شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سڄي دنيا ۾ جمهوريت، سماجي تبديلي، سياسي سڌارن ۽ انساني حقن جي تحفظ جي اميد ۽ خواهش رکندڙ ماڻهن، 20 جنوري 2005ع واري صدر بش جي افتتاحي خطاب کي دنيا جي قديم ترين جمهوريت ۽ اڪيلي سپر پاور جي پرڏيهي پاليسيءَ جي غير معمولي بيان طور ٻڌو هو. ان موقعي تي آمريڪي صدر بش چيو هو ته، ”اسان ثابت قدميءَ سان هر حڪمران ۽ هر قوم آڏو استحصال (جيڪو هميشه ناجائز ۽ غلط آهي) ۽ آزادي (جيڪا صحيح ۽ جائز آهي) جي وچ ۾ پنهنجي ان اخلاقي چونڊ کي واضح ڪنداسين ته آمريڪا ڪڏهن به اهڙي رياڪاريءَ کان ڪم نه وٺندو، جو مجبور ٿي قيد ٿيل منحرف ۽ مخالفت ڪندڙ ماڻهو زنجيرن کي ترجيح ڏين يا عورتون تذليل ۽ اطاعت جي آجيان ڪن، يا وري هر انسان بدمعاشن جي رحم ۽ ڪرم تي زنده رهڻ کي ترجيح ڏئي.“ صدر بش پنهنجي تقرير ۾ اها ڳالهه ته ڪئي پر ڏٺو وڃي ته تڏهن کان وٺي ”بش ڊاڪٽرائين“ تي عمل ۾ امتياز روا رکيو ويو آهي. ”بش ڊاڪٽرائين“، جنهن موجب آمريڪي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، اهو برما ۽ شام جهڙن ملڪن لاءِ ته نرم ڪيل آهي، پر آمريڪي اتحادي ملڪن ۾ اهو نظريو سياسي ۽ مذهبي روڪ ۽ دٻاءَ لاءِ سختيءَ سان استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ مون کي ته ذاتي طور تي انتهائي ڏک سان اهو چوڻو پيو پوي ته پاڪستان ۾ جنرل مشرف جي فوجي حڪومت کي آمريڪا جمهوريت طور پيو تسليم ڪري. اهڙي طرح صدر بش پاڻ به اها ئي غلطي پيو ڪري، جيڪا سندس پيشروئن هن کان اڳ ڪئي هئي. هتي اهو سوال اٿي ٿو ته ڇا آمريڪا، پاڪستان ۾ به اها ئي قيمت ادا ڪندو، جيڪا اهو هن وقت دنيا ۾ ٻين Hot spots تي ڪري رهيو آهي؟

    تاريخي طور تي جائزو وٺڻ سان اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته آمريڪا اڪثر ڪري مختلف وقتن تي پنهنجي حمايت لاءِ آمراڻين حڪومتن جي ئي چونڊ، ملصحتن ۽ مفادن خاطر ڪندو رهيو آهي، جنهن جو نتيجو ڪوتاهه نظريءَ کي جنم ڏئي ٿو. جنهن جو هڪ اهم مثال اهو آهي ته آمريڪا ايران ۾ شهنشاهه ايران جي حڪومت جي حمايت ته ڪئي پر ان تي بنيادي سڌارن لاءِ ڪو به دٻاءُ نه وڌو، جنهن سان سندس حڪمراني ڪجهه جائز ۽ قابل قبول بڻجي ها. آمريڪا طرفان ڪيل حمايت جي عيوض شهنشاهه ايران آمريڪا کي ٿوري وقت لاءِ سستو تيل ته فراهم ڪيو، پر ڊگهي مدي ۾ هن آمريڪا کي جيڪڏهن ڏنو ته آيت الله خميني ڏنو، جنهن جا حامي اڃا تائين آمريڪا خلاف برسر پيڪار آهن.

    ساڳي ريت 80ع واري ڏهاڪي جي ”ڪوتاهه نظرن“، نتيجن کان بي پرواهه ٿي، پاڪستان ۾ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ الحق جي بدترين آمريت جي حمايت ڪئي. ايتري قدر جو تڏهوڪا ”ناعاقبت انديش ماڻهو“ تڏهوڪي سوويت يونين خلاف جهيڙيندڙ پنهنجي افغاني اتحادين ۾ اعتدال پسند روين ۽ جمهوري قدرن جي نيپاج ۾ ناڪام ويا ۽ ٻئي طرف انهن مجاهدين جي جمهوريت مخالف عناصرن کي هٿيار ڏنا ويا، سهائتا ڪئي، تربيت ڏني ويئي، اختيار ۽ دولت سان مالا مال ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه آمريڪي حڪمرانن طرفان ان ڪري ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ظاهري طور تي اهي افغاني تمام گهڻا ماهر ويڙهاڪ ۽ جنگجو هئا. 0 8 ع واري ڏهاڪي جي ڪيل اها المناڪ غلط ڪٿ، غلط تجزيو ۽ ڀيانڪ غلطي نيٺ 90ع واري ڏهاڪي ۾ طالبان کي اڳتي آڻڻ جو سبب ثابت ٿي، نه صرف اهو، پر آمريڪي حڪمرانن جو اهو فيصلو 11 سيپٽمبر 2001ع ۾ القاعده جي اڳتي اچڻ جو به سبب بڻيو. هاڻي به آمريڪا پاڪستان ۾ ساڳي ئي غلطي پيو ڪري. توڙي جو هن وقت ”جنگ“ گهڻي حد تائين تبديل ٿي چڪي آهي، پر ”طريقه ڪار“ ساڳيو ئي برقرار آهي، ان ۾ ڪابه تبديلي نه آئي آهي. هڪ پاڻ وهيڻو حڪمران مختصر مدي واري تعاون وارو ترپ جو پتو کيڏي، موٽ ۾ پنهنجي حڪمرانيءَ لاءِ آمريڪي قبوليت ۽ حمايت حاصل ڪري ٿو، پر آمريڪا کي سوچڻ گهرجي ته ان جا نتيجا انتهائي المناڪ آهن. جنرل مشرف جي آمريڪي حمايت جي نتيجن تي سوچڻ سان اهو چئي سگهجي ٿو ته ملڪ جي عوام، سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ شهرن جي ساڃاهه وندن کان وٺي ٻهراڙين جي اڻ پڙهيل، نراس ۽ مايوس عوام تائين ڪاوڙ ۽ بي اعتماديءَ جو ڀنڀٽ ڀڙڪائي سگهي ٿي. خاص طور تي ان صورت ۾، جڏهن جنرل مشرف پاڪستاني سرحدي علائقن ۾ القاعده ۽ طالبان کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو هجي. اهڙي صورتحال ۾ دهشتگرديءَ خلاف جنگ عيوض هڪ غير مقبول حڪمران جي حمايت واري قيمت تمام گهڻي آهي.

    منهنجي وزارت عظميٰ واري دور ۾ منهنجي حڪومت رياضي، سائنس ۽ ڪمپيوٽر جو جديد نصاب متعارف ڪرائيندي سياسي مدرسن ۾ تمام گهڻا سڌارا آڻڻ ۾ جزوي طور تي ڪاميابي ماڻي هئي. پر هن وقت حالت اها آهي جو مشرف حڪومت سماجي ۽ تعليمي سيڪٽر کي نظر انداز ڪندي ملڪ ۾ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون آهن، جن سان سياسي مدرسن کي ويتر ڦهلاءُ ۽ جٽاءُ ملندو. نوجوانن جي سياسي اعتدال پسنديءَ وارن روين کي رد ڪرڻ ۽ هاڃو رسائڻ جا بنياد ئي اهي سڌارن کان وانجهيل مدرسا آهن. دراصل اهي سڌا نتيجا آهن ان مقبول جمهوري راءِ تي دٻاءُ جا. سياسي پارٽين جي ڀڃ ڊاهه، پريس تي دٻاءُ، اين جي اوز ۽ ليبر يونينن جي اوسر روڪڻ ۽ رنڊڪ وجهڻ ۽ بنيادي انساني حقن جي لتاڙ مشرف حڪومت جي سڃاڻپ بڻيل آهن.

    هن وقت ملڪ ۾ توهين آميز ڪارٽونن خلاف احتجاج هلندڙ آهن. پاڪستان ۾ هلندڙ هاڻوڪا احتجاج انهن توهين آميز خاڪن جي چوڌاريءَ ڦرندي نظر اچن ٿا، آمريڪا کي ان اهم معاملي کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن مشرف حڪومت جي حالت اها آهي ته مشرف سمورن جمهوري احتجاجن تي پابندي مڙهي آهي سواءِ آمريڪا ۽ مغرب مخالف احتجاجن جي. تنهن ڪري پاڪستاني عوام ۽ سياسي پارٽين ان معاملي کي ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ استعمال ڪيو. انهن جي احتجاجن ۾ مذهبي فرمانبرداريءَ سان گڏ ان فرسٽريشن جو لاوو نظر اچي ٿو.

    اها قوم، جيڪا بنياد پرستن کي جمهوري چونڊن ۾ 1987ع کان مشرف جي اقتدار تي تسلط، يعني 1999ع تائين پري رکندي آئي، ان کي آمريت ذريعي ڇيهو رسايو پيو وڃي. هن کان اڳ مذهبي پارٽين عام چونڊن ۾ 13 سيڪڙي کان ڪڏهن به وڌيڪ ووٽ حاصل نه ڪيا آهن، پر اڄوڪن ڏينهن ۾ انهن جي مقبوليت ۾ ڊرامائي انداز ۾ واڌارو ايندو پيو وڃي. بلڪل ائين، جيئن فلسطين ۾ ٿيو آهي. حماس جي حمايت ۾ استعمال ٿيل فلسطينين جو ووٽ دراصل اسٽيٽسڪو خلاف ڏنل ووٽ آهي. پاڪستان ۾ مذهبي ڌرين لاءِ وڌندڙ حمايت به تبديليءَ جي خواهشن جو اظهار آهي.

    هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انهن حالتن ۾ پاڪستاني عوام جي جمهوريت واري خواب جو ڇا ٿيندو؟ ڇو ته جڏهن سياسي اعتدال پسندن کي هن سسٽم ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ئي نه ملي سگهندي، اهڙي صورت ۾ نتيجو تشدد ۾ واڌ ۽ اقتدار تي مذهبي ڌر جي وڌندڙ گرفت جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿو،
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اسلام آباد مذهبي انتها پسندن جي حوصلا افزائي ڇو پيو ڪري؟



    خميس 26 اپريل 2007ع

    پناهه گاهن مان ڀاڄ اختيار ڪندڙ انتها پسند قوتن افغانستان ۾ ٻيهر پير ڄمايا آهن، جنهن جو خدشو پاڪستان پيپلز پارٽي ظاهر ڪيو هو. هاڻي وقت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسان جا خدشا بلڪل درست هئا ته جيڪڏهن 2007ع ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت بحال نه ٿي ته اهي قوتون پاڪستان ۾ ٻيهر منظم ٿي وينديون. پاڪستان ۾ 2002ع ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلين، پارليامينٽ جو اجلاس سڏائڻ ۾ دير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي هارس ٽريڊنگ جي ذريعي ٽوڙڻ ته جيئن سندس پارليامينٽ ۾ تعداد گهٽجي وڃي، اهڙا قدم هئا جن جي ذريعي پاڪستان لاءِ نقصان پيدا ڪيا ويا. رپورٽن موجب اهي انتها پسند جيڪي مقامي ۽ غير ملڪي طالبن ۽ وچ اوڀر جي ايشيائي ملڪن جي القائده عناصرن تي مشتمل آهن، انهن پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ ٺڪاڻا بڻائي ڇڏيا آهن. اُهي عناصر 2001ع ۾ پنهنجي شڪست کان پوءِ ٻيهر نه رڳو گڏ ٿي چڪا آهن، پر منظم به آهن. هٿيارن سان ليس اهي قوتون گوريلا حڪمت عملي اختيار ڪندي آپگهاتي حملا آورن جو استعمال به ڪري رهيون آهن. جنرل ضياءَ واري آمريت 80ع واري ڏهاڪي دوران افغان مجاهدن سان تمام گهڻو ويجهو هئي. اهي افغان مجاهدين بعد ۾ طالبان بڻجي ويا ۽ پوءِ القائده جو روپ اختيار ڪيائون. انهن جا پاڪستاني ساٿي پهرين آءِ جي آءِ بڻيا ۽ هاڻي پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن.

    1990ع واري ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ طالبان ۽ القائده پنهنجي سرگرمين ۾ مصروف هئا، جڏهن ته انهن جا پاڪستاني ساٿي پاڪستان پيپلز پارٽي جي خلاف مصروف عمل رهيا، ڇو ته اهي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي راهه ۾ رڪاوٽ پيا سمجهن. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت 1990ع ۾ انتها پسند اسٽيبلشمينٽ ۽ انهن جي سياسي ساٿين جي هڪ سازش جي تحت ختم ڪئي وئي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت جي برطرفيءَ سان گڏ احتساب بيورو قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ اهڙن ماڻهن (آفيسرن) کي مقرر ڪيو ويو، جيڪي پاڪستان پيپلزپارٽي کان نفرت ڪندا هئا ۽ افغان جهاد ۾ شامل به رهيا، ۽ لاڳيتو هڪ ڏهاڪي کان ان اداري کي ملڪ جي مقبول قيادت جي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي.

    القائده ۽ طالبان جا دوست جيڪي پارليامينٽ ۾ موجود هئا، انهن پاڻ کي لڪائڻ لاءِ ڪلين شيوِ روپ اختيار ڪري، پاڪستان ۾ طالبانائيزيشن کي فروغ ڏيڻ شروع ڪيو. انهن جو مقصد اهو هيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي اڪيلو ڪيو وڃي ۽ عسڪريت پسندن کي تقويت ڏني وڃي. اهڙو عمل مذهبي مدرسن جي ذريعي ڪيو ويو .انهن مدرسن جو ڪم شاگردن جي ذهنن کي برين واش ڪري پاڪستاني طالبان بڻائڻ هو ته جيئن پاڪستاني طالبان ملڪ تي قبضو ڪن.

    حالانڪه اسلام جي تعليم اها آهي ته دين ۾ ڪو به جبر ناهي، پر مدرسن جي شاگردن کي غلط سيکاريو ويو آهي ته دين ۾ جبر آهي. مذهب کي مشيني انسان بڻائڻ لاءِ غلط طور استعمال ڪيو ويو ته جيئن انتها پسندن جا سياسي مقصد حاصل ٿي سگهن. انهن طالبن کان اهڙيون ڪارروائيون ڪرايون پيون وڃن، جن سان شهرين جي جان مال، انهن جي سلامتي، استحڪام، علائقائي ۽ عالمي امن کي خطرا لاحق ٿيندا رهن. اهي طالبان هڪ اهڙو لاوو آهن، جيڪو ڦاٽڻ لاءِ تيار بيٺو آهي ۽ جنهن جي ڦاٽڻ سان پاڪستان جي گهٽي گهٽي ۾ افراتفري ۽ انارڪي پکڙجي ويندي. هاڻي خطرو ان ڳالهه جو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ انهن قوتن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ايندڙ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي ويئي ته اهي قوتون هن خطي تي قابض ٿي وينديون. هاڻوڪو حڪومتي ڍانچو پي ايم ايل (ق) تي مشتمل آهي. ان جا ڪجهه ماڻهو اعتدال پسند آهن، پر تڏهن به گهڻائي جنرل ضياءَ جي آمريت جي باقيات جي آهي، جن کي جنرل ضياءَ جي انٽيليجنس گڏ ڪري رکيو ته جيئن پاڪستان پپيلز پارٽيءَ جو رستو روڪيو وڃي. هڪ وقت آءِ جي آءِ ٺاهي ويئي هئي ۽ هاڻي پي ايم ايل (ق) ٺاهي ويئي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مذهبي جماعتون، جيڪي ايم ايم اي جي صورت ۾ گڏ آهن، انهن پاڻ کي لال مسجد ۽ جامعه حفصه کان لاتعلق ۽ پري رکيو آهي، پر ڪابينا اڃا تائين ايئن ناهي ڪيو. حقيقت اها آهي ته هٿيارن سان ڀريل هڪ ٽرڪ لال مسجد وڃي رهي هئي، جنهن کي روڪيو ويو، پر ڪابينا جي هڪ وزير جي حڪم تي ان ٽرڪ کي ڇڏيو ويو. ڪابينا جي ئي اثر رسوخ جي ڪري ٻن پوليس اهلڪارن کي اغوا ڪرڻ وارن انتها پسندن جي خلاف پوليس پاڻ به ڪو ڪيس داخل نه ڪري سگهي. لال مسجد جي مذهبي اڳواڻ جي مقرري خود ڪابينا ڪئي آهي ۽ ان سرڪاري ملازم اسلام آباد ۾ نام نهاد شرعي عدالت قائم ڪري ڇڏي آهي. اها سرڪاري ايراضي، جتي سياسي مدرسا موجوده حڪومت جي دور ۾ قائم ڪيا ويا، سا ايراضي حڪومت جي ملڪيت آهي ۽ ڪابينا جي ملي ڀڳت سان جامعه حفصه ان تي غير قانوني قبضو ڪيو آهي. ان سرڪاري زمين تي ٺاهيل مدرسن جي تعمير وقت حڪومت دعويٰ ڪئي هئي ته اهي اصلاحي مدرسا هوندا، جن جي شاگردن جي رجسٽريشن ڪئي ويندي. انهن مدرسن کي تعليم جي نالي ۾ فنڊ ڏنا ويا، جنهن سان انهن مدرسن پاڻ کي مستحڪم ڪيو ۽ هاڻي اهي اسلام آباد جي ايوانن تائين پهچي ويا آهن.

    چيو اهو پيو وڃي ته جامعه حفصه کي ان لاءِ هٿ نٿو لاتو وڃي، ڇو ته اتي پڙهندڙ شاگردياڻيون فوجي آفيسرن جون ڌيئرون آهن. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته انهن شاگردياڻين جا والد پنهنجي ڌيئرن کي ڏنڊا بردار محافظ بڻجڻ جي اجازت ڇو ڏئي رهيا آهن؟ پاڪستان پيپلز پارٽي 1990ع واري ڏهاڪي دوران مالا ڪنڊ تي فوجي قبضي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ عسڪريت پسندن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ پارليامينٽيرين کي قتل ڪيو. پوليس ٿاڻن تي قبضو ڪيو، حڪومت جي دفترن، ڪجهه بينڪن ۽ اسڪولن تي به قبضو ڪيو. پاڪستان پيپلز پارٽي پوليس ۽ پارليامينٽيرين تي مشتمل هڪ ٽيم ٺاهي ان بغاوت کي ڪچلي ڇڏيو هو، پر جڏهن پوليس ۽ ٻين ادارن ۾ انتها پسند عناصر شامل ٿي وڃن ته عسڪريت پسندن جي رستي جي رڪاوٽ ازخود ختم ٿي وڃي ٿي ۽ ايٽمي قوت پاڪستان ۾ انتها پسندن جو انقلاب آڻڻ آسان ٿي وڃي ٿو.

    هي ته صرف هڪ مدرسو سامهون آيو آهي. ڪنهن کي خبر ناهي ته اسلام آباد ۽ ٻين هنڌن تي اهڙي قسم جا ڪيترائي سياسي مدرسا موجود آهن. لال مسجد جو مذهبي سربراهه اسلام آباد جي ٻين مدرسن جي طالبن کي پنهنجي مدد لاءِ گهرائي سگهي ٿو. اسلام آباد جي هر ڪنڊ ۾ اهڙي قسم جي بي قائده فوج لڪيل ٿي سگهي ٿي، جيڪا حڪم جو انتظار ڪري رهي هجي. اهڙي صورتحال تباهه ڪن آهي. حڪومت چوي ٿي ته اها ڪمزور ناهي، پر همدرديءَ جو اظهار ڪري رهي آهي، جنهن ڪري لال مسجد جي ويجهو ٻن مدرسن جي خلاف ڪارروائي نٿي ڪري. اهڙي همدرديءَ جو اظهار حڪومت ان وقت ڇو نه ڪيو، جڏهن ٻه سال اڳ 2005ع ۾ پيپلز پارٽي جا ڪارڪن آصف علي زرداري جي استقبال لاءِ لاهور ۾ گڏ ٿيا هئا. اهي ڪارڪن مڪمل طور پُر امن هئا. ڪراچيءَ ۾ ضمني چونڊن وقت فيبروري ۾ عورتن تي تشدد ڪيو ويو، ايستائين جو انهن کي علاج لاءِ اسپتال داخل ٿيڻو پيو. اقوام متحده جي هڪ عورت نمائنده ۽ هڪ جج جي ڀيڻ سان شرمناڪ سلوڪ ڪيو ويو، صرف انهيءَ ڪري ته اها هڪ پُرامن احتجاج ۾ شريڪ هئي. پر مدرسي جي ڏنڊا بردار شاگردياڻين اسلام آباد جي رستن تي قبضو ڪيو. سيلونن، بيوٽي پارلرن ۽ موسيقيءَ جي دڪاندارن کي ڪاروبار بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.

