٿي...“سندس اهڙِي اپيل تي سوين دوستن ساڻس همدردي ڪئي، جئين ته پاڪستان ۾ هر شيءِ جو متبادل موجود آهي تنهن ڪري گهڻي ڀاڱي عشق ۾ ناڪام ٿيندڙ نوجوان به ڇوڪرين جي جعلي نالن سان اڪائونٽ کولي ان جون تصويرون رکي ٻين کي بيوقوف ۽ پاڻ کي داناءُ سمجهي پنهنجي انتقام کي اجهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا رهن ٿا،فيس بڪ کي غلط يا صحيح استعمال ڪرڻ ان ڪري به سولو آهي ته توهان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هجو،جيڪڏهن توهان وٽ ڊجيٽل ڪيمرا ۽ ليپ ٽاپ آهي،توهان اتان کان ئي فيس بڪ تي پنهنجي تصوير لوڊ ڪري پنهنجن دوستن توڙي گهر ڀاتين کي تازي صورتحال کان آگاهه ڪري سگهو ٿا،مرد حضرات ته پنهنجي جاءِ تي پر عورتون به چرچا هڻڻ ۽ لکڻ ۾ گهٽ ناهن ڪنديون،خاص ڪري جيڪي عورتون پرڏيهه ۾ رهن ٿيون،سي پنهنجي مٽن مائٽن کي اڳي اي ميل يا تصويرون موڪليندي خبر چار ڏينديون هيون پر هاڻي ته فيس بڪ تي ئي نيون تصويرون اپ لوڊ ڪري ان جي وال تي لکي ڇڏين ٿيون ته هو ڇا پيون ڪن،اڄ سندن موڊ ڪئين آهي؟يا وري ڪنهن ڏاهي جو قول لکي پنهنجي دل جي ڳالهه بيان ڪنديون رهن ٿيون، اهڙي ئي خيرپور واسڻ ڊاڪٽرياڻي به تازو شادي کانپوءِ مڙس کي ڪراچي ڇڏي پاڻ جاب ڪرڻ لاءِ لاس اينجلس ۾ هلي وئي آهي،پر هو پنهنجي گهر وارن سان فون بدران گهڻو فيس بڪ تي ئي رابطي ۾ رهي ٿي، ايتري قدر جو هوءَ جڏهن به پنهنجيون نيون تصويرون اپ لوڊ ڪندي آهي تڏهن ڪيترائي نيٽ فرينڊ سندس تصويرن جي هيٺان تعريف وارا سٺا ڪمينٽس لکي ڇڏيندا آهن اتي سندس مڙس به تصوير هيٺان very nice وارو مختصر ڪمينٽس لکي سندس سونهن جي تعريف ائين ڪندو آهي جيئن هو کيس سڃاڻيندو ئي نه هجي...؟” نه نه ائين ناهي،اصل ۾ فيس بڪ تي ماڻهو محدود رهي ته بهتر آهي،ڇو ته ڪمينٽس ڇڏڻ سان اهي اي ميل اڪائونٽ ۾ هليا ويندا آهن پوءِ ڀلي توهان ڊليٽ به ڪيو پر اي ميل تي ته هليا ويا نه! فيس بڪ جا فائده وڌيڪ نقصان گهٽ آهن، خيرپور کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان لنڊن ۽ لاس اينجلس جو سفر ڪندڙ سنڌياڻي ٻڌائي ٿي ته سندس مڙس به اڳي تصويرن تي ڪمينٽس ڏيندو هو پر هن کيس روڪيو ته پرائيويسي ضروري آهي،سو ان ڪري هو تعريف ڪرڻ لاءِ اي ميل ڪندو آهي.انٽرنيٽ جي دنيا جا به پنهنجا مزا هجن ٿا،مذاق مشڪريون ۽ ڏک سک جون ڳالهيون ونڊڻ سان گڏ چرچائي به پنهنجي ڪم کي جاري رکيو اچن،ڇو ته جڏهن سمنڊ ڪناري نڪتل تصوير تي ڪو اهو ڪمينٽس لکي ته ”ويري نائيس پڪچر ايٽ ڪينجهر“....اهڙي ڪمينٽس تي کل ته ضرور ئي ايندي.ڪو لکي ته تمام سٺو ۽ آخر ۾ وري ڪو شرارتي اردو ۾ اهو لکي ته ” نهين نهين آپ ڪي آني ڪي ڪوئي ضرورت نهين،آپ واپس جا سڪتي هين “ته يقينن ٽهڪ نڪريو وڃن. فيس بڪ تي جتي هر روز نيون نيون شيون ڏسڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون، اتي ڪيترائي نوجوان بنا ڪنهن ڏيٺ وائٺ جي ڪنهن جي دلين کي کٽڻ جي ڪوشش ۾ به ڪندا رهن ٿا، اهو ئي سبب آهي ته فيس بڪ تي ملاقات ٿيڻ کانپوءِ ڪيترن جا اسٽيٽس سنگل کان انگيجڊ(مڱڻي)۾ تبديل ٿيو وڃن،نوجوان ته پنهنجي جاءِ تي پر جواني جي سرحد پار ڪري ويندڙ به فيس بڪ تي پنهنجو وقت گذارين ٿا،پوءِ اها ڇو نه ڀارت جي 65 سالن جي ٻڍڙي مينا موهن هجي يا وري دهلي جي انڊيا پريس ڪلب جي ڊائريڪٽر ڪرونا مدن ۽ وينا ملڪ،انهن جو گهڻو وقت موبائل تان فيس بڪ يوز ڪرڻ ۾ ئي گذري ٿو،جيڪڏهن مردن جي ڳالهه ڪجي ته پوءِ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر فيصل ڪريم ڪنڊي به پوئتي ناهي، ان ته تازو خورشيد شاهه ۽ نثار کهڙو سان گڏ سنڌ ۾ ڪيل شڪار جون تصويرون به رکيون آهن،انصار برني دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ هجي پر هو فيس بڪ ذريعي دوستن ۽ گهر ڀاتين سان رابطي ۾ رهندو هجي ٿو،جنهن ۾ ڪو خرچ به ناهي،جيتوڻيڪ هن سماج ۾ عورتن جي مٿان ٻيون ڪيتريون ئي پابنديون آهن پر فيس بڪ تي انهن ليکڪائن جي اصل زندگي به تصويرن جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿي،جيڪي ٻاهر ڪنهن ٻئي روپ ۾ نظر اينديون هجن ٿيون،نه رڳو ايترو پر ڪراچي جي صحافڻ زري جليل ته پنهنجي ان ٻليءِ جون تصويرون به فيس بڪ تي رکيون آهن،جيڪا مري وئي،ساڳئي طرح سان وڏ گهراڻن جون عورتون ته فيس بڪ تي الئه ڇا ڇا لکيو ڇڏين. ائين به ناهي ته نيٽ تي سڄو ڏينهن اهو ئي ڪم ٿيندو رهي ٿو،پر هن ويب پيج تي توهان پراين کي پنهنجو ،پنهنجن کي پرايو.دل جي ڳالهه ونڊي سگهو ٿا،ٻين جون ڳالهيون ٻڌي سگهو ٿا،جن سان اوهان روبرو نه ٿا ملي سگهو تن کي دوستن جي لسٽ ۾ شامل ڪري انهن جي اصل زندگي باري ۾ ڄاڻ وٺي سگهو ٿا سواءِ عورت جي عمر جي...گهڻي ڀاڱي عورتن جي ڪچهرين مان يا فيس بڪ تي ٿيندڙ ڪمينٽس ذريعي ڪچهرين مان ائين پيو لڳندو آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به عورت هجي،ان جو مسئلو ،خوشيون ۽ غم ساڳيا هجن ٿا،ڇو ته ويسٽ انڊيز جي ملڪ ٽرنيڊيڊ اينڊ ٽوبيگو جي ڊونا به ساڳئي سورن ۾ نظر ايندي آهي ته سجاول جي اين جي او ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪري به فيس بڪ تي ساڳيا مسئلا پئي بيان ڪندي هئي.جيڪڏهن ائين چئجي ته ”فيس بڪ انٽرنيٽ جي دنيا جو هڪ اهڙو هائيڊ پارڪ ۽ چوراهو آهي جتي زندگي جا رنگ به نظر اچن ٿا، ته محبت ۾ ميلاپ ۽ جداين جون ڪهاڻيون به جنم وٺنديون رهن ٿيون“ ته ان ۾ ڪو وڌا نه ٿيندو

    http://www.youtube.com/watch?v=X7KTY9dHvDs
    http://www.youtube.com/watch?v=rSnXE2791yg&feature=related

    فيس بوڪ جي استعمال بابت تفصيلي معلومات​

    http://www.youtube.com/watch?v=QCVi0-50Vmo&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=OoPBADnAnAg&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=UHK_GG-YoDc&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=AwZ7QeT4P94&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=Sgdc_1RK7Zk&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=E5ClLMXbMj8&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=ny1pKDrKc34&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=Q9QW5npAw-4&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=yI-eBedyetM&feature=related
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: فيس بڪ جي دنيا جا رنگ هزار...امتياز چانڊيو

    تمام سٺي ونڊ آهي مهرباني
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: فيس بڪ جي دنيا جا رنگ هزار...امتياز چانڊيو

    سائين ايترو بهترين ليک۔۔ فيس بوڪ جي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ ٿيل آهي۔۔ واقعي فيس بوڪ ڪم به ته اهڙو ڪيو آهي۔۔۔ جو مسلمان هجي يا غير مسلم سڀ هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا آهن، فرق ئي محسوس نه ٿو ٿئي۔۔۔ سلام آهي فيس بوڪ جي ٺاهيندڙن کي۔۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: فيس بڪ جي دنيا جا رنگ هزار...امتياز چانڊيو

    سائين ڪجھ ڏينهن پهريان انتظاميا همانگير ڏي ميسج ڪيو هو ته اوهان جنهن سائيٽ تان موضوع کڻو ٿا ان سائيٽ جو نالو وغيره نه ٿا ڏيو،،۽ مان پاڻ به پڙهيو آهي قانون ۽ قائدن ۾ ته ڇا هي موضوع اوهان پاڻ لکيو آهي۔۔۔؟
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: فيس بڪ جي دنيا جا رنگ هزار...امتياز چانڊيو


    ادا توهان صحيح لکيو آهي، ۽ ادا منهنجي خيال ۾ ته ڪو به ليک ونڊ ڪجي ته ان جي ليکڪ يا سائيٽ جو نالو ۽ حوالو ڏيڻ ضروري آهي، سو ادا مون ليکڪ جو نالو پڻ ڏنو آهي توهان وري به منهنجي ونڊ ڏانهن هڪ دفعو وري ڏسو۔ ( فيس بڪ جي دنيا جا رنگ هزار...امتياز چانڊيو)
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: فيس بڪ جي دنيا جا رنگ هزار...امتياز چانڊيو

    سائين عاشق سولنگي صاحب توهان جي شڪايت ختم ٿي يا نه۔ توهان ته جواب به ڪو نه ڏنو، ناراض ٿئي پيو ڇا۔؟
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: فيس بڪ جي دنيا جا رنگ هزار...امتياز چانڊيو

    تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا مهرباني.
     
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: فيس بڪ جي دنيا جا رنگ هزار...امتياز چانڊيو

    ادا عاشق هاڻي موٽيو آهي۔۔۔ٻڪريون چاريندي چاريندي۔۔۔۔جبلن جي طرف هليا وياسين۔۔۔سو رستوبه ڀلجي ويس۔۔۔۔هاڻي موٽيا آهيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ها ادا مهرباني۔۔۔مانجو ليکڪ جي نالي ته نظر نه پئي سو معاف ڪجو ادا۔
    بلڪل فيس بوڪ جا رنگ هزار آهن۔

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو