مست
سينيئر رڪن
ذريعن موجب سعودي عرب ۾ هن جمعي کان بليڪ بيري سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، العربيه ٽي وي جي هڪ رپورٽ مطابق سعودي ٽيليڪام اٿارٽي هن ڳالهه جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔ ان کان پهرين گڏيل عرب امارات ۾ هن جي استعمال تي پابندي لڳي چڪي آهي۔
اهو حڪم هڪ اهڙي رپورٽ بعد ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته بليڪ بيري جو غلط استعمال سيڪيورٽيءَجي لاءِ وڏو رسڪ آهي، ڇو ته هن ۾ موجود بليڪ بيري ميسينجر جي ذريعي ٿيندڙ پيغامن جي تبادلي کي مانيٽر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو، بلڪه ناممڪن آهي۔ اها رپورٽ گڏيل عرب امارات ۽ ڀارت ۾ پهرين ئي پنهنجو پاڻ مڃائي چڪي آهي۔ جڏهن ته بحرين ملڪ به ڪجهه ڏينهن پهرين بليڪ بيري ميسينجر سافٽ ويئر جي استعمال جي حوالي سان سندس ملڪ جي صارفين کي وارننگ ڏني هئي۔ اهڙي طرح ڀارت جي حڪومت به گذريل هفتي بليڪ بيري سيٽ تيار ڪندڙ ڪمپنيءَکي پنهنجي تحفظات کان آگاهه ڪيو هو۔۔۔