    مان مسلمانن جي اڪثريت وانگر پنهنجي مذهب اسلام تي فخر ڪريان ٿي ۽ مون جهڙا سمورا مسلمان، مذهبي رهنمائن طرفان اسلام جي اهڙي تشريح جي خلاف آهن، جنهن ۾ جبري طور ماڻهن مٿان پنهنجو قانون مڙهيو وڃي. اسلام ڪنهن به فرد مٿان بندوق جي زور تي پنهنجي مرضي مسلط ڪرڻ جي خلاف آهي. اسلام ۾ ڪٿي به زور ناهي، اسلام سماجي انصاف مهيا ڪرڻ، جهالت ۽ غربت جي خاتمي جو نالو آهي. اسلامي معاشري جي اها عظمت آهي ته ان علم فنون کي ته هٿي ڏني. الجبرا، رياضي، منطق ۽ ٻين علمن ترقي ڪئي. اسلام جي مسجدن ۽ منارن جي عظمت کي اهي ماڻهو نقصان پهچائي رهيا آهن، جيڪي علم کان دور ۽ ڪوتاهه ذهن آهن، ۽ جن ماڻهن کي سويت يونين جي طاقت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو هو. مسلم ۽ عالمي برادري 1980ع واري ڏهاڪي جي افغان جهاد جي باقيات کي ان ڳالهه جي اجازت نٿي ڏئي سگهي ته اها پنهنجي بندوق جو رخ مختلف قومن، مذهبن ۽ عوام طرف موڙين.

    افغانستان ۽ عراق ۾ جنگيون انتها پسندن طرفان ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملي جو نتيجو آهن. ان حملي کان پوءِ پُرامن ۽ امن پسند مسلمانن کي پُرتشدد سمجهيو وڃي پيو. ان حملي جي ڪري عظيم مذهب اسلام جي ساک متاثر ٿي رهي آهي. ان حملي کان پوءِ لاتعداد معصوم ماڻهن کي ماريو ويو آهي، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، جن کي الله تعاليٰ جنگ دوران به نشانو بڻائڻ کان روڪيو آهي. خودڪش حملا ڪندڙ سمجهن ٿا ته اهي الله تعاليٰ جي دين جي خدمت ڪري رهيا آهن، پر حقيقت ۾ اهي ماڻهو مسلمان معاشرن کي تباهه ڪري رهيا آهن ۽ شهري آزاديون ختم ڪري رهيا آهن. انهن جي ڪارروائين سان اسلام جي خدمت نه، پر اسلام کي نقصان پهچي رهيو آهي. خد اجي مخلوق کي نقصان پهچي رهيو آهي. اسلام جي نالي ۾ ٿيندڙ تشدد مغربي ملڪن ۾ جمهوريت کي ختم ڪري ڇڏيندو، جتي مسلمانن جو وڏو تعداد موجود آهي. اهڙي عمل سبب مغربي ملڪن ۾ رهندڙ مسلمانن جي زندگي، عزت، وقار ۽ فلاح متاثر ٿيندو ۽ ڪير به محفوظ نه رهندو. پاڪستان سميت مسلمان ملڪن ۾ به ڪير محفوظ نه رهندو. جتي ڏنڊا بردار اهم عهدن تي پهچي ويندا ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ به ڪير محفوظ رهي نه سگهندو. جتي مسلمانن کي شڪ جي نظر سان ڏٺو ويندو ۽ اهي نفرت ۽ جرم جو نشانو بڻجندا. اهي انتها پسند عالمي مالياتي مارڪيٽن کي پنهنجي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻائيندا. انهن عالمي مارڪيٽن جي تباهيءَ سان سڄي دنيا جو نظام تباهه ٿي ويندو. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته سڀ ماڻهو، جن ۾ مسلمان به شامل آهن، تباهه ٿي ويندا. اها اسلام جي خدمت نٿي چئي سگهجي.

    اسان گلوبل وليج ۾ زندهه آهيون، عالمي قدر سڀني مذهبن جو حصو آهن. هڪ ٻئي سان امن سان رهڻ لاءِ اسان کي هن ڳالهه جو احترام ڪرڻو پوندو ته دين ۾ ڪا به زور زبردستي ناهي ۽ اهو ئي اسان کي اسلام سيکاري ٿو. ذاتي مذهبي عقيدن لاءِ اسان رياست جي سامهون نه، پر الله تعاليٰ جي آڏو جواب ڏيندڙ آهيون. پاڪستان ۾ انتها پسنديءَ جي معاملي ۾ رياست جو اختيار گهٽ ٿي رهيو آهي. پاڪستاني ڪابينا لال مسجد ۽ جامعه حفصه کي وڌيڪ مدرسا تعمير ڪرڻ لاءِ زمين پيش ڪري رهي آهي ۽ چيو پيو وڃي ته لال مسجد ۽ جامعه حفصه کي اسلام آباد مان ٻاهر منتقل ڪيو پيو وڃي، ان لاءِ به زمين ڏيڻ جي آڇ ڪئي پئي وڃي. اهو سڀ ڪجهه سرڪاري ملڪيتون هڙپ ڪرڻ جو بهانو آهي ۽ آخرڪار ٿيندو ايئن جو ٻنهي هنڌن تي انهن ئي ماڻهن جو قبضو هوندو.

    هن وقت جڏهن اسڪالرن جي توجهه اسلامي دنيا ۽ ٻين ثقافتن ۾ فرق ڪرڻ تي آهي، اسان کي گهرجي ته اسان مسلمانن جي وچ ۾ مختلف قدرن تي توجهه ڏيون. عراق ۾ مسلمانن جي وچ ۾ فرق وڌيڪ واضح آهي، جتي اسلام جي نالي ۾ هڪ مسلمان ٻئي مسلمان جو خون وهائي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ به اهڙي ئي صورتحال آهي، جتي هڪڙا مسلمان ٻين کي ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن، جيڪڏهن عسڪريت پسندن کي روڪيو نٿو وڃي ته اها انتها پسندي خوني انقلاب ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. عوام جي مرضيءَ جي خلاف فوج طرفان اقتدار تي قبضو ڪرڻ بدران مذهبي عسڪريت پسند بندوق جي زور تي اقتدار تي قبضو ڪري وٺندا. انتها پسندن کي اڳ ئي قبائلي علائقن مالا ڪنڊ، پارا چنار ۽ ٽانڪ ۾ گهڙڻ جي اجازت ڏني ويئي آهي. دره آدم خيل ۾ ڇوڪرين جي نجي اسڪولن کي بند ڪرايو ويو آهي. حجامن کان واعدو ورتو ويو آهي ته اهي ماڻهن جون ڏاڙهيون نه لاهيندا. اهڙيءَ طرح ماڻهن جو ڪاروبار ختم ٿي ويو آهي ۽ عوام کان انهن جي مرضي موجب زندهه رهڻ جو حق کسيو ويو آهي. صرف انهيءَ ڪري جو حڪومت انتها پسندن جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا آهن. ممڪنآهي ته پنجاب ۽ وفاق ۾ اهي انتها پسند خاموش ۽ لڪي ويٺا هجن. پاڪستان هن وقت ٻه واٽي تي بيٺل آهي ۽ پاڪستان سان گڏ عالمي برادري به ٻه واٽي تي بيٺل آهي. اسلام آباد مان وڄندڙ خطري واري گهنٽي جو آواز پري پري تائين بلڪل صاف ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    وفاقي بجيٽ: ناڪام معاشي رڪارڊ جي هڪ پيشڪش



    خميس 14 جون 2007ع

    مالي سال 08-2007ع جي وفاقي بجيٽ خرچ ئي خرچ واري بجيٽ آهي، جنهن سان پاڪستان ۾ غربت ۽ افراط زر وڌي وڃڻ جو خطرو آهي. پاڪستان جي عوام تي سڀ کان وڏو بوجهه وڌندڙ افراط زر جو آهي، جنهن سان زندگيءَ جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪرندو پيو وڃي. بجيٽ يوٽيلٽي اسٽورن ۽ خوراڪ تي سبسڊي ڏيڻ تي انحصار ڪري ٿي ۽ اهي قدم قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي کي روڪڻ لاءِ قطعي ناڪافي آهن.

    مشرف حڪومت طرفان پاڪستان پيپلز پارٽي جي ماضيءَ ۾ ڏنل منصوبي يوٽيلٽي اسٽورن تي ضروريات زندگي جي شين کي مهيا ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو آهي، پر مشرف حڪومت معيشت جي ٻين پهلوئن کي نظر ۾ ناهي رکيو. اهڙي طرح غذا جي ضروري جنسن تي سبسڊي ڏيڻ هڪ عارضي انتظام آهي، جنهن سان پيداوار ڏانهن رغبت ڏيارڻ ۾ خرابيون پيدا ٿي سگهن ٿيون.

    هڪ مريض جي علاج لاءِ ضروري آهي ته مرض جي سڃاڻپ ڪجي. قيمتن ۾ تيزيءَ سان اضافو، خرچ ئي خرچ وارين پاليسين، ضروري زرعي فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي، خراب ڪارڪردگي ۽ معيشت ۾ وڏن ”تجارتي اتحادن“ جي ٺهڻ جي ڪري ٿي رهيو آهي. هن بجيٽ ۾ انهن بنيادي معاملن کي بنهه نظر انداز ڪيو ويو آهي، جيڪي افراط زر ۾ اضافي جو اصل سبب آهن. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ انهن کي ترقيون ڏيڻ جي ذريعي رليف ڏيڻ سٺو قدم آهي، پر اهي قدم ڪارخانن جي مزدورن، ننڍن ڪاروباري ادارن جي عام مزدورن ۽ ٻين محنت ڪشن لاءِ ڪا به معنيٰ نٿا رکن. پي ايس ڊي پي لاءِ 520 - ارب رپين جي رقم ته مختص ڪئي ويئي آهي، پر جيڪڏهن ماضيءَ جي مثالن کي سامهون رکي ڏٺو وڃي ته اها رقم به پوري طرح خرچ نه ڪئي ويندي. اها ڳالهه هر ڪنهن جي علم ۾ آهي ته مالي سال 07-2006ع ۾ پي ايس ڊي پي لاءِ رکيل رقم جو هڪ ڀاڱي ٽيون حصو استعمال نه ڪيو ويو.

    بجيٽ ۾ ڏيکاريل ترجيحن ۾ بنيادي تبديليون ناهن ڪيون ويون، غير ترقياتي خرچ گهٽ ڪرڻ تي ڪا به توجهه ناهي ڏني وئي. دفاع لاءِ رکيل رقم ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، پر ان لاءِ احتساب جو ڪو نظام نه بڻايو ويو آهي. اهوعوام جو حق آهي ته اهي پڇاڻو ڪن ته انهن جي رت ۽ پگهر جي ڪمائي جنرلن لاءِ جاگيرون ٺاهڻ تي خرچ ڪئي پئي وڃي يا واقعي دفاعي اهليت کي مستحڪم ڪرڻ تي خرچ ٿي رهي آهي؟ جيتوڻيڪ پاڪستاني عوام دفاع کي مضبوط ڏسڻ گهري ٿو پر ان لاءِ ضروري آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته دفاع لاءِ رکيل رقم جي پائيءَ پائيءَ جو عوام کي حساب ڏنو وڃي.

    افراط زر جي وڌندڙ شرح سڌو سنئون عوام کي متاثر ڪري رهي آهي ۽ ان سان گڏ ان جا ملڪ جي معيشت تي به منفي اثر پئجي رهيا آهن. هلندڙ سالن ۾ افراط زر ۾ بي انتها اضافو ٿي وڃڻ سبب پيداواري لاڳت ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ اهڙي طرح ايڪسپورٽ واري شعبي جي مقابلي ڪرڻ واري صلاحيت متاثر ٿي آهي، جيڪا ڳالهه ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائيءَ سان صاف ظاهر آهي ۽ ملڪ ۾ مالي خسارو رڪارڊ حد تائين پهچي ويو آهي. ٽيڪسٽائل وارو شعبو گوناگون مسئلن جو شڪار آهي، ۽ گلوبلائيزيشن جي نئين حقيقتن سان ان کي منهن ڏيڻو پيو پوي. ان سڄي پس منظر ۾ پيداوار جي لاڳت ۾ مسلسل اضافي ٽيڪسٽائل جي شعبي کي مشڪلاتن جي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي.

    مشرف حڪومت کي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جون اماڻيل رقمون ۽ غير ملڪي امداد مان حاصل ٿيندڙ رقمون آسانيءَ سان دستياب هئڻ جي باوجود ملڪ تي هڪ ارب ڊالرن کان وڌيڪ قرض جو اضافو ٿيو آهي. اهڙي طرح اندروني قرضن ۾ به وڏي پيماني تي اضافو ٿيو آهي. گذريل سالن دوران پاڪستان لاءِ امدادي رقمن ۾ خاطر خواهه اضافو ٿيو آهي، پر ان حوالي سان معلومات تمام گهڻي محدود آهي. اهي امدادي رقمون ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ڪيون پيون وڃن، قوم اهو پڇاڻو ڪرڻ جو حق رکي ٿي ته ايڏيون وڏيون امدادي رقمون ڪيئن خرچ ڪيون ويون؟ حڪومت جي اها دعويٰ ته، جي ڊي پي شرح جي حساب سان سيڙپڪاريءَ ۾ اضافو ٿيو آهي، درست ناهي، ڇو ته سيڙپڪاريءَ ۾ وڌيڪ اضافو تعميراتي ۽ سروسز شعبن ۾ ٿيو آهي، جڏهن ته پيداواري شعبن ۾ ڪو به خاطر خواهه اضافو نه ٿيو آهي. حقيقت ۾ پيداواري ادارن ۾ ترقيءَ جي رفتار گهٽجي ويئي آهي ۽ ان جو هدف 2 سيڪڙو گهٽ رهيو، يعني ان جو هدف 11 سيڪڙو هو، جيڪو 8.4 سيڪڙو رهيو. پيداواري سرگرمين جي بحالي ئي روزگار جا موقعا پيدا ڪري ۽ غربت گهٽ ڪري سگهي ٿي. ان لاءِ سيڙپڪاريءَ ۾ اضافي جي ڪيل دعوائن جي باوجود پاڪستان جو پيداواري شعبو ڪمزور ئي آهي ۽ مارڪيٽ ۾ چين جي سستين شين جي موجودگيءَ جي ڪري پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي.

    اها دعويٰ ته، براهه راست غير ملڪي سيڙپڪاريءَ ۾ اضافو ٿيو آهي، سا به جعلي آهي. براهه راست غير ملڪي سيڙپڪاري ادارن جي نجڪاريءَ سان ٿي آهي، ڪنهن نئين منصوبي تي سيڙپڪاري ٿي ئي ناهي، جنهن سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي سگهن. نجي شعبي ۾ سيڙپڪاري پاڪستاني صنعتن ۾ اضافي لاءِ ناهي ٿي. موجوده حڪومت غير شفاف ۽ نامڪمل نجڪاريءَ لاءِ جلد بازيءَ جو مظاهرو ڪيو، جنهن سان قومي خزاني کي نقصان برداشت ڪرڻو پيو ۽ ان سان گڏ محنت ڪشن لاءِ روزگار جا موقعا به بند ڪيا ويا، انهن جون ملازمتون ختم ٿي ويون. معيشت جا تاريخدان هن حڪومت جي ڪيل نجڪاريءَ کي مشرف حڪومت جو سڀ کان وڏو فراڊ چوندا. موجوده حڪومت روسي امراءَ وانگر نجڪاريءَ ۾ بد انتظامي ڪئي، ملڪ جي اهم اثاثن کي ڀڳڙن مٺ عيوض وڪڻي ڇڏيو. اهڙي طرح نجڪاريءَ جا اصل تفصيل به عوام آڏو نه آندا ويا. ان ريت نجڪاريءَ جي عمل واري طريقيڪار ۾ وڏي پيماني تي بيقاعدگيون ڪيون ويون. ان ناقص نجڪاريءَ جو هڪ واضح مثال ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جو بحران آهي. ڪي اي ايس سي هڪ اهڙي گروپ کي وڪرو ڪئي ويئي، جنهن وٽ بجلي مهيا ڪرڻ ۽ اداري کي هلائڻ جو ڪو به تجربو ڪو نه هو.

    حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته ان معاشي ترقيءَ جي شرح ۾ اضافو ڪيو آهي، پر اها به عوام سان مسخري آهي. ترقي ان وقت پائيدار نٿي ٿي سگهي، جڏهن افراط زر عوام کان خريداريءَ جي قوت کسي ورتي هجي. جڏهن ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائي ٿي ويئي هجي، مالي خسارو وڌي ويو هجي، پرڏيهي قرض وڌي ويا هجن، ان صورتحال ۾ ترقيءَ جي دعوائن کي ڪيئن قبول ڪجي. ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته حڪومت ترقيءَ کي پائيدار رکڻ لاءِ ڍانچو تيار ڪرڻ کي نظر انداز ڪيو آهي، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين لوڊ شيڊنگ پاڪستان جي معيشت کي متاثر ڪيو آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته حڪومت ان ڳالهه تي فخر ڪري ٿي ته ترقيءَ جي رفتار 7 سيڪڙو ٿي ويئي آهي، پر بجليءَ جي پيداوار واري صلاحيت ۾ اضافو ناهي ڪيو. جنرل مشرف جي گذريل اقتداري سالن دوران ڪوبه پاور پراجيڪٽ ناهي هنيو ويو. اهڙي طرح پاڻيءَ جي ذخيرن لاءِ به ڪا خاطر خواهه منصوبا بندي ناهي ڪئي ويئي، جنهن جي ڪري ملڪ جي زراعت متاثر ٿي آهي.

    نئين مالي سال واري بجيٽ مڪمل طور عوام کي مايوس ڪندڙ آهي، اها حڪمرانن جي ترجيحن ۾ تبديليءَ جي ڪا به تجويز نٿي ڏئي. اهڙي طرح حڪمرانن جي ناڪامين کي وڌيڪ استحڪام ڏنو ويو آهي، يعني افراط زر تي ضابطو آڻڻ، مالي خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ غربت گهٽائڻ جي حوالي سان هي بجيٽ قطعي طور ناڪام نظر اچي ٿي. هي بجيٽ اميرن لاءِ انهن جي معاشي پاليسين جو تسلسل آهي، جيڪي گذريل ستن سالن دوران مشرف حڪومت ۾ جاري رهيون آهن. ان سان منهنجي ان يقين کي تقويت ملي آهي ته ڊڪٽيٽر ڪڏهن به ترقي آڻي نٿا سگهن، اهي صرف دعوائون ئي ڪري سگهن ٿا. حقيقت ۾ عوامي جمهوريت بنا ڪا به ترقي نٿي ٿي سگهي.
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سائين هي ايترا سارا ڪالم ڪٿان هٿ ڪيا اٿوَ توهان جي محنت کي سلام آهي.
     
  5. صفدر علي ابڙو

    صفدر علي ابڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جولائي 2010
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    زبردست سائين پڙهڻ ۾ مزو آيو۔
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سائين منهنجا ڳولهڻ سان خدا به ملجي ويندو آهي بس انهي ڪالمن کي هن سنڌ سلامت جي اڱڻ تي گڏ ڪرڻ جي پراڻي تمنا هئي، اصل هاڻي وڃي مليا آهن،
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ادا صفدر ابڙا آخر مزو ڪيئن نه ايندو لکيل ڪهڙي شخصيت جا آهن۔
     
  8. تنوير راڄپر

    تنوير راڄپر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 اپريل 2011
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    جس آ توهان جي محنت ۽ جدوجهد کي مهرباني مهنجا ڀا
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سائين تمام پياري ونڊآهي ۔
     
  10. الھ

    الھ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو