هي نه ڏيٺو ته ڪجه به نه ڏيٺو

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ جهاندادسمون طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2009۔

  1. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    سورت رحمان
    ۾ زڪر آهي هن دريا جو جيڪو افريڪا ۾ آهي۔

    ۽ ٻنهي طرفان وهي پيو پر هڪ ٻئي کان الڳ الڳ آهن هي دريا خدا جي قدرت سان ڪڏهن به هڪ لڪير آهي جيڪي نه هيڏانهن نه هوڏانهن ٿئي ٿي۔ پنهنجو رستو ناپي بيٺي آهي اُها ته خدا جي قدرت آهي ڪيس تائين هجي هي ڏسو
    [​IMG]
    [​IMG]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سبحان الله
    بيشڪ خدا جي قدرت بي پرواه ۽ بي نياز آهي ادا
    توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو .
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    ادا جهانداد جزاڪ الله خير واقعا هي الله تعالي جي قدرت جو ڪرشمو آهي

    پر ادا هي دريا افريقا ۾ نه پر سوڊان جي خرطوم ضلعي ۾ آهي

    ۽ هي ٻئي وڃي مصر جي دلتا ندي ۾ ڪرن ٿا ادا اوها ن مهرباني

    هي ته هو ان آيت جو ظاهر پر ان جو باطن ڇا آهي ؟؟؟ان مان مراد ڪير آهي اهو به ذرا سوچيو نه ته ٿورو انتظار ڪيو :d :d​
     
  4. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ٽوڪون

    ادا علي علي ٽوڪون نه هڻو ڪجه شيئر ڪيو ٽوڪن سان اڃ تائين ڪي که ڪجه ن مليو آهي ۔:d
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا اوهان کي شايد غلط فهمي ٿي آهي مون ڪاب ٽوڪ نه ڪئي آهي مون اوهان جي ڳاله جي تصحيح ڪئي آهي ۽ ان کان بعد دوستن کي هڪ لمحه فڪر ڏنو آهي ته جيئين ته قرآن مجيد جو هڪ ظاهر آهي ۽ ٻيو باطن آهي هڪ ظاهري تفسير آهي ٻيو روائي تفسير آهي مون اهو ئي چيو ته ان
    ان مان مراد اهو ئي آهي ته دوست به ڪجه ان آيت بابت معلومات گڏ ڪن جي ڪنهن دوست شيئر ڪئي ته ٺيڪ آهي نه ته مان پاڻ ان تا ڪجه روشني وجهندس پر وقت ملڻ تي ان لا انتظار ڪيو
    سو ان ۾ مون ڪابه ٽوڪ ناهي ڪئي مهنجا مٺا وري به جي اوهان کي برو لڳو آحي ته سوري ادا
    shal judy hujeen
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    مٺا جهانداد تمام بهترين شيئرنگ آهي۔
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا جهانداد توهان جون تحريرون لاجواب آهن بس جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه جي ڪمي آهي ته توهان وٽ سنڌي لفظن جو زخيرو ۽ سنڌي لکائي۔۔۔۔۔ ڪوشش ڪندا رهو ۽ بهتر آهي ته پوسٽ ڪرڻ وقت سائين نثارابڙو، ادا سلطان ۽ سائين نثار ناز جهڙن ساٿين جي تحريرن ۾ موجود لفظن جو سهارو وٺو مون کي يقين آهي ته توهان جي سنڌي بهتر کان بهتر ٿيندي ويندي۔۔۔۔

    ادا علي علي ادا جهانداد صحيح پيو چوي وڌيڪ وضاحت ڪندو هلان ته مٿين تصوير ڏکڻ آفريڪا جي سمنڊ جي آهي جيڪو ڏکڻ آفريڪا جي شهر ڪيپ ٽائون جي ويجهو آهي۔۔۔۔ هن ٻن دريائن کي ويهين صدي جي شروعات ۾ لڌو ويو هو پر قرآن پاڪ ۾ هن جو زڪر 14 سَو سال پهريان ئي اچي چڪو آهي۔۔۔۔
    هنن ٻنهي دريائن جي خصوصيت اها آهي ته هي ٻئي هڪ ئي سمنڊ ۾ وهن ٿاجڏهن ته ٻنهي جو پاڻي گڏ وهڻ جي باوجود پاڻ ۾ مڪس نه ٿو ٿئي۔۔۔۔۔۔ ۽ هڪ جو ذائقو انتهائي ڪوڙو ۽ ٻئي جو انتهائي مٺو آهي۔۔۔۔

    هن جديد دور ۾ هي منظر قرآن پاڪ جي سچائي جو وڏو ثبوت آهي​

    [​IMG]
     
  8. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    واه ادا رشِد صاحب توهان ته دل وٺي ڇڏيو
     
  9. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ


    السلام عليڪم
    ادي رشيد جي تحرير سان ٿورڙو اختلاف ڪندي هي خاڪسار پنهنجي ناقص علم مطابق ٿورڙي ڏجهه ڏياري ٿو. ادي جهانداد جيڪا تصوير ڏيکاري آهي، اها دراصل ڏکڻ آفريڪا جي سمنڊن جي نه پر درياءِ نيل جي انهن ٻن حصن جي آهي، جيڪي موجوده شهر خرطوم وٽ پاڻ ۾ ملي درياءِ نيل جي شڪل ۾ ظاهر ٿين ٿا.

    دراصل ازرق ۽ ابيض درياءِ نيل جون ٻه شاخون آهن. ازرق، جنهن کي نيل ازرق به چوندا آهن، هن کي انگريزيءَ ۾ Blue Nile چوندا آهن. (وڌيڪ تفصيل لاءِ هن سان گڏ نقشو ملاحظه فرمايو) نيل ازرق ايٿوپيا جي ڍنڍ ”ٽانا“ مان نڪري ٿو، جنهن کي ايٿوپيا ۾ ’ابي‘ ۽ سوڊان ۾ ’ازرق‘ چوندا آهن. بارشن جي موسم ۾ ’ازرق‘ ايٿوپيا جي دريا ’اتبارا‘ سان ملي سيلاب جو سبب بڻجندو هو، 1970ع ۾ ’اسوان بند‘ ٺهڻ کان پوءِ اهو سلسلو ختم ٿي ويو.
    ابيض کي ’نيل ابيض‘ به سڏيو ويندو آهي ۽ هن کي انگريزيءَ ۾ White Nile سڏيو ويندو آهي. (تفصيل لاءِ نقشو ملاحظه فرمايو) هي درياءَ ’وڪٽوريه ڍنڍ‘ مان نڪري ٿو، جنهن کي انهيءَ علائقي ۾ ’وڪٽوريه نيل‘ سڏيو ويندو آهي. اتان هي اتر ۽ اولهه ڏانهن سفر ڪندو يوگنڊا، ڪيوگا ڍنڍ ۽ البرٽ ڍنڍ مان ٿيندو سوڊان ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ سوڊان جي دارالحڪومت خرطوم وٽ ’نيل ازرق‘ سان ملي، ’نيل درياءَ‘ جي شڪل پيش ڪري ٿو.
    سورة الڪهف ۾ به هنن دريائن جو ذڪر آيل آهي، جنهن کي قرآن پاڪ ۾ ”مجمع البحرين“ سڏيو ويو آهي، جنهن ڏانهن حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي ساٿيءَ سان گڏ سفر ڪيو هو. ”مجمع البحرين“ جي تشريح ڪندي مفسر چون ٿا ته هن مان مراد اُها جاءِ آهي، جتي خرطوم وٽ نيل درياءَ جون ٻه وڏيون شاخون ’البحر الابيض‘ ۽ ’البحر الازرق‘پاڻ ۾ ٿيون.

    بهرڪيف، ادو جهانداد به پنهنجي جاءِ تي درست آهي ته هي درياءَ افريقا (کنڊ) ۾ ئي آهن ۽ ادو علي به پنهنجي جاءِ تي درست آهي. خرطوم سوڊان جو دارالحڪومت آهي. سوڊان ۽ مصر ٻئي ملڪ آفريڪا ۾ ئي شامل آهن. البته اختلاف صرف ”ڏکڻ آفريڪا“ جي شهر ڪيپ ٽائون تي آهي.

    هي نقشو نظر مان گذاريو:




    [​IMG]
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا ابوزين ۔۔۔ او اها معلومات پئي کپي ۔۔۔۔ توهان جا لک ٿورا هن ناچيز تي گڏ سموري ساٿ تي پنهنجن خوبصورت لفظن سان بهترين معلومات ڏيڻ تي توهان کنڊون ۽ کير لهڻو۔۔۔۔
    اصل ۾ ادا جهانداد جيڪا پوسٽ موڪلي هئي اها هڪ دوست ميل جي صورت ۾ مون ڏانهن به موڪلي هئي مون کي يقين آهي ته ادا جهانداد کي به ائين ئي وصول ٿي هوندي۔۔۔۔ ۽ ڇو ته اسان انتهائي سست آهيون ان ڪري پنهنجي جستجو جي بجاءِ ٻين جي ڏنل آگاهي کي ئي درست تسليم ڪندا آهيون۔۔۔۔۔۔
    مون کي يقين آهي ته ادا علي علي پڻ اهڙي ڄاڻ رکندا هوندا پر اهي لفظ جيڪي توهان استعمال ڪيا هن کي ملي نه سگهيا نه ته منهنجي جوابي تحرير نه اچي سگهي هان۔۔۔۔۔
    مون کي خوشي ٿي ته سنڌ سلامت فورم پنهنجي مقصد طرف وڌي رهيو آهي۔۔۔ توهان جهڙا محسن گڏ رهيا ته سنڌ سلامت جا رڪن هتي اچي وقت نه وڃائيندا۔۔۔۔ توهان جا لک لائق
     
  11. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    ادا رشيد، توهان جي تشڪر ڀريل لفظن لاءِ ٿورائتو آهي.

    [​IMG]
     
  12. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    يار مهنجي ڳاله کي ٽيڪ ڏنو ان لاء مان اوهان جو ٿورائتو آهيان :D
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، ابو زين جي جواب ته اصل اندر ٺاري ڇڏيا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو