ذريعن موجب سعودي عرب ۾ هن جمعي کان بليڪ بيري سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، العربيه ٽي وي جي هڪ رپورٽ مطابق سعودي ٽيليڪام اٿارٽي هن ڳالهه جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔ ان کان پهرين گڏيل عرب امارات ۾ هن جي استعمال تي پابندي لڳي چڪي آهي۔ اهو حڪم هڪ اهڙي رپورٽ بعد ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته بليڪ بيري جو غلط استعمال سيڪيورٽيءَجي لاءِ وڏو رسڪ آهي، ڇو ته هن ۾ موجود بليڪ بيري ميسينجر جي ذريعي ٿيندڙ پيغامن جي تبادلي کي مانيٽر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو، بلڪه ناممڪن آهي۔ اها رپورٽ گڏيل عرب امارات ۽ ڀارت ۾ پهرين ئي پنهنجو پاڻ مڃائي چڪي آهي۔ جڏهن ته بحرين ملڪ به ڪجهه ڏينهن پهرين بليڪ بيري ميسينجر سافٽ ويئر جي استعمال جي حوالي سان سندس ملڪ جي صارفين کي وارننگ ڏني هئي۔ اهڙي طرح ڀارت جي حڪومت به گذريل هفتي بليڪ بيري سيٽ تيار ڪندڙ ڪمپنيءَکي پنهنجي تحفظات کان آگاهه ڪيو هو۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=hVyhw5ed43o
جواب: سعودي عرب ۾ بليڪ بيري سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي۔۔ ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ رپورٽ ۾ اهو ٻڌايو ويو هو ته سعودي عرب بليڪ بيري جي ڪجهه فنڪشنز تي پابندي هڻندو پر هاڻي پوري بليڪ بيري جي استعمال تي پابندي لڳي چڪي آهي۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=_0TS1lexBGs
جواب: سعودي عرب ۾ بليڪ بيري سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي۔۔ ادا تمام بهترين معلومات فراهم ڪئي آهي توهان۔
جواب: سعودي عرب ۾ بليڪ بيري سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي۔۔ ادا تمام سٺو ٿيو اهو سعودي وارن جي فائدي ۾ آهي.
جواب: سعودي عرب ۾ بليڪ بيري سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي۔۔ سائين نثار ابڙو به بليڪ بيري جو شوقين ماڻهو آهي، انهيءَکان حوال پڇيون ٿا۔۔۔
جواب: سعودي عرب ۾ بليڪ بيري سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي۔۔ اڙي ادا پاڻ آهيون امن پسند ماڻهون، نه ڪنهن کي لڪل نياپا ڪيون ۽ نه وري ڪي لڪل ڳالهيون پاڻ وٽ رکون ۔۔۔ سڌا سنڌي ماڻهون ۔۔۔ اهڙي جهڙا جليبيون ۔۔۔ بليڪ بيري چائنا واري وٺڻ تي سوچيو هو پر پوءِ چائنا جي موبائيل کان اهڙي دل کٽي ٿي آهي جو هاڻ ته اصل ان ڏينهن ڪپڙا وٺڻ ويس ته به اهو خيال ٿي ڪيم ته ڪٿي چائنا جا ته ناهن ۔۔۔ خئير بليڪ بيري ۽ ٻيون اهڙيون شيون جيڪي ڪنهن سڪيورٽيءَ لاءِ مسئلو ڪنديون هجن ته ڀل بند ٿين پر اهڙيون شيون هن پاسي عربن ۾ ۽ هند سنڌ ۾ مسئلو آهن باقي يورپ وارا، آفريڪا وارا، آمريڪا وارا ۽ آسٽريليا وارن لئه ته خئير آهي ۔۔۔ بس يار سنڌ ۾ اٽو ۽ بجلي هجي ته اسان خوش ۔۔۔۔ بليڪ بيري، يا چيري بلاسم سان پنهنجو ڪهڙو واسطو ۔۔۔ ؟ ڇڏ منڊي کي واريءَ ۾ ۔۔۔ رب اوهانکي خوش ڪري ۔۔۔اوهان دوستن جي سر جو خئير هجي ته اسان لئه لک ٿيا ۔۔۔
جواب: سعودي عرب ۾ بليڪ بيري سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي۔۔ سائين بس انسان جي دل آهي، جي ڪا شيءِ وڻيس ته پوءِ ڇا به ٿئي اُها وٺندو ۽ اگر جي نه وڻيس ته مفت ۾ به چوندو مهانگي آهي۔ مان پاڻچائنه موبائل جي سخت خلاف هوندو آهيان
جواب: سعودي عرب ۾ بليڪ بيري سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي۔۔ ادا تمام بهترين معلومات فراهم ڪئي آهي توهان۔
جواب: سعودي عرب ۾ بليڪ بيري سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي۔۔ سائين اصل ۾ چائينا جي موبائل سيٽن پنهنجي فنڪشنز جي ڪري غريب طبقي ۾ وڏي مقبوليت ماڻي ورتي، هي اهي ساڳيا فنڪشن فراهم ڪن ٿا جيڪي عام طور تي مهانگي سيٽن ۾ملن ٿا۔۔ پر انهن جي پائيداري وڏو مسئلو هوندو آهي، هڪ سيٽ 2 سال هلي ٿو ته وري ساڳي ماڊل وارو ٻيو سيٽ وري ٻه ڏينهن به نه ٿو هلي، انهن جي ڪا وارنٽي به نه هجي ٿي۔۔۔
جواب: سعودي عرب ۾ بليڪ بيري سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي۔۔ هڪ چوڻي آهي ته "چائنه جي مال ۽ چري ته جي ڳالهه تي ڀروسو ڪڏهن نه ڪجي" ڇو جو ٻئي ڪنهن به وقت ڌوڪو ڏيئي ڪري توهان کي کوهه ۾ ڌڪي سگهن ٿا۔
جواب: سعودي عرب ۾ بليڪ بيري سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي۔۔ ادا۔۔ مست کي اهڙي ڀلي پهاڪي جي ڄاڻ ڏيڻ جي مهرباني۔۔ ها يار مان پاڻ چائنا جي مال جو ڏنگيل آهيان۔۔
جواب: سعودي عرب ۾ بليڪ بيري سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي۔۔ شڪر آهي انهي مال جو ڏنگيلآهين، مون سمجهيو شايد۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