ذهني سڪون جا ڏهه نقطا

'مقالا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [justify]ذهني سڪون جا ڏهه نقطا ...

    ا. ٻين جي معاملن ۾ دخل اندازي نه ڪريو جيستائين اوهان کي چيو نه وڃي.

    اڪثر ماڻهون ٻين جي مسئلن ۾ هروڀرو مداخلت ڪري پنهنجي لاءِ پاڻ مسئلا پئدا ڪندا آهن ... اسين اڪثر ايئن انڪري ڪندا آهيون جو اسان کي اها خوشفهمي هوندي آهي ته اسين ئي عقل ڪل آهيون، اسانجو طريقو ئي بهتر طريقو آهي، اسانجي سوچ ئي صحيح سوچ آهي ۽ جي ماڻهون اسانجي سوچ سان سهمت ناهن سي جاهل آهن ۽ کين راه راست تي يا پاڻ واري راهه تي آڻڻ لاءِ زور ڀريو وڃي ... اها سوچ انڪار ڪري ٿي ٻين جي آزادي ۽ شخصي حيثيت جي ۽ پڻ اهو انڪار آهي الله جي وجود جو ... الله تعالا اسانکي پنهنجي پنهنجي سڀاءَ سان خلقيو آهي، ڪي به ٻه انسان هڪ طرح جي سوچ رکن يا هڪ جهڙو ئي عمل ڪن اهو ضروري ناهي ... سڀ انسان چاهي مرد يا عورتون، پنهنجي سوچ آهر عمل ڪندا آهن جو کين ڌڻيءَ سڳوري کين اهڙي طرح جي سوچ ڏني آهي ... اوهين صرف پنهنجي ڪم سان ڪم رکو، ها، ڪنهنجي گذارش تي ئي کين صلاح ڏيو يا مدد ڪريو، ايئن ڪرڻ سان اوهين ذهني سڪون ۾ رهندا، ايئن ڪرڻ سان اوهانجو مذهبي ۽ اخلاقي فرض به پورو ٿي ويندو ....

    ب. معاف ڪريو ۽ وساريو

    ذهن کي سڪون ۾ رکڻ لاءِ هي هڪ اهم ۽ سگهارو اوزار آهي ... جنهن شخص اسانکي ڪو نقصان ڏنو هوندو آهي يا مخالفت ڪئي هوندي آهي ته اڪثر اسين پنهنجي اندر ۾ ان لاءِ خراب محسوسات پئدا ڪري پنهنجي ڪاوڙ ۽ غم کي وڌائيندا رهندا آهيون ... ان سبب اسانجي رات جي ننڊ حرام ٿي ويندي آهي ... پيٽ خراب ڪري وجهندا آهيون ... خون جو دورو وڌندو رهندو آهي ... ڪو ماڻهون اسانکي هڪ دفعو ڏکوئيندو آهي پر ان ڏک يا بيعزتيءَ کي ياد ڪندي اسين پاڻ کي هميشه لاءِ پريشان ڪندا رهندا آهيون، ان عادت کي بدلايو، زندگي تمام ٿورڙي آهي انکي اهڙين ناڪاره ۽ نقصانڪار سوچن ۾ ضايع ڪرڻ نه گهرجي ... معاف ڪريو ۽ اڳتي وڌندا رهو ... پيار جي شمع ٻاريندا رهو ۽ ماڻهن کي معاف ڪندا ۽ سندن غلطيون وساريندا رهو ...

    ٻ. موٽ جي لالچ ۾ نه پئو

    هيءَ دنيا لالچي ماڻهن سان ڀريل آهي، اهي ڪنهن جي تعريف ڪنهن فائدي بغير نه ڪندا آهن .. اهي اوهانجي تعريف ممڪن آهي ته انڪري ڪندا هجن جو اوهان جي هٿ ۾ ڪا طاقت آهي ... پر جيئن ئي اوهان جي هٿن مان اها طاقت ختم ٿيندي ته هو اوهانجون خوبيون وساري اوهانجون برايون ڳولهيندا ... اوهين اهڙن ماڻهن جي تعريف حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ڇو قتل ڪرڻ جي خواهش ڪيو، ڪنهنجي تعريف اوهانجي جان جو ملهه ناهي ... اوهين پنهنجو ڪم سچائي ۽ ايمانداري سان ڪندا رهو، ڪنهن لالچ کان بغير ...

    ڀ. حسد يا ساڙ نه ڪريو

    اسان سڀني کي خبر آهي ته ساڙ يا حسد ذهن ۾ بيماري ۽ بي سڪوني پئدا ڪريٿو ... اوهانکي خبر آهي ته اوهين آفيس ۾ پنهنجن ساٿين کان وڌ ڪم ڪريو ٿا ... پر ڪڏهن ڪڏهن فائدو يا ترقي به انهن کي ملندي آهي، پر اوهانکي نه! .... اوهان ڪيترا سال اڳ ڪو ڪاروبار شروع ڪيو هو پر اوهانجو ڪاروبار ايترو ڪامياب ناهي جيترو پاڙي واري جو جڏهن ته هن کي ڪاروبار شروع ڪئي اڃان سال ٿيو آهي ... اهڙي قسم جا ڪئي مثال هوندا اوهانجي روزمره جي زندگيءَ ۾ ... ڇا ان تي اوهانکي ساڙ ڪرڻ جي ضرورت آهي؟ نه. ياد رکو هر ماڻهونءَ جو پنهنجو ڀاڳ به هوندو آهي جو شايد کيس ان سلسلي ۾ مدد ڪري رهيو آهي ... جيڪڏهن اوهانجي قسمت ۾ اميري آهي ته پوءِ اوهانکي امير ٿيڻ کان ڪو روڪي نٿو سگهي ۽ جي نه ته پوءِ ڪو به اوهانجي مدد ڪري نٿو سگهي ... ٻين کي ان جو قصور وار ڪرڻ سان اوهانکي ڪجه حاصل نه ٿيندو ... ساڙ يا حسد سان اوهين ڪنهن منزل تي پهچي نٿا سگهو. ها! صرف ۽ صرف اوهين پنهنجو سڪون ۽ آرام ڦٽائي وجهندا ...

    ت. جهڙي محفل اهڙو رنگ، جهڙو ديس اهڙو ويس

    جيڪڏهن اوهين اڪيلي سر حالتن کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪندا ته اوهانجي ناڪاميابيءَ جا امڪان آهن ... انڪري ممڪن حد تائين پاڻکي موجود حالتن سان هلائجي، ٿي سگهي ٿو ته حالتون اوهانجي طرف نه هجن پر ايئن ڪرڻ سان آهستي آهستي حالتون اوهانجي طرف ٿيڻ شروع ٿينديون ۽ تڪليفون ختم ٿيڻ لڳنديون ..

    ٿ. اصلاح ممڪن نه هجي ته درگذر ڪيو

    بهترين طريقو آهي ڪنهن نقصان کي فائدي ۾ بدلائڻ جو ... هر روز اسان ڪيترن ئي تڪليفن، بيمارين، چهنڊڙين ۽ حادثن مان گذرون ٿا جي اسانجي وس کان ٻاهر آهن ... جيڪڏهن اسين انهن کي نه جهلي سگهونٿا نه بدلائي سگهونٿا ته پوءِ انهنکي پوئتي رکڻ ئي بهتر آهي، انهن سان خوشي خوشي منهن ڏيڻ ۽ مقابلو ڪرڻ سکڻو پوندو ... پاڻ تي اعتماد ڪيو ... صبر ۽ برداشت واري سگهه سان اوهان فائدو حاصل ڪندا ...

    ٽ. ايترو ئي گرهه کڻجي جيترو چٻاڙي سگهجي؛

    پنهنجين ضرورتن کي اهڙيطرح رکو جيتريون پوريون ڪري سگهو ... اسين ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن ڪلهن تي پنهنجي سگهه کان وڌ بار کڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، صرف ۽ صرف پنهنجي انا کي ريجهائڻ خاطر ... پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻو. ايترو بار ڇو کڻجي جو ڪنڌ ئي سڪائي وجهي ... پنهنجي طاقت کان گهڻي ڪم ڪرڻ سان اوهان سڪون حاصل ڪري نه سگهندا ... پنهنجي جسماني ڪم کي ضرورت آهر محدود ڪري ڪجه وقت عبادت ، ڪجه وقت سوچ ۽ ويچار ۽ ڪجه وقت پاڻکي خوش ڪرڻ ۾ گذاريو ... ايئن ڪرڻ سان اوهان پنهنجي ذهن جي ڪاٽو خيالن کان جان ڇڏائي، صحيح رخ ڏانهن موٽندا، صاف دماغ هميشه ذهني سڪون پئدا ڪندو آهي ...

    ٺ. پنهنجين سوچن جي ڇاڻي ڪريو ...

    صاف سوچ، دماغ کي ٿڌو ۽ مطئن رکندي آهي ... اهو ذهني سڪون جو اعلا درجو آهي، اوهين پاڻ تجربو ڪيو ۽ ڪوشش ڪري پنهنجين خراب ۽ ناڪاره سوچن جي ڇاڻي ڪريو.. هرروز ڪلاڪ يا اڌ پاڻکي ان عمل مان گذاريو ... نتيجي ۾ اوهين باقي ٽيويهه يا ساڍا ٽيويهه ڪلاڪ سڪون ۾ هوندا ۽ هروڀرو پريشان نه ٿيندا ... ۽ ايئن اوهين پنهنجي ذهن جو علاج ڪندا رهو ۽ وڌ کان وڌ سڪون ۾ رهو ... اوهين سمجهندا هوندا ته ايئن ڪرڻ سان اوهين پنهنجي ڪم ڪرڻ کان رڪبا، پر نه ايئن ڪرڻ سان اوهانجي ڪارڪردگي وڌندي ۽ اوهان ٿورڙي وقت ۾ گهڻي ڪم ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا ...

    ث. ذهن کي خالي نه رکو

    خالي ذهن شيطان جو گهر هوندو آهي. سڀ شيطاني ڪم خالي ذهن جي بدولت هوندا آهن، پنهنجي ذهن کي سٺن ۽ قيمتي خيالن سان ڀريل رکو... سٺن ڪمن ۾ مشغول رهو، اهڙا ڪم ڪريو جي اوهانجي فائدي ۽ ڀلائيءَ ۾ هجن ۽ اهڙا ڪم ڪريو جي اوهانجي قيمت ۾ اضافو ڪن پوءِ اهي مال جي واڌاري لاءِ هجن يا ذهن جي واڌاري لاءِ ... پنهنجا شوق جهڙوڪ راندروند، سماجي ڪم، مذهبي فرض، جي ڀلي اوهانجي مال ۾ واڌارو نه ڪندا هجن پر اهي اوهانجي ذهني آسودگي ۽ ڪامياب زندگي ۾ مددگار ٿيندا ... جڏهن آرام ڪرڻ لاءِ کٽ تي ليٽو ته ننڊ کان اڳ يا ته ڪو سٺو ڪتاب پڙهو يا وري خالق حقيقي جو ورد ڪريو ته جيئن شيطاني خيال اوهان کان پاسائتا هجن ...

    پ. ڀلن ڪمن ۾ دير نه ڪيو ۽ معذرت واري حالت مان نڪرو

    پنهنجو وقت ڊگهن ۽ ڦالتو ڪمن يا سوچن ۾ نه وڃايو . ” ٻڏتر واري حالت“ جنهن ۾ ڪريان نه ڪريان ۾ ڦاٿل هجو، نڪري اچو ... ايئن نه ٿئي ته ڏينهن، هفتا، مهينا يا سال ذهن کي ٿڪائيندڙ بحث واري حالت ۾ ڦاٿل رهو ... اوهان ممڪن حد تائين تمام ڊگهي منصوبي ۾ ڇو ڦاٿل رهو جڏهن مستقبل جو ڪا پڪ به نه هجي ... پنهنجي وقت جي قيمت ڪريو ۽ اهڙا ڪم ڪريو جي ضروري ڪرڻا آهن ... فضول ۽ منجهائيندڙ سوچن ۾ ويهي پاڻ کي پريشان نه ڪريو، جنهن مان ڪا هڙ حاصل نه ٿئي ... پنهنجين غلطين مان سکو، پر ماضيءَ کي پنهنجي مٿان قبضو ڪرڻ نه ڏيو ... معافي ۽ معذرت کان بچو ... جيڪو ٿيو سو ٿيو ۽ شايد ايئن ئي ٿيڻو هو ...

    ”هارجي پيل کير تي ڪيترو روئبو“​
    [/justify]
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    مهنجا سائين اوهان بلڪل سچ لکيو آهي

    هونئين به ته قرآن مجيد ۾ آهي ته

    الا بذڪر الله تطمئن القلوب ته الله تعالي جي ذڪر سان دلين کي سڪون ملندو آهي

    ادا اوهان جيڪي به نقطا ڏسيا آهن اهي به قران مجيد جي فرامين احاديث ،روايات ۽ ڏاهن جي قولن جي طرف اشارا آهن جن سڀني ڳالهين جي برگشت قرآن مجيد آهي
    ۽ ادا انسان ننڍو هجي يا وڏو پر ذهني سڪون جي تلاش ۾ هوندو آهي پر ان کي صحيح يا بري جي خبر نه هجڻ ڪري سڪون حاصل ڪرڻ بجاء پهجو سڪون وڃائي وينهدو آهي
    ادا اوها ن جو لک ٿورا الله تعالي اوهان کي خوش رکي شل آباد هجو ​
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي توهان جي اهڙي تحريرن جو انتظار رهندو
    سائين توهان جي ان لکڻين مان اسان کي گهڻو ڪجهه سکڻ لا۽ ملي ٿو .
    دعائن ۾ ياد
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين محترم نثار ابڙو صاحب،

    اوهان جي لکڻين کي سمجهڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ رب ڪريم اسان سڀني سنڌ سلامت واري سٿ کي توفيق ڏيندو ته جيئن اسان سڀئي انهن نصحيتن تي عمل ڪيون، انهن کي مزيد دوستن ۽ ڀائرن سان ونڊيون ته جيئن هن معاشري جون سڀ ڪڌيون رسمون، نفرتون، قربتون، هٺ ڌرميون، نا انصافيون، جهيڙا، فساد، دوکي بازيون ختم ٿي وڃن ۽ اسان جي معاشري رڳو، محبتون، پيار، سهڻي گفتار سان گڏوگڏ سنڌ امڙ جا نعرا هجن ۽ هي سنڌ امڙ اسان جي جنت وانگر کلندي رهي.۔۔۔۔۔۔

    مهرباني سائين اوهان جي، اوهان جي اهڙي نصحيت ڀريي مواد جي جيڪو اسان هتي شيئر ڪيو اٿو۔۔۔۔۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا علي علي، سائين ڦلپوٽا فقير ۽ ڀائڙا زاهد
    حق موجود
    سهڻا دوستو، چوندا آهن ته علم کي لڪائجي نه، ۽ اهڙو علم جو انسان ۽ خاص ڪري سنڌي نوجوانن لاءِ ڪارائتو هجي ته انکي اهڙن فورمن تي آڻڻ اسان سڀني جو فرض به آهي ته ديني خدمت به ... اسين سڀ هڪ ئي منزل جا پانڌيئڙا آهيون ... اچو ته هڪٻئي جي اصلاح ڪندي، اڳتي وڌندا رهون ...

    منهنجي مداين جي ڪل پريان پيئي،
    ڪڏهن ڪوسا ڪونه ٿيا ڏوراپا ڏيئي،
    ساجن سڀيئي ڍڪج ڍول ڍلايون.
    شاه

    سدائين گڏ
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ذهني سڪون جا ڏهه نقطا

    سائين موتي ورهائڻ تي اوهان جي سخا مبارڪ باد جي مٿاهين منزل جي مستحق آهي خدا اوهان جي بي لوث محبت ۾ اڃان وڏائي عطا ڪري ۔
    وسلام
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ذهني سڪون جا ڏهه نقطا

    لک ٿورا ڏاڏل ۔۔۔ ماسو جڙي مال ته پوڄارا پر ٿئين ۔۔۔ اوهانجو دعائون منهنجي ميراث ۔۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو