نئون ٿر اربع 4 جنوري 2006ع ”ابا ڏس، متان اسان مڙهن جي اڇن وارن کي لڄائي نه ويهي رهين. مڙس ماڙهُو ٿجين. متان پُٺ ڏني اٿئي. ڪو ائين نه چئي ته سنڌي ڀاڙ جا جا تنبا نڪتا...ٻيو ته خوش آهين نه؟ ماني ٽڪي سولي ٿي ملنئي...اهي مئا شيدي پاڻ ۾ وڙهي وڙهي ڍانگهو ٿي ويندا. ائين سمجهايون نٿا ته مئا پاڻ ۾ نه وڙهو، پنهنجو گهر نه ڦٽايو...ها ها، اهي ائين ڪو نه رهندا...هائو، پئسا ملي ويا...“ اهي جملا ٻڌي پاڻ جي ته پيرن هيٺان زمين کسڪي ويئي. مون کي خبر هئي ته مريم پنهنجي پٽ سان ائين ڳالهائي سگهي ٿي. مون کي اها به خبر هئي ته ڳوٺ جا ٽي ڇوڪرا پاڪستاني آرميءَ ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ اقوام متحده جي امن قائم ڪرڻ واري فوج (Peace Army) ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ ڪانگو جي خوفناڪ جهنگن ۾ هلندڙ خانه جنگيءَ کي ٽارڻ ۾ پورا آهن ۽ ساڻن پاڪستان آرميءَ جا ٻيا به جوان شامل هئا. مون کي اها به خبر هئي ته ڳوٺ جي ڀر ۾ ئي کوکرن جي ڇڙن ٻن گهرن جا 6 ڇوڪرا پاڪستان آرميءَ جو حصو آهن. مون کي اها به خبر هئي ته مهراڻي کان تمام گهڻو پري ڇاڇري تعلقي ۾ سميجن جي صرف هڪڙي ڳوٺ ساڪريو جا 0 0 3 جوان آرميءَ ۾ آهن. آئون ڪي پڪا پختا انگر اکر ته نٿو ڏيئي سگهان، پر ڊڄيو ڊڄيو ٿو ڳالهه ڪريان ته جي ڀلجان نٿو ته ويهارو هزارن کان مٿي ٿر جا جوان پاڪستان آرميءَ ۾ شامل ٿي چڪا آهن ۽ پويان اڃا به ڀرتيءَ جي هر موقعي تي ڀرتي ڪندڙ فوجي آفيسر جي آفيس اڳيان ٿري نوجوانن جون قطارون لڳي وينديون آهن، جن مان ڪجهه چونڊجي ويندا آهن ته ڳچ ڀرتيءَ جي ايندڙ موقعي جو انتظار ڪندا آهن. بري فوج کي ڇڏي ڪري هاڻي ايئر فورس جو به وارو آهي، جنهن جي شروعات شايد منهنجي پنهنجي خاندان کان ٿئي. باقي نيويءَ ۾ ٿريو شايد دير سان شامل ٿئي. ڇاڪاڻ ته اٺ ۽ ٿريو پاڻيءَ کان ڏاڍو ڪن هڻندا آهن. 7 9 9 1 ع ۾ GBS بيماريءَ جو ڌڪ کائڻ ۽ پوءِ ڌڪ پٽڻ کان پورا اٺ سال پوءِ تازو مهينو کن اڳ مون ٿر ۾ پير رکيو هو. ايتري ساري عرصي کان پوءِ ڪانگو جي دٻالٽ جهنگن ۾ وڙهندڙ پٽ ۽ سندس ٿري ماءُ جي فون تي اها گفتگو ٻڌي منهنجي پيرن هيٺان زمين کسڪي ويئي. مون کي اها ته خبر آهي ته ڪانگو ۾ موجود (Peace Army) جي جوانن جي هٿ ۾ موبائيل فون هئڻ ئي هئڻ گهرجي، پر مون لاءِ حيرت جي ڳالهه اها هئي ته ٿري ماءُ جي هٿ ۾ فون ڪٿان آئي. انهيءَ سوال جو جواب چٽن چٽن لفظن ۾ مون کي هيءُ مليو: ”ابا قادريا، ونگي جي ڄام کي دعا ڪر، جنهن اسان جي هٿن ۾ اهڙي مشين گيري ڏيئي ڇڏي آهي، جو ڪئين ڪوهه پري ڪانگو ولايت ۾ گولين جا زٽڪا ڪرائيندڙ اولاد سان جهڙوڪر گوڏا گوڏن ۾ ڏيو ويٺا ڳالهيون ڪريون. اهو ونگي جو ڄام ٻيو ڪو به نه، پر سنڌ جو چيف منسٽر، ارباب ڊاڪٽر غلام رحيم ئي آهي، جيڪو ٻي ته سنڌ ۾ ”ارباب“ آهي ۽ ٿر ۾ ”ونگي جو ڄام“ آهي. سچ ڪري پڇو ته جيڪو ٿر اڳي ڏٺوسين، اهو ٿر هن ڀيري نظر نه آيو، جن لنگهن لڪن تي ڪنڀٽن جي وڻن هيٺان واريءَ تي ليٽي، ٻانهن مٿان مٿو رکي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪيڪڙن (پهرئين عظيم جنگ ۾ استعمال ٿيل ٽرڪن) جي اچڻ جو اوسيئڙو ڪٽيندي ڪڏهين ڪڏهين ننڊ جي ڦوڪ به ڀري وٺندا هئاسين. هن وقت انهن ساڳين لنگهن لڪن مٿان ٺهيل پڪن پختن ۽ مضبوط روڊن تي لگزري ڪوچن، ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جا واڄٽ پيا وڃن. هن وقت لڳ ڀڳ هر ڳوٺ تائين اهڙا پڪا روڊ پهچي چڪا آهن يا پهچڻ وارا آهن يا وري رٿا هيٺ آهن، جن ڳوٺن ۾ ڪاريءَ رات جو هڪڙي پاڙي کان ٻئي پاڙي ڏانهن ويندي پير پيا ٿڙندا هئا، هاڻي اُتي بجليءَ جو راڄ آهي. اها گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته ٿر ۾ جيڪي به بلائون ۽ نانگ پاتا وڃن ٿا، انهن مان 80 سيڪڙو لنڊي بلا آهي ۽ ٿر جا گهڻا ماڻهو انهيءَ بلا کان ڏنگبا آهن، انهيءَ ڪري لُنڊيءَ کي ”بي گري بلا“ چئبو آهي. اها بلا ٽارچ يا بجلي جي روشنيءَ ۾ انڌي ٿي ويندي آهي ته ڳوٺن ۾ بجلي اچڻ سببان ڳوٺ ۾ ايندي ويندي ماڻهو انهيءَ مصيبت کان به گهڻو ڪري بچيل آهن. جن ڳوٺن ۾ اڳي ريڊيو ٽي وي مشڪل هوندو هو، اتي هاڻي بجلي جي معرفت ڪي ٽي اين ۽ پي ٽي وي جي ذريعي معلومات ۽ تفريح جا دروازا کلي چڪا آهن. انهيءَ کان علاوه مٺيءَ ۾ ايف ايم ريڊيو به کلي چڪو آهي. جتي اڳي ٻاڙو پاڻي پيئي پيئي ٿرين جا ڏند ئي ڪاراٽجي ويندا هئا، اُتي هاڻي مٺو پاڻي پهچي چڪو آهي يا پهچڻ وارو آهي. مطلب ته ٿر ۾ هن وقت مادي ترقيءَ جو طوفان آيل آهي. انهن سڀني ڪمن جو سهرو سنڌ جي موجوده چيف منسٽر تي آهي. باقي روزي رب ڏيڻ وارو آهي ۽ هٿ پير هڻڻ بندي جو ڪم آهي. هاڻي اچجي ٿر جي ڪوئلي ۽ بجليءَ تي. چين ولايت ۾ ڪراچيءَ جيڏو ئي شهر آهي شيئان (xian) جتان چار هزار سال اڳ شاهراهه ريشم جو رستو نڪرندو هو، جيڪو اتر طرف وڃي سينٽرل ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ملڪ ڪازڪستان کان ٿيندو سڄي سينٽرل ايشيا مان لنگهندو موڙ کائي پشاور وٽان پاڪستان ۾ داخل ٿي، سنڌ ۾ سيوهڻ کان ٿيندو ديبل بندر وٽ سمنڊ ۾ اچي کٽندو هو. انهيءَ ساڳئي شيئان جي ڀر ۾ هنيئون ڦاڙيندڙ ڪاري جبل جي اڌ کڙ ۾ مائوزي تنگ لانگ مارچ ڪندي اچي چيانگ ڪائي شيڪ کي ڳچيءَ مان جهليو هو. انهيءَ ساڳئي شهر شيئان (xian) کان ڳچ پنڌ تي موجود ڪوئلي جي ذخيري تي لڳل پلانٽ (جيڪو هي بندو پنهنجين اکين سان ڏسي چُڪو آهي) مان سڄي چين کي بجلي مهيا ٿئي ٿي ته چين جي مقابلي ۾ بجليءَ جي کپت جي حساب سان اسان جو ملڪ ته تمام ننڍو آهي. ٿر ۾ جيڪڏهن سڀني ماهرن اهو ڪم ڪري ڏيکاريو ته اهو ڪم، سنڌ حڪومت جي ڪيل ڪم سان گڏجي ڪري نه رڳو سڄي ملڪ کي بجليءَ سان مالا مال ڪري ڇڏيندو پر اها بجلي ڀرپاسي جي ملڪن کي وڪڻي زرِمبادلي جي صورت ۾ تمام گهڻو مال پاڻي هڻي سگهبو. ٻئي پاسي اهو ڪم ٿر جي ماحول توڙي سوسائٽيءَ کي بدلائي ٻئي ڇيڙي تائين پهچائي ڇڏيندو ۽ سنڌ جي باقي حصن جي به قسمت کلي پوندي. هت اهو به عرض ڪري ڇڏيان ته محنت مزدوري ۽ ٽيڪنيڪي ڄاڻ جي حساب سان سخت جان ٿريا ٻئي ڪنهن کي ٿر ۾ اُپڙڻ ئي نه ڏيندا. هن بندي تائين اڙيون ٿڙيون اهي خبرون به پهتل آهن ته چيف منسٽر هائوس ۾ ٿر جي ترقيءَ لاءِ ڪي نيون رٿائون به جڙي رهيون آهن. اهي رٿائون ڪهڙيون آهن، تنهن جي پاڻ کي ڪا ايتري خاص خبر ناهي. پر هت وجهه وٺي ڪجهه تجويزون ۽ صلاحون اڳيان رکجن ٿيون. هونءَ اخباري دنيا ۾ ته اهڙين تجويزن کي ٽوڪ وچان ”مفت جا مشورا“ چئبو آهي. پر جيڪو ماڻهو 2 7 9 1 ع کان وٺي فائيلن ۾ پوريل ۽ نظر انداز ٿيل سنڌي ٻوليءَ جو اسيمبلي بل ڇنڊي ڦوڪي عمل ۾ آڻي سگهي ٿو، جيڪو ماڻهو ڀري اسيمبليءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندي ڇاتيءَ تي هٿ هڻندي اهي لفظ چئي سگهي ٿو ته ”گڏهه تي چڙهي آيو هوس، وري گڏهه تي آٿر رکي واپس هليو ويندس“ جنهن ماڻهوءَ کي ڪرسيءَ ۽ عهدي جي ڪا به پرواهه نه هجي. اهو ماڻهو ضرور هنن تجويزن کي ڪن سرنهان ڪري ٻڌندو ۽ ڊگهيءَ نظر سان ڏسندو. هونئن به هن ملڪ ۾ اهو ئي ماڻهو صحيح فيصلو ۽ ڪم ڪري سگهي ٿو، جنهن کي ڪرسي ۽ عهدو هليو وڃڻ جو ڪو به خوف نه هجي. اها ڳالهه سوچي حال سارو ڪجهه صلاحون سنڌ سرڪار جي اڳيان رکجن ٿيون. صلاحون: (1) ڪو زمانو هوندو هو ته ڪراچي ته ڇا، پر حيدرآباد ۾ به وات ٽڪاڻيءَ لاءِ ٿريو هٿ نه ايندو هو. اڄ حالت اها آهي ته حيدرآباد ته ڇا، ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪلفٽن جهڙي علائقي ۾ به ڀتر اڇلائي هڻ ته اهو گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ٿريي جي مٿي ۾ وڃي لڳندو. ڪراچيءَ جي پوش علائقن ۾ رهندڙ دوست اڳي اسان پارن کي ڪم ايندا هئا، هاڻي اهي دوست جڏهين به ملندا آهن ته پاڻ کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ”يار کوئي تهر کا بنده گهر کي ملازمت ڪي ليئي دلوا دو“ انهن دوستن کان جڏهين انهيءَ گُهر جو سبب پڇبو آهي ته جواب ايندو آهي ته ”تهر ڪا نوکر نه بي ايماني کرتا هي، نه چوري کرتا هي، اور نه هي کوئي لوٽ مار کرتا هي، البته اس مين ايک عجيب و غريب عادت هي که بارش ڪي موسم مين دو ايک مهينون ڪي ليئي تهر ڪي طرف بهاگ جاتا هي، اور پهر واپس لوٽ کر بهي آتا هي، مگر يار اس ڪي يه حرڪت قبول هي، کم از کم ان لوگون سي کوئي خطره تو نهين هوتا“ ته ائين ڪراچي ۾ ٿر جي ماڻهوءَ جي ڊمانڊ به آهي ته ساک به آهي. ٻئي پاسي اهو حال آهي ته توهان ڪراچيءَ يا سنڌ جي ٻئي ڪنهن به شهر ۾ اوهان ڪنهن به ريڊي ميڊ ڪپڙي جي دڪان مان ريڊي ميڊ ڪپڙا وٺي، وڏي ٺٺ سان ٻاهر نڪرندئو ته اها پڪ سمجهي ڇڏيو ته اها ڪراچي جي ريڊي ميڊ ڪپڙا ٺاهڻ واري ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن نه ڪنهن ٿر جي درزيءَ جي هٿ جي وِڄا هوندي. هيستائين ڪيل سروي ٻڌائي ٿي ته هن وقت گهٽ ۾ گهٽ چاليهارو هزار کن ٿر جا درزي انهن ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ آهن ۽ اهو تعداد اڃا به وڌي سگهي ٿو. ٻيون مزدوريون انهيءَ کان علاوه آهن. انهن درزين ۾ گهڻائي مهراڻي واري علائقي جي آهي ۽ ٿر جي ٻين علائقن جي درزين جي به ڪمي ناهي. انهيءَ ڪري سنڌ سرڪار جي سامهون اها صلاح رکجي ٿي ته وڌيڪ نه، ته گهٽ ۾ گهٽ ٿر ۾ ريڊي ميڊ ڪپڙن جا ڪارخانا کوليا وڃن ته جيئن ٿريا درزي پنهنجي پَٽَ ۾ اچي اهو ڪم ڪن ۽ پاڻ به گهڻي ڏچي کان ڇُٽي وڃن ته ٻئي پاسي سندن ڪمائيءَ جو پئسو ٿر ۾ ئي رهي ۽ خرچ ٿئي ۽ ٿر جي ٻين سيکڙاٽن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿر مان بي روزگاريءَ جو ڳچ حصو ختم ڪن. انهن ڪارخانن جون سائيٽون هڪ ته نئون ڪوٽ ۽ مٺيءَ جي وچ ۾ وڄوٽي جي آس پاس ۽ ٻي سائيٽ ڏيپلي ۽ مٺيءَ جي وچ تي هوندي ته بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. انهيءَ ڪم لاءِ ڪو به ڪڇي سيٺ تيار ٿي سگهي ٿو. جي نه ته خود سنڌ سرڪار اهي ڪارخانا کولي غريبن جون دعائون کٽي سگهي ٿي. (2) گرنائيٽ پٿر دنيا جي قيمتي پٿرن ۾ شمار ٿئي ٿو، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڪارونجهر جبل جي اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ مان نڪرندڙ اهو پٿر، وڏن پٿرن جي صورت ۾ ٽرڪن تي کڻي ڪراچيءَ ۾ پهچائجي ٿو، جتي انهن پٿرن کي ننڍين ننڍين سرن جي صورت ۾ ڪٽي ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر موڪليو وڃي ٿو. جنهن تي هڪڙو ته ٽرانسپورٽ جو خرچ وڌيڪ اچي ٿو ۽ ٻيو ته ٿر جو مزدور انهيءَ اپت کان محروم رهجي وڃي ٿو. گرنائيٽ جا اهي پٿر ننگرپارڪر ۾ ته ڪٽجي نٿا سگهن، جو وچ ۾ رڻ اچي ٿو، جتي رستا روڪ گهڻي آهي، خاص ڪري مينهن جي مند ۾ رڻ پاڻيءَ هيٺان اچي وڃي ٿو. انهيءَ ڪري گرنائيٽ پٿر کي ڪٽڻ جو ڪارخانو ويرا واهه لڳ کولي سگهجي ٿو. اتان پوءِ گرنائيٽ جون قيمتي سرون ڪراچيءَ ڏانهن موڪلي سگهجن ٿيون. ائين آمد رفت جو خرچ به گهٽ ايندو ۽ ٿرپارڪر جي مسڪين ماڻهن جي روزي ۽ مهارت (Skill) جا دروازا به کلي پوندا. (3) ايڊنبرو ٻه آهن، هڪ آمريڪا ۾ آهي، جنهن جي پاڻ کي خبر ناهي ۽ ٻيو شهر اسڪاٽ لئنڊ جو آهي، جيڪو پاڻ چڱيءَ طرح گهمي ڦري ڏٺو آهي. پاڻ هيستائين دنيا جا جيڪي به شهر ڏٺا آهن، انهن جي مقابلي ۾ هيءُ شهر پاڻ کي وڌ ۾ وڌ وڻيو. اسڪاٽ لئنڊ جي انهيءَ شهر ۾ هر سال انڊو-پاڪ جو ميلو به لڳندو آهي. اسان جڏهين انهيءَ ميلي ۾ گهڙياسين ته هڪڙي پاسي جتي انڊو-پاڪ جي ماڻهن جي رش راڳ ناچ ۽ ناٽڪن تي هئي ته ٻئي پاسي گورن جي رش وري انڊو-پاڪ جي اسٽالن تي نظر آئي ته پاڻ به کڻي اوڏانهن رخ رکيو. ”ٿرپارڪر، سنڌ، پاڪستان“ لکيل نظر آيو ته هيٺان ٿرپارڪر جي اصلي رنگن، ڊزائينن ۽ سيبي واري انهيءَ گج جي قيمت لکيل نظر آئي، جيڪا هڪ هزار پائونڊ هئي، مطلب ته هڪ لک روپين کان مٿي. پنهنجي ٿر جي ڪنهن عورت جي هٿ جي وِڄا جي ايڏي قيمت ڏسي جتي هڪ پاسي خوشي ٿئي، اُتي اهو ڏک به ٿيو ته اهڙي قسم جا گج ٿر جي ڳوٺن مان پنج سئو روپين کان وٺي هڪ هزار روپين تائين خريد ڪيا ويندا آهن ۽ جيڪي ڪراچيءَ ۾ لڳ ڀڳ چئن هزار روپين ۾ ۽ اسلام آباد ۾ لڳ ڀڳ ڇهن هزار روپين ۾ وڪرو ڪيا ويندا آهن، اتي UK جي شهر ۾ انهي گج جي قيمت هڪ لک روپين کان مٿي آهي ته اتي اها پڪ سمجهي ڇڏيو ته انهيءَ ساڳي شئي جي قيمت اسڪينڊينوين ملڪن جهڙوڪ سئيڊن، ناروي ۽ ڊينمارڪ ۾ UK واري قيمت کان به ڏيڍوڻي هوندي. بعد ۾ جڏهين ريسرچ ڪئي ويئي ته پتو لڳو ته هٿ جي اهڙن اصلي هنرن جي UK ، US، ڪئناڊا، اسيڪينڊينوين ملڪن، فرانس ۽ جرمني ۾ چڱي خاص مارڪيٽنگ ڪري سگهجي ٿي. ظاهر آهي ته جيڪڏهن اها مارڪيٽنگ وچ ڪُٽي (Middle man) جي هٿ ۾ ڇڏي ويندي ته اهو ته غريب ڦري عورت جي انهيءَ هٿ جي وِڄا جو سرمايو لٽيندو رهندو ۽ مزدور جي هٿ جي تريءَ تي ڪجهه سئو روپيا وڃي پوندا ۽ وچ ڪٽو (Middle man)لکن ۾ کيڏندو رهندو. اهو ساڳيو ڪم جيڪڏهن سنڌ سرڪار انهيءَ ڪم جي پارکوئن ۽ ايماندار ٿرين جي معرفت هٿ ۾ کڻندي ڪري خريداري به ڪندي، مارڪيٽنگ به ڪندي ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ وڪرو به ڪندي ته ٿر جا ڪئين گهر سکيا ستابا ٿي ويندا. اهڙي قسم جي ڪم لاءِ سنڌ سرڪار غير ملڪي ڊونرس کان آسانيءَ سان ڊالر ۽ پائونڊ وٺي سگهي ٿي، ٻين اکرن ۾ سنڌ سرڪار پنهنجو خرچ ڪرڻ کان به بچي سگهي ٿي. اڳتي هلي ڪري انهيءَ ڪم جو دائرو سنڌ جي ٻين ضلعن تائين پکيڙي سگهجي ٿو، جو هر ضلعي ۾ پنهنجي پنهنجي اسپيشلٽي پاتي وڃي ٿي. جهڙوڪ ڪچي ۾ ٿيندڙ تيليءَ جو ڪم، سانگهڙ جون رليون، ڪوهستان جو ڀرت، جيڪب آباد جون ٽوپيو، هٿونگو (ضلع سانگهڙ) جو ٻانڌڻي (Tie and die work) جو ڪم، هالا توڙي ڪشمور ۾ ٿيندڙ جنڊيءَ ۽ ڪاشيءَ جو ڪم ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيندڙ بلاڪ پرٽنگ جو ڪم وغيره. ٻئي پاسي سڄي يورپ ۾ ماڻهن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته ڪيميڪل رنگن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ انهن رنگن جي جاءِ تي فطري طور تي حاصل ڪيل رنگ استعمال ڪيا وڃن. ظاهر آهي ته انهيءَ رنگ جي حاصلات لاءِ نير (Indigo)کان ڪو بهتر ذريعو ناهي. ڪنهن زماني ۾ ته ٺٽي مان نير (Indigo) ٻين ملڪن ڏانهن وڏي پئماني تي ايڪسپورٽ ٿيندو هو. نير جي اها پوک وري موجوده نوابشاهه ۽ نوشهروفيروز ضلعن ۾ گهڻي پيماني تي ٿيندي هئي. انهن ٻنهين ضلعن توڙي آس پاس ۾ هن وقت به نير جي پوک ٿي سگهي ٿي ۽ نير هينئر به ايڪسپورٽ ڪري زرِمبادله ڪمائي سگهجي ٿو. اهو بار به سنڌ حڪومت کي پنهنجن ڪلهن تي کڻڻو پوندو. ته ڪجهه رٿائون ته اهي آهن ۽ ٻيون وڌيڪ سوچڻ سان ذهن ۾ اچي سگهن ٿيون. وقت نه وقت جهڙو، اهو سڄو ڪم سنڌ جو موجوده برجستو چيف منسٽر ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم عرف ونگي جو ڄام ئي ڪري سگهي ٿو. اقتدار اچڻي وڃڻي شئي آهي، انهن پراجيڪٽس تي جيڪڏهين هن وقت عمل نه ٿي سگهيو ته پوءِ شايد ئي ڪڏهين ٿي سگهي. جيڪي ڪجهه به آهي هن وقت ٿر، هڪ نئين ٿر جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. ظاهر آهي ته نين تبديلن اچڻ کان پوءِ ٿر رومانس بڻيل نه رهيو آهي. ٿر جي هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ زماني جي نين گهرجن کي سامهون رکندي هيءُ بندو ڪڏهين به نه چاهيندو ته اسان ٻئي پاسان ايندڙ سياحن جي نظر ۾ هڪ وسيع ميوزم ۾ پيل نوادرات جي صورت ۾ پاتا وڃون ۽ سياح اسان کي ڏسي خوش ٿيندا رهن ۽ تاڙيون وڄائيندا رهن ۽ اسان جا ڏک ۽ ڏڪار ڪنهن لاءِ تفريح جو سامان بڻجي رهجي وڃن. بلڪه اسان چاهيون ٿا ته اسان پاڻ سياح بڻجي ٻيا ميوزيم وڃي گهمون ۽ ڪانگو جهڙن ٻين ملڪن ۾ امن امان قائم ڪريون. جنهن لاءِ گذريل ٽن سالن ۾ ونگي جو ڄام رستا صاف ڪري چڪو آهي. نه ٿر اهو رهيو آهي ۽ نه ئي ٿريو اهو رهيو آهي. نوڪريون ۽ حڪومتون اچڻيون وڃڻيون آهن، باقي هيءَ حق جي ڳالهه آهي ۽ خدا ڪارڻ جي شاهدي آهي. وڌيڪ جيڪا رب جي رضا.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ڪجهه ڳالهيون علم ادب جون سومر 23 جنوري 2006ع فقير جي ڪا وکِ هِتي ته ڪا وک هُتي، اکيون بي وس به، ته بي جپيون به، دل آواره گرد ۽ دماغ ڪلٽين ۾. اهڙن حالتن ۾ فقير ڪري ته ڇا ڪري. ننڍڙو ماڻهو آهيان، پنهنجي قد کان ڪا وڏي ڳالهه ڪري وجهان ته اوهان جو جُوتو، منهنجو مٿو. پوءِ نه مُنهن لاهبو، نه دل ۾ ڪبو، نه روئبو نه رڙبو، نه ڪا ميار ڏبي، نه بحثا بحثي ڪبي. نه ڪاوڙ ڇنڊبي ۽ نه ئي ڪنهن جي وات آڏو هٿ ڏبو. هونئن به فقيرن جي عادت آهي ته ڳالهه ڪري، بنا پوئتي نهارڻ جي هليا وڃو ۽ وڃي ٻيو در جهليو ۽ ٻئي در تي ڪا ٻئي ڳالهه کڻو. سو هٿ ادب جا ٻڌي اکيون هيٺ ڪري، هتي علم ادب جون ڪجهه ڳالهيون ڪجن ٿيون. باقي مُکياري پڙهندڙن تي آهي. انٽيلڪچوئل: حليم بروهيءَ ۽ مون ته اڳ ۾ ئي اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته اسان کي گڏهه چئو، پر دانشور يا ڏاهو نه چئو. اها ڳالهه پنهنجيءَ جاءِ تي. پر هتي اسان وٽ انٽيلڪچوئل (Intellectual) جي معنيٰ آهي ڏاهو يا دانشور، پر فقيرن جي خيالن ۾ انٽيلڪچوئل جي اها معنيٰ درست ناهي. ڏاهو يا دانشور اهو ڏور رس ماڻهو هوندو آهي، جيڪو زماني ۽ حالتن کي نظر ۾ رکي اوهان کي ڏس ڏئي ته ڪهڙي وقت تي، ڪهڙين حالتن ۾ ڪهڙو رستو وٺي هلڻ کپي. ڪهڙين غلطين کان ڪيئن پاسو ڪجي. ڪهڙي هنڌ کڏون کوٻا ۽ خطرا آهن ۽ ڪهڙي علم مان ڪهڙا فائدا آهن. پاڻ لاءِ به، ته قوم لاءِ به. ائين اسان وارو ڏاهو يا دانشور ماڻهو زماني کي سُڃاڻي پاڻ به هلندو آهي ۽ ٻين کي به هلائيندو آهي. دانشور يا ڏاهي ماڻهو کي اصلي انگريز واري انگريزي ٻوليءَ ۾ ”Person of Wisdom“ چئبو آهي ۽ آمريڪا شاهه بادشاهه واري انگريزي ۾ ”Wisdomer“ چئبو آهي. انهيءَ جي ابتڙ انٽيلڪچوئل (Intellectual) زماني سان ٻڌل ناهي. زماني جون گهرجون ڪهڙيون به هجن، وقت جو وهڪرو ڪيڏانهن به ويندو هجي. انٽيلڪچوئل انهيءَ سان ٻڌل ناهي ۽ هو پنهنجي ناڙيندو آهي. انٽيلڪچوئل جي اصلي ڊيفنيشن بيان ڪندي، لطيف سائين سڌن سادن ۽ چٽن اکرن ۾ چوي ٿو ته، ”لوڪ وهي لهوارو، تون وهه اوڀارو“ مطلب ته زماني کي ڇڏ، وقت کي ڇڏ، حالتن کي ڇڏ. ڪا اهڙي نئين ڳالهه ڪر، جيڪا اڳين خيالن، ڏسن پتن، ڏيکن، تصورات ۽ انساني دماغ ۾ ڦاٿل سماجي ڪنڊن ۽ ڪنڍن کي ٽوڙي ڦٽي ڪري. اسان وارو ڏاهو يا دانشور ڪرڙي مڇي آهي، جيڪا لهواري ٿي وهي. جڏهين ته انٽيلڪچوئل پلو آهي، جيڪو اوڀارو وهندو آهي. يعني ته ٻنهي جا رستا هڪ ٻئي جي ابتڙ آهن. ائين انٽيلڪچوئل ۽ ڏاهو هڪ ٻئي جي معنيٰ ناهن، پر هڪ ٻئي جو ضد آهن. انهيءَ حساب سان اسان وٽ ڪي ڏاها ۽ دانشور ته هوندا، پر سڄيءَ سنڌ ۾ صرف هڪ ئي انٽيلڪچوئل ٿي گذريو آهي، جنهن جو نالو آهي، شاهه عبدالطيف ڀٽائي عرف ڀٽ ڌڻي. ترجمو: سنڌ ۾ سنڌ جا ڪيترائي اهڙا معاملا ۽ مامرا موجود آهن، جن لاءِ منهن مٿو به پٽڻ گهرجي ۽ هاءِ گهوڙا به ڪرڻ گهرجي. حقي واجبي گهوڙا پٽ کي ڪير ٿو روڪي. پر سنڌي ماڻهوءَ جا ڪي ذاتي مامرا هجن ته به دل تي پٽڪو ڪرڻ گهرجيس. جو اهو به سندس حق آهي. پر ڪڏهين ڪڏهين سنگت ساٿ اهڙن معاملن ۽ مامرن تي روڄ راڙي ٿي ڪري، جو خود هن فقير کي وائڙو ٿي منهن مٿو پٽڻو ٿو پوي ته وڃجي ته ڪيڏانهن وڃجي، ڪجي ته ڇا ڪجي. اسان وٽ علمي ادبي حلقن ۽ سنڌي ٻولي جي گهڻگهرن جي اها ريهه پيئي ٿي پوي ته شاهه لطيف کي سندس حيثيت مطابق انگريزي ۾ سٺو ترجمو ڪرائي ڇپايو ڇو نٿو وڃي. ها بابا، ڪنهن جو سٺو ترجمو ڇو نه ٿيڻ گهرجي. سورهن جا ويهه آنا ٿيڻ گهرجي.اهڙو ترجمو ڇپائي شايع ڪرڻ وارن جي ڪا کوٽ ناهي، پر سوال اهو ٿو اٿي ته ٻلي کي گهنڊڻي ڪير ٻڌي. ڳالهيون ڪرڻ وارا ته مڻن جي منهن حاضر ناظر آهن، پر ڪم ڪرڻ وارو ڪٿان آڻجي، اهو به ڪو سنڌي ماڻهو. ڦر ڦر ڪري انگريزي ڳالهائڻ وارا کوڙ، پر لطيف سائين جي شاعري جو ترجمو! پيو مٿو کنهه يا اڳ ۾ ٿيل ڪجهه ترجما پڙهي پيو اهو سوچ ته واقعي اهي ترجما آهن به سهي يانه! جيڪڏهن اهي ترجما آهن ته پوءِ ترجمو الائي ڪهڙيءَ بلا جو نالو آهي. انهيءَ ۾ ڀلا شڪ جي ڪهڙي ڳالهه آهي ته دنيا جا نام ڪٺيا عالم، اديب ۽ شاعر ۽ ڳائڻا ته ڪالهه کان وٺي اڄ تائين انهيءَ ڳالهه تي پُڙ ٻڌيو ويٺا آهن ته شاعري جو ترجمو ئي ناممڪن آهي. ڀلا جي کڻي ممڪن به هجي ته اهو ترجمو نه هوندو، پر Recreation هوندي. مطلب ته لطيف سائين جي شاعري کي ٻي زبان ۾ ٻيهر تخليق ڪرڻ، پوءِ انهيءَ ۾ ڪي ڳالهيون گسي وينديون ته ڪي ڀِچي اينديون. لطيف سائينءَ جي شاعري کي ٻئي زبان ۾ ٻيهر تخليق ڪرڻ لاءِ مترجم وٽ به اهي صلاحيتون هئڻ کپن، جيڪي لطيف سائينءَ ۾ آهن. اوهان پاڻ سوچيو ته ٻيو لطيف سائين ڪٿان آڻيون. اهي ته عمر خيام جا نصيب هئا، جو کيس انگريزيءَ ۾ ٻيهر تخليق ڪرڻ وارو فٽز جيرالڊ ملي ويو، جنهن جي دماغ جي پهچ ذري گهٽ وڃي عمر خيام سان ٿي لڳي. هلو سائين، ترجمي يا ٻيهر تخليق ڪرڻ جي عمل کي پٺن تان اڇلائي اهو ضد ٿا ٻڌون ته پوءِ به لطيف سائينءَ جي شاعري انگريزيءَ ۾ ترجمو هئڻ گهرجي جو دنيا کي ته خبر پوي ته لطيف سائين آهي ڇا؟ ڪمين پيشين کي ڏٺو ويندو. انهيءَ ضد کي پورو ڪرڻ لاءِ فقير عرض ٿو ڪري ته هن وقت دنيا ۾ 37 ٻوليون اهڙيون آهن، جن مان ڪنهن به هڪ زبان ۾ ترجمو ٿي ويو ته سمجهو ته اهو ترجمو انگريزي تائين ته پهچي ئي پهچي، پر دنيا جي ڪئين ملڪن تائين پکڙجي وڃي. انهن 37 ٻولين ۾ پاڻ کي جيڪي ويجهي ۾ ويجهون ٻوليون آهن يا ائين کڻي چئون ته انڊو پاڪ جون ٻوليون آهن، اهي صرف ٻه آهن، هڪڙي تامل ٻولي ۽ ٻئي بنگالي. جيڪڏهن جاگرافيءَ کان هٽي چئون ته انڊو پاڪ جون ٻوليون آهن، اُهي صرف ٻه آهن. هڪڙي تامل ٻولي ۽ ٻئي بنگالي. جيڪڏهن جاگرافيءَ کان هٽي ڳالهه ڪبي ته چيني زبان وارا ياري باشيءَ ۾ ٻئي ڪلها وهي وڃڻ وارا به هن دنيا ۾ پاتا وڃن ٿا. هن بندي بين الاقوامي ادب جي دنيا جو جيڪو ٿورو گهڻو سير سفر ڪيو آهي. انهيءَ مطابق اها ڳالهه ته وڄ وڄ ڪندي سامهون ٿي اچي ته ڪنهن به شاهڪار جو ترجمو، خود انهيءَ شاهڪار وارا نه ڪندا آهن، پر ترجمو اهو ئي ماڻهو ڪندو آهي، جنهن جي زبان ۾ ترجمو ڪرڻو هوندو آهي. انهيءَ ڳالهه کي جي سنئون ڪجي ته قصو اتي ٿو بيهي ته چيني ٻوليءَ جي گائوشن جيان جي شاهڪار کي ڪو فرانسيسيءَ ۾ ترجمو ڪري ٿو ته اهو چيني نه، پر فرينچ هوندو آهي. اهڙي ساڳيءَ طرح جيڪڏهن چيڪ زبان جي ميلان ڪنڊيرا جي ڪنهن شاهڪار کي ڪو انگريزي ۾ ترجمو ڪري ٿو ته اهو چيڪ نه، پر انگريزي ٻولي ڳالهائڻ وارو ڪندو آهي. تڏهن وڃي ڪم ٺهندو آهي. البت روسين ۽ چينين يا ڪجهه ٻين ملڪن ۾ اهو ٿيو آهي ته انهن پنهنجن شاهڪارن کي خود انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي، پر ڪوريا، چين ۽ روس ۾ ترجمو ٿيل اهڙا ڪتاب پڙهي منهن مٿو مٽيءَ ۾ وڃي ٿو پوي. پري نه وڃو. خبر ناهي ڪهڙا ڪارڻ دل ۾ ڌاري قرت العين حيدر جهڙي ادب جي شهنشاهه ليکڪا پنهنجي ”آگ کا درياءَ“ جو انگريزيءَ ۾ ”River of the fire“ جي عنوان سان پاڻ ترجمو ڪيو آهي، پر ”آگ کا درياءَ“ ذهن ۾ رکي جڏهن ”River of the fire“ پڙهجي ٿو ته مرشدن جي انهيءَ حرڪت کي ڏسي ڏاڍو افسوس ٿئي ٿو. تنهن کان چڱو آهي ته سڌو انگريزيءَ ۾ لکجي، جيئن ارون ڌتي راءِ، وڪرم سيٺ ۽ اميتاو گهوش ڪن ٿا. نثر جو اهو حال آهي ته پوءِ جيڪڏهن ڪو سنڌي لطيف سائين جي شاعري جو ترجمو ڪندو ته لطيف سائين جو ته حشر ڪڍي ڇڏيندو. انهيءَ ڪري بهتر آهي ته لطيف سائين جي ڪلام کي ترجمي ڪرڻ لاءِ انگريزي نه ئي سهي، تامل نه ئي سهي، پر ڪنهن بنگالي جي پيرين پئي سگهجي ٿو. بنگاليءَ ۾ ڪو به شاهڪار ترجمو ٿيو ته سمجهو ته 7 3 ٻولين ۾ ترجمو ٿيو. اهو بار ڪو چيني به کڻي سگهي ٿو. رڳو مسٽر ليو (Liu) کي منٿ ڪبي ته به ڪم ٺهي ويندو ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن ڄاڻو سنڌيءَ سان ويهي لطيف سائين کي حال سارو چيني زبان ۾ ترجمو ڪري سگهي ٿو، جو پاڻ سنڌ ۾ خاص ڪري ميرپورخاص جي ڀر ۾ جهلوري ۾ ڳچ وقت گذاريو اٿس. انهيءَ کان علاوه مسٽر ليو شوڪت صديقي جي شاهڪار ناول ”خدا کي بستي“ کي ترجمو ڪري چڪو آهي. سو ائين لطيف سائينءَ جو ڪلام شعري صورت ۾ نه ئي سهي، پر نثري ترجمي جي صورت ۾ دنيا جهان جي هٿن تائين پهچائي سگهجي ٿو. باقي ڪنهن سنڌيءَ جي وس جي ڳالهه ناهي ته اهو لطيف سائينءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري سگهي، تنهن ڪري سنڌي ليکڪن کي کپي ته اهي بين الاقوامي ادب کي انگريزي مان ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ کُٽل جڳهيون ڀرين ۽ سنڌي ٻوليءَ کي مالا مال ڪن. نوبل پرائيز: الله اوهان کي نيڪي ڏئي. اهو هڪڙو هوندو آهي، شڪايت نامو، جيڪو ڪجهه سرڪاري کاتن ۽ ڳچ وڏن پرائيويٽ ادارن ۾ موجود هوندو آهي ته بابا اوهان کي ڪا شڪايت هجي ته انهيءَ شڪايت نامي ۾ لکو يا وري فون تي ۽ انٽرنيٽ تي اطلاع ڏيو. پر فقيرن کي ته ڪنهن کان ڪا شڪايت نه هوندي آهي. جي وهو ته به چڱا، جي نه وهو ته به چڱا. اهڙو ئي هڪ شڪايت نامو سنڌي ادب جي دنيا ۾ پاتو وڃي ٿو، جيڪو رجسٽرن يا ڪارڊن تي هئڻ جي بدران اديبن ۽ شاعرن جي دل ۾ هوندو آهي يا وري زبان تي. انهيءَ شڪايت نامي ۾ اڄڪلهه ڪجهه اديبن ۽ شاعرن وٽان اها هڪڙي خاص شڪايت ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ته جڏهن رابندر ناٿ ٽئگور کي نوبل پرائيز ڏنو ويو ته اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو لطيف سائين يا شيخ اياز کي نوبل پرائيز نٿو ملي. پهرئين اچجي لطيف سائينءَ تي. ته انهيءَ لاءِ گذارش اها آهي ته نوبل پرائيز شروع ئي ٿيو 1901ع ۾ ته شاهه لطيف کي ڪيئن نوبل پرائيز ملي. ائين ته انگريزي ادب جي بابي شيڪسپيئر کي يا ناول جي صنف جي بادشاهه دوستو وسڪيءَ کي به نوبل پرائيز ملي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته اهي 1901ع کان گهڻو اڳ ادب ۾ پنهنجا هٿ ڏيکاري چڪا هئا ۽ انهيءَ وقت نوبل پرائيز نالي ڪا بلا دنيا ۾ هئي ئي ڪا نه، ته کين ڪيئن نوبل پرائيز ملي. رهي ڳالهه شيخ اياز جي ته جڏهين شيخ اياز حال حيات هو ته فري يونيورسٽي برلن طرفان سنڌ جي ڪن فقيرن کان پڇيو ويو هو ته اوهان جي ملڪ مان نوبل پرائيز جو ڪير حقدار بڻجي ٿو. جواب ۾ فقيرن لکيو هو ته جيئن ته فيض احمد فيض گذاري چڪو آهي، انهي ڪري هاڻي انهي انعام جو حقدار شيخ اياز آهي. هونئن ته دنيا جي ڪافي سرڪاري ادارن کان پڇي، پوءِ پهرئين نامينيشن ٿيندي آهي، پر ڪافي ملڪن جي سرڪاري ادارن تي نوبل پرائيز وارن کي اعتبار نه هوندو آهي، جن مان هڪڙو ملڪ اسان جو به آهي. انهيءَ ڪري اهڙن ملڪن مان وري ذاتي سطح تي پڇائون ڳاڇائون ٿينديون آهن. سو انهيءَ ذاتي پڇا ڳاڇا کان پوءِ فري يونيورسٽي برلن طرفان شيخ اياز کي پهرئين مرحلي لاءِ نامينيشن ڪري نالو مٿي موڪليو ويو هو، پر مٿين شيخ اياز جي شاعري جو ڪو به ترجمو نه ڏسي، سندس نالو ڪٽي ڇڏيو. ائين شيخ اياز نوبل پرائيز جي ٻئي مرحلي تائين پهچي نه سگهيو. اصل ۾ نوبل پرائيز جا چار مرحلا ٿيندا آهن. پهرئين مرحلي ۾ ڪيئي زبانن ۽ ملڪن جا نالا ويندا آهن. مطلب ته هزارن ۾. ٻئي مرحلي ۾ ڇانٽي ٿي سئو اڌ نالا وڃي بچندا آهن. ٽئين مرحلي ۾ ٽن کان وٺي ستن نالن تائين شارٽ لسٽيڊ ٿيندا آهن. چوٿين مرحلي ۾ دنيا جا کڙپيل عالم ۽ اديب ويهي ڪنهن هڪڙي اميدوار جا ڀاڳ يڪراءِ ٿي يا ووٽن جي اڪثريت سان کوليندا آهن. پوءِ جنهن جو وڃي نصيب کلي. پر اهو فيصلو شارٽ لسٽ ٿيل اديبن ۽ شاعرن جو اکر اکر پڙهي، وڏي مٿا ماري ڪرڻ کان پوءِ گهڻو ڪري ايمانداريءَ سان ڪيو ويندو آهي. پر پوءِ به بندو غلطين جو گهر آهي، انهي ڪري ڪڏهن ڪڏهن غلط فيصلا به ٿي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن وري تعصب به ڪم ڏيکاري ويندو آهي. البت ٻئي عظيم جنگ کان پوءِ تعصب واري معاملي کي ٽائيٽ ڪيو ويو آهي. باقي بندي جي غلطين کي ڪنٽرول صرف رب جي ذات ئي ڪري سگهي ٿي. هاڻي توهان پاڻ سوچيو ته شيخ اياز کي ڀلا اهڙين حالتن ۾ ڪٿان نوبل پرائيز ملي سگهي ٿو. پر اها ڳالهه اڃا وڌيڪ چٽي تڏهن ٿيندي، جڏهن ٻئي عظيم جنگ کانپوءِ جي ڪنهن به نوبل لاريٽ اديب يا شاعر کي پڙهي، انهي مان شيخ اياز جي شاعري جي ڀيٽ ڪندئو. پوءِ وڃي اوهان کي خبر پوندي ته ڪير ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي. انهيءَ ڪري يارن کي فقيرن جي صلاح آهي ته هروڀرو شيخ اياز جو پاڻي نه ڪڇيو، جي ڪڇيندئو ته مايوس ٿيندئو. انهيءَ ڪري اها ڳالهه ڍڪي ڀلي آهي. علائقائي زبان: آمريڪا جي گڙنگ ناول نگار استاد وليم فاڪنر کان ڪنهن پڇيو ته، ”تو جيڪي به ناول لکيا آهن، اهي سڀ جا سڀ تنهنجي پنهنجي علائقي جي چوڌاري ڦرن ٿا، انهيءَ ڪري توکي علائقائي ليکڪ چئي سگهجي ٿو؟“ ته اُڦٽ جواب ڏنيائين ته، ”ڇو نه. آئون علائقائي ليکڪ ته آهيان ئي آهيان، پر دنيا جا سڀ ليکڪ علائقائي آهن. ڇاڪاڻ ته دنيا جو هر ڪو ليکڪ ڪنهن نه ڪنهن اهڙي علائقي جي پسمنظر ۾ لکندو آهي، جنهن کان چڱي طرح واقف هوندو آهي.“ استاد اها ڳالهه ته ادب جي باري ۾ ڪئي آهي ۽ ڇڪي ڪئي آهي. پر اها ڳالهه ”ادب“ کان مٿي ٿي ڪري ”زبان“ تي به جيئن جو تيئن ٺهڪي اچي ٿي. فقيرن جو خيال آهي ته دنيا جي هر زبان جو ڪو نه ڪو علائقو ته هوندو ئي آهي، جنهن زبان جو ڪو علائقو ئي نه هجي ۽ پنهنجي زمين ئي نه هجي، پوءِ اها ته زبان ئي نه ٿي، الائي ڇا ٿيو. ظاهر آهي ته ٻين زبانن وانگر سنڌي زبان کي به پنهنجو علائقو ۽ پنهنجي ڌرتي آهي. جيڪڏهن ڪو چڱو مڙس اهو ٿو چوي ته، ”اوهان جي زبان علائقائي آهي ۽ اسان جي زبان قومي آهي“ ته پوءِ ڏاڍي ڀُل ٿو ڪري ۽ خود پنهنجي هٿن سان پنهنجي زبان کي لٺيون هڻي اجهائي ٿو ڇڏي. ٻين لفظن ۾ اهو به ٿو چوي ته سندس زبان غير علائقائي آهي. مطلب ته سندس زبان کي ڪا به ڌرتي ناهي ۽ ڪو به علائقو ناهي. پوءِ ته اها زبان ماڻهن جي ته نه ٿي، ڪنهن خلائي مخلوق جي ئي ٿي. پر خود خلا به ته ڪائنات جو هڪ علائقو آهي. هلو ڀلا پاڪستان جي قومي زبان جي مٿان وڃي ٿا ٽُٽون. جيڪڏهن ڪا زبان علائقائي نه پر پاڪستان جي قومي زبان ٿي ته پوءِ شاعريءَ ۾ مرزا غالب کان وٺي فراق گور کپوريءَ ۽ ساحر لڌيانويءَ تائين سڀ ڇُٽا ۽ نثر ۾ پريم چند کان وٺي راجندر سنگهه بيدي ۽ ڪرشن چندر تائين سڀ ڇُٽا. ڇاڪاڻ ته اُهي ته پوءِ پاڪستان جا قومي اديب ۽ شاعر ته نه ٿيا ۽ ڳالهه وڃي ڳڙ ۾ پيئي. منو ادب چٽڻي. تنهن هوندي به يارن جو زور آهي ته سندن زبان علائقائي ناهي ته سندن مرضي. اسان جي سنڌي زبان کي جڏهن پنهنجو علائقو آهي ۽ پنهنجي ڌرتي آهي ته انهيءَ زبان کي ڪهڙي پرواهه، زبانون اهي ئي زندهه رهي سگهنديون آهن، جيڪي علائقائي هونديون آهن. ائين سنڌي زبان کي علائقائي زبان چوڻ سان ته پاڻ زبان جو مان ٿو وڌي. تنهن ڪري جيڪڏهن سنڌي زبان کي ڪو علائقائي چوي ٿو ته اسان جي اکين تي. مسئلو علائقائي يا غير علائقائي زبانن جو ناهي. مسئلو اهو آهي ته ڪهڙي زبان ڪيتري شاهوڪار آهي ۽ ڪهڙي زبان جو عوام پنهنجيءَ زبان جو ڪيترو عاشق آهي. منهنجي خيال ۾ هن وقت سڄي پاڪستان ۾ سنڌي جيترو پنهنجي زبان سان عشق ڪن ٿا. ايترو ڪو ٻيو عشق نٿو ڪري. جيڪڏهن عوام پنهنجي زبان جو عاشق آهي ته اها ئي عوامي ڪيفيت سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائيندي. اسان جو ۽ يارن جو ڪم آهي ته انهيءَ عشق کي ڀرپ ڏيون. عشق ۾ اهو نه ڏسبو آهي ته ڪنهن جي زبان علائقائي آهي يا ناهي. علائقائي ۽ غير علائقائي زبان جي انهيءَ اجائي بحث ۾ پوڻ جي بدران پنهنجي گهوٽڻ گهرجي.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ برف ڇنڇر 06 مئي 2006ع دنيا وڏي، ڪتاب بي حساب، علم جو نه ڪو انت، نه ته ڪو ڇيهه ۽ حيران و پريشان بندو مٿو کنهڻ ۾ پورو ته ڀلا آخر ادب جي هيءَ دنيا ڪٿان شروع ٿي ٿئي، ۽ ڪٿي وڃي ڇيهه ڪندي. هڻي هڻي تان اچي انهيءَ ڳالهه تي ٽُٽي ٿي ته، ”بابا، ڀلا ڀليءَ جو ڪو ڇيهه ئي ناهي“ نوان خيال نوان انداز، نيون ڳالهيون، پيو پڙهه، پيو ڳر. اڳي ته ماڻهو پنهنجو ئي سنڌي ادب پڙهي پيو هيٺانهيون مٿانهيون سوچيندو هو، پر هاڻي انگريزي ٻوليءَ جي معرفت دنيا جهان جو ادب کنوڻين جا ڌڄا بڻجي چوڌاري پيو وراڪا ڏئي-ڪتاب منهن ۾ ۽ بندو چٽڻي. اصل چَري ته پيئي. گذريل زمانن ۾ تُرڪي ملڪ ڪو ايترو پاڻ وٽ اڻ سڃاپُو نه رهيو آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته پاڻ وٽ سٿڻ قميص تُرڪيءَ مان آئي ۽ ترڪي ٻوليءَ جا ڪيترائي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ شامل ٿي هتان جا ٿي رهجي ويا. تازو دنيا جي معروف جرنلسٽ ڪرسٽينا برڊ جي ڪردستان تي لکيل ڪتاب A thousand sighs and thousand revolutions (هزار شوڪارا ۽ هزار انقلاب) جي معرفت اها خبر به ٽُٽل آهي ته ترڪيءَ ۽ عراق جي بارڊر تي زاخو جي جابلو علائقي ۾ ڪردن جو هڪ چالاڪ ويڙهاڪ قبيلو رهي ٿو، جنهن کي ”سنڌي“ قبيلو چئجي ٿو ۽ اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته صلاح الدين ايوبيءَ جو تعلق به انهيءَ ”سنڌي ڪرد“ قبيلي سان هو. خير اها مکياري ته ڇڏجي ٿي سنڌ جي تاريخدانن تي، خاص ڪري ڊاڪٽر سرفراز ڀٽيءَ تي، جيڪو انهيءَ پٽ جي تاريخ تي گهري نظر رکي ٿو، ٻيا به هوندا، ڇو ته هئڻ گهرجن، ضرور هئڻ گهرجن. خير پاڻ ڇڪيون ٿا ترڪيءَ جي ادب جي دنيا ڏانهن. ويهارو سال کن اڳ ترڪيءَ جي ليکڪ ياسر ڪمال جي وڏي هاڪ ٻڌي سين. جڏهن کيس پڙهيوسين ته ڪنڌ ڌوڻيوسين ته هائو ٻيلي همراهه جي هاڪ حق تي آهي. جڏهن ڪنهن پڙهندڙ کي ڪو ليکڪ وڻي ويندو آهي ته پڙهندڙن جي اها وڏي خواهش هوندي آهي ته حال سارو ليکڪ جي شخصيت جي باري ۾ به ڪجهه ڄاڻجي. اها ڄاڻ وري تڏهن پيئي جڏهن دنيا جهان جو رولڙو ڪٽيندڙ آمريڪي ليکڪ پال ٿيرو (Paul Theroux) جو شاهڪار سفرنامو ”The great railway bazzar“ پڙهيوسين. انهيءَ سفر ۾ پال ٿيرو ريلون مٽائيندو، دنيا لتاڙيندو، جڏهن تُرڪي ۾ پهچي ٿو ته اتي ليکڪن جي ڪنهن پارٽيءَ ۾ ست فُٽو، هڪڙي اک کان لانجهو ۽ پوڙهو مڙس، پر کهيءَ ۾ مضبوط ياسر ڪمال کيس اوچتو ئي اوچتو ٻانهن مان جهلي ٿو ته، ”منهنجو هيءُ هٿ جڏهن به ڪنهن عورت يا ليکڪ جي ٻانهن ۾ پوندو آهي ته پوءِ اهي مون کان پنهنجي ٻانهن ڇڏائي نه سگهندا آهن. اڄ کان پوءِ تون منهنجو مهمان آهين.“ ائين چوڻ کان پوءِ هو پال ٿيرو کي پاڻ وٽ ٽڪائي، کيس پنهنجن دوستن سان ملائي ٿو. ياسر ڪمال جا اهي دوست سمنڊ جي ڪناري تي موجود مڇيون ماريندڙ مهاڻا، ٻاڪڙا هوٽلن جا پيشگير، ڊاڪ ته ڪم ڪندڙ مزدور، مستري، بي روزگار آواره گرد نوجوان ۽ شيءِ شڪل وٺڻ جي سانگي شهر ۾ ايندڙ هاري ناري ۽ لاهيارا هوندا آهن. ائين پال ٿيرو کي هڪ نئين دنيا نظر اچي ٿي ۽ کيس اها خبر پوي ٿي ته مهمان نواز ۽ يارباش ياسر ڪمال جي ناولن ۾ ايڏو پاور ڪٿان آيو. ظاهر آهي ته سٺن ناولن جو پاور پبلڪ مان ئي اچي ٿو. ياسر ڪمال جا ڪجهه ناول پڙهڻ ۽ سندس اهو مختصر خاڪو پڙهڻ کان پوءِ هي بندو انهيءَ تلاش ۾ رهيو ته جنهن ترڪيءَ ياسر ڪمال جهڙو ليکڪ پيدا ڪيو آهي، انهيءَ ساڳئي ترڪيءَ کانئس پوءِ به ڪي وڏا ليکڪ پيد اڪيا هوندا. انهيءَ تلاش دوران هن بندي جا ڀاڳ کليا ۽ هن بندي جي هٿ ترڪيءَ جي هڪ ٻئي ٽانڊا ڏيندڙ ليکڪ اورغان (Orhan pamuk) جا ٽي ڪتاب ور چڙهي ويا. في الحال سندس هڪ ناول ”Snow“ جو ذڪر خير ضروري آهي. پيڙهين کان وٺي استنبول شهر ۾ رهندڙ ترڪ نسل جي ليکڪ جي 436 صفحن تي ٻڌل ترڪي زبان جي انهيءَ ناول ”Snow“ جو انگريزيءَ ۾ مائورين فريلي (Maureen Freely) ترجمو ڪيو آهي ۽ دنيا جي معروف اشاعتي اداري FF شايع ڪيو آهي. اورغان پاموق جي انهيءَ ناول تي اچڻ کان اڳ ۾ خود ليکڪ جي حالت زار جي باري ۾ پهتل هڪ نئين خبر جو ذڪر ڪرڻ ضرور يآهي. اها خبر هيءُ ڪتاب پڙهندي پڙهندي وچ ۾ پريس جي معرفت اچي ٽٽي آهي. خابرو لکن ٿا ته اورغان پاموق ڪنهن سوئيز اخبار کي انٽرويو ڏيندي اها ڳا لهه ڪري وڌي ته ترڪن پهرئين عظيم جنگ ۾ آمرينا تي حملو ڪري ڏهه لک کان وڌيڪ ماڻهن جو قتل عام ڪيو ۽ انهيءَ کان ڳچ عرصو پوءِ ٽيهه هزار ڪرد به قتل ڪري چڪا آهن. انهن کان ترڪيءَ جي حڪومت معافي وٺي. اورغان پاموق کي انهيءَ انٽرويو کان پوءِ ترڪيءَ جي حڪومت کيس پنهنجي ملڪي ترقيءَ جي بي عزتي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٽي سال قيد جي سزا ڏني. پر پوءِ مختلف بين الاقوامي ادارن، صحافين، ليکڪن ۽ شاعرن جي ڪيل احتجاج جي دٻاءَ هيٺ اچي شايد ترڪيءَ جي گورنمينٽ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪري. اهڙو خدشو خود ليکڪ به ڏيکاريو آهي. اها ته ٿي تازي خبر، پر پاڻ کي هتي سندس ناول ”Snow“ تي ڪي سنهيون ٿلهيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن، جيڪو پڙهندي پڙهندي ماڻهو چڪر ۾ ٿو اچي وڃي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئون ته هيءُ ناول پنهنجي رنگ ڍنگ ۾ هڪ نئين قسم جي شئي آهي، جيڪا پڙهندڙ کي پاڻ سان گهليندي ٿي وڃي. هن ناول جو مرڪزي ڪردار هڪ صحافي ۽ شاعر آهي، جنهن جو نالو ڪريم الئڪوسوگو عرف”ڪا“ آهي، ڪا کي جڏهن خبر پوي ٿي ته ترڪيءَ جي اوڀر ڏکڻ جي ڪنڊ ۾ جبلن تي موجود ۽ برف سان ڇانيل هڪ ننڍي شهر ”ڪار“ ۾ اليڪشنون ٿي رهيون آهن ۽ اُتي ڪافي ڇوڪرين خودڪشيون به ڪيون آهن. انهن خبرن جي اصليت معلوم ڪري استنبول جي ڪنهن اخبار ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ ”ڪا“ انهيءَ برف سان ڍڪيل شهر ڪار ۾ پهچي ٿو. جيتوڻيڪ هن ناول جو مرڪزي ڪردار ته ”ڪا“ ئي آهي، پر انهيءَ ڪردار کي سندس وفات کان پوءِ هڪ ٻيو ڪردار اڳتي کڻي هلي ٿو، جنهن جو نالو اورغان آهي. اورغان نالي مان لڳي ٿو ته اهو خود هن ناول جو ليکڪ آهي. انهيءَ ڪري هن ناول کي خود سوانحي ته نٿو چئي سگهجي، پر ”سوانحي ناول“ چئي سگهجي ٿو. هونئن به دنيا جا جيڪي سٺي ۾ سٺا ناول لکيا ويا آهن، اهي يا ته ”خود سوانحي“ هوندا، يا وري ”سوانحي ناول“ جو اهي اکين ڏٺا، ڪنن ٻڌا ۽ ليکڪ جي پنهنجن احساسن، جذبن ۽ تجربن تي ٻڌل هوندا آهن. جيڪڏهن ڪو ناول انهن ڳالهين کان هٽي ڪري هوائي توائي ۽ هٿ جون هڻي لکيل آهي ۽ انهيءَ مان ڪا خاص معنويت نڪرڻ جي بدران پڙهندڙ کي وندر کان سواءِ ڪجهه به نٿو ملي ته پوءِ اهڙن ناولن کي معياري ناول نٿو چئي سگهجي. اها ئي سرحد آهي، جيڪا معياري ۽ غير معياري ڪم کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري بيهاري ٿي. البت ڪي ڪي ناول هٿرادو ڪردارن تي ٻڌل ته هوندا آهن، پر اهي هٿرادو ڪردارن ۽ هٿرادو پلاٽ جي ذريعي سنجيده پڙهندڙ کي ته گهري سوچ تي مجبور ڪندا آهن. اهڙن ڪردارن ۽ پلاٽ کي Suggestive ڪري چئبو آهي. مثال طور جيڪڏهن جيزري ڪوسنڪي جي ناول Being there تي وڃبو ته ڪردار توڙي پلاٽ هٿرادو لڳن ٿا، پر انهن مان جيڪا گهري معنويت نڪري ٿي، اُها اِها آهي ته نئين دور ۾ نيويارڪ جهڙي دٻالٽ شهر ۾ ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ ڪيئن ٿو وڃائي ويهي رهي ۽ سڃاڻپ وڃائڻ کان پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ تي جيڪي ٽي وي ميڊيا جا اثرات ظاهر ٿيڻ لڳن ٿا ته انهيءَ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هن دور ۾ پيدا ٿيل ميڊيا جي ڊڪٽيٽرشپ ڪهڙا رنگ ڏيکاري ٿي ۽ ماڻهن کي ڪيئن پنهنجو ذهني غلام بڻائي ٿي ڇڏي. ظاهر آهي ته اهڙي ناول کي ڪنهن به صورت ۾ غير معياري ته چئي نٿو سگهجي. الٽو اهڙي ناول کي اعليٰ ترين معياري سڏي سگهجي ٿو. اها ڳالهه اتي ڇٽي، وٺ وهنديءَ کي. مطلب ته اچ اروغان پاموق جي ناول ”Snow“ تي. انهيءَ ناول ۾ هڪڙي ڌر ته خود جرنلسٽ ”ڪا“ اچي ٿو، جيڪو هڪ ٻئي پويان ٻن محبوبائن جي عشق ۾ غرقور ٿي بيوفائين جو شڪار بڻجي ٿو ۽ جنڊ جي ٻن پڙن ۾ پيسجندو نظر اچي ٿو. سندس ٽئين محبوبه جرنلزم آهي، جيڪا کيس رکي موت جي منهن ۾ وجهندي ۽ ڪڍندي نظر اچي ٿي ۽ گڏو گڏ باقي ٻن محبوبائن جي ڏنل ذهني عذاب مان به ڪڍندي ٿي رهي. ٻئي ڌر زاخو جا ڪرد هوندا آهن، جيڪي آزادي وٺڻ لاءِ رکي رکي ڪاروائيون ڪندا نظر اچن. ٽئين ڌر سخت سرڪار جا جاسوس ادارا ۽ پوليس هوندا آهن، جيڪي شڪار جي تلاش ۾ هوندا آهن، پر خود به شڪار بڻبا رهيا آهن. پنجين ڌر لبرل مسلمان هوندا آهن، جيڪي هڪ پاسي گورنمينٽ جي مخالفت ته ٻئي پاسي سخت گير مسلمانن جي مخالفت کي منهن ڏيڻ جي بدران پنهنجا ڪن لڪائي زندگي گذاريندا نظر اچن ٿا. ڇهين ڌر نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هوندا آهن، جن جي معصوميت، ساده دلي کين ڪنهن نه ڪنهن ڌر ڏانهن گهليندي رهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس محبتون توڙي خواهشون ڌوڙ ٿينديون رهن ٿيون. ائين اهو ننڍو شهر برف ”Snwow“ جي ٿڌ ۾ ٻڏل نظر ايندو آهي، جيڪا حقيقت هئڻ سان گڏو گڏ انهيءَ Captivity جي علامت پڻ آهي. هن سڄي ناول مان مطلب اهو ٿو نڪري ته جڏهن به ڪنهن علائقي ۾ نظرياتي ڇڪتاڻ پيدا ٿي ويندي آهي ته اتان جا سڀ ماڻهو پنهنجيون مرضيون، خواهشون، رشتا ۽ فطري رويا وڃائي حالتن جا قيدي بڻجي ويندا آهن. انهن ماڻهن لاءِ پنهنجو شهر پنهنجو نه رهندو آهي، پنهنجي گهٽي پنهنجي نه رهندي آهي، پنهنجو گهر پنهنجو نه رهندو آهي ۽ پنهنجي گهر جون ڀتيون ۽ در اوپرا رهجي ويندا آهن. خود ناول جو گهاڙيٽو پڻ نئون هئڻ جي ڪري اوپرو به آهي. هن شاندار تفصيلي ناول لاءِ سولي سنڌيءَ ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته، ”بي وس اٺن بار ڇڏيا“ هي بيوسين ۽ مايوسين جو هڪ وڏو داستان آهي.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ٽي وي ميڊيا ۽ ماڻهن جي سوچ! جمع 25 مئي 2007ع چوندا آهن ته پهرئين پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائجي، پوءِ ٻئي تي آڱر کڻجي. سو پاڻ به هتي ايئن ئي ٿا ڪريون ۽ ڏيون ٿا ٽُٻي. باقي ڳالهين کي پوءِ ڏٺو ويندو. سڌي سڌي ڳالهه پيئي آهي ته پاڻ جو عشق ته ادب آهي. پر شوق شڪار، اُپت ۽ نالو ڪمائڻ جو ذريعو ٽي وي ميڊيا آهن. ٻين اکرن ۾ ايئن کڻي چئجي ته آئون پاڻ ٽي وي ميڊيا جو ماڻهو آهيان. سو هتي جيڪي به ٽي وي ميڊيا جا گناهه ثواب ۽ گهاٽيون واڌيون ڳڻائبيون، انهن ۾ پنهنجو حصو پتي به هوندو. حق جي ڳالهه لکندي جيڪا رسي ٽي وي ميڊيا جي ڳچي ۾ پوندي، اها رسي پاڻ جي ڳچيءَ ۾ به هوندي. تنهنڪري ڪنڌ ڪڍرائي ڪو نه سگهبو، جي ڪجهه ڇنڊا پنهنجو پاڻ تي پوندا، انهن کان نٽائڻ بي ايماني ٿيندي ۽ بحث کي کُليو ڇڏبو. (1) اسان جا ٽي وي ميڊيا جا دوست ڇاتيءَ تي هٿ هڻي وڏي هام هڻندا آهن ته اُهي ڪنهن به ڌُر جي سائيڊ وٺي ڳالهه ڪرڻ جي بدران اڻ ڌُريا ٿي ڳالهه ڪندا آهن. جڏهن ته انسان ذات جي اها سائيڪي آهي ته اهو اندر ئي اندر ڪنهن نه ڪنهن جي ڌُر هوندو ئي هوندو آهي ۽ ڪو به ماڻهو پنهنجو پاڻ جي اندر کي پاڻ کان الڳ ڪري نٿو سگهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ذاتي احسان، جذبن ۽ خيالن کي پنهنجو پاڻ کان الڳ ٿو ڪري ته اهو ماڻهو ئي نٿو رهي، بلڪه اهڙي شئي کي انسان چوڻ جي بدران پٿر ئي چئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ جو پٿر ئي غير جانبدار هوندو آهي. باقي ڪنهن جيئري جاڳندي ماڻهوءَ کي ته پٿر نٿو چئي سگهجي. ها، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پٿر دل هوندو ته اهو ته مورڳو پنهنجي پٿر دليءَ جي حساب سان سڀني کان وڌيڪ جانبدار هوندو. اهو پٿر دل ماڻهو ته انهيءَ ڌر کي پنهنجي قلم يا پنهنجيءَ ڪئميرا سان رهڙا ڏيندو، انهيءَ جي شڪل ڦٽائيندو ۽ خدا جي خلقت ۾ بڇڙو ڪندو ويندو، جيڪا ڌُر کيس نه وڻندي هوندي. پر جي ڪا ڌر کيس وڻندي ته انهيءَ کي مورڳو اُڀ تي چاڙهي چوڏهين جو چونڊ بڻائي ڇڏيندو. هونئن به ڪو به ماڻهو جيڪڏهن ڪو واقعو ڏسي ٿو ته انهيءَ واقعي کي هو پنهنجي اندر جي اک يا اينگل سان ڏسي پوءِ ئي پنهنجي زبان کوليندو يا ڪئميرا هلائيندو آهي. هتي انهيءَ ڳالهه جو ثبوت ٿو ڏجي ته انسان جو اندر ايڏو طاقتور ڇو ۽ ڪيئن آهي. اهو ثبوت انسان جو تنتي سرشتو ٿو ڏئي، جيڪا هڪ سڌي سڌي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي آهي. مثال ٿا وٺون هڪ ماڻهوءَ جو. اهو ماڻهو هڪ وڏي ڪمري ۾ ويٺو آهي ۽ سندس سامهون پڃري ۾ بند ڪو پکي ويٺو ٻولي. اهڙيءَ صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو نيورو سرجن انهيءَ ماڻهوءَ جي آپريشن ڪري، سندس دماغ ۽ اکين جي وچ ۾ ڪم ڪندڙ تنتن کي ڳنڍ ڏيئي بند ٿو ڪري ڇڏي ته ظاهر آهي ته انهيءَ ماڻهوءَ جون اکيون کليون هئڻ جي باوجود ٻوليندڙ پکيءَ کي ڏسي نه سگهنديون. ڇاڪاڻ ته ڏسڻ جي سگهه دماغ ۾ ئي موجود هوندي آهي. ايئن پکيءَ جو جسم ۽ رنگ اهڙي ماڻهوءَ لاءِ وجود ئي نه رکندا آهن. پر پوءِ به اهو ماڻهو پکيءَ جي ٻولي ٻڌي، پکيءَ جي وجود جو اندازو لڳائي سگهي ٿو. پر ساڳي طرح جيڪڏهن نيورو سرجن انهيءَ ماڻهوءَ جي ٻئي آپريشن ڪري سندس ڪنن ۽ دماغ جي وچ جو تنتي سرشتو بند ڪري ٿو ته پوءِ انهيءَ جيئري جاڳندي ماڻهوءَ کي پکيءَ جو آواز به ٻڌڻ ۾ نه ايندو. ايئن انهيءَ ماڻهوءَ جي اڳيان ٻوليندڙ پکيءَ جو ڪو وجود ئي نه رهندو، جيتوڻيڪ ٻوليندڙ پکي پنهنجيءَ جاءِ تي موجود هوندو آهي. سو شئي ته موجود هوندي آهي، پر انهيءَ کي انسان جي اندر جي اک نه ڏسي سگهندي ۽ نه ئي ٻڌي سگهندي. ايئن اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ساڳئي شئي يعني پکيءَ جو ڪو وجود ئي نه هوندو آهي. سو آئون نٿو سمجهان ته هن دنيا ۾ ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جيڪو پنهنجي جانبداري کي ڪنهن هڙ وانگر پٺن تي چاڙهي اڇلائي سگهي، جو ايئن ڪرڻ ئي ناممڪن آهي. سو اهو هڪ مثال آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته انسان جي اندر جي سگهه ڇا آهي. انهيءَ مثال مان هن بندي جي ڪا اها مراد ناهي ته ڪي سڀ جرنلسٽ ۽ ميڊيا جا ماڻهو مون سميت خدانخواسته انڌا ۽ ٻوڙا آهن. پر انهيءَ سائنسي حقيقت مان اها ڳالهه ڦٽي ٿي نڪري ته هر ماڻهو هر واقعي کي پنهنجي اينگل کان ڏسندو آهي. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئون ته هر ماڻهو واقعي کي پنهنجي سوچ، پنهنجن خيالن، پنهنجن احساسن ۽ پنهنجن جذبن کي شامل ڪري ڏسي ٿو ۽ ايئن هو ٺُپ اڻ ڌريو ٿي ئي نٿو سگهي. گهٽ ۾ گهٽ نيورولاجي، سائيڪالاجي ۽ سوشيالاجيءَ جون سائنسون ته اهو ئي ٿيون چون ته ڪو به ماڻهو ٺپ غير جانبدار رهي ئي نٿو سگهي. جانبداري ته انسان جي سرشتي ۾ شامل آهي. ظاهر آهي ته ميڊيا جا ماڻهو به انسان ئي آهن، جن وٽ پنهنجي پسند ۽ ناپسند ضرور موجود هوندي آهي، جيڪا ميڊيا تي تري ايندي آهي. ميڊيا جي جانبداري يا غير جانبداريءَ جو اسان جي اڳيان وڏي ۾ وڏو مثال بي بي سي ٽيليويزن آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ غير جانبدار ۽ ساکائتو اهو ئي چئنل آهي، جنهن جي حلقي ۾ سڄي دنيا اچي وڃي ٿي ۽ انهيءَ چئنل جا نمائندا ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن يا جيڪڏهن ڪٿي جو ڪو وڏو واقعو پيش ايندو آهي ته بنا ڪنهن دير جي بي بي سي ٽيليويزن جي نمائندن جي گهل اتي ٽُٽي پوندي آهي ۽ پل پل جي خبر سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويندي آهي. هاڻي اچجي انهيءَ ساکائتي ۽ غير جانبدار اداري جي ساک ۽ غير جانبداريءَ تي. جنهن وقت لنڊن ۾ ريل گاڏيءَ ۽ ريل گاڏيءَ جي آس پاس بم ڇٽا هئا، انهيءَ وقت انهن واقعن ۾ مرڻ وارن جو ڪو تعداد صرف پنجاهي کن هو، پر پوءِ به BBC جي پورو مهينو ريهو رڙ لڳي پئي هئي ۽ دنيا جا ٻيا چئنل به BBC جي پُٺ وٺيو پئي آيا. انهيءَ وقت ايئن پئي لڳو ڄڻ ٻيءَ دنيا ۾ ڪجهه به نه پيو ٿئي. ٻئي پاسي ساڳئي وقت سوڊان ۾ خانه جنگيءَ ۾ لکين گهر اجڙي رهيا هئا، لکن جي منهن ماڻهو مري رهيا هئا ۽ هزارين عورتون زوري زنا جو شڪار ٿي رهيون هيون. اهڙي ساڳئي طرح آفريڪا جي ڪجهه ٻين ملڪن ۾ مارا ماري لڳي پئي هئي، پر BBC ٽي وي تي صرف سوڊان جي باري ۾ هڪ پراڻي ڊاڪيومينٽري هلي. ڪٿي برطانيا جا پنجاهه کن ماڻهو ته ڪٿي ماڪوڙن وانگيان مرندڙ آفريڪا جي ڪُت خلق. پر پوءِ به BBC پوري پوري جانبداريءَ کان ڪم وٺندي صرف پنهنجن کي ڪوريج ڏني. جيڪڏهن BBC جهڙي مانائتي چئنل جو به اهو حال ته ٻين چئنلن جي غير جانبداري ڪهڙي ڀانڊي ۾ پيل هوندي، جنهن جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي. سو اهو ئي مثال ٻڌائي ٿو ته ڪير ڪيترو غير جانبدار ٿي سگهي ٿو. Objectivity جو اصطلاح ته خوبصورت لڳي ٿو، پر اها Objectivity ڪهڙي هٽ تان ملي ٿي، انهيءَ جو ڪو ڏس ئي نٿو ملي. هونئن به ماڻهو ويچارو پنهنجي دل جي اڳيان لاچار آهي. پوءِ جيڏانهن دل ڇڪي کائي، همراهه اوڏانهن لڙهندو ويندو. (2) انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن وقت اسان کي ڪافي حد تائين فڪري آزادي مليل آهي، پر تنهن هوندي به ايتري فڪري آزادي مليل ناهي، جيتري تاريخ جو شڪار بڻجندڙ (Victim Of History) جنرل يحيٰ جي وقت مليل هئي يا ٻين جمهوري ملڪن ۾ مليل آهي. تنهن ڪري رکي رکي ڪن ڳالهين کي سرڪار سڳوري طرفان ميڊيا کي داٻا ملندا رهندا آهن ته فلاڻن فلاڻن معاملن جي باري ۾ هڪ اکر به نه ڳالهائڻو آهي. فلاڻن معاملن ۾ هيتري ڳالهه ڪرڻي آهي ۽ هيتري ڇڏي ڏيڻي آهي ۽ فلاڻن معاملن ۾ وري حڪومت سڳوريءَ جي واکاڻ ڪرڻي آهي يا ڪوريج ڏيڻي آهي. ٻي صورت ۾ چئنلن جي صحافين ۽ مالڪن جي ڪن ڇڪ ڪرڻي پوندي. ايئن ڪافي موقعن تي چئنلن کي ڊڪٽيشن پڻ ڏني ويندي رهي آهي. اهڙي ساڳئي طرح وري سرڪاري مخالف ڌرين جي ڏاڍن مڙسن جا به ميڊيا تي مختلف اندازن ۾ داٻا پوندا رهندا آهن. سرڪار مخالف اهي ڏاڍا مڙس چئنلن يا چئنلن سان وابسته ماڻهن يا چئنل جي گاڏين، ڪئميرائن وغيره کي نقصان ڏيڻ ۾ به دير نه ڪندا آهن. ڌمڪيون الڳ موجود هونديون آهن. جيڪڏهن ڪمي ڪنوار ۾ نه هوندي آهي ته گهٽتائي گهوٽ ۾ به نه هوندي آهي. انهن ٻطرفن داٻن جي نتيجي ۾ ٽي وي ميڊيا تي اهو سچ اچي نه سگهندو آهي، جيڪو اچڻ کپي. اهڙي طرح ڪافي خبرون ۽ تبصرا يا ته اسڪرين تان غائب هوندا آهن يا وري اڌورا رهجي ويندا آهن. ايئن ٽي وي ڏسندڙ الاهي حقيقتن کان بي خبر رهجي ويندا آهن يا وري غلط معلومات جو شڪار بڻجي ويندا آهن ۽ سندن تصور اونڌي رخ ۾ هليو ويندو آهي. مطلب ته ڳالهه ٺهي نه جڙي، ڏسندڙ جا يا ته سڀ ٽڀا اونڌا يا وري دهل وڄي نه وڄي، همراهه نچڻ ۾ پورو ٿيو وڃي. ايئن ٽي وي ميڊيا ڏسندڙ کي گمراهه ڪري ڇڏيندي آهي. (3) 1985 ع ۾ هن بندي پنهنجي ڊرامي ”ڪاروان“ جي هڪ ڏيک ۾ ڊرامي جي هڪ اهم ڪردار سيٺ (طلعت حسين) کي لڪ ڇپ ۾ لفافن ۾ نوٽ وجهي جنرلسٽن کي رشوت ڏيندي ڏيکاريو هو. انهيءَ ڏيک جي ٽيليڪاسٽ ٿيڻ کان پوءِ ڪراچيءَ جي صحافين ۾ ڏاڍو تاءُ پکڙجي ويو هو. ايستائين جو صحافين جي هڪ ميٽنگ ۾ طئي ٿيو هو ته پي ٽي وي تي ۽ مون تي ڪيس داخل ڪيو وڃي، پر پوءِ شابس هجي هڪ معروف صحافي ساجد مير کي، جنهن ميٽنگ ۾ گوڙ ڪري وڌو ته اها ليکڪ جي فڪري آزادي آهي، تنهن کي ڇيهو نه رسايو وڃي. جيڪڏهن اسان به ايئن ڪيو ته پوءِ اسان سرڪار کان فڪري آزادي ڇو ٿا گهرون. ايئن ساجد مير هن بندي جي ڪنڌ مان اهو ٽوڙهو ته ڪڍرايو. تنهن هوندي به ڪجهه اخبارن ۾ مون تي شديد تنقيد ڪئي وئي، پر پاڻ جي ڪن تي جونءِ به نه سُري. ٻئي پاسي وري انهيءَ ڊرامي ”لفافه ڪلچر“ جو اصطلاح متعارف ڪرايو، جيڪو اڄڪلهه عام جام استعمال ٿئي ٿو. مطلب ته اها چوچڙي به پاڻ ڏني، جيڪا هاڻي هڪ اصطلاح جي صورت ۾ حقيقت بڻجي چڪي آهي. سو هاڻي انهيءَ ”لفافه ڪلچر“ کان انڪار به نٿو ڪري سگهجي. پوءِ اهو مال پاڻي روڪڙ جي صورت ۾ هجي يا اشتهارن جي صورت ۾ هجي. ظاهر آهي ته ٽي ويءَ جا صحافي به هن معاشري جو حصو آهن، جنهن معاشري ۾ ڪرپشن عام جام آهي، پر سڀئي صحافي به اهڙا ناهن. سو خير، اهو ”لفافه ڪلچر“ به ٽي وي اسڪرين کي غلط معلومات ڏيڻ جو ڪارڻ آهي، جيڪا ڏسندڙ جي مٿي ۾ لڳندي رهي ٿي. ايئن هڪڙو عيب اهو به آهي، جنهن کان ڏسندڙ بچي نٿو سگهي. اهو رستو به عام ڏسندڙ کي گمراهه ڪري ٿو ڇڏي. (4) جيئن جيئن ٽي وي ميڊيا زور وٺندي ٿي وڃي، تيئن تيئن دنيا جهان جي پبلڪ فگرس کي پنهنجي واکاڻ ڪرائڻ لاءِ، پنهنجو پاڻ کي اسڪرين تي آڻڻ لاءِ جيهان پوءِ تيئن وڌيڪ ذهين، مضبوط، ڦڙت ۽ چالاڪ ميڊيا مئنيجرن جي ضرورت پوندي رهندي آهي ۽ اهي ميڊيا مئنيجر يا ميڊيا سينٽرن جا ٻيا ماڻهو اهڙا اهڙا هٿ ناٽ ڪندا آهن، جو سندن انهن گُرن جي چڪر ۾ اچي ميڊيا انهن پبلڪ فگرس کي اڃا به وڌيڪ پبلڪ فگرس بڻائي ڇڏيندي آهي ۽ گڏو گڏ انهن جي شهرت ۽ مقبوليت ڏينهون ڏينهن وڌندي نظر ايندي آهي. انهن ميڊيا مئنيجرن وٽ ڪهڙو جادو آهي، اهو اهي ئي ٿا ڄاڻن. جيتوڻيڪ اسان وٽ به ڪافي ڌڙن وٽ اهڙا ماڻهو ۽ سينٽر ڪم ڪندا نظر اچن ٿا. پر ٻاهرين ملڪن ۾ ته وڏا ماڻهو ۽ وڏا ڌڙا هلن ئي پي آر شپ تي ٿا، جنهن ماڻهوءَ جي پي آر شپ ڪمزور هوندي ته اهو لک مان ڦري ڪک ٿي ويندو آهي، پر جنهن جي پي آر شپ ڀلي هوندي ته اهو ڪک مان ڦري لک ٿي ويندو آهي. توهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته هن دور جي مهانگي ۾ مهانگي ۽ انگريزي زبان جي صحافت کي چارچنڊ لڳائيندڙ مارٽن ايمس (Martin Amis) جهڙي ماڻهوءَ کي به آمريڪا جي ٿرڊ ريٽ، پر سڄي دنيا ۾ وڏي شهرت ۽ مقبوليت ماڻيندڙ ڳائڻي ميڊونا جي ميڊيا مئنيجر سان ملڻ ۾ پورو مهينو لڳو ۽ کيس ميڊيا سينٽر جي چئن ڌرين وٽان لنگهڻو پيو، تڏهن وڃي همراهه جي ميڊونا جي ميڊيا مئنيجر سان ملاقات طئي ٿي. مارٽن ايمس جو موضوع ئي اهو هيو ته اهو ڪهڙو ميڊيا مئنيجر آهي، جنهن ميڊونا کي ڪک مان لک بڻايو. سندس اهو مضمون پڙهڻ وٽان آهي، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته پي آر شپ ڇا آهي. اها ته ٿي پري جي ڳالهه، پر اسان وٽ به ويندي سرڪاري ادارن ۾ هڪ عدد PRO پاتو وڃي ٿو. اهو PRO ئي پنهنجي چالاڪين جي سهاري ڪنهن اداري جي ساک کي وڌائي ٿو، پوءِ انهيءَ اداري ۾ ڀلي ٽڪي جو به ڪم نه ٿيندو هجي. اڄ ڪلهه سڄي دنيا پي آر شپ جي پويان لڳل آهي، جيڪا ٽي وي ميڊيا تي اثر ڇڏي ٿي. ڪنهن کي سٺو ڳائڻ اچي يا نه اچي، سياست اچي يا نه اچي ۽ ڪو ادارو هلائڻ اچي يا نه اچي، انهيءَ جي جيڪڏهن پي آر سٺي آهي ته اهو ڪمال جو ماڻهو آهي ۽ جيڪڏهن پي آر خراب اٿس ته وڃي هوا کائي ۽ ڊهڙ ۾ پوي. انهيءَ ڳالهه مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته ٽي وي ميڊيا تي اها پي آر وڏو اثر ڇڏي ٿي ۽ ايئن اصل حقيقتون ڏسندڙن کان لڪي وڃن ٿيون ۽ عام ڏسندڙ کان هٿ مان ڀولڙي ڇڏايو وڃي. اهڙين ڳالهين تي ئي ڪڙهي سابق چيڪو سلوويڪيا مان ڀڄي فرانس جي شهر پئرس ۾ پناهه وٺندڙ ۽ اُتان ئي جو ٿي ويندڙ دٻڙاٽ قسم جو ليکڪ ميلان ڪنڊيرا (Milan Kandera) هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”اڳي ته هوندا هئا نظريا، پوءِ انهن نظرين جي جڳهه وري حقيقتن والاري ۽ هاڻي ته مورڳو انهن حقيقتن جي جڳهه ميڊيا جي پيدا ڪيل تصورات والاري ڇڏي آهي.“ ٻين اکرن ۾ ايئن کڻي چئون ته ميلان ڪنڊيرا جو اهو خيال آهي ته هن دور ۾ ميڊيا جنهن جو چاهي، تنهن جو پٽڪو لاهي بڇڙو ڪري ٽڪي جو ماڻهو بڻائي ڇڏي يا وري ٽڪي جي واحيات ماڻهو کي چ۾ مڙسيءَ جو پٽڪو ٻڌرائي چڱو مڙس بڻائي ڇڏي. اها ته ٿي ٽي وي ميڊيا، هاڻي اچجي ڏسندڙن جي ذهن تي. اسان وٽ برابر ڪئين چئنل کلي ويا آهن، پر انهن چئنلن کي جيڪڏهن مغرب جي چئنلن سان ڀيٽبو ته پوءِ اهو چوڻو پئجي وڃي ٿو ته اسان جا چئنل اڃا نابالغ آهن، پر اها به حقيقت آهي ته اڳتي هلي ڪري اهي ٽي وي چئنل پنهنجن ئي تجربن جي بنياد تي اڄ يا سڀاڻي بالغ ٿيڻ وارا آهن. ٻئي پاسي اسان جا ڏسندڙ ڪافي حد تائين ميڊيا جي ڊڪٽيٽرشپ جي چنبي مان آجا آهن ۽ اڃا تائين اسان جي ماڻهن ۾ پنهنجي ليکي سوچڻ جي ڪنهن حد تائين سگهه موجود آهي. اسان جو ڏسندڙ اڃا تائين مغرب واري حد تائين پهتل ناهي، جتي پاڙي جي خبر به ٽي وي وٽان وٺن. بهرحال اهو وقت به ڪو ايترو پري ناهي، جڏهن اسان جي ماڻهو کي پاڙي جي خبر ڪڍڻ لاءِ ٽي وي جي سيٽ جو سهارو وٺڻو پوندو. ظاهر آهي ته طوفان ته اچڻ وارو آهي. سو اڳواٽ اطلاع ڏيڻ لاءِ مغرب جي ماڻهوءَ جي ذهني اوسر کي اسان کي نظر ۾ رکڻو آهي. انهيءَ ذهني اوسر لاءِ آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ خودڪشي ڪندڙ پولش زبان جو گونان گون ليکڪ جيرزي ڪوسنسڪي شاگردن جي زندگيءَ جو گهرائيءَ سان جائزو وٺڻ کان پوءِ هڪ ڪتاب Conversations with Jerzy Kosinski ۾ هڪ هنڌ انٽرويو ڏيندي چوي ٿو ته، ”اڳي ٻار مائٽن ۽ ٻين وڏن جو نقل ڪندا هئا، پر هاڻي اهي ٽي وي جو اولاد بڻجي چڪا آهن. انهيءَ ڪري سندن اٿڻي ويهڻي ٽي وي جي مشهور ڪردارن تان کنيل هوندي آهي ۽ اهي پنهنجو پاڻ هئڻ جي بدران ”ڪوجيڪ“، ”خان“ جهڙا سخت گير ڪردار بڻجي ڪلاس ۾ گهڙندا آهن يا وري ”چيڪو“ جي ڪردار وانگيان مسخرا بڻجي اچي نڪرندا آهن. ايئن اهي پنهنجي شخصيت وڃائي ويٺا آهن.“ هاڻي پاڻ کي به ٽي وي ميڊيا جي پئدا ڪيل انهيءَ طوفان جو انتظار ڪرڻو آهي. ڏسجي ته اڳتي هلي ڪري ڇا ٿو ٿئي ۽ ماڻهن جي سوچ ڪٿي ٿي بيهي.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ نئين ٽهيءَ جون دلچسپيون! سومر 25 جون 2007ع سنڌ يونيورسٽيءَ سوسائٽي ڄام شورو ۾ موجود اهو هڪڙو جهڙو تهڙو گهر آهي، جيڪو مالڪ تڳي تڳي قسطن ۾ ٺهرايو آهي. اڃا به قسطون پيون هلنديون ۽ راڙها پيا رُڙهندا، ڪاڙها پيا ڪڙهندا. انهيءَ گهر جي در تي بيهي سامهون جانچ وٺبي ته جانچ وٺڻ واري کي سامهون سپر هاءِ وي ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جيڪو چوويهه ئي ڪلاڪ وهندو رهندو آهي، انهيءَ کان پوءِ اڳتي شهر به ڏسڻ ۾ ايندو آهي. باقي ٽن پاسن کان وڏن ماڻهن جا گهر ۽ پلاٽ آهن. انهن وڏن ماڻهن ۾ وڏيرا، سياستدان ۽ ڪامورا اچي وڃن ٿا، انهيءَ کان پوءِ آسي پاسي سنڌ يونيورسٽي مان رٽائر ٿيل يا حاضر سروس پروفيسرن ۽ آفيسرن کان وٺي پٽيوالن تائين جا گهر موجود آهن. سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ڄام شورو ۾ موجود ڄاڻايل گهر جي ٻاهران ڀت سان لڳ هڪ سنهو، پر ڊگهواڱڻ ٺهيل آهي. اونهاري جي رات جو انهيءَ اڱڻ جي ساڄي ڪنڊ تي وهبو ته ڪيتري به گهُٽ ٻوساٽ هجي، پوءِ به ٿوري گهڻي هوا جي ٿڌي ڦرڪ ضرور اچي بُت کي لڳندي آهي. ڀلا جي بجلي هلي به وڃي ته به سامهون حيدرآباد جي روشنيءَ جا عڪس انهيءَ ٿلهي تي پوندا رهندا آهن. جي ڀلا حيدرآباد مان به بجلي موڪلائي وڃي ته به سپر هاءِ وي تان لنگهندڙ گاڏين جي قطارن مان ايندڙ روشني جهٻڪا ڏيندي نظر ايندي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئون ته اڱڻ جي اها ڪنڊ بنا بجليءَ جي ايئرڪنڊيشنڊ به آهي ته روشن به آهي. جيئن ته مالڪ مڪان جي نوجوان پٽ جي سنگت ساٿ تمام گهڻي ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهي. انهيءَ ڪري اڪثر رات جو 9 وڳي کان وٺي 2 وڳي تائين ٿلهي جي انهيءَ ڪنڊ تي هر ضلعي ۽ هر طبقي جي نوجوانن جا راڄ اچي ڀيڙا ٿيندا آهن. سندن ڳالهين جو هڪ خاص موضوع آهي موسيقي، پر سندن انهيءَ دلچسپيءَ جو ٺاهي ٺوڪي جائزو وٺبو ته انهن نوجوانن وٽ نه ته مائيڪل جيڪسن جي ڦڙڪندڙ پاپ ميوزڪ جي، نه ئي اندر کي جهيرون ڏيندڙ ضمفير جي نڙاٽيءَ جي، نه وري خانصاحب منظور علي خان جي مهارت جي ۽ نڪو وري لتا جي گانن جي ڪا اهميت آهي. پر انهيءَ جي برعڪس انهيءَ نئين پيڙهيءَ جي دلچسپي ريپ سپر اسٽار ٽوپاز کان وٺي راڪ ميوزڪ جي اسٽارس لنڪن پارڪ، ڪرس ڊاٽري ۽ ايورل ليونگ وغيره ۾ آهي. انهن نوجوانن جي قوم پرستي صرف مرحيات ٽوپاز تائين محدود آهي، جيڪو نيويارڪ ۾ پنهنجن ئي دوستن جي هٿان قتل ٿي ويو. ڪجهه دوستن کي شايد انهيءَ تي حيرت ٿئي ته ٽوپاز ۾ آخر ڪهڙي قسم جي قوم پرستي رکي آهي. انهيءَ لاءِ نوجوانن جو چوڻ آهي ته انگريزن جي ابتدائي دور ۾ وڏيرو يار محمد شيدي ڪراچيءَ جو چڱو مڙس هو. وڏيري يار محمد شيدي جي پونئير عبدالشڪور شيديءَ کي تعليم سانگي ننڍي هوندي آمريڪا موڪليو ويو، جتي هو جوانيءَ تائين پهچندي پهچندي ريپ ميوزڪ جو اسٽار ٿي ويو ۽ ٽوپاز جي نالي سان مشهور ٿيو. سو انهن نوجوانن جو هيرو ڪو سياسي ليڊر هئڻ جي بدران ٽوپاز آهي، جنهن تي اهي نوجوان فخر محسوس ٿا ڪن ته ٽوپاز سنڌي هو. انهن ڇوڪرن ڇنڀرن جي ٻئي دلچسپي هٿيارن ۾ آهي، جن ۾ روس جي AK47 اسرائيل جي آئوزي 9mm (جيڪا ڪولمبيا جي مافيائين جي پاڻ ۾ جهيڙن ۾ استعمال ٿيندي آهي) ۽ آمريڪا جي M16 آهي، جيڪا اڃا اڻ لڀ آهي. ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ ڪنهن هڪ اڌ ماڻهوءَ وٽ اها M16 به موجود هجي. پر اها نئين پيڙهي انهن خوفناڪ هٿيارن کي ڪنهن ٻئي تي استعمال ڪرڻ جي بدران انهن هٿيارن جي هڪ مخصوص گليمر ۾ دلچسپي رکي ٿي. امن امان کي پسند ڪندڙ اهي نوجوان انهن هٿيارن جي باري ۾ ذري پرزي جي ڄاڻ رکن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن وڏيرڪي اولاد وٽ ڪا اهڙي گن آهي ته انهيءَ کي محفل ۾ صرف ساراهيو وڃي ٿو۽ ائين واهه واهه ڪجي ٿي، جيئن ڪنهن مشاعري ۾ سٺي شعر تي واهه واهه ڪئي ويندي آهي. باقي اهي نوجوان ماڻهوءَ کي مارڻ ته ڇا، مورڳو پکين ۽ جانورن کي شڪار ڪرڻ جي به سخت خلاف آهن. اهڙيءَ ساڳي طرح اهي نوجوان ڪمپيوٽرن، موبائيل فون ۽ مختلف ميڪ جي گاڏين ۾ دلچسپي رکن ٿا. سندن پسنديده گاڏي جئگوار آهي، جيڪا هن بندي ڏٺي ته ناهي، پر ٻڌي ضرور آهي. هڪڙي پاسي ائين آهي ته ٻئي پاسي اهي نوجوان پنهنجن وڏن مٽن مائٽن جا خدمتگار هئڻ سان گڏوگڏ سنگت ساٿ سان سچا به آهن ۽ ڏک سک ۾ سڏ ڏين ٿا. سندن ڌيان تعليم ڏانهن به رهي ٿو، باقي جتي وڏا رات جو ٻاڪو ڦاڙيو ٽي ويءَ اڳيان ويهي سياسي تبصرا ۽ بحث ٻڌن ۽ ڏسن ٿا يا ڪنهن محفل ۾ ويهي سياست جي موضوع تي ڳالهائيندي هڪ ٻئي تي جلهون ڪن ٿا، اتي اها نئين ٽهي اڪثر ڪري سياست کان ونءُ ويندي آهي. ايتري قدر جو گهڻن کي ته وزيرن جا نالا ياد ناهن، پوءِ اهي هاڻوڪا هجن يا اڳيان. حال اهو آهي جو جيڪڏهن ڪو نوجوان انهيءَ پنهنجي سنگت ساٿ ۾ سياست جو ذڪر به ڪري ٿو ته کيس چرچن ۽ ٽوڪن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. سو سندن دلچسپي صدر بش جي بدران بل گيٽ ۾ آهي. باقي جڏهن ڪرڪيٽ ميچ هلنديآهي، تڏهن اهو ٿلهو غير آباد ٿي ويندو آهي. اهو ته ٿيو ڄامشوري جو احوال، جتي ٽي يونيورسٽيون پاتيون وڃن ٿيون. ظاهر آهي ته اهڙا هنڌ ٻيءَ سنڌ ۾ به موجود آهن، جتي ڪنهن حد تائين هاءِ پروفائيل نوجوان پاتا وڃن ٿا، پر اهي سڀ نوجوان سڄيءَ سنڌ جي نمائندگي نه ٿا ڪن، رڳو پنهنجو حصو والارين ٿا. اهڙين جڳهين تي موجود نوجوانن ۾ ڪي وري سياست ۾ دلچسپي وٺن ٿا، جن جو ذڪرِ خير اخبار ۾ ايندو رهي ٿو، پر انهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن گهٽبو وڃي ٿو. هاڻي اچو نئين ٽهيءَ جي هڪ ٻئي ٺڪاڻي تي. هيءُ هڪ اهڙو ٺڪاڻو آهي، جيڪو ايندڙ ويندڙ کان لڪل ۽ پاسيرو هوندو آهي. اهڙي قسم جو ٺڪاڻو ڏکڻ سنڌ جي ڪنهن به ڳوٺ، ننڍي شهر ۽ وڏن شهرن ۾ پاتو ويندو آهي. جيڪو گرميءَ ۾ ته گرم هوندو آهي، پر سردي ۾ به ايڏو سرد نه هوندو آهي، جو ماڻهو ڏڪڻ شروع ٿي وڃي، ڇاڪاڻ جو ڪجهه آڏ هوندي آهي ته ڪجهه وري آسي پاسي ۾ چُلهه گرم هوندي آهي. اهو ٺڪاڻو به رات جو آباد ٿيندو آهي. انهيءَ محفل جي شروعات ٺري پيئڻ کان شروع ٿيندي آهي ۽ ڪٿي ڪٿي روشني جي معقول انتظام جي ڪري ٺرو پيئڻ سان گڏ ٺلهي پتن جي راند يا ڪن صورتن ۾ وري پتن تي جوا به ٿيندي آهي. ڪجهه سال اڳ ٺري پيئڻ جي بيماري صرف ڪولهين ۾ هوندي هئي ۽ ٻئي خلقت آجي هوندي هئي. پر ڪجهه سالن کان وٺي ڏکڻ سنڌ جي غريباڻي آبادين کي ٺرو وڻ ويڙهيءَ وانگر ويڙهي ويو آهي ۽ ايڏي تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي جو ماڻهو مٿو جهليو ويهيو ٿو رهي ته اڳتي هلي ڇا ٿيندو ۽ اها اسپيڊ ڪيترا ايڪسڊنٽ ڪري سماج جا ڍانگا ڪڍي ڇڏيندي. وڏي ڳالهه ته انهيءَ بيماري جو شڪار وڏن جي نسبت نئين ٽهي وڌيڪ آهي. سو انهيءَ ٺڪاڻي تي جيڪي نوجوان گڏ ٿيندا آهن، انهن جي تعليم ڏيئي وٺي ٽئي درجي سنڌيءَ کان مئٽرڪ تائين آهي، جن مان گهڻا بي روزگار ته ڪي وري سنهي ٿلهي مزدوري يا هارپو ڪندا آهن. اهي نوجوان هتان هتان ڦري اچي ٺڪاڻي تي گڏ ٿيندا آهن. ظاهر آهي ته ٺرو پيئڻ کان پوءِ اهي نوجوان جيڪي اونڌيون سڌيون ڳالهيون ڪندا آهن، انهن کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ۽ اها خبر گهٽ پوندي آهي ته سندن دلچسپيون ٺري پيئڻ کان سواءِ ٻيون ڪهڙون آهن، پر تنهن هوندي به جيڪڏهن انهيءَ لهريدار بڪ شڪ کي غور سان ٻڌبو ته سندن ڪي نه ڪي دلچسپيون ويڙهجي سيڙهجي پوءِ سمجهه ۾ اينديون، يا ايئن کڻي چئون ته غور سان ٻڌڻ کان پوءِ اهي ڳالهيون گهونگهٽ ڪڍي سامهون اينديون آهن، جن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي. انهن ڳالهين ۾ هڪڙي ڳالهه ته سندن محروميون هونديون آهن، جن مان وڏي محرومي عورت هوندي آهي. سندن واتان اهڙين ڇوڪرين جا نالا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، جن لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته ”اديءَ ڪن نه جن، ادو عشق ۾ انڌو.“ هونئن ته هر سطح جو نوجوان فطري طور تي صنفِ نازڪ ڏانهن ڇڪجي ٿو، پر هي يار ڳالهيون ڪري صرف چپ چٽيندا آهن، سندن ٻيو خاص موضوع ڪڪڙن جي ويڙهه، گهوڙن جي ڊوڙ، ڪتن جي سوئرن يا رڇ سان ويڙهه، تر جا ڏاڍا مڙس ۽ شاهه شاهوڪار وڏيرا هوندا آهن. هي نوجوان ڪڪڙن، گهوڙن، ڪتن، سوئرن، ڏاڍن مڙسن ۽ وڏيرن جا اصلي نالا ڇڏي کين پنهنجي طرفان نالا ڏيندا آهن، جن مان انهن شين جي واکاڻ پڌري ٿيندي آهي. مثلن دوفان (طوفان)، گولي، بگهڙ، کنوڻ، واڄٽ، اُڦٽ مار، سخي ٻيڙا پار وغيره پر اهي نالا وري رکي رکي تبديل به ٿيندا رهندا آهن، جو يڪسانيت موالين کي به قبول ناهي. انهن نوجوانن جو هيرو ڪو سياسي ماڻهو نه پر اهو نوجوان هوندو آهي، جيڪو گهڻو ٺرو پيئڻ کان پوءِ به آئوٽ نه ٿئي يا وري اهو ڪڙڪ صوبيدار هوندو آهي، جيڪو ڪڙڪ هئڻ جي باوجود موالين کي نه ستائيندو هجي. ڪڏهن ڪڏهن وري اهڙي صوبيدار کي تصور ئي تصور ۾ تخليق ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن وري ڪاوش ۾ ڇپيل ڪنهن انڊين ايڪٽريس جو فوٽو سندن خاص موضوع هوندو آهي. باقي کين ڪڏهن به سياست تي بحث ڪندي نه ڏٺو ويو آهي. جيڪڏهن ڪو سياست جو ذڪر ڪندو ته ڪو نه ڪو ڪنڊ مان ڪڇندو آهي ته ”ڇڏ يار اسان جا نشا ته نه ڦٽاءِ، ڪا ڪم جي ڳالهه ڪر.“ ائين ڪم جي ڳالهه شروع ٿي ويندي. سڄي ڳالهه ڪري پڇو ته هن بندي جي اتر سنڌ ڏانهن اُٿل گهٽ آهي، جيتوڻيڪ پاڻ جون ايڏانهن ياريون به گهڻيون آهن ۽ دعوتون به گهڻيون آهن. ڪڏهن نه ڪڏهن وڃي نڪربو. جيستائين اوڏانهن وڃجي اوستائين هن مضمون ۾ ڪي ٽي اين جي خبرن ۽ تفصيلي رپورٽن جو سهارو ٿا وٺون، ڇاڪاڻ جو خبرن ذريعي ڏسڻ ۾ ايندڙ KTN جا عڪس به گهڻو ڪجهه ٻڌائين ٿا، شرط اهو آهي ته ڪو ڏسڻ وارو انهن عڪسن کي چڱيءَ طرح ڏسندو هجي ۽ پوءِ مختلف رخن کان انهن عڪسن تي سوچيندو هجي. KTN جي خبرن ۾ ٻئي يا ٽئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن قبائلي ويڙهه جا ڏيک نظر ايندا آهن. انهن ڏيکن ۾ گهڻو ڪري ڪچيءَ وهي جا نوجوان ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جن جي هٿن ۾ هٿيار هوندا آهن ۽ اهي ڊوڙندي ڊوڙندي پوئتي به نهاريندا ويندا آهن ته ڪٿي سندن مخالف قبيلي جا نوجوان حملو ڪرڻ وارا ته نه آهن. رپورٽ ڏيڻ وارو جتي انهن نوجوانن کي ويڙهه ۽ ڀڄ ڀڄان، وٺ پڪڙ ۽ هڻ هڻان ڪندي ڏيکاريندو آهي، اُتي اهو رپورٽر وري مورچن ۾ ويٺل پڪي وهي وارن کان انٽرويو ڪندي نظر ايندو آهي. هر انٽرويو ڏيڻ وارو پڪي وهيءَ وارو همراهه اها لاچاري ڏيکاريندو آهي ته سامهين ڌر وارا بي واجبي ٿا ڪن. اسان ٺهڻ لاءِ تيار آهيون، پر سامهين ڌر نٿي ٺهي. مورچن ۾ ويٺل اهي همراهه جتي جهيڙن کان بيزاري ڏيکاريندا نظر اچن ٿا، اُتي نوجوان وري جهيڙي ۾ ڦڙتي ۽ ڏاڍ مڙسي ڏيکاريندي نظر اچن ٿا. هاڻي اها ڳالهه ته ڪنهن کان به لڪل نه رهي آهي ته اتر سنڌ ۾ اهي جهيڙا، اهي ڪارا ۽ ڪاريون ۽ موت جي راند ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ جي بدران وڌندي نظر اچي ٿي. اين جي اوز کان وٺي ڪجهه چڱن ماڻهن تائين، سرڪار کان وٺي سرڪار مخالف سياستدانن تائين ۽ ميڊيا کان وٺي انفرادي ڪوششن ۾ انهن قبائلي جهيڙن کي روڪڻ جي چنتا ڪئي وڃي ٿي ۽ هٿ به آڏا ڏنا وڃن ٿا، پوءِ به اها باهه وسائڻ جي بدران پکڙجندي نظر نٿي اچي. ظاهر آهي ته مار ماران ٽينس جي راند ناهي، جيڪا ڏسي ماڻهن کي مزو ايندو هجي. رت جا ڇنڊا ۽ گولين جا ٻرڙ ڪنهن ٿرلر فلم ۾ ته مزو ڏين ٿا، پر حقيقي معنيٰ ۾ ڪو به ماڻهو اندروئي اندر انهن کي پسند نه ڪندو آهي. ڪجهه وحشين کي ڇڏي ڪري هر ڪو چاهيندو آهي ته امن امان سان رهجي. انهيءَ امن امان کي پري کان ڏسڻ ٻئي ڳالهه آهي، پر خود انهيءَ آڙاهه ۾ سڙڻ وارن کي اهو احساس وڌيڪ هوندو آهي ته ڪيئن نه ڪيئن ڪري انهيءَ مان جند ڇڏائجي. ائين انهن نوجوانن جي دل ته گهرندي هوندي ته آرام سان ويهي ڪي ڪلام ٻڌجن ۽ محبوبن کي ياد ڪجي. پر ڀڃ ڊاهه (Destruction) جو شڪار ٿيل سماج ته هاڻي مورڳو انارڪيءَ تائين پهچن وارو آهي. انهيءَ ڪري ڪنهن به نوجوان لاءِ سماج جي انهيءَ ڪرٽ کان بچڻ مشڪل ٿئي پيو آهي. فرد سوسائٽي جو شڪار بڻجي رهيو آهي ۽ اتان جو نوجوان پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿي پيو آهي ۽ سندس وجود اتي اچي بيٺو آهي ته ٻئي جي وجود کي ختم ڪري. يا تون رهه يا مان رهان. اهڙيءَ صورت ۾ انهن نوجوانن کي سياست سان ڪهڙي دلچسپي هوندي. اهو اندازو اوهان پاڻ لڳائي سگهو ٿا، اهڙو نوجوان پنهنجو سر بچائي ٻئي جو سر وڃائي سياست تي سوچيندو وتي؟ اوهان پاڻ سوچيو. ننڍي شهر جو ۽ واپاري طبقي مان نڪتل هيءُ جهونو مڙس هڪ مذهبي خاندان سان تعلق رکي ٿو. اهو ذهين جهونو جڏهن جوانيءَ ۾ هو ته جوانيءَ جي جوش ۾ اچي هڪ نظرياتي پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. کيس اها پڪ هئي ته منزل دور ناهي، هڪ نه هڪ ڏينهن سندس نظرياتي پارٽيءَ جون ڪوششون رنگ لائينديون. هو پنهنجي ذهانت ڪنهن ٻئي ڪم تي لائي ها ته الائي ڇا هجي ها. پر نظرياتي سياست نظرياتي سياست ٿيندي آهي، جنهن ۾ ڪجهه وٺڻ جي بدران سڀ ڪجهه ڏيڻو پوندو آهي. انهيءَ جهوني جو هن بندي کي چوڻ آهي ته ”آئون خواب کڻي نڪتو هوس، سڄي جواني ڳاري ڇڏيم پر خواب پورو ٿيڻ جي بدران ڀڄي ٽڪر ٽڪر ٿي پيو.“ اهو جهونو پنهنجي اولاد جي باري ۾ چوي ٿو ته، ”مون پنهنجي اولاد تي ڌيان ڏيڻ ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو فرض نڀائڻ جي بدران سياست تي ڌيان ڏنو. منهنجيءَ انهيءَ بي رخيءَ جي ڪري هڪڙي پاسي منهنجي انهن والدين کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا، جن مون کي پالي وڏو ڪيو ۽ حد کان وڌيڪ پيار ڏنو ته ٻئي پاسي منهنجو اولاد به مون کان باغي ٿي ويو، پر منهنجو ننڍو پُٽ پنهنجي محنت جي زور تي پڙهي ايم بي اي جي آخري سال تائين پهچي ويو آهي. منهنجو اهو ننڍو پٽ منهنجي بي رخيءَ جي بدلي ۾ پاڻ بي رخي اختيار ڪرڻ جي بدران مون تي ايترو ئي ڌيان ڏيئي رهيو آهي، جيترو ڌيان مون تي مائٽن ڏنو ۽ ٻيو ڌيان تعليم تي اٿس.“ اهو جهونو پنهنجو سور روئندي وڌيڪ چوي ٿو ته، ”منهنجو اهو پٽ مون کي پيرين پئي ملي ٿو. مون کي زور ڏئي ٿو ۽ جڏهن به مون کي ڪا تڪليف ٿئي ٿي ته منهنجي علاج لاءِ ڀڄ ڊُڪ ڪري ٿو. جتي گهر جا ٻيا ڀاتي مون کان لاتعلق بڻجي چڪا آهن، اُتي منهنجو اهو پٽ پنهنجي خدمت ۾ ڪا به ڪسر نٿو ڇڏي ۽ منهنجو هر چيو مڃي ٿو. پر آئون پنهنجي عادت کان مجبور ٿي جڏهن به سياست جو ذڪر ڇيڙيندو آهيان ته اتي اچي منهنجو پٽ مون کي روڪي ٿو. مون سان ضد ڪري بيهي ٿو رهي ۽ مون کان اهو سوال پڇي ٿو ته سياست اوهان کي ڇا ڏنو ۽ سڄي خاندان کي ڇا ڏنو؟ هيتري جدوجهد کان پوءِ ڪهڙو انقلاب آيو؟ الٽو جن ملڪن ۾ انقلاب آيا هئا، اهي به پنهنجو رستو ڇڏي چڪا آهن. مون کي پڙهڻ ڏيو ته جيئن ڊگري وٺي، ڪنهن ڌنڌي سان لڳي، گهر جي سار سنڀال لهان. پنهنجي پٽ جون اهي ڳالهيون ٻڌي وقتي طور تي آئون چپ ٿي ويندو آهيان. پر پنهنجي سياست جي عادت ڇڏي نٿو سگهان.“ ظاهر آهي ته انهيءَ جهوني جو پُٽ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ رهندڙ ننڍن وڏن واپارين جي اولاد جي نمائندگي ڪري ٿو. انهيءَ طبقي جا اڪثر نوجوان يا ته پنهنجي تعليم ۽ ڪيريئر تي ڌيان ڏيندا آهن يا وري ٿورو گهڻو پڙهي پنهنجو مائٽاڻو ڌنڌو اختيار ڪندا آهن. وٽن سياست لاءِ ڪو اتساهه آهي، نه جذبو آهي ۽ نه ئي وري ڪا دلچسپي آهي. هن بندي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پورا ٽيهه سال گذاريا آهن. ڪو زمانو هو ته سنڌ يونيورسٽي سياست جو ڳڙهه هئي. ڪيترائي نوجوان پنهنجي سياسي خيالن لاءِ پنهنجو سر بازي تي رکي هلندا هئا، پر اهي ساڳيا نوجوان يونيورسٽي مان پڙهي نڪرڻ کان پوءِ يا ته نوڪرين سان لڳي ويا، يا وري ڪنهن ڌنڌي سان لڳي ويا ۽ سياست کان پري رهڻ لڳا. انهن نوجوانن وٽ ضرور ڪو اهڙو جواز هوندو، جنهن جي ڪري کين سياست کان ڀڄي پري ٿيڻو پيو. سياست ۾ ڪو ڪو ڪڻو وڃي بچيو آهي، هينئر به ڪجهه نوجوان سياست ۾ مشغول آهن، پر انهن جو تعداد اهو ناهي، جيڪو اڳي نظر ايندو هو. ائين سياسي نوجوانن ۾ ڏينهون ڏينهن کوٽ ايندي ٿي وڃي ۽ ٻيا فڪر وڌندا ٿا وڃن. باقي جيڪي نوجوان هارپي کان وٺي ڪنهن وڏي ڌنڌي ۾ مشغول آهن، انهن کي جيڪڏهن فڪر آهي ته پنهنجي ڌنڌي جو آهي، باقي نام نهاد وچولي طبقي يا ڪرپٽ ڪامورن جي اولاد جو تعلق آهي ته انهن جي دلچسپين ۾ شريف ڇوڪرين کي تنگ ڪرڻ، گاڏيون ڊوڙائڻ، ڪٿي اجائي فائرنگ ڪري ڏهڪاءُ ڦهلائڻ ۽ مارڪيٽ ۾ آيل هر نئين شئي خريد ڪرڻ اچي وڃن ٿيون. مفت ۾ مليل مال اهو ئي رنگ نه ڏيکاريندو ته ٻيو ڪهڙو ڏيکاريندو. آخر ۾ جيڪو سوال ٿو اُٿي، اُهو اِهو آهي ته آخر نئين ٽهي سياست کان پري ڇو ٿيندي ٿي وڃي؟ انهيءَ جو جواب هن مضمون ۾ موجود آهي، پر تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪي ٻيا جواب موجود آهن ته اُهو کڻي پاڻ ٻڌائي. ڪنهن جي وات تي هٿ نه ڏبو، پنهنجي راءِ ڏيڻ هر ڪنهن جو حق آهي ۽ باقاعده بنيادي حق آهي.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ڪاري اونداهه سومر 21 اپريل 2008ع حال حقيقت اها آهي ته پاڻ کي نه ڪو سينڍ ۾ مارئي وڄائڻ اچي نه رومال ۾ ويڙهي ڳالهه ڪرڻ اچي ۽ نه ئي گهونگهٽ ڪڍي نچڻ اچي، تنهن ڪري لکون ٿا، سڌو سڌو ڪتاب تي. ڪتاب به اهڙو جو چئي کڻي دنگ ڪر، ويٺو چُپ چُپ ۽ سوچي سوچي ائين ڪري پئه، جو اٿارڻ وارو به نه لڀي. پولش ليکڪ رشيارد ڪاپوشنسڪي ته ويو مري، پر چاليهارو ڪتابن جو آمريڪي ليکڪ پال ٿيرو اڃا جيئرو ويٺو آهي. ڪجهه سال اڳ سنڌالاجي ۾ هوندي ڪري سندس ٽي سفرنامه Great Railway Bazzar, The Old Patagonian Express ۽ Riding The Iron Rooster, هڪ عدد سوانحي ناول My Theroux ۽ وي ايس نائپال جي شخصيت تي لکيل ڪتاب Sir Vidias Shado پڙهيم ته پاڻ کي ته تاڙ لڳي ويا. ڪتاب ڀلو هٿ ۾ هجي ته پڙهندڙ کي گهوماٽيون ته اينديون ۽ اهو احساس به ٿيندو ته اسان پارا ته رڳو دڦ ۾ بندوقون هڻڻ ۾ پورا آهن. بي بلائي، ڇڪي ڌڪ هڻندڙ، دنيا جي مختلف کنڊن ۾ آواره گردي ڪندڙ ۽ سڌي راند سنئوٽي جي ڪرڻ واري انهيءَ ليکڪ پال ٿيرو (Paul Theroux) جڏهن برطانيا کي ست سريون ٻڌائيندي، برطانيا جا پٽ ڇڏي پنهنجي اباڻي ملڪ آمريڪا کي وڃي وسايو ته سندس لکيل ٻيا ڪتاب اچڻ بند ٿي ويا. پهرين ته مون کي شڪ پيو ته همراهه لکڻ ڇڏي ڏنو آهي پر ڪجهه سال رکي اميزان بوڪ هائوس نيو يارڪ وارن جي مهرباني سان سندس چار کن ڪتاب اچي مليا ته خبر پئي ته ڀائو اٺ ڪتابن جو لکيو ويٺو آهي ۽ اڃان به لکڻ ۾ مصروف آهي. ائين ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته جهنگ جي بلا ليکڪ هٿُ هٿُ تي رکي چپ ڪري ويهي رهي. سندس ٻين ڪتابن تي ته پوءِ ڇيڙبو، پهرين وٺون ٿا سندس ڪتاب Dark Star Safari کي. 485 صفحن تي پکڙيل هيءَ ڪتاب Mariner Books آمريڪا وارن ڇپايو آهي، جيڪو 2004ع ۾ شايع ٿيو آهي. جنهن جو ملهه آهي 15 ڊالر. مصر، سوڊان، ڪينيا، يوگنڊا، تنزانيا، زنزيبار، زمبيا، ملاوي، مزمبيق، زمبابوي ۽ ڏکڻ آفريڪا جي صورتحال تي لکيل هن ڪتاب جي مهڙ ۾ ئي پال ٿيرو مختلف هنڌن تي اجهو ڪجهه ڳالهيون هيئن لکي ٿو: ”آفريڪا مان جيڪي به خبرون اچن ٿيون اهي ڏاڍيون خراب آهن، پر پوءِ به آئون ٻيهر آفريڪا وڃڻ لاءِ آتو آهيان. آفريڪا وڃي مون کي نه ته اتان جي هيبت، نه ئي اتان جي ماڻهن جي وچ ۾ هلندڙ گرما گرمي، نه ڪو قتلِ عام ۽ نه ئي وري زلزلن ۾ ڪا دلچسپي آهي. اهي خبرون ته هتان جي اخبارن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون، آئون ته ٻيهر آفريڪا وڃي ڪري اتان جي ماڻهن ۽ جڳهين جي سونهن ۽ چڱاين کي ڏسي ڪري دل جو سڪون پائڻ لاءِ سنڀريل آهيان.“ ”جنهن آفريڪا ۾ سالن جا سال رهي مون اتي سڀ ڪجهه چڱو، پُرسڪون ۽ دل کي وڻندڙ ڏٺو هو، اتي هاڻي بُک، غربت، بي علمي، مايوسي ۽ ڪرپشن اڳي کان تمام گهڻو وڌيل آهي.“ ”اڄڪلهه جي آفريڪي حڪومتن اتان جي عوام سان دغا ڪرڻ شروع ڪئي آهي. مغرب مان آيل ماهرن آفريڪا کي هڻي ساڙي ڇڏيو آهي. خيراتي ادارا (اين جي اوز) هر ٽپ تي آفريڪا جي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن. آفريڪن ليڊر چور چور جا پٽ آهن، جن آفريڪا جي عوام کان معصوميت به ڦري ورتي آهي.“ ”ڪافي سال اڳي جيڪو آفريڪا مون ڏٺو هو، تڏهن اتان جي سج جي روشني مون کي وڻندي هئي. ساوا پٽ ڏسي اکيون ٿڌيون ٿينديون هيون، ڳاڙهسريون شاهراهون هيون، کهريون ۽ وچ وچ مان ٽٽل ٽڪريون هيون، ائين لڳندو هو ڄڻ اهي ٽڪريون ڪنهن تازي ڪيڪ وانگر پچايل هجن. ٽڪرين جي مٿان آسمان جي وڻندڙ نيراڻ هئي....پر هاڻي اتي هٿيارن سان ڇليل جسم آهن، شراب جي نشي ۾ ٽٻ ٿيل ويڙهاڪ آهن، سياسي تشدد حد کان چڙهيل آهي ۽ جنهن پارٽيءَ جي حڪومت آهي، انهيءَ پارٽي جي نشامبر قميصن وارن خوني ٽهڙ ڇوڪرن جا ٽولا آهن، جن هڻي ملڪ کي دوزخ بڻائي ڇڏيو آهي.“ ”آفريڪا مان ايندڙ خبرن منهنجي پُٺ ڪا نه ڇڏي. انهن خبرن ۾ آپيشاهي حڪومتن جي ظلمن، قبائلي خانه جنگين، وبائن، ٻوڏين، ڪارن ڏڪارن، ڪاوڙيل ۽ خونخوار جنگي ٽولن ۽ ننڍي عمر جي ڇوڪرن طرفان ٿيندڙ مارا ماري ۽ ماڻهن جون ٽنگون ٻانهون وڍڻ جو عمل جاري هو. 1994ع ۾ رڳو روانڊا ۾ ٿيل قتلِ عام ۾ ڏهه لک ماڻهو ماريا ويا هئا. آفريڪا جون ڳاڙهسريون شاهراهون ته اڃا موجود آهن پر انهن شاهراهن تي پنهنجو پٽ ڇڏي ڀڄندڙ شيدين جا قافلا نظر اچن ٿا، انهن قافلن جي ماڻهن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿيل آهن ۽ بک وچان پيٽ پٺي سان لڳل آهن.“ هن وقت آمريڪا جي اسٽيٽ هوائي ۾ رهندڙ پال ٿيرو ڄائو به آمريڪا ۾ ۽ پڙهيو به آمريڪا ۾، پر جُتي جُتي تي چڙهيل هيس، سو آمريڪا جا سک ڇڏي ۽ ڀائيندڙ پيءُ کان نئڙت وچان موڪل وٺي هيءُ سهڻو جوان يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ انگريزي استاد وڃي ٿيو. انهيءَ وقت اڃا اتي گورن جو رعب داٻ هو. شام جو گورن جي تفريح طبع لاءِ ڌار ڪلب ٺهيل هئي، جتي گورا ڪامورا ۽ ماستر وڃي گڏ ٿيندا هئا، پر شيدين کي انهيءَ ڪلب جي ڀر مان لنگهڻ جي به اجازت نه هئي. پال ٿيرو ڪجهه شامون ته انهيءَ ڪلب ۾ گذاريون پر بقول سندس اهي گورا رڳو پنهنجيون ڪالرون ۽ ٽائيون ٺيڪ ڪرڻ ۾ پورا هوندا هئا، سندن گفتگو ۾ اجائي ٽرڙپائي، سطحي ذهنيت ۽ منافقت کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه نه هئي. انهن ٽرڙن ڪڪڙن کان بچڻ لاءِ هو پنهنجيون شامون آفريڪي طوائفن جي جهوپڙين ۾ گذارڻ لڳو. بقول سندس اهي طوائفون گورن کان وڌيڪ آزاد منش، ذهين ۽ عزت ڪرڻ ۽ عزت ڪرائڻ واريون هيون. اهي طوائفون گورن ماسترن وانگيان مادي ڪڪڙ بڻجي ٻانگ ڏيڻ وارن مان نه هيون ۽ منجهن هڪ قسم جو گريس هوندو هو. ائين پال ٿيرو کي سٺي ڪمپني ملي وئي، جنهن سان گڏ هو ٺرو به پيئندو هو ۽ رات به گذاريندو هو. پڙهائڻ دوران سندس ڌيان گورن جي بدران آفريڪين ڏانهن رهندو هو. پنهنجن ذات ڀائي گورن کان ٽٽل هن يار جي هڪڙي ته وري ايس نائپال سان ياري ٿي، جيڪا ٽيهه سال هلي، ٻئي پاسي جهوپڙين ۾ رهندڙ هڪ قدآور ۽ حسين نائيجرين ڇوڪريءَ جي زلفن جو اسير به بڻيو. پال ٿيرو يوگنڊا ۾ سٺي ۾ سٺو وقت گذاريو، پر ڪجهه سال رکي عيدي امين حڪومت سنڀالي ته ٻين گورن وانگيان کيس به يوگنڊا ڇڏڻو پيو. ٻيا ته آفريڪا ئي ڇڏي هليا ويا، پر پال ٿيرو يوگنڊا ڇڏي پنهنجي گم ٿيل محبوبه جي ڳولا ۾ جهنگ ووڙيندو رهيو. سندس يارڙي نه ملي ته نه ملي، ائين مايوس ٿي پال ٿيرو آفريڪا ڇڏي سينگارپور جا وڻ وسائيا ۽ اتي انگريزي جو ماستر بڻيو، پر سينگارپور ۾ به کيس سک نه آيو. بقول سندس اتان جي ٺڙڪ ٺڳي، ڌپ ۽ ڪن کائنس برداشت نه ٿيو. ائين هو برطانيا آيو، اتي به رهي ڪري کيس سک نه آيو. بقول سندس ته برطانيا هڪ سرد، تنها ۽ لاتعلق جزيرو آهي، انگريز تعصبي آهن، جيڪي ڪنهن به ٻاهرئين ملڪ جي ماڻهوءَ کي اک ۾ ڪنڊو سمجهن ٿا. پاڻ انگريز آمريڪا ۾ ته موجون ڪندا آهن پر ڪنهن آمريڪي کي برطانيا ۾ سهڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. انگريزن جي انهيءَ رويي کان تنگ ٿي واپس پنهنجي وطن آمريڪا ۾ بيمار پيءَ جا پير اچي جهليا، جنهن کيس آزادي جهڙي نعمت ڏني هئي، انهيءَ وچ ۾ هن ڪيترائي ڪتاب لکي بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي. حال حيات پال ٿيرو کي وري آفريڪا ڇڪ ڪئي ۽ ڪتاب Dark Star Safari ۾ آفريڪا وڃڻ جو سبب اجهو هنئين ٿو ڄاڻائي: ”آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ رهندي ڪري ماڻهو اوهان مٿان قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا اوهان کي ڊيڊ لائين ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. ڪو چوندو آهي ته مون کي 25 تاريخ تائين ڪنهن به صورت ۾ تنهنجي ڪتاب جو مسودو کپي، يا يار مهرباني ڪري جمع تي ڇپجندڙ منهنجو مضمون ضرور پڙهجان، يا هفتي اندر ڪم کپي، يا يار اربع تي ڪانفرنس رکي اٿئون، ضرور شرڪت ڪجانءِ، يا يار مون سان فون تي ڳالهائي وٺج، مون کي فلاڻي شيءِ فيڪس ڪجانءِ ۽ منهنجي اي ميل جو جواب ڏجانءِ، يا منهنجو موبائيل نمبر فلاڻو آهي ۽ هر وقت کليل رهندو آهي، جڏهن به ڪم پويئي ته ڪال ڪجانءِ وغيره وغيره. ائين اهڙن ماڻهن مون کي پنهنجي خواهشن جو غلام بڻائي ڇڏيو ۽ آئون کانئن ڊڄڻ لڳس، سو دل چيو ته اهڙو ملڪ ڳولجي جتي نه ڪا فون ٿئي، نه فيڪس مشين هجي، نه اي ميل جي وٺ هجي، نه ئي ڪا ٽپال پهچي سگهي، سو دل چيو ته آمريڪا جي ڪنهن به ماڻهوءَ جي مون تائين رسائي نه هجي.“ ائين پال ٿيرو رت ٿي سڀ ڪجهه پويان ڇڏي آفريڪا جو رخ رکيو، جيڪو کيس وڻندو رهيو هو، سندس پهرين منزل مصر هئي. مصر جي قديم تهذيبي تاريخ تي روشني وجهندي وجهند هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”خوبصورت تاريخي هنڌ تي وڃي روبرو ڏسڻ جو جيڪو مزو آهي، انهيءَ کي فوٽو گرافي جي هنر هڻي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا سفر دوران معلومات ملي ٿي، انهيءَ جو انٽرنيٽ خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي.“ اڳتي هلي هن جيڪي ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا. .مون همت نه هاري، سفر ڪندڙ ماڻهو کي ته دل جهلي اهڙي هنڌ وڃڻو پوندو جيڪو هن اڳ ۾ نه ڏٺو هجي. صحيح سفر اونداهه ۾ ٽپ ڏيڻ برابر آهي، باقي جيڪڏهن سندس منزل اڳ ۾ ئي ڏٺل هوندي ۽ هو اتي وڃڻ جو عادي هوندو ته انهيءَ کي ته آئون سفر ئي نه ٿو سمجهان. .سوڊان جا ماڻهون بنهين ڀلا آهن، حڪومت ظلمي ۽ واهيات ترين آهي، اها آهي سڄي آفريڪا جي اسٽوري. .دنيا گهمي ڏسندئو ته پاڻ ٻُڙي بڻجي ويندؤ. .وسيع ۽ اونداهي رڻ پٽ ۾ پهچي مون کي لڳو ته آئون ڪو ڪيڙوهجان. .هن مون کي چيو ”صدر ڪلنٽن شيطان آهي“ تنهن تي چيومانس ”آمريڪا جا تمام گهڻا ماڻهو به کيس شيطان سمجهن ٿا.“ .واري منهنجو وهاڻو آهي. .سماجي لڳ لاڳاپا سياسي لڳ لاڳاپن کان وڌيڪ گهرا آهن. .بارڊر بنهين پري آهي، جيڪي جڳهيون بنهين پري هونديون آهن، اهي اڻ ڄاتيون هونديون آهن، جيڪي جڳهيون اڻ ڄاتيون هونديون آهن، اهي خطرناڪ هونديون آهن. .گهر هليو وڃ، تون ويندين هليو ته وڻ پنهنجي ڌرتي تي وڌيڪ تيزي سان واڌ کائيندو ۽ ڦلاربو. .منهنجو اهو نجو پجو، خاص ۽ حقي واجبي تجربو آهي ته آفريڪا جي ڳوٺن ۾ امدادي ڪم ڪندڙ اين جي اوز جا ماڻهودل جا کنڊا، چور، ڪوڙا ۽ گهڻو ڪري حرامي ماڻهو آهن. .آفريڪي طوائف لاءِ جسم وڪڻڻ ته سولو آهي پر دل خريدڻ ڏکي آهي. .مغرب جي هڪ پيڙهي برابر آهي، آفريڪا جي ٻن پيڙهين جي آفريڪا ۾ ويهن سالن تائين پهچندي پهچندي ماڻهو کي اولاد ٿي ويندو آهي، ٽيهن سالن جي عمر تائين پهچڻ کانپوءِ سندس هڪ پير قبر ۾ هوندو آهي. .ٻيڙي تي ننڊ ڪرڻ کانپوءِ اٿيس ته مون کي چوڌاري زمين ڏسڻ ۾ نه پئي آئي، وڪٽوريا ڍنڍ آفريڪا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي، جيڪا ستاويهه هزار چورس ميلن تي پکڙيل آهي. .اڳي جي برعڪس هاڻي زمبابوي ۾ جتان ڪٿان جيڪا ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، اها نه ته استحصال جي باري ۾ آهي، نه طبقاتي ويڇن جي باري ۾ آهي ۽ نه ئي دولت جي باري ۾ آهي، جي آهي ته رڳو انهيءَ جي باري ۾ آهي ته پيٽ جو بر ڀرڻ لاءِ ماني ڪٿان هٿ ڪجي. .ڪانگو ۾ ايڏي ته بک آهي جو ٽورنٽو جي ميئر کي اهي لفظ چوڻا چئجي ويا ته، ”ڪانگو وڃي ديڳڙي ۾ رڌجڻ نٿو چاهيان، مون کي ڪهي کائي ويندا.“ .اوڀر آفريڪا ۾ زندگي ايتري ته سستي آهي جو اتان جي ماڻهن ايندڙ وقت جي باري ۾ سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. ٻئي سال ڇا هوندو؟ ڪجهه به نه هوندو. .ماني جي هڪ ٽڪ تي هڪ ماڻهو جو جيڪو خرچ سٺي آمريڪي ريسٽورنٽ ۾ اچي ٿو، اوترو ملاويءَ ۾ هڪ سال جي ويلن جي مانيءَ جي برابر آهي. .امير ۽ سکئي ستابي ملڪ سائوٿ آفريڪا ۾ سراسر هر سال ويهه هزار خون ٿيندا آهن، ٻاونجاهه هزار عورتون زوري زنا جو شڪار ٿينديون آهن ۽ ننڍا ٻار به. اتان جي ماڻهن ۾ اهو وهم ويٺل آهي ته جي ٻار سان زوري زنا ڪبي ته ايڊز جي بيماري ڇڏي ويندي. .قانون ٽوڙڻ جو ڪم حڪومتون ئي ڪنديون آهن. خير اهي ته ٿيا ڪتاب مان کنيل ڪجهه ٽڪرا، جن مان آفريڪا جي سياسي، سماجي، نفسياتي ۽ سياسي حالتن جو پتو پوي ٿو، پر هن ڪتاب ۾ پال ٿيرو ٻيو به گهڻو ڪجهه لکيو آهي. هن ثابتيون ڏيندي ۽ لوهه تي ليڪو ڪڍندي لکيو آهي ته ايڊز جي بيماريءَ آفريڪا مان جنم نه ورتو آهي، پر مغرب مان لٿل عيسائي مبلغن، بين الاقوامي خيراتي ادارن ۽ اين جي اوز وارن گورن ئي آفريڪا جي ماڻهن کي ايڊز جو تحفو ڏنو آهي. چاليهه سال اڳ هن پاڻ آفريڪين سان زندگي گذاري هئي، تڏهن اتي ايڊز جو نالو نشان نه هو ۽ سراسري عمر ساٺيڪو سال کان چڙهيل هئي ۽ اهي ماڻهو گورن کان وڌيڪ جسماني سگهه رکندا هئا. چاليهن سالن کان پوءِ پاڻ جڏهن قاهره کان ڪيپ ٽائون تائين آفريڪا جو رولڙو ڪڍيائين ته کيس اها خبر پئي ته اڳئين پيڙهيءَ جي معصوم، ساده دل ۽ بيوس آفريڪين کي اهو شعور ئي نه هو ته گورا کين ايڊز جي بيماريءَ جو شڪار بڻائي رهيا آهن. انهيءَ لاعلميءَ جي نتيجي ۾ حالت اتي وڃي بيٺي آهي، جو هاڻي آفريڪين جي سراسري عمر ويهارو سال وڃي بچي آهي. گورا انهيءَ پروپئگنڊا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ته ايڊز جي بيماري آفريڪا مان پکڙي آهي. ٻين ملڪن جا ماڻهو به الائي ڇو مغرب جي ڳالهه ٿا ٻڌن. اردو ۾ چوڻي آهي ته، ”الڻا چور کوڻوال کو ڊانٽي“ ڏوهي پاڻ گورا ۽ پنهنجو ڏوهه هڻن غريب آفريڪيءَ جي مٿي تي. انهيءَ کان علاوه هڪ حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته پهرين سنڌيالاجسٽ رچرڊ برٽن نه رڳو سنڌ، سعودي عرب ۽ مصر جو سفر ڪندي اتان بابت ڪتاب لکيا، پر رچرڊ برٽن انهن سڀني آفريڪي ملڪن ۾وڃي اتان جي حالتن بابت به ڪتاب لکيا آهن، جن ملڪن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو پال ٿيرو هن ڪتاب ۾ ٽپ تي آفريڪا جي ماضي جي حالتن جو ذڪر ڪندي رچرڊ برٽن جا حوالا ڏيندو نظر ٿو اچي. ائين زمان حال جو خفتي ليکڪ پال ٿيرو ماضيءَ جي خفتي ليکڪ رچرڊ برٽن جو تسلسل آهي. رچرڊ برٽن جيئن ته پهريون سنڌيالاجسٽ آهي، تنهن ڪري اسان کي کپي ته سندس ٻيا ڪتاب به هٿ ڪريون، جيڪي آفريڪا جي باري ۾ آهن، جن کان پال ٿيرو جهڙو ڊبنگ ليکڪ به متاثر نظر اچي ٿو.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ لوڪ ڪهاڻين ۾ آزاديءَ جو تصور جمع 2 مئي 2008ع جيڪڏهن دنيا جهان جي هاڪاريل شاعريءَ تي وڏي ڳڻ ڳوت ڪري نظر وجهجي ته ماضيءَ ۾ ايترا ڪيئي شاعر ٿي گذريا آهن، جن مختلف ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ ڪهاڻين جي ڪردارن کي کڻي، انهن کي بنياد بڻائي شاهوڪار شاعري ڪئي آهي. ٻيو ته ٺهيو پر جيڪڏهن اسان موجوده دور جي اعليٰ سنڌي شاعريءَ جو به جائزو وٺنداسين يا سنڌي شاعري کي رڳو اک مان ڪڍنداسين ته هِن دور جي ٽن غير معمولي شاعرن جهڙوڪ شيخ اياز (مرحوم)، امداد حسيني ۽ حسن درس جي شاعريءَ ۾ به اسان کي ڪٿي ڏندڪٿائن ته ڪٿي لوڪ ڪٿائن جا ڪردار ڳائبا وڄائبا نظر ايندا. ظاهر آهي ته لطيف سائين شاعري جي دنيا ۾ وڏي رِپَ آهي ۽ سندس شاعري جا ڪيئي رخ ۽ تهه آهن. لطيف سائين جي گهڻ رخي ۽ معنويت سان ڀرپور شاعري کي جڏهن حال سارو پڙهجي ۽ سمجهجي ٿو ته سندس شاعري ۾ ست سورميون ملن ٿيون، جيڪي ستن لوڪ ڪهاڻين جون مک ڪردار آهن. لوڪ ڪهاڻين جي انهن ڪردارن کي بنياد بنائيندي لطيف سائين ڪئين رمزون رکيون آهن، يا ٻين لفظن ۾ اسان اهو به چئي سگهون ٿا ته اهي ڪردار لطيف سائين شاعري ۾ علامتن (Symbols) جي صورت اختيار ڪري گهڙيا آهن. لطيف سائين جي شاعري ۾ سندس دور جي عوامي سماجي تاريخ ته ڪڍي سگهجي ٿي، سائين ابراهيم جويي انهي سلسلي ۾ ڪم به ڪيو آهي ۽ اهو ڪم اڃا به ڪرڻ گهرجي، پر لطيف سائين جي شاعري مان جيڪڏهن دربارن، بادشاهن ۽ حڪمرانن جي تاريخ ڪڍبي ته پوءِ وڃي اوجهڙ ۾ پئبو. ائين ئي جيڪڏهن اسان جا ڪي دوست لطيف سائين جي رمزيت کي ڇڏي لوڪ ڪهاڻين سان رڳو ڪنهن ڪردار کي حقيقي تاريخ بڻائي، انهيءَ جو اصل نسل ڪڍندا ته هڪڙي پاسي لطيف سائين جي معنويت کي ڌڪ لڳندو ته ٻئي پاسي خود ڪردار به پنهنجي معنيٰ وڃائي وجهندو ۽ ٽئي پاسي اها شاعري پڙهندڙ به مُنجهي اوليت کي ڇڏي ثانويت تي وڃي ڪرندو. اڄ ٻين لوڪ ڪردارن کي ڇڏي ماروئي جو لطيف سائين جي حوالي سان ذڪر ڪبو ته تاريخ ڇا آهي ۽ لوڪ ڪهاڻي ڇا آهي. لطيف سائين جي شاعري ۾ جيڪڏهن اسان مارئي جو اصل نسل ۽ تاريخ ڪڍنداسين ته پوءِ ڪجهه قصو هن ريت وڃي بيهندو ته لطيف سائين وٽ هڪڙي هنڌ مارئي پنهنجن مائٽن کي ”مارو“ سڏي ياد ڪندي اچي ٿي، ٻئي هنڌ مائٽن طور ”ساهڙ“ پڪاريندي نظر اچي ٿي، ٽئي هنڌ مارئي جا مائٽ ”ويڙهيچا“ نظر اچن ٿا ۽ چوٿين هنڌ مارئي پنهنجا مائٽ ”سانگي“ سڏي ٿي. ٻئي پاسي حقيقت اها آهي ته ”مارو“ ريٻاڙين جي نک آهن، ”ساهڙ“ وري نهڙين جي نُک آهن، ”ويڙهيجا“ جوڻيجن جي نک آهن، (هيءُ بندو به ويڙهيچو جوڻيجو آهي) ۽ ”سانگي“ وري ابڙن جي نک آهن (جمال ابڙو مرحوم به سانگي ابڙو) انهيءَ حساب جيڪڏهن اسان تاريخ ۾ هٿ هٿ هڻندي مارئي جي اصل نسل کي ڏسنداسين ته مارئي هڪ ئي وقت چئن ذاتين جهڙوڪ ”ريٻاڙين“، ”نهڙين“، ”جوڻيجن“ ۽ ”ابڙن“ جي ڄائي نظر اچي ٿي. ظاهر آهي ته سنڌ جو وڻ وڻ ووڙيندڙ لطيف سائين کان ڪي اهي ذاتيون ڳجهيون ته نه رهيون هونديون. اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به ته ڪنهن هڪ عورت جون چار ذاتيون ٿي ئي نٿيون سگهن، پوءِ به جو لطيف سائين مارئي جون چار ذاتيون ڄاڻايون آهن ته معنيٰ ته لطيف سائين انهي ۾ ڪا رمز رکي آهي ۽ مارئي کي رمز جو اهڃاڻ (Symbol) بڻائي پيش ڪيو آهي. لطيف سائين جي شاعري ۾ جيئن ”سسئي“ لاڳيتي جدوجهد جو اُهڃاڻ آهي، جيئن ”سهڻي“ همت جو اهڃاڻ آهي، جيئن ”نوري“ غير طبقاتي معاشري جو اهڃاڻ آهي ۽ جيئن ”ليلا“ لوڀ لالچ جو اهڃاڻ آهي، ائين ئي ”مارئي“ آزادي جو اهڃاڻ آهي. پر هتي وري سوال اٿي ٿو ته مارئي جو ڪردار ڪهڙي آزاديءَ جو اهڃاڻ آهي. ظاهر آهي ته اها ڪا هڪڙي آزادي ناهي، ڇاڪاڻ ته لطيف سائين تهه در تهه گهڻ پاسائون شاعر آهي. انهيءَ کان وڌيڪ ڇا ٿي سگهي ٿو ته لطيف سائين الائي ڪيترا سال اڳ ڪائنات (Cosmos) جي اها ئي ماهيت بيان ڪئي آهي، جيڪا هن دور جي فزڪس جي سائنسدان ڪارل ساگان مرحوم ناسا جي آمريڪي سائنسي اداري ۾ ويهي ڪائنات تي دوربينيءَ کان وٺي سـُپر ڪمپيوٽر تي ريسرچ ڪندي پنهنجن ٻن ڪتابن هر هڪ ”Billions and Billions“ ۽ ”Cosmos“ ۾ بيان ڪئي آهي. اهڙي ساڳي طرح لطيف سائين جي شاعري ۾ هن دور جا جديد ادبي رويا جهڙوڪ Sur-Realism ۽ Existentialism کان وٺي Dirty modernism تائين ملن ٿا. ظاهر آهي ته اهڙي دور رس شاعر وٽ به آزادي جا به گهڻا قسم ملڻ گهرجن. مارئي جي ڪردار ۾ موجود انهن آزادين ۾ پهرين جيڪا آزادي ملي ٿي، اها آهي شخصي آزادي پر اها شخصي آزادي ڇڙواڳي ناهي. چون ٿا ته هڪڙو انگريز پنهنجي شهر جي فوٽ پاٿ تي نيٽ گهمائيندو پئي ويو، ڇاڪاڻ جو اها سندس شخصي آزادي هئي پر هلندي هلندي اهو نيٽ وڃي ٻئي انگريز جي نڪ کي لڳو ته اهو ڪاوڙجي پيو ۽ کيس ڇنڊ پٽيائين، جنهن تي نيٽ واري کيس چيو ته، ”نيٽ گهمائي هلڻ منهنجي شخصي آزادي آهي.“ تنهن تي ڪاوڙيل همراهه کيس چيو ته ”ميان تنهنجي شخصي آزادي“ جي حد منهنجي نڪ تائين آهي، منهنجي نڪ کان پوءِ منهنجي شخصي آزادي شروع ٿئي ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئون ته لطيف سائين مارئي جي ڪردار جي صورت ۾ جيڪا شخصي آزادي بيان ڪئي آهي، اها هڪ اهڙي قسم جي آزادي آهي، جيڪا ٻئي جي آزادي جو حق نه ماري. ٻئي آزادي آهي ”سماجي آزادي“ جنهن جو مطلب اهو آهي ته ڪو به سماج ريتين ۽ رسمن ۾ ايترو ڦاٿل نه هجي، جو فرد جا حق واسطا ختم ڪري کيس ريتن رسمن جي سـنگهرن ۾ ٻڌي غلام بڻائي ڇڏي ۽ اهو غلام سماج جي ڏاڍ جو شڪار ٿيندو رهي، جنهن جي نتيجي ۾ هو آزاد انسان ٿيڻ بدران رموٽ ڪنٽرول تي هلندڙ روبوٽ بڻجي وڃي. ويهارو سال کن اڳ محترمه بينظير ڀٽو شهيد هيرالڊ رسالي کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته، ”سماج جا علائقا نه ٿيندا آهن.“ سو اسان وٽ به سماج جا ڪيترائي تهه اهڙا به آهن، جن ۾ اڃا تائين فرد سماج جي ريتين رسمن جو غلام بڻيل آهي. لطيف سائين ڪيترائي سال اڳ مارئي جي ڪردار جي حوالي سان اها ڳالهه ڪئي آهي. ٽئي آزادي آهي ”فڪري آزادي“ ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئون ته هر معاشري ۽ هر ملڪ ۾ ٽه طرفي فڪري آزادي هئڻ کپي. مطلب ته حڪومت طرفان لکندڙن ۽ ڳالهائيندڙن کي پنهنجن خيالن جي اظهار جو حق هجي. پوءِ اها ڳالهه حڪومت کي وڻي يا نه وڻي. اهڙي ساڳئي طرح هر فرد تي اهو فرض قائم ٿو ٿئي ته اهو ٻئي فرد جا چپ سبڻ جي ڪوشش نه ڪري. هن وقت اسان حڪومت کان ته فڪري آزادي گهرون ٿا، پر هڪ ٻئي کي اها آزادي ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون. پر انهيءَ فڪري آزادي کي ڇڙواڳي سمجهي ڪنهن تي اجايا الزام نه هڻجن، فڪري بخشا بحشيءَ کي ذاتي دشمنيءَ ۾ تبديل نه ڪجي. مارئي انهيءَ آزاديءَ جو به اهڃاڻ آهي. چوٿين آزادي آهي ”سياسي آزادي“ جنهن جو صاف صاف مطلب اهو آهي ته ماڻهن جو ڪو به اڪثريتي گروهه جيڪڏهن ڪنهن کان الڳ ٿيڻ چاهي ٿو يا ڪنهن سان ڳنڍجڻ چاهي ٿو ته اها آزادي کيس ملڻ کپي. اهڙي ساڳئي طرح ڪو به اڪثريتي گروهه پنهنجي مرضيءَ جي حڪومت ٺاهڻ چاهي ٿو، پنهنجي علائقي جا حق وٺڻ گهري ٿو ته اهو انهيءَ ۾ آزاد آهي. جيڪڏهن ڪو ڪنهن به فورم ۾ پنهنجي سياسي فڪر جو اظهار ڪري ٿو ته اهو به انهيءَ جو حق آهي. پر ڏنڊي هلائڻ جو حق نه رياست کي آهي نه حڪومت کي آهي ۽ نه ئي ڪنهن فرد کي آهي. سياسي آزاديءَ جي وڏي ۾ وڏي خوبصورتي اها ئي آهي، جنهن جو لطيف سائين مارئيءَ جي روپ ۾ اظهار ڪيو آهي. پنجين آزادي آهي ”مالي آزادي.“ مالي آزاديءَ جو ڪو اهو مطلب ناهي ته چند سرمائيدار ۽ وڏا زميندار غريب ماڻهوءَ کي ڀيلي چٽ ڪن يا دنيا جون چند ڪارپوريٽس (Corporate) سڄي دنيا کي ڦري وڃي زمين سان لڳائين ۽ ماڻهو اٽي توڙي اجهي کان محروم ٿي وڃي تري سان لڳن. پر لطيف سائين جي بيان ڪيل اها آزادي آهي عوام جي، هارين نارين جي، مزدور مڙهن جي ۽ سندن پورهئي ۽ پگهر جي ڪمائيءَ جي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئون ته هن دنيا ۾ جيڪو به جتي ماڻهو رهي ٿو، اهو مالي طور تي آزاد هئڻ کپي. مٿس ڪنهن به قسم جو مالي دٻاءُ نه هجي، جو هو انهيءَ دٻاءَ هيٺ اچي پنهنجيون ٻيون آزاديون به وڃائي وڃي رهي. هونئن به ماڻهو جڏهن مالي طور تي آزاد نه هوندو ته کائنس سندس سمجهه، معصوميت، چڱائي، ذهانت، تخليقي سگهه ۽ هاڪاري رويا ڦرجي ويندا. پيٽ خالي هوندو ۽ ٺلهو دهل وانگر پيو وڄندو. مالي آزاديءَ کي اسان شاهه عنايت شهيد جي لفظن ۾ ”جيڪو کيڙي، سو کائي“ چئي سگهون ٿا. ذهني پورهيو ڪندڙ کي اهو حق مليل ناهي ته هو جسماني پورهيو ڪندڙ کان سندس مالي آزادي ڦري وٺي. ٽيڪنوڪريٽ کي اها اجازت مليل ناهي ته هو پنهنجي ڄاڻ جي زور تي ٻين جا گهر خالي ڪري. پاڻ کي سول سوسائٽي سمجهندڙ ماڻهن کي اهو حق ناهي ته هو عوام جا حق ختم ڪن، جن ۾ مالي حق به اچي ويندا. اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته چند ماڻهو پنهنجا ڀڀ ڀريو هلن ۽ غريب عوام بک مرندو وتي. مالي آزادي ته اها ئي آهي ته غريب عوام فڪرات کان آجو هجي. آئون اهو ڪو نه ٿو چوان ته لطيف سائين ڪيئي سال اڳ ڪارل مارڪس يا لينن کي اک ۾ رکيو ويٺو هو ۽ کانئن متاثر ٿيو. لطيف سائينءَ ته مارئيءَ جي واتان مختلف آزادين جو ذڪر ڪيو آهي ۽ جهر جهنگ رُلندي، عام ماڻهن جون حالتون ڏسندي ”مالي آزاديءَ“ جو فلسفو ڏنو آهي. هن جيڪي ڪجهه ڏٺو سو چيو. لطيف سائين سر مارئي ذريعي ”مالي آزادي“ کان علاوه ”روحاني آزادي“ جو به ذڪر ڪيو آهي. جنهن کي سمجهائڻ لاءِ ڌار مضمون جي ضرورت آهي. سو جيڪڏهن اسان لطيف جي شاعريءَ جي روح تائين پهچنداسين ته اسان کي اهو ئي نتيجو ملندو ته هن ٻين سورمين جي لوڪ ڪهاڻين سان گڏوگڏ عمر مارئي جي لوڪ ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار مارئي جي ذريعي علم جا ڪئين در دريون کولي ڇڏيا آهن، جن کي سمجهڻ ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه کپي ٿو. سڀاڻي جيڪڏهن لطيف سائين جي شاعري ذريعي مارئيءَ جي ڪردار تي ڪنهن کي ڪا ويب سائيٽ ٺاهي ٻي دنيا جي ماڻهن تائين معلومات رسائڻي آهي ته انهن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ کپي ته مغرب ۾ توڙي ڪنهن به سڌريل ملڪ جو ماڻهو عقليت پسند آهي، انهيءَ ڪري ڳالهه اهڙي ڪرڻ گهرجي جيڪا قابلِ اعتبار هجي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ چوندا آهن To make believe it جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ٻاهران ڏاڍا ڏنگا سوال ايندا، جن جو اسان وٽ ڪو به جواب موجود نه هوندو. انهيءَ ڪري منهنجو عرض آهي ته عمر مارئيءَ جي اسٽوريءَ کي جيئن جو تيئن ويب سائيٽ تي ڇڏڻ جي بدران لطيف سائينءَ جي لفظن ۾ بيان ڪيل مارئيءَ جي معنويت کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ گهرجي ۽ لطيف سائينءَ جي روح کي نه رنجائجي. باقي رهيو سوال مارئي جي تاريخ ۽ جاگرافيائيءَ جو پتو لڳائڻ ته اهو ڪم روايتي تاريخدان ئي ڪري سگهن ٿا. سندن فيصلو اسان جي اکين تي هوندو.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ اڪيلائي جو ڪاڪ محل جمع 23 مئي 2008ع ٿيندو ته ائين آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائر ٿيندو آهي ته اهو زندگي جي ٻين ڪمن تان به رٽائر ٿي ويندو آهي، پر پاڻ جو قصو انهيءَ جي ابتڙ آهي ۽ فقير ويران وير وڌو آهي. جيستائين سنڌ سرڪار جي نوڪري پئي هلي، تيستائين مواد اندر ۾ پئي گڏ ٿيو، هاڻي جڏهن آجا ٿيا آهن ته اهو مواد ٻاهر اچڻ لاءِ آتو آهي ۽ قلم سراڻ تي چڙهيل آهي ته جيئن قلم جي ڌار تيز ٿئي. جڏهن آئون سنڌ سرڪار جي ڏنل آفيس ۾ ويٺس ته ڀائو گوبند ميگهواڙ جو موبائيل فون تي نياپو آيو ته ”نيٺ وڃي پڃري ۾ بند ٿئين.“ جواب ڏنومانس ته، ”پڃري جي به ته خبر وٺان ته ڇاپيو ٿئي. لکندڙ جو وڏو ڪم ئي آهي خبر ڪڍڻ.“ پوءِ تازو ئي جڏهن نوڪري تان لٿس ته ساڳئي گوبند جو نياپو آيو ته ”نيٺ پڃري مان آزاد ٿي وئين“ ته جواب ڏنو مانس ته ”نوڪري واري پڃري مان آزاد ٿي آزادي جي وڏي پڃري ۾ قيد ٿي ويو آهيان، هاڻي منهنجيون ذميواريون وڌي ويون آهن، اها آزادي ڳچي ۾ پئجي وئي اٿم. پڙهڻ وارا ته پڇندا ته اڳي ته نوڪري پئي ڪيئي هاڻي قلم آزاد اٿئي، لک ته پڙهون.“ سو ائين شروعات ڪيون ٿا اوڪتاويو پاز (Octavio Paz) جي ڪتاب The Labyrinth Of Solitude (اڪيلائي جو ڪاڪ محل) کان. موجوده دور ۾ ميڊيا ۽ ريسرچ جي حساب سان واکاڻيل وڏيري ليکڪا ۽ مبصر عائشه صديقه ويهارو سال کن اڳ لاهور مان مون کي اوچتو اوچتو فون ڪري پنهنجو تعارف ڪرائڻ کان پوءِ مون کي چيو ته آئون چاهيان ٿي ته هن ڀيري منهنجي ماءُ جميله هاشمي جي ورسي جي موقعي تي صرف سنڌي ليکڪ اچي ڳالهائين. توکي هر صورت ۾ اچڻو ئي اچڻو آهي، پر پاڻ سان گڏ ڪو نوجوان سنڌي ليکڪ آڻڻ تنهنجي بلي آهي، باقي ڀاڙن ڀتن ۽ رهائش جو خرچ منهنجي بلي آهي. سندس خواهش کي نظر ۾ رکندي مون کي هڪ ئي نالو هٿ آيو حسن درس جو. انهيءَ زماني ۾ حسن درس شاعري جي زمين مان تيزي سان اوڀڙ کاڌي هئي. بظاهر ميٽرڪ جو شاگرد لڳندڙ حسن درس جي شاعريءَ ۾ ايڏي تک هئي، جيڏي جبل مان اٿندڙ اهڙي نئين ۾ هوندي آهي، جيڪا هيٺ لهڻ کانپوءِ سانوڻي ۾ درياءَ کي وچ مان چيري ٻئي ڪپر ڏانهن هلي ويندي آهي. سندس شاعريءَ ۾ لوڪ ڏاهپ، روايتن ۽ جدت جو خوبصورت امتزاج آهي. ادب جي اسٽيبلشمينٽ سندس نئين آواز کي اڃا نه ڇهيو هو. (شايد اڃا به نه قبول ڪن) پر سندس شاعري منهنجي دماغ جي ڪاڪ محل ۾ گهر ڪري ويئي هئي. ائين آئون کيس ساڻ ڪري جڏهن لاهور جي ايئرپورٽ مان ٻاهر آيس ته کيس ڏسي عائشه صديقه وائڙي ٿي وئي ته اهو ٻار سندس ماءُ يعني اردو ادب جي انتهائي وڏي نالي جميله هاشميءَ تي ڇا ڳالهائيندو، جنهن جو صرف قد ڊگهو آهي ۽ شڪل موچاري آهي. پر پوءِ لاهور جي پي سي جي حال ۾ ويٺل گڻنگ اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ ڊرامه نگارن جي اڳيان حسن درس اسٽيج تي بيهي ڀڙڪو کاڌو ته حال ۾ اهڙي چپ ٿي وئي، جو سُئي ڪري ته به آواز ڪري. جڏهن سندس تقرير پوري ٿي ته پورا پندرنهن منٽ تاڙيون پئي وڳيون. حسن درس انهيءَ زوردار تقرير ۾ ٻه ٽي حوالا اڪتاويو پاز جا به ڏنا. اڪتا ويو پاز حقيقت ڪري پڇو ته پهريون تعارف هو ته اهو شاعر ڪيڏو وڏو ماڻهو آهي. حسن درس اجهو هي حوالا ڏنا: .اسان جي هيءَ ويهين صدي وڏي ۾ وڏي ديڳ آهي، جنهن ۾تاريخ جا سڀ دور اوٻاربا، کامندا، ڳرندا ۽ هڪ ٻئي ۾ جذب ٿيندا نظر اچن ٿا. .ڇپري ۾ داڻا آهن، گهڻا نه پر ٿورا آهن، ٻاهر آزادي جا ويرانا آهن. .حقيقت اها ڏاڪڻ آهي، جيڪا نه ڪو هيٺ ٿي وڃي ۽ نه ڪو مٿي ٿي وڃي. .ميرو جون ٺاهيل تصويرون ڏسي مون کي لڳندو آهي ته هو پنج هزار سالن جي عمر جو ٻار هجي. حسن درس جتي لاهور ۾ سنڌ جو مان مٿانهون ڪيو، اتي هن مون کي اوڪتاويو پاز جي پويان لڳائي ڇڏيو. هڻي ڌُڻي پنجن سالن کان پوءِ مون کي اوڪتاويو پاز جي شاعريءَ جو ته ڪو ڪتاب ملي نه سگهيو پر سندس نثري ڪتاب The Labyrinth Of Solitude (اڪيلائي جو ڪاڪ محل) مليو، پر اهو ڪتاب اڃا پڙهان ئي پڙهان تنهن کان اڳ منهنجي هٿن مان کسڪي ويو ۽ آئون هٿ مليندو رهجي ويس، پر ٽي چار مهينا اڳ اميزان بوڪ هائوس، نيويارڪ جي مهربانين سان نه رڳو اهو ڪتاب هٿ آيو پر سندس ٻيو نثري ڪتاب Convergences به ملي ويو، باقي سندس شاعري نه هٿ آئي ته نه آئي. 398 صفحن تي ٻڌل ۽ واٽر پروف ڪاغذ تي ڇپيل هي ڪتاب The Labyrinth Of Solitude جي ڪل قيمت 15 ڊالر آهي. هن وقت ڊالر جي قيمت 70 رپين تائين پهچي چڪي آهي. هي ڪتاب آمريڪا ۽ يورپ جي باغي ليکڪن جي شاهڪار تخليقن کي ڇاپيندڙ اداري گروو پريس (Grove Press) ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. 1990ع ۾ ادب جو نوبل انعام حاصل ڪندڙ ميڪسيڪن شاعر اوڪتاويو پاز تخليقڪار هئڻ سان گڏ هڪ وڏو عالم به نظر اچي ٿو، جنهن جو هيءُ ڪتاب شاهدي ڏيو بيٺو آهي. هن ڪتاب ۾ جمع ٿيل مختلف مضمونن ۾ ليکڪ قديم مذهبي رسمن کان وٺي آمريڪا جي جديد مصوري تائين انڊيا جي قديم ۽ 25 ڪتابن جو مصنف مجسمه سازيءَ کان وٺي پيار جي جذبي تائين ۽ مختلف دورن جي سياسي نظرين کان وٺي حسنِ جماليات کي ڇهندڙ لکڻين تائين، (جن ۾ جپان جو هائيڪو به اچي وڃي ٿو) ايڏي ته گهرائي سان جائزو ورتو آهي جو هن دور ۾ رهندي ڪري به زندگيءَ جا ڪيئي لڪل پاسا سامهون اچن ٿا، جيڪي پڙهندڙن کي وائڙو ڪري ڇڏين ٿا. کاٻي ڌر جو شاعر هوندي ڪري به اوڪتاويو پاز کاٻي ڌر کان ناراض به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جو ڪارڻ شايد ون پارٽي رول ئي آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ ون پارٽي رول قائم هوندو آهي ته اهو فرد کي نشانو بڻائيندو آهي ۽ خاص طور تي اديبن، شاعرن، صحافين کي ئي هڪرو هڪڙو ڪري کيس ڏينهن جا تارا ڏيکاريا ويندا آهن. هن ڪتاب جي چٽائي ڪرڻ لاءِ لطيف سائينءَ جي هڪ سٽ ڪافي آهي ۽ اها آهي ”لوڪ وهي لهوارو، تون وهه اوڀارو“ ائين ئي جيئن پلو درياءَ ۾ اوڀارو رهندو آهي، هيءُ ڪتاب پڙهي لڳي ٿو ته سچ جو نه ته ڪو بارڊر آهي، نه ڪو انت آهي، نه ڪو زمان مڪان آهي ۽ نه ڪا ٻولي آهي ۽ نه ئي ڪو اشارو آهي. فرانس ۽ انڊيا ۾ سفير ٿي رهندڙ هيءُ ليکڪ شاعر کان وڌيڪ نثر نويس آهي ته گڏوگڏ نثر نويس کان وڌيڪ شاعر آهي. سندس ٻئي پُڙ ڳرا آهن، پر ايڏا ڳرا آهن جو توري به نٿا سگهجن. سندس هيءُ ڪتاب هڪڙي پاسي دل کي چيرا ٿو ڏئي ته ٻئي پاسي دماغ کي ڌوڻيو ڦٽو ٿو ڪري. جڏهن به هڪ ئي ليکڪ ۾ شاعر، مضمون نگار، ڊرامه نگار، سوشل ائنٿراپالاجسٽ ويٺل هجن ته انهن کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي. ظاهر آهي ته هن بندي جي قلم ۾ ايڏي سگهه ناهي، جو هن ڪتاب جو پورو تجزيو ڪري سگهي، تنهن ڪري باقي ڪم ڇڏيون ٿا ڪتاب مان کنيل ڪجهه ٽڪرن تي. .هتان (ميڪسيڪو) کان آمريڪا پري ناهي، انهيءَ ڪري ڪيترائي ميڪسيڪن بارڊر پار ڪري آمريڪا هليا ويندا آهن. آمريڪا ۾ پهچڻ کان پوءِ اهي همراهه آمريڪي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، وات چٻو ڪري نڪ مان آمريڪي لهجي ۾ انگريزي ڳالهائيندا آهن، ٽوپليءَ کان وٺي جوتن تائين آمريڪي لباس پائيندا آهن، جينز به آمريڪي، گنجي به آمريڪي ۽ انڊرويئر به آمريڪي. پر انهن جي هيٺان اهي ئي ميڪسيڪن هوندا آهن. .پنهنجو پاڻ کي ڳولي دنگ ڪندئو ته اوهان جي سامهون اها حقيقت نظر ايندي ته اوهان هن دنيا ۾ اڪيلا آهيو، پر جيڪڏهن پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيندئو ته اوهان کي ڪيئي ماڻهو اوهان سان گڏ نظر ايندا. .بي ڊپي دل ته ڏکن کي به ٻهروپيو بڻايو ڇڏي. .اسپنشن ۽ انڊين تهذيبي ورثي جي اثرات اسان کي ميڙا مچائڻ، فارمولن کي زندگيءَ تي مڙهڻ ۽ حاڪمن جو حڪم مڃڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو آهي. .ڪوئي آخر ڪيستائين ڪوڙ ڳالهائيندو، ڇا ڪو ئي انهيءَ ڪري ڪوڙ ٿو ڳالهائي ته ٻين کي دوکو ڏئي سگهي؟ ڇا ڪوئي ڪوڙ ڳالهائي، سڀ کان پهرين پنهنجو پاڻ کي ته دوکي جو نشانو نٿو بڻائي؟ جڏهن ڪوئي ٻين سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو هوندو آهي ته اصل ۾ هو پنهنجو پاڻ سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙو ماڻهو پنهنجو پاڻ کان ڊنل هوندو آهي. .اسان ماڻهن کي کپي ته رڳو مزو وٺڻ لاءِ ڪوڙ هڻون، ائين جيئن ڪوئي تصوراتي آکاڻي ٻڌائي مزو وٺندو آهي، يا ڪو ئي ڀوڳ ڪرڻ لاءِ ڪوڙ هڻندو آهي، پر اسان ائين ڪو نه ڪندا آهيون، اسان ته پنهنجو پاڻ کي ڍڪ رکڻ لاءِ ڪوڙ هڻندا آهيون ته متان ڪو ٻيو ماڻهو اسان جي اندر جي اوگهڙ ڏسي وڃي. اسان جا هنيل ڪوڙ اسان جي روزمرهه زندگيءَ کي، اسان جي سياست کي، اسان جي دوستين ۽ محبتن کي ۽ اسان جي عوام کي دوکي جي کڏ ۾ ڪيرائي وجهندا آهن. .اسان کي جيڪڏهن پنهنجي ملڪ ۾ موجود بُک، غربت، بيوسيءَ جي ڪٿ ڪرڻي آهي ته پوءِ اسان کي جهوپڙين جي ڳڻپ جي بدران امير ماڻهن جي وڏن وڏن بنگلن جي ڳڻپ ڪرڻ کپي. .خواهش هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جو ڪو جواب ناهي. .پروپيگنڊا اڌورين سچائين جي صورت ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي پکڙبي آهي، انهيءَ کان پوءِ انهن اڌورين ۽ اڻ پورين سچائين ۽ ڪوڙن کي پاڻ ۾ گڏ ڪري سياسي نظريا گهڙي عوام جي مٿي ۾ هنيا ويندا آهن، پر عوام بار بار انهيءَ سياستبازي کي نجو پجو سچ سمجهي دوکو کائيندو رهندو آهي، ائين ڪوڙا سياسي واعدا عوام لاءِ زخم بڻجڻ جي بدران گلن مٺ بڻجندا رهندا آهن. .مارڪسزم نظريو ناهي، پر تاريخ آهي. .ويهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ اسان تصورن، سوچ، نظرين، نظامن کي ڀڄندي ڀرندي ڏٺو آهي. .اسان هڪ ٻئي سان رابطو پيدا ڪرڻ لاءِ ٻولي استعمال ڪندا آهيون، پر گڏوگڏ ٻولي وري اسان کي آوازن ۽ معنائن سان اڻ لکي ۽ اڻ ڏٺي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيندي آهي، انهيءَ ڪري قومون پنهنجين پنهنجين ٻولين جون به غلام هونديون آهن. .ڪڏهن ڪڏهن آزادي به واپار بڻجي ويندي آهي. اهي ته ٿيون ننڍيون ننڍيون لڪل حقيقتون يا ائين کڻي چئون ته حقيقتن جي پويان لڪل حقيقتون، پر مختلف موضوعن تي لکيل حقيقت چونڊي کڻندؤ ته انهيءَ تي لکڻ تمام سولو ڪم آهي پر انهيءَ ظاهري حقيقت جي پويان زندگي جون ڪيئي اهڙيون حقيقتون موجود هونديون آهن، جن تائين پهچڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، پر اوڪتاويو پاز هڪ اهڙو عالمانه نظر رکندڙ ليکڪ آهي، جيڪو پهرين ته زندگيءَ جي ظاهري حقيقت کي ڇيڙي، پوءِ انهيءَ ظاهري حقيقت جي پس منظر ۾ وڃي اهڙيون حقيقتون ڳولي لهي ٿو، جيڪي ظاهري حقيقتن جو پول پڌرو ڪريو ٿيون ڇڏين. سندس لکيل مضمون ڪلاسيڪي موسيقي وانگيان آهستي آهستي دکن ٿا ۽ پوءِ وڃن ٿا مچندا ۽ پڙهندڙ جي دماغ کي قابو ڪندا ۽ کيس حيرت ۾ وجهندا. هتي چٽي چٽي ڳالهه ڪري ڇڏيان ته سندس هن ڪتاب کي چڱيءَ طرح اهو ئي سمجهندو، جيڪو پاڻ کي ڳاري پوءِ پڙهندو، سطحي ذهنيت هن ڪتاب جي تر تائين پهچي نه سگهندي، رڳو نيٽ تان معلومات حاصل ڪندڙ دوستن کان هيءَ ڪتاب چڙهيل آهي. 84 سالن جي عمر ۾ 1998ع ۾ ڪينسر وگهي فوت ٿي ويل اوڪتايو پاز جو نثر درياءَ جي ڪُن وانگر آهي، جڏهن ته سندس شاعري درياءَ جي اٿندڙ لهرن وانگيان آهي، فرق صاف ظاهر آهي، ڪنهن کي اعتبار نه اچي ته کڻي پڙهي ڏسي.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ڪڏهن ڀري ته ڪڏهن ڀاڪر جمع 6 جون 2008ع نه ڪو کوهه جو ڏيڏر، نڪو ٽرڙو ڪُڪڙ، نڪو ٻچاپڙو، نڪو ٺلهيون ڦوڪون ڏيڻ وارو، نڪو کنوڻ تي مال ڪاهي ملڻ وارو، نڪو ٺلهه تي کُل ڏيڻ وارو، نڪو ڄٽ پڙهيو راڄ اڙيو، نڪو سهي جون ٽنگون ٽي ڪرڻ وارو، نڪو گڏهه گهوڙو هڪ ڪرڻ وارو، نڪو پُست هڻڻ وارو ۽ نڪو نالي ۾ نهال. لکڻ تي اچي ته وزنائتي ڳالهه ڪري پر ڀلا جي چپ به رهي ته سندس چپ ۾ به سؤ ڳالهيون. ننڍن توڙي وڏن ڦوڪڻن مان هوا ڪڍڻ واري انهيءَ همراهه جو ڏاڏاڻو بلغاريه. پر لڏي رهيو اچي آمريڪا جي گنجگاهه ۾. آمريڪا ۾ اچڻ کان پوءِ سندس قلم رنگ لاتو ۽ ٻڙڌڪ متو. سندس کاتي ۾ ڪل سورنهن عدد ڪتاب اچي وڃن ٿا. انهيءَ کانسواءِ هو ييل، هارورڊ، ڪولمبيا، ڪيليفورنيا ۽ برڪلي جي يونيورسٽين ۾ پروفيسر ٿي اچي رهيو. حال حيات آهي يا هيءَ دنيا ڇڏي چڪو، انهيءَ جي هن بندي کي به ڪا خبر ناهي. الياس ڪينيٽي (Eliaz Cannatti) جي هن هم وطن جو نالو ڏاڍو ڏکيو آهي، يعني تزبيويتن تودوروف. سندس لکيل زير بحث ڪتاب جو عنوان آهي. .Facing the extreme 307 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جو خاص موضوع آهي، تاريخ جو جبر ۽ انسان ذات جا رويا. جيڪڏهن تودوروف جي انهيءَ ڪتاب جو سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪبو ته اهو ٿيندو ”ڪڏهن ڀري ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾.“ هي هڪ اهڙو اذيتناڪ ڪتاب آهي، جنهن کي پڙهي لڳي ٿو ته ويهين صديءَ ۾ اسان ماڻهن ته ڪجهه به نه سٺو آهي، جيڪو يورپ جي ماڻهن ويهين صديءَ ۾ سٺو آهي. هن ڪتاب جو محور عقوبت خانا آهن، جن جي ذريعي اصلي انساني روين جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي. هي هڪ فيلڊ ريسرچ آهي، تنهن ڪري ليکڪ عقوبت خانن کان ٻاهر جي زندگي جو به ذڪر ڪري ٿو. پاڻ کي هي ڪتاب اسلام آباد جي ڪنهن پراڻن ڪتابن جي دڪان تان هٿ آيو. هونئن پاڻ شايد ڪتاب هٿ ۾ نه کڻون ها، پر ڪتاب جي ٽائيٽل تي لڳل تصوير ڏسي هٿ ۾ کنيوسين. انهيءَ تصوير ۾ لوڙهي جي تارن ۾ قيد ٿيل هڪ ماڻهو بيٺو ٻاهر ڏسي. اهو بلئڪ اينڊ وائيٽ فوٽوگراف 1945ع ۾ ڪڍيو ويو. ڪتاب وٺڻ جو ٻيو ڪارڻ ليکڪ جو نالو هو، جنهن اهي ڏس پئي ڏنا ته ڀائو وڏو اوڀر يورپ جو آهي. اوڀر يورپ جو ليکڪ خود پنهنجي وطن ۾ رهندو هجي يا لڏي وڃي فرانس يا آمريڪا، يا ڪئناڊا جو شهري بڻيل هجي، پاڻ لاءِ سڄو ئي سون آهي. سيڪنڊ هينڊ هئڻ جي ڪري ڪتاب جي قيمت آهي 525 رپيا. هن ڪتاب ۾ انسان ڪڏهن اميدن ۽ مايوسين، ڪڏهن فتح ۽ شڪست، ڪڏهن عشق ۽ نفرت ۽ ڪڏهن بهادريءَ ۽ ڪڏهن بزدلي جي وچ ۾ ڊوڙندو نظر اچي ٿو. انسان جي انهن روين کي تودوروف سڏي ٿو، Compartimentalism جنهن کي سوليءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪبو ته اهو ٿيندو ”ماڻهو ڪڏهن ڪهڙي خاني ۾ ڪڏهن ڪهڙي خاني ۾“ يا وري ”ادا ماڻهو پنهنجي تي اچي ته درياءُ ٽپي وڃي، جي ڀاڙي ٿئي ته واٽر تي گهه ڪري.“ يا وري ”ڪڏهن من ماڪوڙي ته ڪڏهن ڪيهر شينهن.“ انساني نفسيات جي انهيءَ مامري کي ليکڪ عقوبت خانن جي حوالي سان پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ کان علاوه ليکڪ هن ڪتاب ۾ ٻين انساني روين جهڙو اخلاقيات، سِرو ازم، ٻئي جي سار سنڀال لهڻ جي قوت، دان وڃي پر مان نه وڃي، سياسي سگهه جو نشو، عواميت، ذرو ذرو ٿي وڃڻ جي مجبوري، پنهنجي شخصيت جي گمشدگي، اهنسا، سڀني ڳالهين تان هٿ کڻي وڃڻ، جنگ جا طور طريقا، هڪ ٻئي جي پرک، انصاف، بي انصافي ۽ بي وسي جو جائزو ورتو ويو آهي. اهڙا اهڙا نتيجا ڪڍيا آهن، جيڪي پڙهندڙ جي سڄي سوچ ويچار کي هيٺ مٿي ڪريو ٿا ڇڏين، پر شرط اهو آهي ته پڙهندڙ جو دماغ ٻوساٽيل هئڻ جي بدران کُليل هجي ۽ منجهس اها سگهه هجي ته هو پنهنجي اڳئين نڪتهءِ نگاهه تي نظرثاني ڪري سگهي، ٻي صورت ۾ پڙهندڙ ڀلي هوا کائيندو وتي. هونئن به اها پڌري پٽي حقيقت آهي ته لکندڙ جي لکڻين ۾ ليکڪ سان گڏ پڙهندڙ به شريڪ ڪار رهي ٿو. جي پڙهندڙ هوندو گڏهه ۽ ليکڪ هوندو گهوڙو ته پوءِ ڪم نه ٺهندو. اهڙي پڙهڻ کان چڱو آهي ته همراهه گهٽيءَ جا ڪتا وڃي ڪٽي يا گهر اندر ويهي مکيون ماري. پڙهڻ وڃي ڊهڙ ۾ پوي. تودوروف ٻئي عظيم جنگ کي نظر ۾ رکندي جنگ جي ڊيفينيشن هيئن ٿو بيان ڪري ته ”جنگ هڪ اهڙي شيءِ آهي، جيڪا سڀني ماڻهن طرفان، سڀني ماڻهن سان وڙهي ويندي آهي.“ پاڻ جي خيال ۾ مختصر لفظن ۾ تودوروف جيڪا اها جنگ جي ڊيفينيشن بيان ڪئي آهي، اها هر ليکڪ جي جاءِ ناهي. جنگ لڳڻ کان پوءِ انسان جا رويا بدلجي وڃي ڪٿي ٿا بيهن، انهيءَ لاءِ هو ٻئي هنڌ لکي ٿو، ”جنگ دوران اخلاقيات، قومي سالميت، حب الوطني، آزادي، انصاف ۽ عزت النفس جهڙا اعليٰ قدر ڪنهن ٽڙڪيل شيشي وانگيان انسان جي هٿ مان ڪري ڇيهون ڇيهون ٿي وڃن ٿا.“ ايئن هو اڳتي هلي جنگ ۾ انسان جي بڻيل حالتِ زار تي لکي ٿو، ”مون کي هاڻي اها پڪ ٿي وئي آهي ته انسان صرف ايستائين انسان رهندو آهي، جيستائين هو انساني حالتن ۾ رهندو آهي، انهيءَ ڪري ڪنهن به اهڙي انسان جي روين کي پرکي نتيجو ڪڍڻ حد بيوقوفي آهي، جڏهن هو غير انساني حالتن ۾ رهندو هجي.“ ٻئي جنگ عظيم دورران جرمني توڙي اوڀر يورپ ۾ وڌ ۾ وڌ عقوبت خانا جوڙيا ويا. انهن عقوبت خانن جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌو، چيو ۽ لکيو ويو آهي. ڪتابن جا اٺ لکيا ويا آهن، الاهي ساريون فلمون، ٽيلي ناٽڪ، اخباري رپورٽون لکيون ويون آهن. هتي جيڪڏهن انهن جا نالا، عنوان ۽ ٽائيٽل لکيا ويندا ته ڪئين پنا ڪاره ٿي ويندا. پر تودوروف ٻين سڀني کان هٽي ڪري انهن عقوبت خانن تي رايا ڏنا آهن ۽ پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڏنا آهن. هو هڪ هنڌ لکي ٿو، ”سڌي سادي ۽ ڏکوئيندڙ حقيقت اها آهي ته عقوبت خاني ۾ رهندي ڪري حد کان چڙهيل اذيت ناڪ حالتن ۾ انساني اخلاق ٻاڦ بڻجيو اڏاميو وڃي. انسان انسان نٿو رهي، پر اهڙو جانور بڻجيو ٿو وڃي، جيڪو رڳو پنهنجو بچاءُ ڳولهڻ ۾ پورو هوندو آهي.“ ٻئي هنڌ وري هو هڪ واقعو بيان ٿو ڪري ته ”عقوبت خاني ۾ رهندي ڪري پيار ۽ هوش مندي ڪهڙو رنگ اختيار ڪن ٿا. هو لکي ٿو، ”عقوبت خاني ۾ رهندي ڪري هڪ عورت ٻار کي جنم ڏنو، کيس اهو الڪو بيٺو ته جيڪڏهن نازي جرمن سپاهين کي خبر پئي ته اهي سندس پٽڙي کي سنگينون هڻي ماري ڇڏيندا. اهو سوچي هو لڪ ئي لڪ ۾ کيس پاليندي ۽ کير پياريندي رهي. پنجن مهينن تائين هن پنهنجي ٻارڙي کي بچائڻ جا جتن ڪيا، پنجن مهينن کانپوءِ اهو آرڊر اچي ويو ته کيس گئس چيمبر ۾ وٺي وڃي سندس ساهه ٻوساٽيو وڃي. جڏهن نازي سپاهي کيس وٺڻ آيا ته انهن ننڍڙي ٻار کي ڏٺو ۽ ڪوششون ڪيائون ته ٻار ماءُ کان ڌار ڪري صرف ماءُ کي گئس چيمبر ۾ نيو وڃي، پر ڪوشش جي باوجود اهي ٻار کي ماءُ کان الڳ ڪري نه سگهيا ۽ پوءِ ماءُ شديد پيار وچان ٻار کي ڇاتيءَ سان لائي گئس چيمبر اندر هلي وئي.“ منهنجي جان ٿورو انهيءَ واقعي تي به غور ڪري ڏسو. تودوروف اڳتي هلي ڪري لکي ٿو، ”عقوبت خانا ٺاهيا ئي انهيءَ ڪري ويا هئا ته انسان انسان نه رهي.“ ظاهر آهي ته جنگ جي وقت ۾ هر ملڪ وٽ پنهنجا پنهنجا هيروز هوندا آهن ۽ انهن جنگي هيروز کي پوري قوم وڏي احترام سان ڏسندي آهي، سندن نالا ڳچ وقت تائين وڄندا رهندا آهن. اهي جنگي هيروز قديم ڀارتي ناٽڪن کان وٺي هاليوڊ ۾ ٺهندڙ فلمن تائين ڪڏهن اسٽيج تي، ته ڪڏهن اسڪرين تي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. منهنجي ذاتي خيال ۾ ته انهن هيروز ئي جنگين ۾ وڌيڪ ماڻهو ماريا آهن يا مارايا آهن. پوءِ ڪن وٽ تيز تلوار ته ڪن وٽ مشين گنز ۽ آٽوميٽڪ هٿيار رهيا آهن. اسان وٽ سنڌ ۾ به بهادر ماڻهو انهيءَ کي ليکيو ويندو آهي، جنهن گهڻا خون ڪيا هجن ۽ جيلون ڦاڙيون هجن. اهو ته ٿيو منهنجو ذاتي خيال. پر هتي اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته تودوروف پنهنجي هن ڪتاب ۾ جنگي هيروز کي ڇا ٿو چوي. هو لکي ٿو ته، ”ٻئي جنگ عظيم ختم ٿيڻ کان پوءِ نئين صورتحال پيدا ٿي پئي. انهيءَ نئين صورتحال جون خصوصيتون به نيون آهن، جن ۾ هڪڙي خصوصيت اها به آهي ته جيڪي هيروز جنگ وڙهيا ۽ جن هيروز کي پوڄا جي حد تائين واکاڻيو ويو، هاڻي جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ اهڙن هيروز کي کپي ته گهر جهلي ويهي رهن. جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ يورپ کي چرچل ۽ جنرل ڊيگال جي ڪا به ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته امن جي صورتحال ۾ کين عهدن تي برقرار رکڻ خطري کان خالي ناهي، ڇاڪاڻ ته جنگ جي انهن هيروز جي بدران هاڻي جمهوريت جي ضرورت آهي. مشهور ڊرامه نگار بريخت جي لکيل هڪ ڊرامي ”گليلو“ ۾ مرڪزي ڪردار رڙي ڪري چوي ٿو ته اهو ملڪ ڏکن ۾ لڙهي ويندو، جنهن ملڪ کي هيروز جي ضرورت آهي.“ هونئن به سڌريل ملڪن ۾ اهي ئي هيروز وڃي رهيا آهن، جيڪي فلمن جا هيروز آهن، فوٽ بالر آهن، ڳائڻ وڄائڻ جا شاهه ڪاريگر آهن يا ڪو ٻيو اهڙو ڪم ڪندڙ آهن. پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”ادا عزت ڀولڙي کي به پياري آهي“ يا وري چوندا آهن ته، ”جيڪو اوهان کي عزت ڏئي، انهيءَ کي عزت ڏيو، جيڪو اوهان کي عزت نه ڏئي ته اوهان به کيس عزت نه ڏيو، رستو مٽائي وڃو.“ لڳي ٿو ته اڄڪلهه جي سنڌي معاشري ۾ جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿي آهي، انهيءَ جي نتيجي ۾ عزت يا ته ڀوتار کي ملندي آهي يا ڪاموري کي ملندي آهي يا وري حاڪمن ۽ وزيرن ڪبيرن ۽ اميرن کي ڏني ويندي آهي، جيڪي عزت ڏيڻ واري کي لٺ جي مڇي تي رکندا آهن. اڄڪلهه زوري پنهنجي عزت ڪرائي ويندي آهي، جيڪا هٿرادو عزت هوندي آهي. بهرحال عزت جي باري ۾ تودوروف وچائين اها ڳالهه لکي ٿو، ”ڪنهن به انسان جي ڪيتري به عزت هجي، پر انهيءَ عزت جا معيار ۽ ماپا پاڻ عزت وارو ماڻهو نٿو طئه ڪري، پر سوسائيٽي پنهنجن ماپن ۽ روايتن ذريعي انهيءَ ماڻهو مٿان عزت ٿي ٿاڦي/امپوز ڪري ٿي.“ انهن ڳالهين تان ٿيندو تودوروف وري عقوبت خانن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڪردارن تي ٿو اچي. هو لکي ٿو ته، ”عقوبت خانن ۾ پيڙهجندڙ ماڻهن کي سخت حالتن ۾ جيڪي ماڻهو وڌ ۾ وڌ ڪم آيا، اهي ماڻهو ٻاهر ڪرمنل رهيا هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن سخت جان ڪرمنل ماڻهن ۾ ٻئي کي ڪم اچڻ جي جرئت هئي.“ جنگ جي تباهي ڇا آهي؟ جيڪڏهن اوهان انهيءَ سوال تي ايندؤ ۽ ڪجهه لکڻ چاهيندؤ ته توهان کي ڪئين صفحا لکڻا پئجي ويندا. پر تودوروف انهيءَ سوال جو جواب اجهو هن طرح ٿو ڏئي، ”چون ٿا هن دنيا ۾ خونخوار ديوَ رهن ٿا. برابر هوندا، پر اهي ايترن انسانن کي موت جي منهن ۾ نه وٺي ويندا آهن، جيترا خود ماڻهو ماڻهن کي موت جي منهن ۾ وٺي ويندا آهن.“ تودوروف ته اها ڳالهه جنگ جي پسمنظر ۾ لکي آهي، پر توهان ۽ اسان جنگ جي بدران امن جي دور ۾ رهي ڪري به هيڏانهن هوڏانهن نظر رکنداسين ته تودوروف جي بيان ڪيل ڳالهه اسان کي امن جي حالتن ۾ به نظر ايندي. سياسي قوت جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ لکيو ويندو، پر تودوروف عام راءِ کان هٽي ڪري سياسي قوت جي باري ۾ ٻه ڳالهيون لکي ٿو، جيڪي سوچڻ وٽان آهن. هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”جنهن به ماڻهوءَ جي هٿ ۾ سياسي قوت اچي ويندي آهي ته اهو سماجي شيزوفرونيا جو شڪار ٿي ويندو آهي.“ هو ٻئي هنڌ لکي ٿو ته، ”هر دور جي سياسي لاهن چاڙهن کي ڏسي ڪري لڳي ٿو ته اها قوت رڳو پرائين زندگين ۾ ٽنگ اڙائڻ، ٻئي کي قوت جي گوڏي هيٺان ڏيڻ لاءِ هوندي آهي، جيڪو به ماڻهو سياسي قوت حاصل ڪري وٺندو آهي، اهو پنهنجي اخلاق تي گهٽ ۽ پنهنجي طاقت تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو آهي.“ ظاهر آهي ته تودوروف کي سنڌي لوڪ ڏاهپ جي ڪا به خبر نه هئي ۽ نه ڪي ڪا اهڙي خبر هئي ته ”سنڌ“ نالي ڪا شيءِ هن دنيا ۾ آهي. پر اسان وٽ ”جهان خان“ وارو قصو هر ماڻهو ڄاڻي ٿو، انهيءَ قصي کي هو پنهنجن لفظن ۾ اجهو هيئن لکي ٿو، ”جيڪي فاتح هوندا آهن، اهي ئي منصف بڻجي ويندا آهن.“ ٻئي عظيم جنگ مان حاصل ڪيل تجربن مان تودوروف کي جيڪي انساني نفسيات جي باري ۾ نتيجا مليا، انهن مان هڪ نتيجو هو هن ريت لکي ٿو، ”بمباري ڪري هزارين ماڻهو ماري ڇڏڻ ڪنهن به جنگجو لاءِ سولي ڳالهه آهي پر شست ٻڌي ننڍي ٻار کي گولي هڻڻ ڏکي ۾ ڏکي ڳالهه هوندي آهي.“ تودوروف عام حالتن ۾ انساني نفسيات جا ڪئين ڪنڊ پاسا پڌرا ڪيا آهن. انساني نفسيات جي هڪ ڪنڊ کي پڌرو ڪندي هو لکي ٿو، ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻه ٽي رڙيون ڪندو آهي ته سندس اهي رڙيون ٻڌندڙ کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏينديون آهن ته ڪيئن اهڙي ماڻهوءَ جي مدد ڪندي کيس مصيبت مان ڪڍجي، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو مصيبت ۾ اچي ڪلاڪن جا ڪلاڪ رڙيون ڪندو آهي ۽ سندس ريهه مٿان ريهه پيئي پوندي آهي ته ٻڌندڙ ڪڪ ٿي اهو چاهيندو آهي ته رڙيون ڪندڙ کي چپ ٿي وڃڻ گهرجي.“ ظاهر آهي ته جنهن رفتار ۽ ڊيگهه ويڪر سان تاريخ گذري چڪي، انهيءَ سڄي جي سڄي تاريخ کي رڪارڊ ڪرڻ وارا تمام گهٽ رهيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن تاريخ لکي به آهي ته اها بقول سيد حاڪم علي شاهه بخاري جي ”تعصبات جو هڪ مجموعو آهي.“ تنهن هوندي به آرڪيالاجي ۽ ائنٿراپالاجي جي ڏنل ثبوتن کان توڙي ڪامن سينس کان ڪم وٺندي جيڪڏهن گذري ويل ويهين صدين جو جائزو وٺنداسين ته بقول جرمن نوبل لاريٽ جي ”ويهين صدي دنيا جي واحيات ترين صدي آهي.“ جي نڪتي تي اچي بيهنداسين. بغاوتن، آزاديءَ جي جنگين، گوريلا جنگين، انقلابن، فسادن، ٻن عظيم جنگين، استعمال ٿيندڙ ڳرن ڳرن هٿيارن ۽ اذيت پسندي (Sadism) توڙي قتل عام (Genocides) گڏجي ڪري ويهين صديءَ ۾ جيڪو انسان ذات کي ذليل ڪيو آهي، چيريو ڦاڙيو آهي، ماريو ۽ تباهه ڪيو آهي، ايڏو وڏو مثال گذريل صدين ۾ نٿو ملي. اڳي برابر تير تلوار سان جنگيون ۽ جهيڙا هلندا رهيا آهن، قتلِ عام به ٿيندا رهيا آهن ۽ انسان ذات کي ذليل به ڪيو ويو آهي، پر انهن دورن جي مقابلي ۾ ويهين صديءَ ۾ عام انسان ظلم جو وڌيڪ شڪار ٿيو آهي. دل تي هٿ رکي ڏسو ته پاڻهين توهان کي خبر پئجي ويندي. تودوروف پنهنجي هن ڪتاب .Facing the extreme ۾ 1944ع کان وٺي 1950ع تائين جي حالتن تي، اهو به اوڀر يورپ جي دائري ۾ رهي ڪري انساني روين جو گهرائي سان جائزو ورتو آهي، ۽ انساني قدرن کي کولي پڌرو ڪيو آهي، تنهن هوندي به هي ڪتاب پڙهي ماڻهو رڻ ٿيو ٿو وڃي. سندس خيال ۾ انسان جيڪي ڪجهه چوي ٿو، جيڪي ڪجهه ليڪچر ڏئي ٿو ۽ جيڪي نصيحت ڪري ٿو، اهو صرف زباني ڪلامي خرچ هوندو آهي، پر جيڪي ڪجهه ڪري ٿو اهو انهيءَ زباني ڪلامي خرچ جي ابتڙ ئي آهي. هونئن ته ليکڪ کي زندگي جو Explorer (زندگي جي مختلف پهلوئن کي کولڻ وارو) چئجي ٿو، پر تودوروف کي پڙهي محسوس ٿئي ٿو ته هو ٺهلو Explorer هئڻ جي بدران Explosive Explorer آهي. سندس هڪ هڪ جملو پرهندڙ جي ذهن ۾ بم وانگيان ڦاٽي ٿو.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ سفر جمع 13 جون 2008ع ڀائو منهنجي کي چوان، جي ڳالهيون ڪرڻ ويهه ته ويٺو ڪر، ڪو ڇيهه ته ٿيندو ڪو نه. ڀلا جي ڪم ڪرڻ جي لار لڳل اٿئي ته پيو ڳهه ۽ وَهه، نه سج کٽي، نه ٻج کٽي. ڀلا جي بنهين هوا کائڻي اٿيئي ته به ڄامشوري ۾ هوا جي ته ڪا کوٽ ناهي، پيو ڏي منهن. اسان جي يار حليم باغيءَ هونءَ ئي ڄامشوري کي ”شهرِ جانان“ چئي ڇڏيو آهي. سچ ڪري پڇو ته پاڻ آهيون ته جهنگ جي بلا، سو دل ته اهو ٿي گهري ته سنڌ جي اصلي روايتي چورن چڪارن ۽ کاٽڙين جي گرن ۽ ٽيڪنڪ تي لکجي. ڪنهن زماني ۾ اهو به وڏو فن ۽ هنر هو ۽ باقائدي سائنس به هئي، پر يارن پيارن ۽ پڙهندڙن جو حڪم آهي، ڪنهن تازو پڙهيل ڪتاب تي ڪجهه اکر لکان. جيتوڻيڪ هنن ئي صفحن تي هن کان اڳ پال ٿيرو (آمريڪن) اوڪتاويو پاز (ميڪسيڪن) ۽ تودورف (بلغارين) جي ڪتابن تي هڪ ٻئي پويان لاڳيتا مضمون لکي چڪو آهيان. تنهن ڪري مون کي واٽ مٽائي جهنگ جو رخ ڪرڻ کپي، پر پوءِ به يارن پيارن کان ڪنڌ ڪو نه ڪڍائبو، ڪن ٽار نه ڪبي ۽ گوهي ڪا نه ڏبي، سو في الحال ته مٿو ڏيون ٿا وري به ڪنهن ڪتاب کي. ڪن ليکڪن جا ڪتاب اهڙا ٿيندا آهن، جو پندرهن ويهه صفحا پڙهڻ کان پوءِ کنڀ ڪري ائين اڇلائبا آهن، جو وڃي ڪمري جي در کان ٻاهر ڪرن. اهڙن ڪتابن ۾ لفظن جا ڍير ته هوندا آهن، پر معنيٰ گم هوندي آهي. ٻيا ليکڪ اهڙا هوندا آهن، جن جو هڪڙو ڪتاب ته ڳيتون ڏيئي ڏيئي مس پڙهي وڃي دنگ ڪبو آهي، پر سندس ٻيو ڪتاب نڙيءَ ۾ ڦاسي پوندو آهي، نه هيٺ لهندو آهي ۽ نه ئي ٻاهر نڪرندو آهي. پڙهندڙ اٽوڙجي پوندو آهي. ٽيان وري اهڙا ليکڪ هوندا آهن، جن جا ڪتاب پڙهندو وڃ ۽ دنيا جا رنگ ڏسندو وڃ. پولينڊ ولايت جو ريشيارد ڪاپوشنسڪي اهڙن ئي ليکڪن مان هڪ آهي، ته يڪتا به. روئڻا انهن اڳيان روئبا آهن، جيڪي روئڻ کي سمجهي سگهن. زبان انهن جي اڳيان کولبي آهي، جيڪي ڳالهه سمجهي سگهن. شفيق ۽ نفيس طبيعت جو مالڪ، گهڻ پڙهيو ميان منور ڪمار اهڙن ماڻهن مان هڪ آهي. سو ڪجهه مهينا اڳ جڏهن هفتيوار آمريڪي رسالي جي ننڍڙيءَ ڪنڊ ۾ ننڍڙي خبر ڇپي ته ڪاپوشنسڪي گذاري ويو آهي ته پهرين ته آمريڪين تي ڪاوڙ اچي کنيو. جيڪڏهن آمريڪا ۾ انهيءَ سطح جو ليکڪ هجي ها ۽ مري وڃي ها ته انهيءَ هفتيوار خابرو رسالي جا پنن جا پنا ڪارا ٿي وڃن ها، پر شڪر منهنجي رب جو، ته آمريڪا ۾ اهڙو ليکڪ ناهي. جي آهي ته صرف پال ٿيرو آهي، پر اهو به گورو هوندي آمريڪين کان وڌيڪ آفريڪين جي ڌر جو ماڻهو آهي. سندس حياتيءَ جو گهڻو حصو آفريڪا ۾ گذريو آهي. ٻي ڳالهه ته هو ستر جي ڏهاڪي کي پهچڻ کان پوءِ به اڃا ڏنڊو لڳو پيو آهي، سو خير- جڏهن مون ميان منوج ڪمار سان ڪاپوشنسڪيءَ جي وفات جو ذڪر ڪيو، ته هن چيو ته ”فڪر نه ڪر، ڪاپوشنسڪيءَ جا ڪجهه ٻيا ڪتاب پولش زبان مان انگريزي زبان ۾ ترجمو ٿي رهيا آهن، جلد پڌرا ٿيندا.“ ائين ڪجهه وقت رکي، ڪاپوشنسڪيءَ جا ٻه ٻيا ڪتاب هوائي جهاز مان ٿيندا، هن بندي جي هٿن ڀيڙا ٿيا. هڪڙو ڪتاب ته سندس شاعريءَ جو آهي، جنهن جو عنوان آهي: I wrote Stone ۽ ٻيو نثر جو ڪتاب آهي: Travels with herodotus . اهو هڪ سفرنامو آهي، جنهن سفر دوران ليکڪ 484 قبل مسيح جي اڙٻنگ تاريخدان هيروڊوٽس جو ڪتاب The Histories گڏ کڻي هلي ٿو ۽ سفر دوران پڙهندو به رهي ٿو. هن ڪتاب ۾ ڪاپوشنسڪي پنهنجيون ڳالهيون به لکندو ٿو وڃي ۽ هيروڊوٽس جون ڳالهيون ٽِڪن وانگر ٽانڪيندو به وڃي ٿو، جيئن گج ۾ ٽڪون ٽانڪبيون آهن. اهڙيءَ اڻت واري ڍنگ ۾ لکيل ڪتابُ پاڻ ته پهريون ڀيرو ڏٺو آهي. 1932ع ۾ پولينڊ جي شهر پنسڪ ۾ جنم وٺندڙ ۽ 2008ع ۾ وارسا ۾ وفات پائيندڙ ليکڪ، صحافي ۽ شاعر ريشيارد ڪاپوشنسڪيءَ جي 275 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جي قيمت ته 25 آمريڪي ڊالر آهي، پر انهيءَ ڪتاب ۾ موجود مواد ۽ انداز جي قيمت ڪٿ کان ٻاهر آهي. هيءُ ڪتاب سندس ٻين ڪتابن کان ايترو ته مختلف لڳي ٿو ڄڻ ٻئي ڪنهن ليکڪ لکيو هجي. هونئن به وٽس ورائٽي گهڻي آهي. شهنشاهه رضا شاهه پهلويءَ تي سندس لکيل ڪتاب Shah of shahs ۽ شهنشاهه هيل سلاسيءَ تي لکيل سندس ڪتاب The Emperor ۾ ايترو ئي فرق آهي، جيترو ايران ۽ آفريڪا ۾. صحافيانه رپورٽن کي اعليٰ نثري ادب جو روپ ڏيڻ واري ۽ مٿان وري اعليٰ نثري ادب کي شاعرانه روپ ڏيڻ واري ٽه طرفي ليکڪ ۽ مسافر ڪاپو شنسڪيءَ جي هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل 1957ع وارو سفر دهليءَ جي ايئرپورٽ کان شروع ٿئي ٿو. ساڻس ڪيئي سؤ صفحن تي ٻڌل هيروڊوٽس جو ڪتاب The Histories به هم سفر بڻيل آهي. ائين ماضي بعيد ۽ زمان حال ڳنڍ و ڳنڍ گڏ ملن ٿا. دل ته گهڻو ئي گهري ٿي ته سڄي جو سڄو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري کڻي پڙهندڙن جي اڳيان رکجي، پر صفحن جي سوڙهه ۽ ڌنڌو ڌاڙي هن بندي جا هٿ ٻڌيو ويٺا آهن. لاچار کي آچار ڪونهي، انهيءَ ڪري هن ڪتاب ۾ ڪاپو شنسڪيءَ جي لکيل ڪجهه ڪجهه جملن مان ڪم ٽپائجي ٿو. ڀارت ڪنهن به ڪنڊ کان جانچبو ته محسوس ڪبو ته ڊيگهه ويڪر کان علاوه به ڀارت جو ڪو ڇيهه ئي ناهي. ڀارت جي ننڍي ۾ ننڍي علائقي ۾ ذاتين جو ڪو دنگ ناهي. هڪڙي هڪڙي ذات جي نکن جو ڇيهه ناهي ۽ هر نُک جي پاڙن جو ڇيهه ناهي. جي هتان جي ديوتائن، ڏند ڪٿائن، عقيدن، ٻولين، نسلن، روايتن ۽ ثقافتن کي ويهي ڳڻبو، ته به ڪو ڇيهه نظر نه ايندو، جيڏانهن به ڏسندؤ ته اوهان کي بي انت مونجهارو ڏسڻ ۾ ايندو. گهٽي ڪنهن جي به ملڪيت نه هوندي آهي. مادري ٻولي ماڻهوءَ جو شناختي ڪارڊ به آهي، ماڻهوءَ جي شڪل شبيهه آهي ۽ ماڻهوءَ جو روح به آهي. ننڍي هوندي ئي آئون پنهنجي زندگيءَ جا اڌ لڙڪ ڳاڙي چڪوآهيان. ڀارت آيو آهيان ته منهنجي لڙڪن جو خزانو کٽي چڪو آهي. هيروڊوٽس پنهنجي زماني واري ڀارت لاءِ لکي ٿو: انڊين ماڻهو ايشيا جي اڀرندين ڇيڙي تي رهن ٿا. کانئن ڪير ڪير وڌيڪ اوڀر طرف رهن ٿا، انهن جو ڪو به ڀروسي جوڳو ڏس پتو نٿو پوي. ڇاڪاڻ ته پوءِ اوڀر طرف رڳو واري ئي واري آهي، جتي ڪو ماڻهو رهي ئي نٿو سگهي. ڀارت ۾ تمام گهڻا قبيلا رهن ٿا، اهي سڀ جا سڀ قبيلا ڪا هڪڙي ٻولي نه ڳالهائيندا آهن. سڀ جا سڀ نه پر ڪجهه قبيلا خانه بدوش به آهن. ڪي قبيلا دريائن جي ڪپرن تي گپ ۾ رهندا آهن، ڪچيون مڇيون کائيندا آهن. سندن ٻيڙيون بيد جي لڙهن کي ڳنڍي ٺاهيون وينديون آهن. اهي ڪچي جا ماڻهو ڇا ڪندا آهن، جو درياءَ جي ڪپر تي بيٺل پن وڍي، پوءِ انهن پنن کي ڊڀن سان اڻت ڪري، پنهنجو لباس ٺاهي پائيندا آهن. ڪي قبيلا وري درياهه جي ڪچي کان اوڀر طرف رهندا آهن، جن کي پاڙائي (پاڙيري-مترجم) ڪري سڏيو ويندو آهي. انهن ۾ جڏهن به ڪو مرد بيمار ٿيندو آهي ته سندس جسم ڳرڻ کان اڳ کيس سندس دوست ماري، پوءِ انهيءَ جو گوشت کائي ڇڏيندا آهن. ائين ئي عورتون ڪنديون آهن. مطلب ته مرد عورت جو گوشت نه کائيندو آهي ۽ عورت مرد جو گوشت نه کائيندي آهي. بيمار ڪيڏي به آنا ڪاني ڪري، پوءِ به کاڄي ويندو آهي. ائين ئي پوڙهن کي به ماري خوراڪ بڻايو ويندو آهي. ڪي قبيلا اهڙا به آهن، جيڪي ڪنهن جيئري شيءِ کي نه ماريندا آهن. اهي ماڻهو صرف ڀاڄيون ۽ دال کائيندا آهن. انهن مان جڏهن ڪو به ماڻهو مرڻ کي ويجهو ايندو آهي ته اهو وسندي ڇڏي، جهر جهنگ ۾ وڃي ليٽي پوندو آهي ۽ پوءِ مري ويندو آهي.(هيروڊوٽس جي انهيءَ بيان مان لڳي ٿو ته هو ايران مان ٿيندو، سڌو سنڌ ۾ پهتو آهي ۽ هاڪڙي درياهه کان اوڀر طرف اڳتي وڌي نه سگهيو آهي-مترجم) چين ديوار چين کي ٺهڻ ۾ لڳ ڀڳ 3 هزار سال لڳا هئا. آئون جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ ويندو آهيان ته ٻيءَ دنيا سان رابطو رکڻ لاءِ ڪيئي واسطا، وجهه ۽ واٽون هونديون آهن، پر ڪميونسٽ چين ۾ اچڻ کان پوءِ صرف ۽ صرف ڪامريڊ چِي جي معرفت منهنجو ٻيءَ دنيا سان رابطو رهيو، سو به الائي سچو يا ڪوڙو. ڪانگو ڪو به ماڻهو اها ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهي سگهي ٿو ته جيئن ڪنهن رياست اندر با اختيار حڪمرانيءَ جي غير موجودگيءَ ۾ آزادي حد کان وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويندي آهي، يا ائين کڻي چئجي ته اخلاقيات جي عدم موجودگيءَ ۾ خوفناڪ انارڪي پيدا ٿي ويندي آهي، اهڙين حالتن ۾ بنا ڪنهن دير جي تباهي آڻيندڙ قوتون جنم وٺنديون آهن، جن ۾ حد کان چڙهيل ڪميڻپائي، ظلم ۽ حيوانيت اچي وڃن ٿيون. اهڙين حالتن ۾ ڪنهن جي منهن چڙهڻ هٿ وٺي موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي. هيروڊوٽس جو حافظو حيرت انگيز هو. سندس ڪم جو سڄو دارومدار سندس حافظي تي هو. ٻئي پاسي هن جديد دور ۾ اسان ماڻهن کي ٽيڪنالاجي تباهه ڪري، ڏري تي وساري ڇڏيو آهي ۽ اسان کان پنهنجو حافظو ڦري ورتو آهي. اسان کي جڏهن به ڪا ڳالهه ياد ڪرڻي هوندي آهي ته اسان ذهني طور تي مفلوج بڻجي رهجي ويندا آهيون ۽ هٿوراڙيون پيا هڻندا آهيون. اسان جو دماغ ايستائين اڳتي چري نه سگهندو آهي، جيستائين ڪو ڪتاب يا ڪا ٻي لکت هٿ ۾ نه اچي يا ڪمپيوٽر اکين اڳيان نه هجي. ٽيڪنالاجي اسان جو دماغ چٽي ويئي آهي. يونان اسان ته اوندهه ۾ بيٺا آهيون، پر اسان جي چوڌاري هٿياربند روشني گهيرو ڪيو بيٺي آهي. اسان انهيءَ ڳالهه ۾ خوش آهيون ته هتي يونان ۾ فڪري آزادي آهي، جيڪي کپي سو ڳالهايون، پر اسان کان اها ڳالهه وسري ويئي آهي ته جنگ اسان کي ويجهي آهي. ڪهڙو به ملڪ فڪري آزاديءَ جي ڪيڏي به هام هڻي، پر جنگ لڳڻ کان پوءِ فڪري آزاديءَ کي ويڙهي سيڙهي ڪٻٽ جي خاني ۾ رکڻو پئجي ويندو آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته پشڪن کان وٺي چيخوف تائين رشين ماسٽرس جون تخليقون پڙهي ماڻهو ڦيرين ۾ ٿو اچي وڃي، پر انهن کي ڇڏي ۽ روس کي ڇڏي ڪري رهيل اوڀر يورپ جي ننڍن ننڍن ملڪن جمهوريه چيڪ، جمهوريه سلاوڪ، پولينڊ، لٿونيا، بلغاريه، سابق يوگو سلاويه، البانيا ۽ آسٽريا وغيره علم، فڪر ۽ آرٽ جي دنيا ۾ جيڪا اڏام ڀري آهي، اوستائين پهچڻ ٻئي ڪنهن علائقي جي جاءِ ناهي. اتان جي ٻين ليکڪن تي پوءِ ڪڏهن اچبو، في الحال وري به ذڪر ڪاپو شنسڪيءَ جو. ڪاپوشنسڪي تمام ٿورڙي پگهار تي پولينڊ جي واحد ريڊيو اسٽيشن تي ڪم ڪندو هو. اهو زمانو اهو هو، جڏهن آفريڪا جا ملڪ هڪ ٻئي پويان آزادي ماڻي رهيا هئا. آفريڪا جي بدلجندڙ حالتن کي ڏسي، ريڊيو وارن کيس وس آهر گهٽ ئي پئسا ڏيئي، آفريڪا موڪليو ته خبرون ڪڍي موڪل. ائين هو آمريڪا ۽ يورپ جي صحافين جي برعڪس هٿڙيو صحافي هو. ڪڏهن ڪڏهن ته وٽس ڀاڙي جيترا پئسا نه هوندا هئا، جنهن سبب گهڻو ڪري کيس پيرن تي زور ٻڌڻو پوندو هو. ڪڏهن وري ڪو نه ڪو کيس لفٽ به ڏيندو هو، ائين هو سالن جا سال آفريڪا ۾ رلندو رهيو ۽ وک وک تي موت کان بچندو رهيو. ائين سندس سفر جو دائرو وڌندو ويو. لئٽن آمريڪا ۾ به گهمندي ڦرندي سندس واسطو گولين ۽ بمن سان پوندو رهيو. ايران ۾ به تڏهن پهتو، جڏهن شهنشاهه ايران جي خلاف ماڻهو اٿي کڙا ٿيا هئا ۽ مار ماران شروع ٿي وئي. هن اهو انقلاب اکين سان ڏٺو، ائين ڪاپوشنسڪي 27 انقلاب پنهنجي سر تي وسايا. کيس چار ڀيرا ته سزاءِ موت ملي، اتان به بچي نڪتو. ڪنهن به خنجر، ڪنهن به گولي ۽ ڪنهن به بم تي سندس نالو لکيل نه هو. دنيا جهان رلي، هن پنهنجي ملڪ جي شهر وارسا ۾ پنهنجين رپورٽن ۽ ڊائريءَ جي آڌار تي ڪتاب لکيا ۽ دنيا جو مهانگو ليکڪ بڻجي ويو. ٿيندو ته ائين آهي ته وڏا ماڻهو پيدا ته غريب ملڪن ۾ ٿيندا آهن، پر مرندا امير ملڪن ۾ آهن، پر ڪاپوشنسڪي پنهنجو غريباڻو ڏيهه نه ڇڏيو، ته نه ڇڏيو. ڏک جي ڳالهه اها آهي ته هاڻي سندس لکيل ڪو نئون ڪتاب پڙهڻ لاءِ نه ملندو. چيو وڃي ٿو ته وڃڻ وارا ته هليا ويندا آهن، پر پويان گهڻو ڪجهه ڇڏي ويندا آهن، پر ڪاپوشنسڪي وڃڻ کان پوءِ پڙهندڙ لاءِ رڳو تئونس طلب ڇڏي ويو آهي.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ڪُوڪَ آچر 29 جون 2008ع جي ڳالهه ٿا ڪريون ته پري ٿا وڃي پئون، جي صفا ڳالهه نٿا ڪريون ته اندر سڙڻ ٿو لڳي. هلو سائين پري ڪو نه ٿا پئون ۽ نه ئي اندر کي ساڙڻ ٿا ڏيون. اڄڪلهه ته ڪيئي ڪوڙا قسمي پيدا ٿي پيا آهن، جيڪي کائي پيئي ڍءُ ڪري، نڙ ٿي اوڳرائيءَ کان اڳ ۾ ئي ڪوڙا قسم کڻي اکين جي وچ مان نڪ ڪڍيو وڃن. هڪڙو زمانو هو، جو پهرئين ته ماڻهو قسم ئي نه کڻندا هئا، پوءِ ڀلي کڻي سچ تي هجن، پر ڀلا جي بنهين ڳري لت اچي پوندي هئي ۽ ڪا واهه ڪا نه بچندي هئي، ته پوءِ مري مري قسم کڻندو هو، ۽ قسم کڻڻ وارو کير جي ڀريل وٽيءَ تي هٿ رکي قسم کڻندو هو، يا وري ننڍي نيٽي نياڻيءَ جي مٿي تي هٿ رکي قسم کڻندو هو. اهو قسم لوهه تي ليڪو هوندو هو. سو هت هيءُ بندو کير جو قسم کڻي چئي سگهي ٿو ته، هن بندي کي پڙهندي پڙهندي جيڪي پنج ست ڪتاب حد کان وڌيڪ وڻيا آهن، انهن مان هڪ ڪتاب مايا اينجليو (Maya Angleo) جي ڇهن جلدن تي ٻڌل آتم ڪٿا آهي. سندس هر جملو هينئين ۾ چڪ وجهيو بيهو رهي، سندس هر ڳالهه دل تي چٽ آهي. سندس آتم ڪٿا جو هر جلد اندر کي ڳاريو وڃي. سچ اهڙو، جو ويٺو ڳاءِ، ڏک اهڙو جو ويٺو روءِ. خوشيءَ جو ڪو ڪو پل اهڙو جو بيٺو نچ، کلڻ جي رنگ ڍنگ ۾ ايڏي تک، جو پيو غوطا کاءُ. مايوسيون اهڙيون، جو ڳري وڃ. همتون اهڙيون، جو بکئي شينهن جي ڏر ۾ هليو وڃ. محبتون اهڙيون، جو ويٺو ڳاءِ. نفرتون اهڙيون، جو پنهنجو پاڻ کي ويٺو پٽ. سادگيون اهڙيون، جو پنهنجو پاڻ کي گهوري ڇڏ. چالاڪيون اهڙيون، جو پيو گهمريون کاءُ. آسمان هيٺان گهڻو ڪجهه آهي ۽ انهيءَ گهڻي ڪجهه مان هيءَ آتم ڪٿا آهي، پهرين پيرو کڻون ٿا ليکڪا جو. لاڳيتو لڏ پلاڻ ۾ رهندڙ ۽ پٽ سان لڳل آمريڪي شيدين جي خاندان مان ڦٽي نڪرندڙ مايا اينجليو چئن سالن جي ٿي، کيڏڻ ڪڏڻ ۽ کل کلان جي عمر هئي. نه گهر جو فڪر، نه در جو فڪر، نه گهٽيءَ جو فڪر ۽ نه ئي وري ڪو دنيا جو فڪر. ٻار ته ٻار ئي هوندو آهي يار. رسي ٽپڻ جي انهيءَ عمر ۾ کيس اها ڪا سمڪ نه هئي ته ڪمينو مرد کيس اک ۾ جهليو بيٺو آهي، جيڪو ڌاريو نه پر پنهنجو آهي، جيڪو پاڙي وارو نه پر ڇهه فٽو ويڳو پيءُ آهي. وحشت زده ويڳي پيءُ وجهه جاچي کيس اڪيلو ڏسي ساڻس زوري زنا ڪري کيس رت ۾ ٻوڙي ڇڏيو. ڪتاب ۾ منظر پڙهي پڙهندڙ جو مٿو وڃي ڀت سان لڳي ٿو. اها خبر جڏهن ڇوڪرڙيءَ جي مامن کي پئي، تن وري ڇوڪرڙيءَ سان زنا ڪندڙ ويڳي پيءُ کي چٿي چٿي، ڳترا ڳترا ڪري، عضوو عضوي کان ڌار ڪري ماري ڇڏيو. ڇوڪرڙي مايا اينجليو جيڪو عذاب ڏٺو ۽ سٺو، اهو لاڪائنس ايڏو ته گهرو صدمو هو، جو کيس چپ وٺي وئي ۽ پورا 7 سال خدا جا سندس زبان بند رهي. زبان بنديءَ جي عرصي پوري ڪرڻ کانپوءِ جڏهن سندس ڪچي وهي روشنيءَ وانگر ڦٽڻ لڳي، ته ڌنڌي سان به لڳي. اهو ڌنڌو هو ٻنين ۾ ڦٽين جو چونڊو ڪرڻ، سٺو ڌنڌو هو، عزت وارو ڌنڌو هو. جي سڄي عمر چونڊا لابارا ڪري ڪري گذاري ها ته ڪر چڱو هو، پر انسان جي هر ڪا وک پنهنجي مرضيءَ تي ڪا نه کڄندي آهي. ائين جيڪا سندس ٻي وک کڄاڻي، انهيءَ ۾ هوءَ آسپاس موجود شراب خانن، جوا خانن ۽ چڪلن جي نيٽ ورڪ ۾ وڃي ڦاٿي. پهرئين ته هوءَ شراب خانن جي ڪِن کي صاف ڪرڻ جو ڌنڌو ڪرڻ لڳي، پوءِ شراب خانن ۾ بار گرل بڻجي ماڻهن کي شراب پيارڻ لڳي. ناچ سندس انگ انگ ۾ شامل هو، سو نيٺ بار ۾ نچڻ شروع ڪيائين. سندس ناچ ۽ سندس سونهن ڏسڻ لاءِ آسپاس مان ڪئين فوٽو گرافر اچڻ لڳا. دل جي اڇي اجري ۽ سادي سودي مايا اينجليو ٺيٺ وڃي شڪاريءَ جي ڄار ۾ ڦاٿي، جيڪو تر جو وڏو دلال هو. ڦاسڻ کانپوءِ ڦٿڪڻ ڇا جو. ائين هيءَ ساده دل ڇوڪري ڪچي وهيءَ ۾ ئي ڪال گرل عرف طوائف بڻجي وئي. در در ڀيٽيندي هوءَ پيٽ سان ٿي وئي. کيس پٽ ڄائو، پر پيءُ ڪير هو؟ اها نه کيس خبر رهي، نه پٽس کي خبر پئي ته هو ڪهڙي پيءُ جو پٽ آهي؟ سندس ڏوهه ڪهڙو آهي؟ انهن سڀني سوالن جي جواب ۾ مايا اينجليو پنهنجو هيءُ ڪتاب پنهنجي انهيءَ پٽ گاءِ جانسن (Guy Jhonson) جي نالي منسوب ڪيو آهي. وقت وقت جا ڦيرا آهن، وقت ڦريو ته مايا اينجليو اداڪاره بڻي، پوءِ پهرئين اسٽيج جي ۽ پوءِ ٽي وي ڊرامه نگار بڻي، تنهن کانپوءِ شاعره بڻي، انهيءَ کانپوءِ آفريڪا ۾ هلندڙ آزاديءَ جي تحريڪن ۾ سرگرم ٿي، بنيادي انساني حقن جو جهنڊو هٿ ۾ کنيائين، پر جڏهن پهرئين آمريڪا ۾ پوءِ آفريڪا ۾ آزاديءَ جي وڏن وڏن ليڊرن جي ساٿ ۾ رهي، ته کيس اهو احساس ٿيڻ لڳو ته انهن نام ڪٺين مان ڪجهه به نه ورڻو آهي ۽ انهن ترن مان تيل نڪرڻو ناهي، کين آزاديءَ جي بدران مايا اينجليو ٿي کتي، کين جمهوريت جي بدران ڊڪٽيرشپ ٿي کتي.کين آفريڪا جي غريب عوام جي ڀلي بدران غير ملڪي دورا ۽ شهرت ٿي کتي. کين عوام جي سک جي بدران پنهنجن بيڊ رومن جو سک ٿي کتو. اهو سڀ ڪجهه ڏسي وائسي، توري تڪي ۽ پرکي اچي آمريڪا جا وڻ وسايائين ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ لڳي وئي. هن آتم ڪٿا کانسواءِ سندس 9 عدد شاعريءَ جا ڪتاب ۽ هڪ عدد مضمونن جو ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انهيءَ وچ ۾ هوءَ آمريڪا جي صدر ڪلنٽن جي صلاحڪار به رهي. سندس کاتو هو آفريڪي ملڪن جي غريب عوام کي امداد ڏيڻ. هن وقت هوءَ خيرن جي نارٿ ڪيرولينا جي ويڪ فاريسٽ يونيورسٽي ۾ رينالڊ پروفيسر آهي، يعني پروفيسرن جي به پروفيسر. هن ملڪ ۾ ته پروفيسرن جي ذهني ليول جا حال ته نه پڇو، پر آمريڪا ۾ جڏهن وائيٽ هائوس جو ڪو ذهين وڏو وائيٽ هائوس مان نڪرندو آهي ته اهو ترقي ڪري پروفيسر بڻجي ويندو آهي، پوءِ اهو صدر ڪلنٽن هجي يا هينري ڪسنجر هجي يا وري مايا اينجليو هجي. جيڪڏهن ڪنهن کي مايا اينجليو جي سڄي زندگيءَ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻي هجي ته پوءِ ته سڄي آتم ڪٿا پڙهڻي پوندي. هيءَ حياتي ڏاڍي عجيب آهي، ڪير ڪٿان ڪيئن وڌي وڻ ٿو ٿئي، انهيءَ جي ڪا به خبر نٿي پوي. رب جي هن جوڙيل جوڙ ۾ الائي ڇا ٿيندو ٿو رهي، اهو حيرت جو هنڌ آهي. ڀائو انهيءَ ڪري ٿا چئون ته وڏي هام نه هڻجي، وڏائو نه ڪجي، اک پور نه ٿجي، ڏٺي مان به ڪجهه ڏسجي. بهرحال وري به وٺ وهنديءَ کي، يعني ڪتاب کي. هن ڪتاب جا جيڪي ڇهه جلد آهن، اهي هن ريت آهن؛ 1. I know why the Caged Bird Sings 2. gather to gether In My Name 3. Singin swingin Merry Like Christmas 4. All god’s Children Need Traveling Shoes 5. The Heart of Women 6. A song Flung Up to the Heaven انهن ڇهن جلدن تي ٻڌل آتم ڪٿا جا ايترا ته گهڻا رخ آهن، جو انهن کي سمجهڻ لاءِ اکر اکر چپي پڙهڻو پوندو، تڏهن وڃي ڳالهه ڊول ۾ وهندي. ٻئي ڳالهه ته هي ڪتاب انگريزيءَ جي آفريڪن آمريڪن لهجي ۾ لکيل آهي، سو به ڳالهائي ويندڙ ٻولي (Spoken Language) ۾، تنهن ڪري سندس ڊڪشن ڏاڍو سگهارو آهي. ٽئي ڳالهه ته، هن ڪتاب ۾ ايترو ته اگهاڙو سچ لکيل آهي، جو انهيءَ کي جيئن جو تيئن ترجمو ڪبو ته اسان جو منافق معاشرو ڪڏهن به قبول ڪو نه ڪندو، انهيءَ ڪري هن ڪتاب مان جيڪي ڪجهه جملا هتي ترجمو ڪبا، انهن تي مترجم کي سيلف سينسرشپ هڻڻي پوندي، پر تنهن هوندي به سنڌي ٻولي ايتري وسيع آهي جو رمز ۾ ڳالهه ترجمو ڪري سگهجي ٿي. هتي اهو به عرض ڪري ڇڏيان ته، ڪجهه سال اڳ هن ڪتاب جا پهريان ٻه جلد لاهور جي مارڪيٽ ۾ ملندا هئا، پر هاڻي ڪو به جلد ملڪ جي مارڪيٽ ۾ موجود ناهي، انهيءَ ڪري هيءَ سڄي جو سڄو ڪتاب حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر هٿ هڻڻو پوندو، بهرحال حال پريان نال ٿي وڃن ٻه ٻه ڌڪ. .زندگي سستي هئي ۽ موت آزاد هو. ڪنهن به قسم جي بيان جي سچائي مٺ ۾ قابو ٿيل آلي رومال وانگيان هوندي آهي، جنهن مان آلاڻ وهي جيئن جيئن منهنجي مٺئي ۽ ڪرائين کي آلو ڪندي ويندي آهي، تيئن تيئن ڏسندڙ تيزيءَ سان انهيءَ سچائيءَ کي قبول ڪندا ويندا آهن، پر آئون جڏهن مٺ کوليندي آهيان، کلي هوا منهنجي ترين کي ٿڌو ڪري ڇڏيندي آهي. آئون سچ ڪوڙ جي چڪر مان آزاد ٿي ويندي آهيان. .انهيءَ رات کانپوءِ هر رات مون لاءِ دشمن جو علائقو بڻجي وئي. .انسان جي ڄاڻ هاڻي خرچ ڪرڻ جوڳي ڪرنسي بڻجي وئي آهي، پوءِ اهو مارڪيٽ تي ڇڏيل آهي ته ڪيترو ٿي اگهه ڪري. .سنگيت ئي منهنجي سام جهلي، جڏهن به آئون ڪا ڌن ٻڌندي آهيان ته پنهنجي تنهائيءَ کي پٺ ڏيئي بيهي رهندي آهيان. .سنگيت منهنجي جسم تي ائين فٽ ٿي ويندو آهي، جيئن درزيءَ جو ڪو تازو سبيل جوڙو. .ڪنهن صاحب وڏي جي حاضري ڀرڻ ۾ ايتري وڏي قيمت ادا ڪرڻي ڪا نه ٿي پوي، جيڏي وڏي قيمت پنهنجو مان ۽ شان رکڻ لاءِ ادا ڪرڻي ٿي پوي. .مون ته ڪڏهن به ڪنهن به گوريءَ کي ايترو اڪيلو ڪو نه ڏٺو آهي، جيترو انگريزي ادب ۾ لکيو ويو آهي. گورا به سندن اڳيان پويان هوندا آهن ته ڪارا به سندن اڳيان پويان هوندا آهن، باقي ڪاري رنگ واري عورت ته گورن توڙي ڪارن مردن جي خدمت ۾ پوري هوندي آهي. .ڇوڪريءَ جي مرڪ ايڏي ته وڻندڙ هئي، جو ظلم جي به چيلهه ڀڃي ڇڏي. .جيستائين سندس رڙيون بند ٿيل در دريون ڀڃي ڪنهن تير وانگيان منهنجي دل ۾ چڀنديون رهيون، تيستائين منهنجا لڙڪ به جواب طلبيءَ لاءِ بيهي رهيا ۽ ڳلن کان هيٺ نه ڪريا. .ڪنهن سان گڏجي کلڻ ۾ ۽ پيار ڪرڻ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. .آرٽ منهنجي ڍال آهي ۽ حق منهنجو تير ڪمان آهي. .هوٽل جا ڪمرا ائين هوندا آهن، جيئن ڪو بنا پيار جي گهر هجي. .ايلاگربر جون نگاهون منهنجي ٽنگن جي ڊيگهه، منهنجي مغز جي سائيز ۽ منهنجي ڏات جو وزن ماپڻ لڳيون. .پيار تي به اگهه جي چٽڪي لڳل هوندي آهي. .ننڍڙي ٻار جي اغوا ۽ پوءِ خون جي خبر پڙهي مون کي لڳو ته سج آسمان تان کسڪي ڪري پيو آهي، چنڊ ڳري رت بڻجي ويو آهي ۽ زمين سمنڊ جي ڪنهن ڪاري ڪٺور وير وانگيان چاڙهه کائي ٻوڙ ٻوڙان ڪري رهي آهي. .بيٽ جنريشن جي ليکڪ جيڪ ڪيرويي جو ڪتاب On the Road هن سال جو مقبول ترين ڪتاب آهي، انهيءَ ڪتاب جو عنوان ئي اسان جي قومي نفسيات جي ذري پرزي جي تشريح ڪري ٿو. اسان سفر ۾ ته رهندا آهيون پر اسان کي نه ته اها خبر هوندي آهي، ته اسان جي منزل ڪهڙي آهي ۽ نه ئي وري اهو پتو پوندو آهي ته ڪٿي ڪڏهن پهچڻو آهي. .ندگي وڏي ڪتي شيءِ آهي، جيڪا ڦيرين ۾ آهي. .چرچن گهٻن ۾ جان نه رهي آهي، ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ عزت نه رهي آهي. .ادبي ويهڪ ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ مون کي لڳو ته لکڻ جو فيصلو ڪرڻ ائين آهي، جيئن برف ٿي ويل ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيڻ. .نچندي نچندي سوچيم ته، آئون نچي ڪري ماڻهن کي مرڪڻ تي مجبور ڪرڻ جي بدران ڇو نه لکي ڪري کين مرڪڻ جي بدران سوچڻ تي مجبور ڪريان. .مون سندن مهرباني مڃي ۽ ٽئڪسيءَ تي چڙهي ويٺيس، مون وٽ ڳريون ڳريون بيگون هيون، پر انهن ڳرين بيگن کان به وڌيڪ ڳرو منهنجو نئون احساس جرم هو، پوءِ به الائي ڇو ٽئڪسي هلي پيئي. .مرد انڌا ٿيا آهن، جو پنهنجو پاڻ کي اڪيلي ٿي سمجهين. .مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان ماڻهو ڪنهن مرڪندڙ ماڻهوءَ کان ڇو موڪلائيندا آهيون. .جيڪڏهن لنڊن ۾ تو کان ڪو گورو مرد پڇي ته، ”ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ ته جواب ڏجان، ”تون هيستائين ڪٿي هئين“؟ ائين چئي رواني ٿي وڃجان. .مون کي جڏهن به ڪا ڳڻتي اچي کڻندي آهي ته اها ڳڻتي پگهر جي ڦڙن جي صورت ۾ منهنجي هٿ جي تريءَ تي پکڙجي ويندي آهي، جڏهن آئون اهي پگهر جا ڦڙا اگهي ڇڏيندي آهيان ته وري هٿ جي تريءَ تي مِڙي ايندا آهن. .آفريڪي ملڪن جي انقلابي ليڊرن کي چئنج نه پر ايڪسچينج کپندي آهي. .ڪامورا وات مان ڳالهائڻ جي بدران ڪرسيءَ مان ڳالهائيندا آهن. .سندس مرڪ ۾ ايڏي گرما گرمي هئي، جو مائونٽ ايوريسٽ جي چوٽيءَ تي موجود برف به ڳري وڃي. .انسان جي زندگيءَ ۾ هڪ ئي وقت ڀاڳ ۽ نڀاڳ ٻکو ٻک ٿي هلندا آهن. .حقيقت ڪري پڇو ته مايا اينجليو جا جيڪي جابلو نئين وانگر ڪڙڪندڙ جملا مون کي ترجمو ڪرڻا هئا، سي ڪري نه سگهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر آهي ته سچائي هضم ڪرڻ اسان ماڻهن لاءِ ڏکي آهي. فڪري آزاديءَ جو نعرو هڻڻ سولو آهي، پر فڪري آزاديءَ ڏيڻ ڏکي ڳالهه آهي، تنهن ڪري مون سندس اهي جملا کنيا آهن، جيڪي سينسرشپ جي ڪهاڙيءَ کان بچي وڃن. .رهي ڳالهه هن ڪتاب جي قيمت جي، ته انهيءَ لاءِ عرض ڪري ڇڏيان ته جن ماڻهن وٽ مال پاڻي جام آهي، اهي هي ڪتاب وڏي آسانيءَ سان خريد ته ڪري سگهن ٿا پر پڙهڻ کان لاچار هوندا آهن، جن کي وري ڪتاب پڙهڻ جي عادت هوندي آهي، انهن جا کيسا خالي هوندا آهن، سندن گهر ۾ ڪڪڙ سنئين ڳاٽ پيو هلندو آهي. صفحن جي تعداد تي اچبو ته وري اها ڳالهه سامهون ٿي اچي ته، انساني زندگيءَ جي صفحن جو تعداد ڳڻپ کان ٻاهر هوندو آهي، اهو به مايا اينجليو جي زندگيءَ جو.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ موسم اڱارو 29 جولاءِ 2008ع ساکائتي ڳالهه اها آهي ته پاڻ کي سياسي موسم جي ته ڪا به کڙڪ ناهي، پر اها سورنهن جا ويهه آنا پڪ بيٺي آهي ته مينهن جي موسم سر تي چڙهي بيٺي آهي. رهي ڳالهه ته هنن اکرن جي لکجڻ کانپوءِ هن سال مينهن پوڻو آهي يا اڀ جون اکيون خالي هونديون، يا ڀلا جي مينهن به پوي ٿو ته اهو ڪيتري پاڻيءَ ۾ هوندو، انهيءَ جي باري ۾ ڪامن سينس جي زور تي يا پسڻ پوڻ جي زور تي ڪا ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، پر پڪ ڏئي نه ٿي سگهجي. پڪ ته رڳو موسميات کاتي وارا ڏيندا آهن ۽ اهڙي پڪ ڏيندا آهن جو چڱن خاصن جي هٿن مان ڀولڙيون ڇڏائي وينديون آهن. جڏهن هو پنهنجين ڦٽل مشينن جي زور تي اڳڪٿي ڪندا آهن ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ زوردار مينهن پوندو ته خبر پوندي ته ڦڙي به نه پئي ۽ جڏهن چپ ڪندا آهن ته اوچتو ئي اوچتو مينهن اچي ڪڙڪندو آهي. سو پاڻ کي اهڙي ڪنهن ڏٽي بازيءَ کان ڪم وٺڻو ناهي، رڳو انومان ويڙهائڻو آهي، پوءِ اهو انومان سچو به ٿي سگهي ٿو ته کوٽ ٽوٽ به رهي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته ساکائتي خبر صرف رب پاڪ جي ذات کي هوندي آهي بندو غلطين جو گهر هوندو آهي. ڏٽا ڪو نه هڻبا، انومان ويڙهائبو. ايتري پري جي ڳالهه به نه آهي، بس رڳو ٽيهارو چاليهارو سال اڳ جي ڳالهه آهي ته ٻين ماڻهن کي نه ئي سهي، ٿرين کي اڳواٽ خبر پئجي ويندي هئي ته مينهن اچڻو آهي يا وري ڪاري ڏڪار کي منهن ڏيڻو آهي. کين مينهن اچڻ يا نه اچڻ جي ڪٿان خبر پوندي هئي، ٿورڙو اهو ذڪر به ٿي وڃي. مرحليوار پهرئين پهرئين چنڊ جي چوڌاري پڙ ٺهندو هو، پوءِ ڳوهون ٻرن مان نڪري وائڙيون ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙنديون نظر اينديون هيون، ماڪوڙا وات ۾ داڻا کڻي قطارون ٺاهي مٿاهين هنڌ ڏانهن ويندا ڏسڻ ۾ ايندا هئا، لنڊيون بلائون وڻن تي چڙهي وينديون هيون، ڪانون جي اڏامڻ جي رفتار گهٽ ٿي ويندي هئي، ڳيريون مٿي يا واري ۾ کنڀ هڻي ڪَرَ ڦٽڙايون هڻنديون هيون ۽ آخر ۾ جڏهن ڳئون منهن مٿي ڪري هوا کي سِنگهنديون هيون ته سورنهن جا ويهه آنا اها پڪ ٿي ويندي هئي ته اجهو ٿو مينهن اچي، پر هاڻي ماحوليات جي خرابي جي ڪري ڪميونيڪيشن جو اهو سلسلو ٽٽي چڪو آهي، تنهن ڪري ڪا به خبر نه ٿي پوي ۽ مينهن لاءِ واجهائيندڙ ماڻهو انڌ ۾ پيا هلن. اڳي جڏهن مينهن پوندو هو ته يا ته اتر اوڀر کان ٻڪراڙ کنوڻ سان ڌوڙيا ڪندو اچي ٽٽندو هو ۽ ڪلاڪ ٻن ۾ تل، ترائيون ۽ پٽ کي پاڻيءَ جي ڇر سان هڪ ڪري اڏامي ويندو هو ۽ ڏهه ٻارنهن ڏينهن رکي وري کڻي آءُ ڪندو هو، يا وري اولهه ڏکڻ کان ڦڙ ڦڙ جي صورت ۾ رُهي ٺاهي بيهندو هو ۽ يڪا اٺ ڏهه ڏينهن پيو ڍينگا ڍيري ڪندو هو ۽ ماڻهو ٻُڪ کڻي رب پاڪ کي پيا ٻاڏائيندا هئا ته مينهن بند ٿئي. اهو مينهن فصلن ۽ ڪچن گهرن کي هڻي تباهه ڪري ڇڏيندو هو، پر هاڻي ماحولياتي توازن بگڙڻ جي ڪري اها خبر نه ٿي پوي ته ڪڏهن، ڪهڙي ڪنڊ کان ڪيترو مينهن پوندو يا ڦڙي به نه وسندي. اهڙيءَ حالت ۾ ايندڙ مينهن جي باري ۾ پڪ سان ته ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي، پر وري به انومان ويڙهائي سگهجي ٿو. هڪڙو انومان اهو بيٺو آهي ته گذريل ٻن ٽن سالن ۾ چڱو خاصو مينهن پيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جيڪي ٻوڏيون آيون، اهي اڃا به ماڻهن جا کنڌا کڻيون بيٺيون آهن، وٽا ۽ کٽون اڃا به اونڌيون آهن ۽ زخم اڃا به موجود آهن. مينهن جو اهو تسلسل شايد هن سال به رهي. ”شايد“ جي ڳالهه آهي، ”پڪ“ جي ڳالهه ناهي. ٻيو انومان اهو بيٺو آهي ته هن سال هن مضمون لکجڻ کان ڪيترائي ڏينهن اڳ پاڪستان جي اتر ۾ وقت کان اڳ چئوماسي جا مينهن شروع ٿي چڪا هئا، جيڪي اڃا تائين جاري آهن. انهن مينهن جي نتيجي ۾ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي اچي چڪو آهي ۽ ڪيتري وقت کانپوءِ سنڌو درياءَ جو مينهن سنڌ ڏانهن به شايد وري. وري به ”شايد“ جي ڳالهه آهي، ”پڪ“ جي ڳالهه ناهي. پوءِ به کٽڪو وڃائڻو ناهي ۽ ڪن سرنهان رکڻا آهن. اصل مينهن اچڻ تي ته پاڻ سرهو ٿيڻ کپي، ارهو نه ٿيڻ کپي، پر ٻوڏ جو انديشو ته تڪليف ڏيندڙ آهي ئي آهي. ڇاڪاڻ ته اڳي ته پندرنهن انچن جي هن هڪڙي ئي مينهن ۾ ٻوڏ نه ايندي هئي، پر گذريل ٻن ٽن سالن ۾ ڇڙن پنجن ستن انچن جي هڪڙي ئي مينهن ۾ ايڏيون وڏيون ٻوڏيون آيون آهن، جو رب پاڪ پيو ڏئي پناهه. هت اهو سوال ٿو اٿي ته اڳي وڏن وڏن مينهن ۾ به ٻوڏيون نه اينديون هيون ۽ هاڻي ته ٿوري مينهن تي به وڏي ٻوڏ اچيو وڃي، اهو آهي ڇا؟ جواب پڌرو پيو آهي ته اڳي جيڪي وڏا وڏا مينهن بلوچستان جي جبلن تي پوندا هئا ته اتان لڙهندڙ پاڻي جا ڪيئي وهڪرا ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندا هئا. هڪڙن وهڪرن جو رخ وڏيءَ ويڪر ۾ اوڀر طرف هوندو هو، جيڪي سنڌو درياءَ ۾ اچي ڇوڙ ڪندا هئا، پوءِ سنڌو درياءَ اهو پاڻي کڻي سمنڊ ڏانهن رخ رکندو هو. ٻين وهڪرن جو رخ ڏکڻ طرف هوندو هو، جيڪي سڌا سڌا وڃي سمنڊ ۾ ڪرندا هئا ۽ سمنڊ اهو پاڻي هضم ڪري ويندو هو. جيڪي مينهن سنڌ جي جبلن تي پوندا هئا، انهن جا هڪڙا وهڪرا ته اچي سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا، ٻيا وهڪرا اولهه طرف ويندي ويندي ملير علائقي (ڪراچي شهر به ملير جو هڪ حصو آهي) کي سائو ستابو ڪندا وڃي سمنڊ ۾ ڪرندا هئا. ٻيا جيڪي وڏا مينهن سنڌو درياءَ جي کاٻي پاسي پوندا هئا، انهن جي وهڪرن جو هڪڙو رخ اوڀر طرف هوندو هو، جيڪي اچي قديم هاڪڙي جي پيٽ ۾ ڪرندا هئا. ٻيا وهڪرا ڏکڻ طرف رخ رکي لاڙ جون ۽ ڍنڍون ڍورا ڀريندا ڏکڻان ڦري ايندڙ هاڪڙي ۾ وڃي ڇوڙ ڪندا هئا. ائين سنڌ جا ماڻهو وڏين وڏين ٻوڏين کان بچي ويندا هئا. تنهن زماني ۾ جيڪڏهن ڪي وڏيون ٻوڏيون سنڌ ۾ آيون ته اهي تڏهن اينديون هيون، جڏهن هڪڙو ئي مينهن ٽيهارو چاليهارو انچن جو پوندو هو، جيڪو غير معمولي هوندو هو. آفت جي طاقت کي ئي ڏسڻو آهي. پر هاڻي جيڪا ٿوري مينهن تي وڏي ٻوڏ اچيو وڃي ته انهيءَ جو سبب آهي پاڻي جا وهڪرا ۽ واٽون بند ڪرڻ. اهي واٽون ۽ وهڪرا ڪيئن ۽ ڇو بند ٿيا، انهيءَ جا ڪارڻ هي آهن: (1) وچ ۾ ڳچ سال گذري ويا جو سنڌ ۽ بلوچستان جي انهن هنڌن ڪو ايڏو خاص مينهن ڪو نه پيو، جو پاڻي وارا وهڪرا ڀرجي اٿن ۽ پاڻي گهوگهٽ ڪندو هيٺاهين ڏانهن وهي وڃي. درياءَ يا سمنڊ ۾ يا ڍنڍن ڍورن کي ڀري تار ڪري. جي ڪي مينهن پيا به سهي ته ايترا ڪو نه پيا، ٿورا پيا ۽ وهڪرن جو تر مس مس وڃي آلو ڪيائون يا ڪٿان ڪا ننڍي نئين اٿي هلي به سهي ته ماڻهن انهيءَ جو اثر نه ورتو. ائين ماڻهو وساري ويهي رهيا ته هتان يا هتان سندن آسپاس موجود ڪي پاڻي جي هيٺ لهڻ جون واٽون ۽ وهڪرا ڪنهن به وقت ٻڙڌڪ مچائي سگهن ٿا، جيڪي کين اڳي بچائيندا پئي آيا هئا. اها اجتماعي ويسر هتان پهچائڻ ۾ دير ئي ڪا نه ڪندي آهي. (2) پيڙهي وڇوٽيءَ به پنهنجو رنگ ڏيکاريو. جيڪي خبرون وڏن کي هيون، اهي خبرون ننڍن کي نه رهيون ته کين ڇا ڪرڻ کپي ۽ ڇا نه ڪرڻ کپي. پوڙهن ۽ پوڙهين جو جيڪو لوڪ شعور هو، انهيءَ سان به نئين پيڙهيءَ ڪجهه به حاصل نه ڪيو. مورڳو ”اسي مت کسي“ جو پهاڪو ٺاهي جهونن جي ڳالهين کي رد قد ڏنو ويو ۽ نئين ٽهي ”وارا ڄمارا“ کي وساري ويهي رهي. ائين نئين ٽهيءَ جو ڌيان انهن وهڪرن جي پيٽ ڏانهن نه ويو. (3) سنڌ جي آبادي وڌڻ لڳي. جنهن جو وڏو ڪارڻ ته اهو آهي ته ٻين صوبن مان ايندڙ ماڻهن جا ڪٽڪ جيئن پوءِ تيئن وڌندا ويا ۽ اڃا تائين وڌندا پيا اچن. ظاهر آهي ته ٻين ماڻهن کي سنڌ جي موسم سان ڪا به غرض ناهي، جي کين ڪا غرض آهي ته صرف پنهنجي ڪمائي سان آهي. ٻيو اهوا ته خود سنڌ جي ماڻهن ۾ خانداني منصوبه بندي جو به احساس نه هو. انهيءَ ڪري سنڌ جي ماڻهن جي به آبادي وڌندي وئي. ائين سنڌ جي زمين تي بار وڌي ويو. ماڻهن جي ايڏي ساري گهڻ جي ڪري به پاڻي جي وهڪرن ڏانهن ڪو به ڌيان نه ويو. کين اهو احساس ئي نه رهيو ته ڪا قدرتي آفت به اچي سگهي ٿي. تنهن کانپوءِ سنڌي ماڻهن ۾ سياست زدگي ايڏي وڌي وئي، جو انهن جو سڄو جو سڄو ڌيان سياست ڏانهن هليو ويو ۽ سندن رابطو فطرت کان ڪٽجي ويو، جنهن ۾ مينهن جي پاڻيءَ جا وهڪرا به اچي وڃن ٿا. (4) هر ماڻهو پنهنجو سک ڳوليندو آهي. لوڀ لالچ رکندڙ ماڻهو اهو چاهيندو آهي ته اڃا به گهڻي مان به گهڻو ڪريان. جيڪو غريب ماڻهو هوندو آهي ته اهو به پنهنجي پيٽ جو بر ڀرڻ ۽ غربت مان نڪرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن جهوتون کائيندو آهي ته جيئن کيس روزي روٽي نصيب ٿئي. جيڪو سفيڊ پوش ماڻهو هوندو آهي، اهو پنهنجي وڌيل ضرورت پورو ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻندو آهي. ائين اهڙا ماڻهو به موسم کان اڻ ڄاڻ بڻجي پنهنجي پٽ کونڌ ۾ هوندا آهن، انهن ماڻهن جو ڌيان به پاڻيءَ جي وهڪرن ڏانهن نه ويو. امير مال ملڪيت ڏانهن نه ڏسي ته ڪيڏانهن ڏسي. غريب ماڻهو پنهنجي دهل وانگر وڄندڙ خالي پيٽ ڏانهن نه ڏسي ته ڪيڏانهن ڏسي. انهن ئي ڪارڻن جي ڪري ڏينهون ڏينهن ماڻهو فطرت کان پري ۽ قدرتي آفتن کان اڻ ڄاڻ بڻجندو ويو، بڻجندو پيو وڃي. اها اڻڄاڻائي هئي، جنهن جي ڪري قصو خراب ٿيو. اهو هيئن ته جتي به جيڪي به پاڻي جي وهڪرن جا پيٽ هئا، جيڪي هنڌ هئا ۽ جيڪي هيٺاهيون هيون، اهي سڀ جا سڀ لٽاشا به هئا ته اهڙن هنڌن تي زمين جي هيٺان پاڻي به ويجهو هو، جن جو ريججڻ سولو هو. زمين ڪنواري هئي ۽ کيڙڻ ۾ سولي هئي، انهي ڪري انهن وهڪرن ۾ پهرئين کيڙي پوکي ڪئي وئي، پوءِ مال جا وٿاڻ به انهن وهڪرن جي پيٽ سان لڳو لڳو ٺهيا، گهر ٺهيا، اوطاقتون ٺهيون ۽ ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿي وئي ۽ لاپرواهي وڌي وئي. ٻئي پاسي انهن وهڪرن جي آسپاس جيڪي ننڍا وڏا شهر هئا، اهي وڌي وڃي وهڪرن جي پيٽ سان لڳا. پلاٽنگ ٿي، گهر ٺهيا، دڪان کوليا ويا، پيٽرول پمپن پاڙون هنيون ۽ بازاريون لڳي ويون ۽ ماڻهن جي ريلي پيل ٿي. وهڪرن جي پيٽ سان ته جيڪا کس ٿئي سا ته ٿئي، پر خود ٻوڏ جو پاڻي جهلڻ واري قديم هاڪڙي عرف ڇنڊڻ جي ويڪري پيٽ تي نظر ٿي وجهجي ته چوڌاري ئي چوڌاري فصل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. وسڪاري جي موسم ۾ ته زميندار پنهنجي اها کيڙي پوکي بچائڻ لاءِ ساڪري جي ٻنهين پاسن کان بند ٻڌي ڇڏيندا آهن ته جيئن پاڻي اندر اچي نه سگهي. ائين ڪيتريون ئي ڍنڍون، ڍورا ۽ ڇاڙون به آباد ٿي ويون آهن. (ڪي ڪي ڍنڍون وڃي بچيون آهن) ٽئي پاسي ملير (ڪراچي) ۾ ڪيترن ئي وهڪرن مٿان گهر ٺهي ويا آهن. ٻيو ته ٺهيو ته مينهن جو پاڻي جهليندڙ سنڌو درياءَ جون جيڪي ست ڇاڙون (ڊيلٽا) وهي وڃي سمنڊ ۾ ڪرنديون هيون، انهن ڇاڙن سان به ڪراچي شهر جو ڳچ حصو اڏجي چڪو آهي. بنگلا به ٺهي ويا ته فليٽ به. پڪا گهر به ته غريباڻا گهر به. ائين پاڻي جي اها وڏي واٽ به بند ٿي چڪي آهي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”باهه ۽ پاڻيءَ سان کس نه ڪجي.“ پر پاڻي سان جيتري به کس ٿيڻي هئي، سا ٿي چڪي. پاڻي کي هيٺ وهڻ لاءِ گس کپي ئي کپي. جيڪڏهن پاڻي جو گس بند ٿيندو ته پاڻي پهرئين ته پنهنجي وهڪري جي آڏو آيل هر شيءِ کي پاڙان ڪڍي لوڙهڻ تي لهي ايندو آهي. ڀلا جي ڪا ڏاڍي شيءِ سامهون اچي وئي ته پوءِ پاسن کان کنڌيون هڻي وڌيڪ پکڙجي وهڻ لڳندو آهي ۽ آئي وئي شيءِ کي لوڙهيندو ويندو. جيڪي مٿانهين هنڌ تي ويٺل هوندا آهن ته اهي به پاڻي جي رهڙي ۾ اچي ويندا آهن. سنڌو درياءَ کي جهونن ”پورالو درياءَ“ به ڪري سڏيو آهي. سو جيڪڏهن سڄي ملڪ ۾ هن سال گهڻو مينهن ٿو وسي ته سنڌو درياءَ به پُور ۾ اچي سگهي ٿو. جيڪڏهن درياءَ پور ۾ آيو ته پوءِ ڪراچي کي ته خطرو ئي خطرو آهي، پر قاسم آباد، لطيف آباد ۽ سنڌ جا ٻيا ننڍا وڏا شهر، جيڪي درياءَ کي ويجها آهن، انهن کي به ڇيهو رسي سگهي ٿو. مينهن لاءِ ته ماڻهو ٻاڏائيندا آهن ته مينهن اچي ۽ ملڪ سائو ٿئي. مينهن مان ڪو به ارهو ڪونهي، پر فقيرن جي دعا آهي ته مينهن ته ڀلي اچي، پر ايترو به نه اچي جو ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پوي. خدا تعاليٰ ڪندو ته ٻوڏ ٽري ٽارو ڪندي ۽ مينهن به پوندا رهندا. موسم ته مينهن جي آهي، ٻئي قسم جون ٻيون موسمون ته غريب غربو هن بندي کان وڌيڪ ڄائي ٿو. خيال هر شيءِ جو رکڻو پوندو.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ اُٺ گهوڙا آچر 8 فيبروري 2009ع ڪاوش ۾ لکڻ به هڪڙو گورک ڌنڌو آهي. جي لکندو رهه ته ٺيڪ جي ڪجهه مهينن لاءِ اخبار مان غائب ٿي وڃ ته وٺ پڪڙ شروع ٿيو وڃي ته چڱو ڀلو آهين يا بيمار؟ ملڪ ۾ آهين يا ملڪ ڇڏي وڃي ڪانگو جو جهنگ وسايو اٿئي، پڙ تي آهين يا جهمرو جهٽي ويا اٿئي؟ مئن ڀيڙو آهين يا جيئرن ڀيڙو آهين يا مورڳو نه مئڻ ڀيڙو آهين ۽ نه جيئرن ڀيڙو آهين؟ مر يا منجي ڇڏ. ڏيو منهن، جهليو پير، پوءِ به شابس هجي هڪڙي دوست کي يعني اشفاق آذر کي، جنهن سان پاڻ جا موبائيل فون تي نياپا نڙا رهندا آهن. انهن ٻه ٽي ڀيرا اهڙا نياپا ڪيا ته ڪتابن ۽ ڊرامن جون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر ڪڏهين ته سياست تي به لکي ڏيکار. مڙس ڀلو نياپو ڏنگو. ڳالهه لک جي، فرمائش اکين تي. ٻيلي سياست تي لکڻ مون لاءِ اڳ به ڏکيو ڪم هو، هاڻي به ڏکيو ڪم آهي. هن وقت سياست جي دنيا ۾ جيڪي ڪجهه به وهي واپري رهيو آهي، انهيءَ جي خبر مون کان وڌيڪ خلقت خدا جي کي آهي، جيڪا ڏسي به رهي آهي، سمجهي به رهي آهي ۽ گهر گهٽيءَ ۾ ڳالهائي به رهي آهي. توکي مون کي رڳو ڪن ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ سکئي مان به ڪجهه سکڻو آهي. گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ معاملي ۽ مامري ۾ پاڻ ته اٺين ڀانئيندا آهيون، خلقت جي اجتماعي ڏاهپ (Folk wisdom) پاڻ جي ڄاڻ کان وڌيڪ آهي، تنهن هوندي به سياست تي لکڻ عيب ناهي، پوءِ ڀاڙو ڀتو وٺي لکجي يا بيگر وهجي يا وري اندر جي چئي تي لکجي. تنهن کانپوءِ لکڻ جي آزادي به آهي، جيڪي لک سو ڦٻڻ جهڙو به آهي، ڪنهن جي قلم ۽ وات تي ڪا به پابندي ناهي، پر پاڻ چئون ٿا ته جيڪي ڄڻين سي نپائين، جن کي سياست جي ڪاڪ محل سمجهه ۾ اچي، اهو لکي. پر پاڻ آهيون جهنگ جي بلا سو لکبو به جهنگ جي دنيا تي، جيتوڻيڪ اهو جهنگ ايترو گهاٽو ناهي، جيترو سياست جو جهنگ گهاٽو آهي. پر جيڪو جنهن جهنگ جو واقف، اهو ته اهو ئي ڪجهه لکندو. سو پاڻ پهرين ٿا جهليون اٺ جي ڪنڌ مان. عربن سڳورن ۾ اها ڳالهه الائي ڪيئن پکڙجي وئي آهي ته اٺ ڌڻيءَ کي به کائيندي دير نه ڪري. ٿي سگهي ٿو ته اتان جي اٺن جا ڏند شينهن جي چنبن کان به ڏاڍا هجن جو ڌڻي کي ڪرٽي کائي وڃي رڳو هڏيون ڇڏي ۽ وري ڪينه پرور به هجي. پر پاڻ وارا اٺ ته ٻئي رنگ ۾ ڏٺا اٿئون، هڪڙو ته سر نسرڻ جي مند ۾ يعني سياري جي اڳياڙيءَ ۾ ماڻهن سميت سڀني ساهوارن کي مستي چڙهندي آهي، ايئن اٺ تي به مستي چڙهندي آهي، پوءِ اهو اٺ ماڻهن کي به اٺڻي سمجهي تارون ڪڍي گڙندو به آهي، گجي به ڪڍندو آهي ۽ ماڻهن جي پويان ڪاهي به پوندو آهي. اوٺارين کي اڳ ۾ ئي خبر هوندي آهي، سي اهڙي اٺ جو پاسو نه ڇڏيندا آهن. جيئن ئي اٺ تارون ڪڍندو آهي ته اوٺاري اٺ جي اڳيان اچي اٺ جي منهن ۾ لٺيون هڻندو آهي ته اٺ جي مستي به ختم ٿي ويندي آهي. اوٺارين کي ڇڏي ڪري عام ماڻهن کي به کڙڪ پئجي ويندي آهي، ته هائو ٻيلي اٺ مستيءَ ۾ آهي، سي وري اٺ جي منهن ۾ وڃڻ جي بدران پاسو ڪندا آهن. مستي لاچاري آهي، انهيءَ ساڳئي مند ۾ خود ماڻهوءَ جي مٿي ۾ هوا ڀريل هوندي آهي ته اٺ ويچارو ڇا ڪري. انهيءَ فطري لاچاريءَ کي ڪا دشمني يا ڪا ڪينه پروري ته چئي نٿو سگهجي. اٺ تي اهي الزام اجايا آهن. ٻيو وري اهو ته اٺ جڏهين رستي تي هوندو آهي ۽ پويان ڪا جيپ اچي رسندي اٿس ته اٺ ويچارو منجهي پوندو آهي، ڪا واحد نه سجهندي اٿس، تنهن ڪري رستو ڇڏي پاسو ڪرڻ جي بدران سڌ ۾ ساڳئي رستي تي ڊوڙندو ويندو آهي، جيستائين ٿڪجي وڃي ڊٿڙ ۾ نه پوي. ڊرائيور لاءِ ٻه واٽون بچيل هونديون آهن، ته يا ته گاڏي جي اسپيڊ گهٽ ڪري ڇڏي يا وري رستو ڇڏي اٺ جي پاسي وٽان لنگهي وڃي، يا وري بريڪ هڻي اسٽيئرنگ تي مٿو رکي ننڊ جا ٻه ٽي جهوٽا ئي وٺي يا کڻي چيلهه سڌي ڪري وٺي. پر جي گاڏيءَ اڳيان اٺ جي بدران ڪا ٻڪري يا ڇوڪري اچي وڃي ته پوءِ خود ڊرائيور اٺ وانگر وائڙو ٿي ويندو آهي، ڇو ته ٻڪري رستي کان پرڀرو به هوندي آهي ته به وائڙي ٿي ٽپ ڏيئي گاڏيءَ جي اڳيان اچي ويندي آهي ۽ پوءِ ڊرائيور جو پير چڱي طرح بريڪ تي ڦٻي ۽ جيپ اونڌي ٿئي يا وري ٻڪري گاڏي هيٺان اچي وڃي ۽ ڊرائيور جيپ کي اڳتي وٺيو وڃي. رهي ڳالهه ڇوڪريءَ جي ته اها جي روڊ رستي کان ڀلي کڻي پاسي تي هجي، پر ڊرائيور ٻڪري وانگر سر کان بتال ٿيل هوندو. خير اهي ڳالهيون اتي ڇٽيون وٺ وهندي کي. هن وقت جيڪو ماحولياتي خرابو پيدا ٿي ويو آهي، انهيءَ ڪري اٺ سر کان بتال ٿيل آهي. پر سئو ٻه سئو ورهيه اڳ انهيءَ اٺ راڄن جا راڄ بچايا. انهيءَ زماني ۾ وڏا وڏا دٻالٽ واچوڙا اٿندا هئا، جن جو رخ ڏکڻ اولهه کان اتر اوڀر طرف هوندو هو. اهڙي واچوڙي جي وچڙ ۾ جيڪا به شيءِ ايندي هئي، سا ڦوندا ڦوندا ٿي ويندي هئي. مال، ماڻهو، وڻ، گهر چٽ. انهيءَ زماني ۾ اٺن جي وڳ کي سئو ڪوهيءَ (ٻه سئو ميل کن) تان خبر پوندي هئي ته واچوڙو اٿيو آهي ۽ سوسٽ ڪندو ڪاهيندو اچي. اهو واچوڙو جيستائين پهچي ئي پهچي تيستائين اٺن جو وڳ ڊوڙندو ڊوڙندو ماڻهن کي ٿونا هڻندو واچوڙي واري گس کان پري هٽائي ڇڏيندو هو. ماڻهو به اٺن جي اها اشارن واري ٻولي سمجهندا هئا ۽ واچوڙي جي زور آور مهاڙ کان ٽري ٽارو ڪندا هئا ۽ پوءِ پيا ڪلما پڙهندا هئا، يا رام رام ست پيا ڪندا هئا. ائين اڄ جي خطاڪار اٺ وڏيون خلقتون ۽ مال مڙها بچايا. جيڪڏهن اها ڳالهه ٿي ڳڻجي ته بنا ڪنهن شڪ شوبي جي اٺ کي بزبان انگريزي Savior به چئي سگهجي ٿو. هاڻي جڏهين آسمان به لاچار ٿي پيو آهي، زمين به دونهاڙ ڇڏي رهي آهي، ته اٺ جي اندر جون جبلتون (Instincts) به ڪم ڇڏي چڪيون آهن. جڏهين ماڻهن کان به مت ڇڏائي چڪي آهي ۽ هڪ ٻئي جو سر کڻڻ لاءِ ڪلاشنڪوف کڻيو پيا هلن، ڇتا ٿي پيا آهن، ته جي اٺ ويچاري سياري ۾ مستي ڪئي ته ڪهڙو ڏوهه ڪيائين. ماڻهو ڇٽو مٺو مسڪين اٺ. اچ سائين گهوڙي تي. مٿو مٿي تي، اک نه ڏسي گوڏي کي. منهنجو ذاتي تجربو به آهي، گهوڙن جي خفتين جو به چوڻ آهي ته هڪڙي پاسي توهان مرسيڊيز 450 تي چڙهي ڪري ڏسو، ٻئي پاسي تي گهوڙن تي چڙهي ڪري گهوڙي کي ڊوڙائي ڏسو ته اوهان کي وڏو نفسياتي فرق نظر ايندو. مرسيڊيز جي سواريءَ ۾ ماڻهن جو جهڙو ماڻهو ۽ گهوڙي تي سوار ٿيڻ کان پوءِ شاهن جو شاهه عرف شهنشاهه. اهو ڪو مسئلو جينز (Genes) جو ڏسجي ٿو ته مرسيڊيز تان لهڻ کانپوءِ ڌوڙ منهن ۾، گهوڙي تان لهڻ کان پوءِ اڌ منو ڪلاڪ گهوڙي سوار پنهنجو پاڻ کي ملڪ جو بادشاهه سمجهيو بيٺو هوندو ۽ مٿو خراب هوندس. هينئر ته خير بم گولن جو زمانو آهي، پر ماضيءَ جي تاريخ قلم سان نه، پر گهوڙن جي سنبن سان لکي ويئي آهي. واکاڻ ته عربي گهوڙي جي ڪئي وڃي ٿي پر سونهن جي حساب سان. پر جن گهوڙن بغداد ڪيو، چينين کي اٺ هزار ڪلوميٽر ڊگهي، اڙانگي ۽ مورچن سان سٿيل ديوار چين ٺاهڻي پئجي ويئي، جنهن جي ٺاهڻ ۾ هزار سال کن لڳا، انهن جو ڪارڻ منگولن جا گهوڙا هئا. اهي گهوڙا دنيا جي عام گهوڙن کان قد ۾ ننڍا ۽ شڪل جا بڇڙا هئا. ڪنڌ جي ٻر هيٺ پئي لڙڪندي هئي. انهن گهوڙن جي ڪاريگريءَ جي شروعات منگول ڌراڙن کان شروع ٿي. اهي منگول ڌراڙ ٽولا ٺاهي، هٿيار پنوهار کڻي گهوڙن تي چڙهي گول دائرن ۾ ڦرندا ويندا هئا، ۽ جيڪا به جيئري شيءِ سامهون ايندي هين، انهيءَ جو قتلام ڪندا ويندا هئا. وڏن ساهوارن کي منگولن جون تلوارون ۽ گرڪمان کائيندا ويندا هئا ۽ ننڍن ساهوارن ويندي وڇوئن، سانڊين ۽ سانڊن کي وري منگول گهوڙن جا سنب رهڙيندا ويندا هئا. مجال آهي جو منگول گهوڙي جو سنب تر تان به گسي. منگولن جي گهوڙن جو اهو ردم پکڙبو لشڪر جي صورت اختيار ڪري ويو. پوءِ منگولن انهيءَ ردم جي آڌار تي جيڪي هاڃا ڪيا، تنهن جي خبر دنيا کي آهي. اهو جيڪو سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”هاءِ گهوڙا بغداد ٿي ويو“ اها رڙ منگول گهوڙن ڪڍرائي. پر جيڪو ڪلهه هو، سو اڄ ناهي. وقت سڀني کان سگهارو طوفان آهي، جنهن جي رهڙي ۾ اچي ڪئين تهذيبون، ڪئين بادشاهيون ۽ ڪئين شهر ۽ ڳوٺ تباهه ٿي ويا. وقت جي انهيءَ طوفان جي ارڙي ۾ اچي هن وقت منگول ۽ منگولن جا گهوڙا ٻڪريون بڻجي چڪا آهن. کين ڪن مان جهلي گيهليندو وڃ ته ٻڪري اڃا به گهه ڪندي پر منگول گهوڙو ٻڙڪ به ٻاهر ڪو نه ڪڍندو. ڇٽ پٽن تي جو ائين ڪرندا آهن. اهي ته هيا پراوا گهوڙا. اچ پنهنجن گهوڙن تي. ڀلو ڀلو ڪهڙي ڳالهه ڪجي. سنڌ جي گهوڙن وٽ هلڻيون ايتريون آهن، جو ريڊ انڊين گهوڙن کي ڇڏي ڪري (مٺاسين سپر پاور آمريڪا مان) شايد ئي ڪٿي لڀن. هڪڙي هلڻي آهي ”وک“ يا ”پنڌ.“ انهيءَ هلڻيءَ ۾ گهوڙو ڊوڙڻ جي بدران آرام سان هلندو نظر ايندو آهي ۽ گهوڙي سوار جو ڪنڌ ائين لڏندو نظر ايندو آهي، جيئن ڪنهن ڪائو بواءِ فلم جو هيرو ڊگهو پنڌ پٽڻ کانپوءِ ننڊاکو بڻجي ڪنڌ لوڏيندو نظر ايندو آهي. ٻئي هلڻي آهي ”ڊُگ.“ ڊگ کي پنڌ سمجهڻ جي بدران جاگنگ سمجهڻ کپي يا سوليءَ سنڌيءَ ۾ واڪڙ شاڪڙ. ڊگ ۾ گهوڙي جا پير وڌيڪ مٿي کڄندا آهن، وک ننڍي پر تيز هوندي آهي ۽ مشڪون هيٺ مٿي ٿينديون آهن، ائين ئي جيئن ڪتو آهستي آهستي ڊوڙندو ويندو آهي. اڄڪلهه جا ڪجهه خفتي انهيءَ هلڻي کي ”ڪُتي واري چال“ به چوندا آهن. انهيءَ ڪري انهيءَ هلڻيءَ دوران گهوڙي سوار ڇانڀولبو نظر ايندو آهي. اها هلڻي گهوڙي لاءِ سولي ۽ سوار لاءِ ڏکي هوندي آهي. ٽئين هلڻي هوندي آهي ”رلو.“ رلي ۾ گهوڙي جي رفتار ته ساڳي ”ڊُگ“ واري هوندي آهي، پر گهوڙو بت جهلي هلندو آهي. تنهن ڪري گهوڙي جون مشڪون هيٺ مٿي نه ٿينديون آهن. گهوڙي جا پير هيٺ ڀرا کڄندا آهن. هي هلڻي گهوڙي لاءِ ڏکي ۽ گهوڙي سوار لاءِ سولي هوندي آهي. چوٿين هلڻي هوندي آهي ”من.“ من ۾ گهوڙي جي رفتار ته وڌي ويندي آهي، پر جي گهوڙو بنهين ڀلو هوندو ته هٿ جي تريءَ تي کير جو ڀريل وٽو کڻيو وڃ ته ڦڙو به هيٺ ڪو نه هاربو. ائين لڳندو آهي، ته گهوڙي جي پيرن ۾ ڪي اسپرنگ لڳل هجن، جيڪي لوڏن کي روڪيندا هجن. هيءَ هلڻي به گهوڙي لاءِ ڏکي ۽ سوار لاءِ سولي هوندي آهي. سنڌ ۾ عام طور تي گهوڙي جي انهيءَ هلڻيءَ کي وڌيڪ پسند ڪيو ويندو آهي. ڪيترو به ڊگهو پنڌ هجي، پر سوار کي چڙڪ نه پوندي آهي. پنجين هلڻي آهي ”ٽه پيري.“ هن هلڻيءَ ۾ گهوڙو واري سان هڪڙو سنب زمين تي هڻڻ کان گُسائي ويندو آهي ۽ واري سان رڳو ٽي سنب زمين تي لڳندي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. انهيءَ هلڻيءَ جي دوران جي ڀلا اکيون پوري ڇڏيندين ۽ رڳو ڪن ڏيندين ته ”دٻڙڪ دٻڙڪ“ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. ڇهين هلڻي آهي ”چئو پيري.“ چئو پيريءَ جي رفتار ته لڳ ڀڳ ٽه پيريءَ واري هوندي آهي، پر هن هلڻيءَ ۾ گهوڙي جا واري سان چارئي سنب زمين تي لڳندا آهن ۽ گهوڙي کي هلڻ ۾ اها ڏکيائي نه ٿيندي آهي، جيڪا ٽه پيريءَ ۾ هوندي آهي. ستين هلڻي آهي ”سراڙو.“ هن هلڻيءَ ۾ گهوڙي کي ڇوٽ ڇڏيو ويندو آهي، ته جيترو تيز ڊوڙي سگهي، اوترو ڊوڙي. هن هلڻيءَ ۾ گهوڙي جي رفتار چوٽ تي هوندي آهي يا ائين کڻي چئون ته وڌ ۾ وڌ رفتار. ڀلا جي خفتيءَ جو پٽڪو ڪري پوي ته ڀلي وڃي ڪري، پر ڪاريگر گهوڙي سوار پنهنجو پٽڪو ته ڪرڻ کان بچائي سگهي ٿو، پر ٻئي جي پٽڪي لاهي سگهي ٿو. هن هلڻيءَ ۾ جي گهوڙي کي بيهارڻ لاءِ اوچتو ئي اوچتو جهٻي ڏجي ته گهوڙو وڃي گوڏا کوڙيندو. اٺين هلڻي آهي ”جُهڙون.“ هن هلڻيءَ ۾ گهوڙو ڊوڙندي ڊوڙندي پنهنجو پويون ساڄي پاسي وارو سنب اڳئين کاٻي واري سنب کان مٿي مرئي ۾ ڌڪ وڃي هڻندو آهي. ائين گهوڙي جي اڳئين کاٻي مرئي مان رت ڳڙڻ لڳندو آهي. پر جيڪڏهن گهوڙي جي بدران هوندي گهوڙي ته اها هن هلڻيءَ دوران جُهڙون ته هڻندي آهي، پر ڀليءَ گهوڙي جو سنب گهڻو ڪر اڳئين سنب کان به اڳتي هليو ويندو آهي، پر ڪڏهين ڪڏهين اڳئين کاٻي مرئي جي پاسي وٽان لڳندو آهي ته ٿورا ٿورا رت ڦڙا ڳڙندا آهن، جن جو اثر گهوڙي نه وٺندي آهي. البته نر گهوڙو زخمي ٿي پوندو آهي، انهيءَ ڪري اڄڪلهه جا خفتي چوندا آهن ته گهوڙو کري پيو آهي، تڏهين ٿو جهڙون هڻي. مادي گهوڙي انهيءَ آخري هلڻيءَ ۾ نر گهوڙي کي پوئتي ڇڏي ويندي آهي، ائين ئي جيئن ڍاٽڻ اٺڻي نر اٺ کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ تيز رفتار هوندي آهي. اٺڻيءَ جي انهيءَ تيز ترين ۽ ڊگهي پنڌ ڇڪڻ واري هلڻيءَ کي ”رُنب“ چيو ويندو آهي. جيئن زمان ماضيءَ ۾ راجپوتانا جا راجا مها راجا ڍاٽڻ اٺڻين تي ٻڌل لشڪر ٺاهيندا هئا ته انهيءَ زماني ۾ ڪئين حملا آور گهوڙي سوارن کي انهن اٺڻين غرق ڪري ماريو يا پوئتي ڀڄڻ تي مجبور ڪيائون. ائين ئي زمان ماضيءَ ۾ ته ڇا ٽيهارو سال کن اڳ سنڌ جا ڏاڍا مڙس چور نر گهوڙي جي بدران مادي گهوڙي چوري ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن چورن کي خبر هئي ته جيڪڏهن گهوڙو چورايوسين ته واهراڙو کين وڪڙ ۾ آڻي سگهي ٿو، پر جي گهوڙي هوندي ته پوءِ واهراڙو کين پهچي نه سگهندو. ائين ڀلي گهوڙيءَ کي ڏکڻ سنڌ جو ڪو چورڪو تنجي کڻندو هو ته ڪڇ (گجرات) سان وڃي نڪرندو هو يا جي اتر سنڌ جو چور جڏهين گهوڙي چوري ڪندو هو ته روهيءَ (چولستان) مان وڃي نڪرندو هو. اها ڳالهه پاڻ انهيءَ ڪري ٿا چئون ته خود پنهنجا ڪجهه مٽ مائٽ اهو ڌنڌو ڪندا هئا، (هاڻي پوئين پيڙهين جو رخ پوليس، رينجرس ۽ فوج ڏانهن آهي) وٽن گهوڙن کان وڌيڪ گهوڙيءَ جي اهميت هوندي هئي. هونئن به عام راڄن ۾ ڀلي گهوڙي کان وڌيڪ ڀلي گهوڙِي اگهه ڪندي هئي. خود پنهنجو پاڻ جو تجربو به ٻڌائي ٿو ته گهوڙِي ته گهوڙي کان وڌيڪ تيز رفتار ۽ ٽف آهي. 1971ع جي جنگ لڳي. انهيءَ وقت آئون پنهنجي شاگرد ۽ هاڻي ٿر جي معروف سياستدان فقير شير محمد بلالاڻيءَ جي ڳوٺ ونجهڻياري ۾ ترسيل هوس. اهو ڳوٺ رڻ ڪڇ جي ويجهو ٿر جي وٽ واري علائقي ۾ آهي. جنگ لڳڻ کانپوءِ اسان کي اتان ڀڄڻو پيو. فقير شير محمد ۽ سندس خاندان جو عورتون ته جيپ ۾ چڙهي پنهنجين زمينن ڏانهن ڀڳا. اهي زمينون اڳي ڊگهڙي تعلقي ۾ ٿيون، هاڻي جهڏو تعلقي ۾ آهن. منهنجو پنهنجو ڳوٺ جنهاڻ انهن زمينن جي ويجهو آهي ۽ جهڏي تعلقي سان لڳي ٿو. ائين منهنجي فقير شير محمد بلالاڻي جي سُرفي گهوڙي (اڇي رنگ جي گهوڙي) حوالي ڪئي وئي. جُهڙن ۾ ڊوڙندڙ انهيءَ گهوڙيءَ پهريون ڦوهارو اچي ڪيرٽيءَ ۾ ڪيو. ٺاڪرن جو اهو ڳوٺ ونجهڻياري کان 16 ڪلوميٽر اتر طرف آهي. ڪيرٽيءَ ۾ ڇاندو پاڻي ڪرڻ کانپوءِ انهيءَ گهوڙي ٻيو ڦوهارو ڳوٺ کارو بجير ۾ اچي ڪيو، جيڪو مٺيءَ کي ويجهو آهي. اهو پنڌ 12 ڪلوميٽر کن آهي. ٽيون ڦوهارو ڳوٺ وڄوٽو ۾ اچي ڪيائين، جيڪو کارو بجير کان 33 ڪلوميٽر اتر طرف آهي. چوٿون ڦوهارو منهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ اچي ڪيائين، جيڪو وڄوٽو کان 15 ڪلوميٽر اتر طرف آهي. جڏهين گهوڙيءَ تان لٿس ته ڏٺم ته گهوڙيءَ جي مرين وٽ رت ڦڙا موجود آهن، پر جڏهين پنهنجي شلوار کي ڏٺم ته سڄي رت ۾ ڳاڙهي هئي، جو مون کي چڙڪ پئجي چڪي هئي. چڙڪ ۾ گهوڙي سوار جو ويهڪ وارو هنڌ سنجن سان ايترو ته گسي ويندو آهي، جو سڄي چمڙي اڌڙي ويندي آهي ۽ سور جا مايا هوندا آهن. ائين ست اٺ ڏينهن کٽ جي حوالي هئس. انهيءَ وقت اها گهوڙي سٺ هزار رپين ۾ گُهراڻي هئي، پر فقير شير محمد گهوڙي وڪڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهو اگهه هو 1971ع جو. هينئر اهڙي گهوڙي ايترو ملهه ڪندي جو چئي کڻي دنگ ڪر. ڪروڙ مني ڪروڙ کي ته ڌڪ هڻي ئي هڻي. خفتي کڻي اگهه ٻڌائين. انهيءَ ڊگهي ڀاڄ ۾ جي گهوڙيءَ جي بدران گهوڙو هجي ها ته هي مضمون لکڻ لاءِ موجود ئي نه هجان ها، ڇاڪاڻ ته نر گهوڙو ايڏي رفتار ۾ دٻ ئي نه جهلي ها. اڄڪلهه جا گهوڙن جا خفتي پنهنجي اصليت ڇڏي ”سر ريڊو ڌڙ ٻاڪرو“ بڻجي چڪا آهن. جڏهن به گهوڙن جو ملاکڙو لڳندو آهي ته انهيءَ ملاکڙي مان مادي گهوڙيءَ کي نيڪال ڏئي ڇڏي اٿن. بهانو اهو ٿا گهڙين ته جي مادي گهوڙي پڙ تي لٿي ته نر گهوڙا پاڻيءَ مان نڪري ويندا ۽ گهوڙن جي هلڻي کري ويندي. پر بابا، تربيت يافته گهوڙا ڇو کرندا. اهڙن گهوڙن کي ته ملاکڙي جي وقت پنهنجي سر سان لڳل هوندي، انهن گهوڙن جو سڄو ڌيان ڊوڙ کٽڻ ڏانهن هوندو آهي. پر ميل شائونزم کي ڪير هٿ آڏا ڏئي. هلو، جيڪو جيئن سمجهي. اچ گهوڙي جي جبلتن تي، جن مان ڪجهه اڃا سلامت آهن ۽ مٿن ماحولياتي خرابي جو ايڏو اثر نه پيو آهي، جيترو اٺ جي جبلتن تي پيو آهي. هاڻي تون گهوڙي تي سوار آهين، ڪيڏانهن وڃين پيو. هلندي هلندي جي گهوڙو ڪن ڪيٽا ڪري زيلون هڻي ۽ بيهي رهي ۽ سنب زمين تي کوٽ کوٽان جي انداز ۾ هڻي ته پڪ سمجهه ته اڳيان خطرو آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته اڃا تائين گهوڙو ائين خطري جي نشاندهي ٿو ڪري. اڳي اها ڳالهه اکين ڏٺي هئي، هاڻي ڪنن ٻڌي آهي. جي ڀلا ڪو چور لوڙهو يا ڪوٽ ٽپي ايندو هو ته به گهوڙو انهن ساڳين حرڪتن سان گڏوگڏ هڻڪ به ڪندو هو ته جيئن ڌڻي جاڳي پون. اچو سائين ٻئي اکين ڏٺي ۽ ڪنن ٻڌي ڳالهه تي. منهنجي وڏي سالي عبدالمجيد آرائين هڪڙي گهوڙي پالي رکي هئي. گهوڙيءَ سان ڏاڍي دل هيس. ٻني ٻارو ڇٽو، سڄو ڌيان گهوڙيءَ تي. گهوڙي به حد ڀلي هئي، چورن جي اک به انهيءَ گهوڙي تي رهندي هئي. گهوڙيءَ جي واکاڻ نڪري ته سمجهه ته چور جا به ڪن کڙا. ڀائو عبدالمجيد کي اوچتو ئي اوچتو برين هيمبرج ٿي پيو ۽ اسپتال پڄڻ کان اڳ ۾ ئي لاڏاڻو ڪيائين. سندس اوچتي ۽ دکدائڪ وفات کان پوءِ گهوڙي گاهه چارو کائڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هوس. گهڻي ڪوشش ڪين ته گهوڙي ڪجهه کائي پيئي، پر گهوڙي نه مڙي. ڪجهه وقت کانپوءِ گهوڙي سڪي ڪنڊا ٿي ويئي، نيٺ وڃي گوڏا کوڙيائين ۽ پوءِ آهلي پئي ۽ مري ويئي. هزارين سالن کان انسان سان وفادار رهندڙ گهوڙو ماحولياتي خرابو پيدا ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه جبلتون وڃائي چڪو آهي ۽ ڪجهه جبلتون اڃا موجود آهن. پر جيڪو حال ٿا ڏسون ته جيئن جيئن ماحولياتي خرابو وڌندو ويندو، تيئن تيئن گهوڙو به اٺ وانگر وائڙو ٿيندو ويندو ۽ گهوڙي جون جبلتون ريس ڪورس جي گهمن گهيرين ۾ ڦاسي ڦٽجي ڳري وينديون. جڏهين آسمان ئي دوست نه رهيو آهي ته اٺن گهوڙن تي ڪهڙي ميار.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ 2008ع جو ليکو چوکو! آچر 22 فيبروري 2009ع نوڪريون ٽوڪريون ڪيوسين، اهي پنهنجي جاءِ تي، پر نوڪرين ٽوڪرين هوندي ڪري به پاڻ جو شروع کان وٺي اصلي ڌنڌو رهيو آهي رلڻ ڦرڻ، جيڪو اڃا تائين جاري آهي. سو ٻيو رلڻ ڦرڻ ته قبول، پر ٽوال ڪلهي تي رکي هر ادبي علمي فنڪشن تائين پهچڻ وارا ڪي ٻيا هوندا. پاڻ ڀڳل آهيون. وڏي مصيبت آهي، پنهنجا ڇهه ست ڪلاڪ تيل ڪريو، پر هر ڀيري ساڳيون ساڳيون ڳالهيون موچڙي وانگر اچيو منهن تي لڳن. حليم بروهي حق تي ته رڙيون ڪري ٿو، جو کيس ادبي دنيا جا پار سجهن ٿا. فنڪشن بازي ڌنڌو ئي پبلسٽي مانگرس (Publicity Mongers) جو آهي، باقي اهو سو برابر آهي ته جڏهين بنهين جا حجائتي ڌر اچي ڳچيءَ مان جهليندي آهي ته پوءِ سندس ڏاڙهيءَ جو مان رکندي وڃيو فنڪشن ڀيڙا ٿيون، سو به جمعي چنڊاڻي. باقي ته سائين ”نه“ کي نوَ ڪوٽ آهن. ڪنهن جو ڪو ڏوهه ڪو نه ڪيو اٿئون، جو اهڙيون سزائون ڪاٽيندا وتون. جي ڀلا ميڙي ۾ به وڃبو ته ملهه به ڏسبي، اٺن گهوڙن جو ملاکڙو به ڏسبو ۽ مانڊي ۾ وڃي نچڻين کي ڏسبو. باقي رهيو ادبي فنڪشن ته اهڙن فنڪشنن کان ڦلهيار چڱي. آخر ڪليشي (Cliché) ۾ ڇو ڦاسون. پاڻ جو رولڙو ڪجهه ٻئي قسم جو آهي. ٻه واٽون آهن، هڪڙي واٽ راڄن ڀاڳن ڏانهن هوندي آهي، جتان عام ماڻهن، جانورن، پکي پکڻ، جيت جڻي جي خبر ڪڍڻي هوندي آهي. پاڻ جي ٻئي واٽ ڪتابن ڪڙن ڏانهن هوندي آهي، جتان دنيا جهان کي ليکڪ جي اکين سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. پهرينءَ واٽ تي هلندي ”اٺ گهوڙا“ لکياسين، هاڻ ٻئي واٽ تي هلندي 2008ع ۾ ڇپيل خاص ڪتابن تي پڙهائي ڪبي، جيڪي پاڻ جي ور چڙهيا. رابرٽ فسڪ: (Robert fisk) ڀلا ڀائو تنهنجيون خبرون. رابرٽ فڪس ڪير سڏائي، بيروت شهر ۾ رهندڙ هن انگريز جي ٻچي ۽ اسامه بن لادن جي پراڻي يار جو 2005ع ۾ جڏهين 1366 صفحن تي ٻڌل ۽ مسلم دنيا ۾ هلندڙ اذيت ناڪ جهيڙن جهٽن ۽ مارا ماريءَ تي لکيل ڪتاب The great war for civilization ڇپجي پڌرو ٿي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو ته ٽاڙهيا مچي ويا، تاڙ ڏيئي ڇڏيائين ۽ اکين مان دونهان ڪڍي ڇڏيائين. جنهن به پڙهيو، تنهن ائين ٿي چيو ته بابا هن ڪتاب کانپوءِ صحافت جو دنگ ٿي ويو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پاڻ جا يار ته گهڻئي آهن، پر ”سائين“ صرف هڪڙو آهي، اهو آهي ڊائريڪٽر فنانس فيض محمد هنڱورو. هٿ صاف، اک پڌري، ذهن سيٽيءَ وانگر تيز ۽ نيڪ نمازي. هونئن ته سندس ڌنڌو ڌاڙي انگن سان آهي، پر هي جيڪي CSS آفيسر هوندا آهن، اهي وقت ڪڍي اکرن کي به نظرن مان ڪڍندا آهن. هڪل ڪيائين ته ڀلو ڪتاب کپي، ملي ويس ۽ پڙهيائين ته Happy go lucky قسم جو هي خوش مزاج سائين فيض محمد هنڱورو اهو ڪتاب پڙهي ڪجهه وقت لاءِ ڊپريشن ۾ اچي ويو. پوءِ وري پير جهليائين ۽ چئي ويٺو ته ”يار رابرٽ فڪس جي هن ڪتاب ته وڄائي ڇڏيو.“ سو انهيءَ ڪتاب ته برابر ٻين پڙهندڙن جا به وڻ وڄائي ڇڏيا ۽ پڙهندڙ رابرٽ فسڪ جي نئين ڪتاب جو انتظار ائين ڪرڻ لڳا، جيئن ڪو پنهنجي محبوبا جو انتظار ڪندو آهي. ٽن سالن جي ڊگهي انتظار کانپوءِ 2008ع ۾ رابرٽ فڪس جو نئون ڪتاب The age of warrior پڙ تي لٿو ۽ من جون مرادون پوريون ٿيون. سڀ ذهن هڪ ئي ليول تي نه سوچيندا آهن، هر پڙهندڙ جي پنهنجي راءِ هوندي آهي، پر پاڻ جڏهن اهو ڪتاب پڙهيو ته سڀ اميدون سڀ آسرا وڃي پٽ پيا. دل گهريو ته انهيءَ ڪتاب کي لئبريريءَ ۾ موجود قبرستان واري حصي ۾ پوري ٻه قل شريف پڙهجي ڇڏجن، پر ليکڪ جو نالو اڳيان اچي ويو ته ڀلا جي ڪتاب ڪسو ئي سهي، پر ليکڪ ته ڪسو ناهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي، دنيا جو ڪو به هاڪاريل ليکڪ سڀ جون سڀ لکڻيون سٺيون لکي نٿو سگهي، جو بندو بيوس هوندو آهي. ڪي ڪتاب ڀلا ته ڪي وري ڍلا. تنهن هوندي به هاڪاريل ليکڪ پننجي ڍلي ۾ ڍلي پنهنجي ڪتاب ۾ ڪٿي نه ڪٿي پنهنجيون جهلڪيون ڏيکاري ميڙو مچائي ويندو آهي، پر هن ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪنهن به ڪنڊ پاسي ۾ رابرٽ فسڪ جي ڪا به جهلڪ نظر نٿي اچي، رابرٽ فسڪ جي لکيل مضمونن تي ٻڌل هن ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ لڳي ٿو ته ڪتاب جي پبلشر صاحب رابرٽ فسڪ جو نالو ڪئش ڪرڻ لاءِ سندس ڪچا، وائڙا، ڪمزور، گٿل ۽ گٺل ڪالم ۽ مضمون گڏ ڪري پنهنجو پيٽ سائو ڪيو آهي. اهو به انومان بيٺو آهي ته رابرٽ فسڪ جي ڪنهن دوست نما دشمن سندس نالو ٻوڙڻ جي ڪارروائي ڪئي هجي، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي. ارون ڌتي راءِ: چي ”چري ڪيئن؟“، چي ”چري ويرئون وير وڌ“ بليڊ جي ڌار جهڙو تکو قلم رکندڙ ”لوڪ جي لهوارو تون وهه اوڀارو ”جي نشانمبر ليکڪا ارون ڌتي راءِ جهڙي ڪلهه هئي، اهڙي اڄ به آهي. سندس ڪم آهي آپريشن ٿيٽر ۾ سماج، سياست، ايڪانامي، آبپاشي، صحافت، ادب، عدليه ۽ انتظاميا کي رکي وڍ ٽڪ ڪري، عضوو عضوي کان ڌار ڪري لڪل ۽ اصلي حقيقتن تان پردو کڻڻ. سندس نالو ته تڏهن وڳو، جڏهن کيس سندس ناول God of small things تي ”بوڪر پرائيز“ مليو. پر انهيءَ کانپوءِ هن ڇهاڪو کن ٻيا ڪتاب به لکيا ۽ هر ڪتاب ۾ ويرئون وير وڌ نظر آهي. 2008ع ۾ سندس ڪتاب The shape of the beast ڇپجي پڌرو ٿيو. اهو ڪتاب شروع کان وٺي 2008ع تائين ڏنل سندس انٽرويوئن تي ٻڌل آهي. سندس اهي انٽرويو به ايترائي تند و تيز آهن، جيترا سندس ٻيا ڪتاب. پر هيءُ ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ سندس شخصيت ۽ علم کي پڌرو ڪري بيهارين ٿا ۽ اهو معلوم ٿو ٿئي ته هوءَ ڪليشي بڻجي ويل ويچارن جا کنڌا ڪيئن ٿي کڻي. پڙهندڙن کي لوڏي ڦٽو ڪندڙ هن ڪتاب ۾ هن ڪارپوريٽ گلوبلائيزيشن، جمهوريت، دريائن تي ٻڌجندڙ بندن، هيڻن تي ڏاڍايون ڪندڙ، ڏاڍن، سرڪاري مائي باپ، آمريڪا، نالي ۾ نهال ڪميونسٽ، صحافت جي ٺيڪيدارن ۽ مٿاڇري سوچ جا هڻي ڇوڏا لاهي ڇڏيا آهن. هن ڪتاب جي ٽائيٽل تي ڪئنچي ڇاپيل آهي، جيڪا ڪتاب جي مواد تي ٺهڪي اچي ٿي. اها ڪئنچي هڪڙي پاسي ڏاڍن جي هٿن ۾ نظر اچي ٿي، جيڪي غريب عوام کي ڪپڙي وانگر ڪٽيندا نظر اچن ٿا ته ٻئي پاسي اهو به نظر اچي ٿو ته ارون ڌتي راءِ جي زبان انهن انٽرويوئن ۾ ڪئنچي وانگر هلندي نظر اچي ٿي، ته ٽئين پاسي وري اها ساڳئي ڪئنچي پڙهندڙن جي دماغ ۾ اڳ ۾ ئي موجود خيالن، نظرين ۽ تصورن کي به ڪٽيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جيئن ته ڪٿي پاڻ اڳ ۾ ئي هن ڪتاب تي تبصرو لکي چڪا آهيون، انهيءَ ڪري ڊيگهه ڪرڻ جي بدران هتي سندس هڪ ئي جملو ڄاڻائڻ ڪافي آهي ته جيئن داڻي چکڻ مان ئي خبر پئجي وڃي ته ديڳ ۾ ڇا آهي. هوءَ هڪ هنڌ ڄاڻائي ٿي ته ”مڊل ڪلاس هوندو ئي انهيءَ لاءِ آهي ته اهو گند ڪري اٿي هليو وڃي ته جيئن ڪو مسڪين ماڻهو اهو گند صاف ڪري.“ ارون ڌتي راءِ جو اهو جملو سنڌ جي طبقاتي سيٽ اپ تي ٺهڪي اچي ٿو. يارن کي صلاح آهي ته پئسو حرام جو هجي يا حلال جو هجي، اهو خرچ ڪريو ڪتاب پڙهو ۽ پوءِ وڃي وُٺي جون خبرون پانڌيئڙا ڏيندا. احمد رشيد: لاهوري چوندا آهن ته ”جنهن لاهور نه ڏٺو، انهيءَ ڪجهه به نه ڏٺو.“ پر پاڻ چئون ٿا ته لاهور جي پٺاڻ احمد رشيد کي جنهن نه پڙهيو ته انهيءَ ڪجهه به نه پڙهيو. شروع شروع ۾ هيءُ همراهه عام جرنلسٽ هو، گڏوگڏ بلوچن سان گڏجي وڙهندڙ لاهوري گروپ جو هڪ فرد پڻ. هڪڙي ڏينهن پور ۾ اچي ٿيلهو ٽنگيائين ڪلهي تي ۽ مٿان رکيائين ڪمبل. روانو ٿيو افغانستان. ڪٿي پيرين پنڌ ته ڪٿي ٽرڪ جي لفٽ ورتائين، ته ڪٿي وري ڪنهن مٿس رحم کائي کيس لفٽ ڏني. ٻاڪڙا هوٽلون، وڻ جي ڇانءَ ڪٿي ڪو عوامي مجرو (اوطاق) سندس منزلون بڻجندا رهيا. ائين هو رلندي ڦرندي افغانستان جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتو، ائين جيئن رول ماڻهو هوندا آهن. ڪٿي ڪا گولي ته ڪو نه لڳيس، پر پير پٿون ڪيائين. موٽي اچي ڪتاب لکيائين Taliban (طالبان) بس بابا ڪتاب پڙهندو وڃ ۽ احمد رشيد سان گڏ گهمدو وڃ. بنا ڪنهن جي ڌر ٿيڻ جي بي بلائو ٿي ڪتاب لکيائين. 9/11 واري دٻڙڪي کانپوءِ اهو ڪتاب چوٽ چڙهي ويو، لکن جي تعداد ۾ وڪاڻو ۽ چوڌاري ٻڙڌڪ مچي ويو. جيڪي لکيائين سو ٿيو. انهيءَ ڪتاب کانپوءِ مٿس ڏوڪڙن جا ته مينهن وسي ويا، پر عادت کان مجبور هن ساڳئي طرح سڄو سينٽرل ايشيا گهميو ۽ ڪتاب لکيائين Jihad (جهاد). انهن ٻنهي ڪتابن کانپوءِ سندس شهرت ايستائين وڌي وئي جو هو صدر بش، ٽوني بليئر، احمد ڪارزئي، جنرل مشرف ۽ ٻين انهيءَ سطح جي ماڻهن سان ائين ملڻ لڳو، جيئن ڪو پاڙيسري پنهنجي ڀر واري گهر جي مالڪ سان ملندو آهي. وڏا وڏا دروازا سندس اڳيان کلندا ويا. اڪيلي سر ٿنڪ ٽئنڪ بڻجي ويو. اهو هڪ ٻيو جهان هو ۽ نئون جهان هو. ميڪسيڪو جي نوبل انعام يافته شاعر اڪتاويو پاز (Octavio paz) ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته ”اسان جا ميڪسيڪن ماڻهو سرحد ٽپي آمريڪا هليا ويندا آهن، اتي پهچي هو آمريڪن بڻجڻ لڳندا آهن. ڪپڙا به آمريڪي، جوتا به آمريڪي، ٽوپلا به آمريڪي، انڊرويئر به آمريڪي، پر انڊرويئر جي هيٺان اهي ميڪسيڪو جا ميڪسيڪن هوندا آهن.“ ائين ئي احمد رشيد ٿي ته ويو وڏو ماڻهو، پر ڪپڙن کان هيٺ اهو صحافي جو صحافي هو. 2008ع سندس ڪتاب Descent into Chaos ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ هن ڪتاب ۾ احمد رشيد آمريڪا جي سابق صدر بش ۽ آمريڪي ايجنسين کان وٺي، اسان جي سابق حڪمرانن کي اهڙن بيوقوفن جو ٽولو سڏيو آهي، جن کي افغانستان ۽ فاٽا جا مامرا سمجهه ۾ ئي نٿا اچن ۽ پنهنجا پير پاڻ وڍيا اٿن. هن ڪتاب جي آخر ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ڏانهن اهڙا اشارا ڏنا آهن، جيڪي جاچ ڪرڻ وارن کي پڙهڻ کپن. مون کي خبر آهي ته وڏن ماڻهن ۾ پڙهڻ جي عادت ناهي، بهانو مصروفيتن جو ٿا گهڙين. اسان پارا ته اهي ڪتاب پڙهندا ئي آهن، سو انهن کي ڪجهه چوڻ آکڻ جي ضرورت ڪا ناهي، پر وزيرن ڪبيرن مان صرف قانون واري وزير اياز سومرو کي صلاح آهي ته اهو ڪتاب پڙهي ڏسي. شجاع نواز: پاڪستان ۾ ڪئين جنرل آيا ۽ ويا، پر جنهن جنرل سنڌ تي گهڻو ڌيان ڏنو، اهو هو جنرل آصف نواز جنجوعو. عمر ٿوري، ڪم وڏو، پنهنجيون جنرليون ڇڏي هو وڏيري شاهنواز جوڻيجي کي پنهنجي ذات جو چڱو مڙس سمجهي هاسيڪار وٽس لنگهي آيو ۽ وڏي اڳيان ننڍو ٿي ويٺو. پاڻ ۾ ڪهڙيون خبرون ڪين، اهي ته KTN تان نشر ٿيندڙ وڏيري شاهنواز خان جي انٽرويو ۾ اچي چڪيون آهن، سو انهيءَ ملاقات کانپوءِ جنرل آصف نواز جنجوعي سنڌ جي ڌاڙيلن ۾ اهڙو ٻاڪر ڪٽو اچي وڌو جو هڻي ترا ڪڍي ڇڏيائين. جڏهن هو اوچتو ئي اوچتو گذايو ويو ته سنڌ جا قافلا وڃي پنجاب ۾ ٽُٽا ۽ جنرل جي قبر تي ايتريون ئي اجرڪون وڌيون، جيتريون اجرڪون پرو چانڊئي جي قبر تي وڌيون هيون. شجاع نواز انهيءَ ئي جنرل جو ڀاءُ آهي. ڀاءُ هئڻ جي ناتي کيس اندر ٻاهر جون خبرون به هيون ۽ پاڻ به صحافي هو. انهيءَ شجاع نواز جو لکيل ڪتاب Cross Swords به 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هي ڪتاب هڪ سڌو سادو ڊاڪيومينٽ آهي، جنهن ۾ ملٽري، سياستدانن، ملڪ جي حالتن ۽ ٻاهرين قوتن جي پڪي پختي ڄاڻ ملي ٿي. ائين برابر آهي ته هن ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪو ڏنگ ناهي، ڪا به جهڙپ ناهي ۽ ڪو به تخليقي پنچ ناهي، جو پڙهندڙ جي Aesthetic sense (حِس لطيف) کي ڇهندو هجي. ائين ته هي ڪتاب رکو لڳي ٿو، پر ڪتاب مان جيڪا معلومات ملي ٿي، جيڪي پردا کڄن ٿا، اهو سڀ ڪجهه پڙهڻ وٽان آهي. اروندا اڙيگا: ادب جي دنيا ۾ هيءُ هڪ نئون نالو آهي، مدراس جو هيءُ رهاڪو اڃا جواڻ مڙس آهي، پر پهرئين وٽي کير ڀري، سندس پهريون ئي ناول White Tiger بوڪو پرائيز جو حقدار بڻيو. هي ناول هڪ خط تي ٻڌل آهي، جيڪو چين جي وزيراعظم ڏانهن لکيل آهي، جيڪو دهليءَ ۽ بئنگلور جي وچ ۾ اچ وڃ ڪندو نظر اچي ٿو. فرسٽ پرسن ۾ لکيل هن ناول جو مک ڪردار ”آئون“ دهليءَ ۾ ڪار ڊرائيور بڻيل آهي ۽ بئنگلور ۾ ڪمپيوٽر سينٽر جو منتظم به آهي، جنهن ذريعي هن ڀارت جي بکئي ڏکئي ۽ بيوس عوام ۽ سکئي ستابي ۽ سڻڀي حڪمران طبقي کي لهه وچڙ ۾ آڻيندي وڏي ٽوڪ ڪئي آهي. هن طنزيه ناول تي منهنجو عزيز منظور ملاح تبصرو لکيو ويٺو آهي، سو سندس حق ڪو نه ٿا ماريون. بس ائين سمجهو ته پڙهندڙ جي دماغ مان چڻنگون ڪڍيو ٿو ڇڏي. صفحا گهٽ ۽ مواد اڻ ميو، اروندا اڙيگا لکڻ لاءِ هڪ نئين واٽ ڳولي لڌي آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن وڏن کڙپيل ليکڪن جي وات مان بوڪر پرائيز جو گرهه ڦري ورتو آهي. اميتاو گهوش: اولهه بنگال جو هي اڙٻنگ ليکڪ ارون ڌتي راءِ ۽ وڪرم سيٺ جو هم عصر آهي. هن بنگالي ٻچي کي اوهان محقق ناولسٽ به چئي سگهو ٿا. هونئن ته گهڻو ئي ڪجهه لکيو اٿائين، پر ڀارت ۽ پاڪستان جي ائٽمي ڌٻڪن کانپوءِ ائٽم بم تي لکيل سندس تحقيق مضمون جڏهين نيويارڪ ۾ ڇپيو ته مروئن کي ماٺ لڳي وئي. اڄڪلهه جو اهو ائٽم بم هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي هنيل ائٽم بم کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ سگهارو ۽ نقصانڪار آهي. پهرين ڌڪ ساڻ ٽيمپريچر 3 لک CC تنهن کانپوءِ وانئر، تنهن کانپوءِ 3 لک ٽيمپريچر، تنهان پوءِ سڀني دريائن، واهن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن ۾ وهندڙ زهريلو پاڻي. جيئن ته هي بندو انهيءَ مضمون جو اختصار سنڌيءَ ۾ اڳ ۾ ئي ڪاوش اخبار ۾ ڇپرائي چڪو آهي، تنهن ڪري وڌيڪ گڙ ٻڙ جي ضرورت ناهي. سندس ٻيو هڪ شاهڪار ناول The glass Palace برما جي شاهي خاندان جي زوال، ڀاڄ ۽ تباهيءَ تي لکيل آهي، جنهن کي پڙهي ائين ٿو لڳي ڄڻ باهين جي وچ مان لنگهندا هجون. 2008ع ۾ سندس هڪ ٻيو شاهڪار ناول Sea of Poppies ڇپجي چڪو آهي، جيڪو وڏي ريسرچ کانپوءِ لکيو ويو آهي. اهو ڪتاب انهيءَ زماني تي لکيل آهي، جنهن زماني ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪلڪتي ۾ پير کوڙي چڪي هئي. هن ناول ۾ جتي آفيم جو ڪاروبار ڪندڙ برطانوي ڪمپنين جو وستار سان ذڪر ملي ٿو، اتي انگريزن جون حاضريون ڀريندڙ نواب به نظر اچن ٿا. جتي هڪڙي پاسي آئرش ۽ اسڪاٽ جها نظر اچن ٿا، اتي حڪم سنگهه جهڙا مزور مڙها به نظر اچن ٿا. هن گجگاهه ناول ۾ جيڪا انگريزي ٻولي لکي آهي، اها اها ئي آهي، جيڪا انهيءَ وقت استعمال ٿيندي هئي. ائين هيءُ ناول اصليت جي رنگ ۾ رتل نظر اچي ٿو. اميتاو گهوش جي هيءُ ناول بوڪر پرائيز لاءِ نامينيٽ ٿيل هو، پر اها بازي کائنس اروندا اڙيگا جو ناول White Tiger کڻي ويو. انهيءَ جو ڪارڻ پاڻ کي اهو ئي سجهي ٿو ته جيڪا Simplification اروندا اڙيگا ۾ ملي ٿي، اها اميتاو گهوش ۾ نٿي ملي، جو انهيءَ پراڻي انگريزيءَ ۾ ناول لکيو آهي ۽ ڪردار به وارڙيا ٿي اڀرن ٿا. باقي جي مواد تي وڃبو ته پوءِ ته Sea Of Poppies زور نظر اچي ٿو. محمد حنيف: ڳالهائڻ جي بدران ٻڌڻ جو عادي، ٻاهران سست ۽ اندران چست پاڻ جو يار محمد حنيف جڏهين ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جي ماهوار رسالي News Line ۾ ڪم ڪندو هو ۽ پوءِ جڏهين ڪاوش اخبار ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ موجود رهيو ته کيس پاڻ جي بڪواز ٻڌڻ ۾ مزو ايندو هو. انهيءَ زماني ۾ نه هن بندي کي، نه حسن مجتبيٰ کي ۽ نه ئي وري نفيسا شاهه (هن وقت ايم پي اي) کي اهو اندازو هو ته ڪو هي سڌو سادو پنجابي ماڻهو ايڏو وڏو ٽپ ڏئي بين الاقوامي ادب مٿان ڇائنجي ويندو. 2008ع ۾ جڏهين سندس ضياءَ شاهيءَ تي لکيل ناول The case of exploding Mangoes ڇپيو ته اعتبار ئي نه پيو اچي ته اهو ڪو انهيءَ ساڳئي محمد حنيف جو لکيل ڪتاب آهي، پر جيئن سياست ۾ Dark Horse پاتا ويا آهن، ائين ادب جي دنيا ۾ ڪاري گهوڙي جا ڌڻي پاتا وڃن ٿا. محمد حنيف Dark horse نڪتو. هن کان اڳ ۾ سندس انهيءَ ڪتاب تي معروف ادبي رسالي ”سارنگا“ ۾ شهزادو گوبند ميگهواڙ پنهنجي اسٽڊي لکي چڪو آهي، تنهن ڪري وڌيڪ لکڻ مناسب نٿو لڳي، پر هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ آئون اهو ضرور چوندس ته نامينيٽ هئڻ جي باوجود هيءُ ڪتاب بوڪو پرائيز ته کڻي ڪو نه سگهيو ۽ حق ته مارجي ويس، پر هن وقت سندس اهو ڪتاب 27 ٻولين ۾ ترجمو ٿي رهيو آهي. ڪتاب جو وڪرو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. بنا ڪنهن شڪ جي اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته هيءُ ڪتاب هن وقت جو مقبول ترين ڪتاب آهي ۽ 2008ع تي هن ڪتاب جو ٺپو لڳي چڪو آهي. الائيس البينيا Alice Albinia : هيءَ ليکڪه 1976ع ۾ لنڊن ۾ ڄائي، ڪيمبرج يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۽ SOAS مان ڏکڻ ايشيا جي تواريخ پڙهي نڪتي. ڪجهه وقت لاءِ دهلي ۾ رهي ڪري صحافت به ڪيائين. ڪراچيءَ مان اڳ وٺي سنڌو درياءَ ۽ اتان جي آسپاس جي موجود زندگي ۽ تواريخ جو جائزو وٺندي توڙ تائين پهتي ۽ ڪتاب لکيائين Empires of Indus. هن ڪتاب ۾ گٽڪو کائيندڙ مهاڻا به ملن ٿا، زمانه قديم جي شاهه شاهوڪار لاڙ به ملي ٿو، سنڌ ۾ رهندڙ شيدين جو سماجي سيٽ اپ به ملي ٿو، پورن اٺن ڏهن صفحن ۾ سنڌ جي مقدس ڳئون بڻيل محققن جي بدران جينئس محقق محمد صديق ”مسافر“ جو لکيل آکيو به ملي ٿو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هندو مسلم يڪجهتي جا مثال به ملن ٿا، اڏيرو لال ۽ ساڌ ٻيلو به ملن ٿا، صوفي سڳورا به ملن ٿا ته انهن جا سجاده نشين ۽ سنڌي هاري جو حد کان وڌيڪ استحصال به ملي ٿو ۽ سندن حالت زار به، سڪندر بادشاهه جي ڪاهه جا به رستا ملن ٿا. وانا ۽ افغانستان جا اڙانگا جيل ۽ ماڻهو به ملن ٿا. پوءِ ڪٿي ٻيڙي ته ڪٿي ٽئڪسي، ته ڪٿي ميلن جا ميل پنڌ ڪندي ته ڪٿي پيرين پنڌ لسا ۽ ڏکيا جبل چڙهندي نظر اچي ٿي. 2000ع ڌاري ميلن جا ميل پيرن هيٺان ڪڍڻ کانپوءِ سندس هيءُ ڪتاب 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هيءُ ڪتاب ريسرچ جو هڪ شاهڪار ڪتاب آهي ۽ دلچسپ به. مون کي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هوءَ جڏهن اها ريسرچ ڪرڻ آئي هئي ته سنڌ جي ڪجهه محققن سان به ملي هئي، پر ڪتاب لکڻ وقت انهن محققن جي هوائي توائي ڳالهين ۽ سندن نالن جو ذڪر ڪٿي به نه ڪيو آهي. سواءِ مرحوم محمد صديق مسافر جي. جنهن جي لکڻي ۾ نه ڪٿي وڌاءُ ٿيل آهي ۽ نه ئي وري ڪٿي ڪمي، يا اجائي ڏس تي ڪوڙ بدوڙ ملن ٿا. هن هر ڳالهه توري تڪي لکي هئي. اسان جا اسڪالر وڏي فخر وچان چوندا آهن ته ”ويدن ۾ سپت سنڌوءَ جو لفظ ملي ٿو. کانئن جيڪڏهن اهو پڇ ته ”ويدن ۾ سپت سنڌوءَ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟“ ته پوءِ گائون مائون شروع ٿيو وڃي، يا بقول اردوءَ واري جي ته پنهنجيون بغاوتون ڏسندا رهجي وڃن ٿا. پر هن ڪتاب ۾ ويدن جا ڪيئي اهڙا حوالا ڏنا آهن، جن ۾ سنڌو درياءَ بابت کولي کولي ڳالهيون ڪيل آهن. اسان جا محقق انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ويد پڙهن ته کين خبر پوي ته سنڌو درياءَ جي باري ۾ ڪٿي ڪٿي ڇا ڇا لکيو ويو آهي. اهڙي ساڳئي طرح هن ڪتاب ۾ سرسوتي نديءَ کي هڪ اهڙي خيالي ۽ ڏند ڪٿائي ندي سڏيو آهي، جيڪا گنگا ۽ جمنا کي ڪلهن تي کڻي هلي ٿي. سرسوتي سچ پچ ڪا ندي ناهي. اسان جي محققن جو حال ڏسي ئي ته شيخ اياز چيو هو ته ”محقق جو لفظ حقي مان نڪتل آهي، جنهن جو ڪم آهي، بڙ بڙ ڪرڻ.“ اهڙي ساڳئي طرح سچ جي ڪلهي تي ويهي حليم بروهي محققن لاءِ جيڪي ڳالهيون لکندو رهي ٿو ته اهي حقي واجبي ڳالهيون آهن، جن تي کيس داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. بهرحال جيڪڏهن ڪنهن کي سنڌو درياءَ جو اصل نسل ۽ مزاج معلوم ڪرڻو آهي ته انهيءَ کي وقت بچائي هيءُ ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي. لکڻ مان ڪجهه به نه ورندو، پڙهڻ به ضروري آهي. سيبسٽيان بيري Sebastian Barry : بيري (Barry) سن 1955ع ۾ آئرلينڊ جي شهر ۾ 1955ع ۾ ڄائو ۽ اتان ئي تعليم حاصل ڪيائين. هو جتي اسٽيج ناٽڪن جو ليکڪ آهي، اتي سندس شهرت جوڪارڻ وري سندس ناول بڻيا. پاڻ پهرئين سندس ناول A long Long way لکي 2005ع ۾ بوڪر پرائيز لاءِ شارٽ لسٽ ٿيو، پر ٻئي ڀيرا پوئتي رهجي ويو. 2008ع ۾ سندس هڪ ٻيو شاهڪار scripture The secret (ڳجهو فرمان) ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ناول جي عورت مک ڪردار ”آئون“ جي ذريعي 1880ع کان وٺي 1950ع تائين آئرلينڊ جي سماجي ۽ سياسي حالتن جو ذڪر ڪيو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ ڏک، مايوسيون، اداسيون ۽ منجهائيندڙ پولرائيزيشن پڙهندڙ جي دماغ تي سوار ٿي وڃن ٿيون ۽ ائين ٿو لڳي ته ماڻهو ڪنهن اهڙي ويران هنڌ تي بيٺو آهي، جتي نه پاڻي آهي، نه ماني آهي ۽ نه ئي وري ڪو اوهي واهي آهي. هن ڪتاب ۾ ٽپ ٽپ تي ايڏا ته اندوهناڪ ۽ ڀرپور جملا ٿا ملن، جو دل ٿي چوي ته اهي سڀ جا سڀ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هن مضمون اندر آڻي ڇڏجن، پر مضمون جا صفحا محدود آهن. باقي انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته هيءُ ناول 2008ع جو هڪ ڪارنامو آهي. البته اٿڻ ساڻ هو پنهنجي مک ڪردار سئو ورهين جي ڄمار واري عورت جي واتان چورائي ٿو ته ”آئون جڏهن جوانڙي هئس ته منهنجو اهو پڪو پختو خيال هو ته منهنجي ڀاڳ ۽ نڀاڳ لکڻ واري آئون نه، پر ٻيا آهن، انهيءَ ڪري ئي منهنجو اندر زخمن ۽ دهشت سان ڏٽيو پيو آهي. مون ۾ ايڏي به همت نه رهي هئي جو تصور۾ اهڙي خيالي ڀت کڙي ڪري سگهان، جيڪا وقت جي پيدا ڪيل ڀوائتن واقعن، ظلم ۽ ڪاري ناحق ۽ اونداهين اٽڪلن کي مون تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي روڪي سگهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو آئون هيءَ ڪهاڻي بيان ڪري رهي آهيان.“ پاڻ جو خيال آهي ته ايترو ئي ڪافي آهي. پال ٿيرو Paul Therou : دنيا جا پنج ست ليکڪ اهڙا آهن، جيڪي هن بندي کي چريائيءَ جي حد تائين پسند آهن. پال ٿيرو به انهن مان هڪ آهي. سندس ذڪر کانسواءِ هر ڳالهه اڌوري لڳندي آهي. هن ليکڪ جي باري ۾ هن کان اڳ گهڻو ڪجهه لکي چڪو آهيان، محبوبن جو ذڪر نه ٿئي ته ڪنهن جو ٿئي. سندس شهرت جو بنياد سندس سفرنامي The great Railway Bazaar کان ٿيو. اهو سفر لڳ ڀڳ اڌ دنيا جو هو ۽ اهو به ريل جي ذريعي. انهيءَ ڪتاب ۾ لاهوري دلالن جو به ذڪر هو ته Bocc–جي ٽيمپريچر تي لٿل سائيبريا جو به. پهرئين جهڙپ انهيءَ ڪتاب ڏني. ٽيهارو سال کن گذرڻ کانپوءِ وري ساڳي واٽ ورتائين، پر هن ڀيري سندس اڳيان نئين دنيا هئي. ساڳين پيرن تي هلندي سفر پورو ڪرڻ کانپوءِ وري هڪ ٻيو شاهڪار ڪتاب Ghost Train to the eastern جيڪو 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ظاهر آهي ته مون پاري کي سندس انهيءَ ڪتاب تي لکڻ لاءِ پورو الڳ مضمون لکڻو پوندو، البته هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ اها پڪي پختي خبر پوي ٿي ته جيڪو هن وقت وانا ۽ افغانستان ۾ جنگي ٻڙڌڪ هلي رهيو آهي، انهيءَ جو اصل ڪارڻ پاڪستان ۽ افغانستان نه، پر انهيءَ ٻڙڌڪ جون پاڙون ترڪمانستان، ازبڪستان ۽ تاجڪستان جي آپيشاهي حڪومتن ۾ کتل نظر اچن ٿيون. اها آپيشاهي ايتري ته وڌيڪ آهي، جو 2007ع ۾گذاري ويندڙ ترڪمانستان جو صدر نيازوف ته پيغمبريءَ جي دعويٰ ڪري چڪو هو. انهيءَ سخت گيريءَ جي ردعمل ۾ ئي طوفان اٿيو. احمد رشيد جو ڪتاب Taliban پنهنجي جاءِ تي، پر جي ڪنهن صحافي يا سياستدان کي انهيءَ مامري تي اکيون کولڻيون آهن ته انهيءَ کي کپي ته اهو پال ٿيرو جي هن ڪتاب کي پڙهي ڪري پوءِ ڪڙهي. ٻيو به گهڻو ڪجهه: 2008ع ۾ ٻيا به ڪيئي شاهڪار ڪتاب هن بندي جي هٿ تائين پهتل آهن، پر جڏهن انهن ٻين شاهڪارن کي پڙهبو تڏهين ئي ڪجهه لکي سگهبو، باقي اسٽور ۾ گهڻو ڪجهه آهي. دادا دورا ليکا پورا.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ماڻهن جا انبوهه ۽ ملڪ جي قسمت! جمع 27 مارچ 2009ع بي ايماني ڪا نه ڪبي، پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي ڪا نه رکبي، چوريءَ چڪاري کان پاسو ڪبو، ٻئي جي حق تي ڌاڙو نه هڻبو ۽ پرائي علم جي پورهئي تي پاڻي ڦيري پاڻ کي طرم خان ڪو نه سڏائبو، ڳالهه ڪبي ته خدا ڪارڻ شاهدي ڏبي. ٺيڪ آهي، هيءُ مضمون هن بندي جو ئي آهي، پر انهيءَ مضمون جو بنياد پاڻ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ڄاڻو ڌرين جي سوچ سمجهه، ڇنڊڇاڻ ۽ پورهئي تي رکيل آهي. سو پهرئين انهن يارن جا نالا ۽ سندن ڪم ڳڻائبو، تنهان پوءِ پاڻ پنڌ پئبو ۽ اکين ڏٺو توڙي ڪنن ٻڌو حالن جو حال بيان ڪبو. روشني سدائين لونگهن مان ايندي آهي ۽ اندر جي روشنيءَ سان گڏجي ويندي آهي. سو پهرين خفتين جا نالا ۽ سندن ڪم. (1) جنيوا شهر جي ڪنهن قبرستان ۾ دفن ٿيل بلغارين ٻوليءَ جي نوبيل لاريٽ ايلسيا ڪئنيٽي (Elias cannati) جي عوامي سائيڪيءَ تي ڪيل ڳوڙهي ۽ ڇنڊڇاڻ تي ٻڌل سندس حيرت انگيز ڪتاب Crowds and Power (انبوهه ۽ سگهه). ويهن سالن جي تحقيق کانپوءِ اهو ڪتاب لکيو ويو آهي، جنهن ۾ قديم آفريڪي قبيلن کان وٺي، هاڻوڪي دور جي عوامي سائيڪي جو چٽو ۽ ڳوڙهو جائزو وٺي پڙهندڙ جا پير اکوڙڻ جهڙا نتيجا ڪڍيا آهن. (2) وارسا ۾ دفن ٿيل (ڪجهه مهينا اڳ) پولش ٻوليءَ جي صحافي، ليکڪ ۽ شاعر کي ڪير نه سڃاڻي، جيڪو نه سڃاڻي، سو گهر مري. 27 انقلابن کي اکين سان ڏسندڙ ۽ چار ڀيرا ڦاهيءَ جي سزا کائي ڪري به بچڻ واري هن محب ماڻهوءَ جا لکيل ٻه ڪتاب. هڪڙي ڪتاب جو عنوان آهي Shah of Shah (بادشاهن جو به بادشاهه) آهي، جيڪو ايراني انقلاب بابت آهي. ٻئي ڪتاب جو عنوان آهي Emperium (شهنشائيت). اهو ڪتاب سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ جي حالتن بابت لکيل آهي. (3) مختلف چينلن جا ڪيمرا مين، جن رومانيا جي حڪمران چائو سسڪو ۽ جارجيا جي چونڊيل صدر ايڊورڊ شورد نادزي جي حڪومتن جي خاتمي وقت انبوهن جا ڏيک جهٽيا يا وري وينزويلا جي صدر هوگو شاويز جي چونڊن ۾ چڙهڻ کانپوءِ سندس گهر جي چوڌاري گڏ ٿيل ڏهاڪو کن لک ماڻهن جو انبوهه، جيڪو آمريڪي سازش کان بچائڻ لاءِ پنهنجي صدر جي گهر جي چوڌاري ڪيئي ڏينهن موجود رهيو، انهيءَ انبوهه جا جهٽيل ڏيک. سو انهن ڪيمرامينن جو پورهيو به هن مضمون ۾ ڳڻپ ۾ اچي ٿو. اهي ته ٿيا معلومات جا ڪجهه ذريعا، پر انهن کان علاوه ڪجهه اکين ڏٺو ۽ ڪنن ٻڌو به اچي وڃي ٿو. هت اهو به عرض ڪري ڇڏجي ته هن مضمون ۾ سياست جو عمل دخل ته آهي ئي آهي، پر هن بندي جو بنيادي مقصد سياست نه پر عوامي سائيڪي جا ڪجهه اوپرا پهلو آهن، جيڪي هڪ خالص ٽيڪنيڪي مامرو آهن، تنهن ڪري پڙهندڙن کي گذارش آهي ته اهي انبوهن جي اجتماعي نفسيات دل ۾ جهلي پڙهن. سياسي مامرا ته وقت سان گڏ بدلبا رهندا آهن، پر عوامي سائيڪي دائم قائم رهندي آهي. سو اچجي اصلي ڳالهه تي. رکي رکي جيئن ڪوئا، مڪڙ ۽ ماڪوڙا اجتماعي خودڪشي ڪندا آهن، ائين حضرت انسان به رکي رکي اجتماعي خودڪشي ڪندو آهي، پر اهو عمل اوچتو ئي اوچتو جنم وٺندو آهي. ظاهر آهي ته اهڙي عمل جي پويان ڪي نه ڪي ڪارڻ هوندا آهن، اهڙن انبوهن کي سماجي نفسيات موجب کليل انبوهه (Open Mob) چئبو آهي. ڪارڻن تي پوءِ ٿا اچون، پهرئين اهو جائزو ٿا وٺون ته انبوهه آخر ڪهڙي بلا جو نالو آهي. ڪن ڪارڻن جي ڪري ڪنهن نه ڪنهن اطلاع ۽ سڏ تي يا پنهنجي ليکي اوچتو ئي اوچتو ماڻهو گهرن، آفيسن ۽ دڪانن مان نڪري گهٽين ۽ رستن تي ڪم سانگي يا وري ايندن ويندن کي پاڻ ۾ جذب ڪندا ويندا آهن. کين اها خبر نه هوندي آهي ته هو ڇا ڪري رهيا آهن ۽ سندن منزل ڪهڙي آهي، انهيءَ ڪري اهڙي انبوهه جي چرپر سڌي قطار ۾ هئڻ جي بدران دائرن ۾ هوندي آهي. سندن منزل کي اڻ ڄاتو ۽ اڻ لکو نڪتو چئي سگهجي ٿو. انبوهه انهيءَ نڪتي ڏانهن ڊوڙندو ويندو آهي، البته انبوهه ۾ موجود ماڻهن کي اهو احساس هوندو آهي ته جيڪي ماڻهو ساڻن گڏ آهن، اهي سندن سڄڻ آهن ۽ جن جا دروازا پوريل هوندا آهن، اهي ڀل کڻي انبوهه جا حامي هجن، پر کين پنهنجو ازلي دشمن سمجهندا آهن. جيڪي ماڻهو اندر آهن، پر انهن مان جن جا دروازا کليل هوندا آهن، انهن کي صحافين وانگر اڻ ڌريو سمجهي معاف ڪري ڇڏيندا آهن ته بابا ڇٽل آهيو. اهڙي انبوهه ۾ موجود سڀيئي ماڻهو پنهنجي انفراديت ۽ شخصيت وڃائي هڪ انتهائي خطرناڪ شخص ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. ٻين لفظن ۾ اهڙي انبوهه کي هڪ ئي شخص سمجهيو وڃي. اهو انبوهه ايترو ته بي ڊپو ٿي ويندو آهي، جنهن کي نه پنهنجي ٻار ٻچي جو فڪر هوندو آهي ۽ نه ئي مال ملڪيت جو. اهڙي انبوهه کي اهو به احساس نه هوندو آهي ته زندگي ڇا آهي ۽ موت ڇا آهي، تباهي ڇا آهي ۽ امن سڪون ڇا آهي، ڌنڌو ڌاڙي ڇا آهي ۽ واندڪائي ڇا آهي. ائين اهو انبوهه انڌ ۾ هلندو آهي. اهڙي انبوهه ۾ جيڪي به ماڻهو شامل هوندا آهن، انهن مان هر شخص جي جسماني سگهه اصل کان چئوڻ تي وڌي ويندي آهي. جيڪي ڪمزور يا مفلوج ماڻهو هوندا آهن، انهن جو نروس سسٽم به چئوڻ تي سگهارو بڻجي ويندو آهي. اهڙي سگهاري ۽ خطرناڪ انبوهه جي اڳيان جيڪا به رڪاوٽ ايندي آهي، انهيءَ کي اڳيان هٽائي ڇڏيندو آهي. جي پڪي ڀت هوندي ته ڀڃي ڀور ٿيندي. جي ڪا چرندڙ پرندڙ شيءِ هوندي آهي ته انهيءَ کي هٽايو ويندو آهي. انبوهه ۾ هڪ قسم جي ڪشش به پاتي ويندي آهي، جيڪا چقمق وانگر هوندي آهي. جيئن چقمق لوهه يا رڪ جي شين کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي، ائين ئي کين روڪڻ واريون يا امن امان قائم ڪرڻ واريون ڌريون هڪ يا ٻه ٽڪرون کائڻ کانپوءِ خود انبوهه ۾ جذب ٿي وينديون آهن ۽ انبوهه سان گڏ حرڪت ۾ اچي وينديون آهن. اهڙي ساڳي طرح انبوهه جو جاگرافيائي دائرو به وڌي ويندو آهي ۽ اهو انبوهه ٻين علائقن ۾ به اٿي کڙو ٿيندو آهي ۽ ايستائين وڌندو ويندو آهي، جيستائين ڪنهن ٻئي ملڪ جي سرحد نٿي اچي. اهو انبوهه جيئن ته کليل هوندو آهي، انهيءَ ڪري انهيءَ ۾ شامل ماڻهوءَ ڌار ڌار ٽولن ۾ ورهايل هوندا آهن، پر سائيڪي ۽ سگهه ساڳي هوندي آهي يا ائين کڻي چئون ته جيڪب آباد ۽ ننگر پارڪر هڪ ٿي ويندا آهن ۽ ”مون ۾ آهين تون“ جي صورت اختيار ڪندا آهن. جتي خود انبوهه ۾ چقمق وانگر ڪشش موجود هوندي، اتي ڪي شيون وري انبوهه کي پاڻ ڏانهن ڇڪينديون آهن. انهن شين مان پهريون وارو شيشي جو هوندو آهي، جيڪو ٽانڪائون هئڻ جي ڪري ڀڃڻ ۾ سولو هوندو آهي، ائين انبوهه ۾ موجود ماڻهو پهرئين ڪارن، جيپن، ٽرڪن، دڪانن، گهرن ۽ آفيسن ۾ لڳل شيشن کي پٿرن، لٺين، سيخن ۽ مڪن سان ڀڃندا ويندا آهن. خود شيشي جي ٽڙڪڻ جو آواز ۽ چمڪو به انبوهه لاءِ پرڪشش هوندو آهي. انبوهه مان جيڪڏهن ڪو به ماڻهو لٺ يا پٿر استعمال ڪرڻ جي بدران هٿن کان ڪم وٺندو آهي ته انهيءَ کي پنهنجي هٿ جي ڀڳل هڏيءَ يا هٿ مان وهندڙ رت جو ڪو به احساس نه هوندو آهي ۽ نه ئي سندس سگهه ۾ ڪا گهٽتائي ايندي آهي. شيشي کان پوءِ ڪاٺ جو وارو ايندو آهي، ڇو ته ڪاٺ کي چيرڻ ڦاڙڻ سولو آهي. ائين در دريون ڀڄندا ۽ ڪرندا ويندا آهن. ڪاٺ سان گڏ ڪيتري به پڪي ڀت اچي وڃي ته اها به ڪيرائي ويندي آهي. اهي سڀ مرحلا پار ڪرڻ کانپوءِ باهه جو وارو ايندو آهي، جيڪو آخري مرحلو هوندو، جنهن ۾ وڏي پيماني تي ڀڃ ڊاهه به ايندي آهي. باهه ۾ وري پهريون وارو ٽائر جو هوندو آهي، جنهن مان وڏا وڏا دونهاڙ نڪرندا آهن. ٽائرن کان پوءِ ڪارون، بسون، ٽرڪون، پيٽرول پمپ، دڪان، آفيسون، گودام، ٻيون عمارتون انبوهه جي ارڙي ۾ اچي ويندا آهن ۽ ڀنڀٽ ۽ دونهاڙ وڏي پيماني تي نڪرندا آهن. انهيءَ ڇتڪتائيءَ ۾ هڪ قسم جي بي خبري به پاتي وڃي ٿي. بي خبريءَ ۾ وري اهو ڏٺو ويندو آهي ته باهه ڏيڻ وقت انبوهه کي اهو خيال به نه هوندو آهي ته سامهان ماڻهو مرن ٿا يا خود انبوهه ۾ موجود ماڻهو مرن ٿا ۽ پرائو نقصان ٿئي ٿو يا پنهنجو. اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ ڇتڪتائيءَ جي عمل کي ڪرائيم نٿو چئي سگهجي. ڪرائيم ته اهو ئي هوندو آهي، جيڪو سوچي سمجهي ڪيو ويندو آهي. اهڙي انبوهه (جيڪو ڌار ڌار علائقن ۾ موجود هوندو آهي) ۾ سڏ ڏيڻ وارا ته موجود هوندا آهن، پهرئين وارن ۾ ٿوري گهڻي ليڊرشپ ته موجود هوندي آهي، پر اڳتي هلي ڪري ڪا به ليڊرشپ نه رهندي آهي ۽ نه ئي وري ڪو ليڊر، ڇاڪاڻ ته انبوهه خود هڪ شخص ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ اهو ئي پنهنجو پاڻ سرواڻ هوندو آهي. البت صحافين جي روپ ۾ آبزرور رهجي ويندا آهن يا اهي ماڻهو آبزرور هوندا آهن، جن جا نفسياتي رويا ڪنهن ڳري جبل وانگر مضبوط هوندا آهن، پر انهن جو تعداد انبوهه جي مقابلي ۾ لڳ ڀڳ نه هئڻ جي برابر هوندو آهي، جنهن کي ”اٽي ۾ لوڻ“ به چئي نٿو سگهجي. گڏوگڏ وڏي پيماني تي ٿيل تباهي ۽ باهين جا آڙاهه ته اهي ٻئي شيون پوري عروج تي پهچڻ کان پوءِ انبوهه لاءِ اهو سڀ ڪجهه Catharsis (دل جي باهه ۽ اوٻر ڪڍڻ) بڻجي ويندو آهي ۽ پوءِ انبوهه ۾ شامل ماڻهو آهستي آهستي هوش ۾ ايندا آهن ۽ هر ماڻهوءَ کان موڪلائي ويل شخصيت ۾ ڪردار موٽي ايندو آهي. اهڙي انبوهه کي جيڪڏهن طاقت جي زور تي ڇڙوڇڙ جي ڪوشش ڪبي ته اهو انبوهه وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ڇڙوڇڙ ڪرڻ وارن کي کائي کپائي ڇڏيندو آهي. هاڻي اچون ڪارڻن تي. اهڙي انبوهه جي اٿڻ جو ڪارڻ يا ته ڳچ زيادتيون هونديون آهن، جيڪي سالن کان ماڻهن جي اندر ۾ تشڪيل وٺنديون رهنديون آهن، يا وري اجتماعي سطح تي ڪو به هڪ اهڙو وڏو واقعو هوندو آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Larger than Life چيو ويندو آهي، جيڪو اجتماعي سطح تي ماڻهن کي شاڪ رسائيندو آهي. پوءِ اهو شاڪ سياسي يا اقتصادي يا ڪو ٻيو. جڏهين اهڙي انبوهه جي اندر جي باهه نڪري ويندي آهي ته انهيءَ کانپوءِ ڪو به Dark horse (ڪاري گهوڙي جو ڌڻي) روشنين تائين پهچي سنب سٽيندو آهي ۽ هوش ۾ آيل انبوهه جي اڳيان هڪ اهڙو ليڊر بڻجي ويندو آهي، جنهن کي چيلينج ڪري ئي نٿو سگهجي. اهو ليڊر هڪ اهڙو پير و مرشد هوندو آهي، جنهن جي هڪ اشاري تي سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويندو آهي. پر اهو ليڊر ڪير ٿو ٿئي، اها ڪنهن کي اڳ ۾ ڪا به خبر نه هوندي آهي، سندس نالو ۽ شڪل غائب هوندا آهن، پر نشانيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. رهي ڳالهه اهڙي انبوهه کي روڪڻ جي ته ڪوشش ڪرڻ جي بدران ڇڏي ڏجي ته هو پنهنجي تباهه ڪن عمل ۾ مصروف رهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئون ته سماجي نفسيات جي ماهرن موجب اهو ئي هڪ علاج رهندو آهي، پر ڪو انهيءَ مان ڄاڻي. پاڻ جي سانڀر ۾ پنهنجي ئي ملڪ ۾ جيڪي انبوهه اٿيا يا انبوهه بڻجڻ کان اڳ جيڪي احتجاجي تحريڪون اٿيون ۽ انبوهه جي صورت اختيار ڪري نه سگهيون، اهي ڄاڻائڻ ضروري آهن. جنرل ايوب جڏهين حڪومت جون واڳون ورتيون، تڏهن ساڻس جنرل اعظم جهڙا ساٿي هئا، جن ماڻهن جي ڏکن تي پها رکيا، پر اڳتي هلي جڏهين اهڙن ساٿين کي ڇنڊي پاڻ کان پري ڪيائين ته هڪ ٻئي پويان عوام ڪيئي ڏاڍاين ۽ بي انصافين جو شڪار ٿيندو رهيو. جڏهين اهي ارهه زورايون، بي واجبيون ۽ زيادتيون وڌي وڻ ٿيون ته ماڻهن جي اندر ۾ احتجاج جا ڀنڀٽ ته ٻرڻ لڳا، پر انهيءَ اندروني احتجاج کي انبوهه ۾ آڻڻ لاءِ ڪنهن معمولي ڇهنڊ جي ضرورت هئي. جنهن کي پاڻ ”اڻ ڄاتو ۽ اڻ لکو“ ڄاڻائي آيا آهيون. ٻئي پاسي خود جنرل ايوب وٽ نفسياتي جنگ جا ڪي اهڙا ڄاڻو نه هئا، جيڪي انهن مامرن جي ڇنڊڇاڻ ڪري منهن ڏئي سگهن. جنرل ايوب وٽ جي ڪا شيءِ هئي ته اها ملڪ امير محمد خان آف ڪالاباغ جي روپ ۾ رڳو ڏنڊو هو. جڏهين ته خود اهڙي قسم جو ڏنڊو انبوهه کي ڌڪڻ جي بدران وڌي وڻ ٿيڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اِهو اُهو به وقت هو جڏهين اڃا عوام کي اها خبر به نه هئي ته هڪ نڪتي يا ڪاري گهوڙي جي ڌڻيءَ جي روپ ۾ ڪو سنڌ جو شهزادو موجود آهي، جنهن جو نالو ذوالفقار علي ڀٽو آهي. عوام کي ته رڳو ايتري ڄاڻ هئي ته پاڻ وزير آهي، لاڙڪاڻي ضلعي جو رهواسي آهي ۽ سر شاهنواز جو پٽ آهي، الا الا خير سلا. ڪن ڪن کي اها خبر هئي ته پاڻ گندي ڪپڙي جو شوقين آهي، اهو به سنڌ جي حد تائين، باقي پنجاب ۽ سرحد جي غير قبائلي علائقي جي عوام کي ته سندس پوري نالي جي به خبر نه هئي. ذوالفقار علي ڀٽو جڏهين وزير خارجه جي عهدي کي لت هڻي جنرل ايوب کان ڌار ٿيو ته انهيءَ کانپوءِ جڏهين ٽرين جي ذريعي لاهور پهتو ته لکين ماڻهن جو انبوهه ڏانهنس ٽُٽي پيو ۽ سوين ماڻهو ٽرين جي اڳيان سمهي پيا، پوءِ ڀلي کڻي ٽرين مٿانئن چڙهي ڇو نه وڃي. ائين پنجاب پهرئين اک پٽي ۽ سنڌ پوءِ اک کولي. اهو کليل انبوهه هونئن ته وڻ وڻ سان وڄائي ڇڏي ها، پر ذوالفقار علي ڀٽو وٽ ڊگري ته قانون جي هئي، پر فطري طور تي پاڻ سوشل سئڪالاجسٽ هو. عوامي سائيڪيءَ جي نزاڪتن ۽ خطرناڪين جي کيس ڄاڻ هئي. پاڻ پنهنجو اهو اندروني ۽ فطري علم ڪم ۾ آندائين ۽ هڪ ليڊر جي حيثيت ۾ کليل انبوهه (Open Mob) کي بند انبوهه (Closed Mob) ۾ تبديل ڪري ڇڏيائين. ائين انهيءَ انبوهه ۾ لاڳيتي ترتيب اچي ويئي. جي ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اها ڄاڻ استعمال نه ڪري ها ته اڄ جيڪي ڪجهه ڏسون ويٺا، اهو نه هجي ها ۽ کليل انبوهه الائي ڪهڙا ڪِيس ڪري ها. جيتري قدر ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جو تعلق آهي ته انهيءَ کان پوءِ M.R.D (ايم آر ڊي) جي تحريڪ ته هلي پر اها تحريڪ ڪيئي ماڻهو مارجڻ کانپوءِ به کليل انبوهه جي صورت اختيار ڪري نه سگهي، ڇاڪاڻ ته جنرل ايوب جي برعڪس جنرل ضياءَ الحق وٽ جنرل مجيب الرحمان جهڙي ٿنڪ ٽئنڪ موجود هئي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو همراهه دنيا جي چند ڳڻين تڻين نفسياتي جنگ جي ماهرن مان هڪ هو. سندس استعمال ڪيل گرن (Tactics) انهيءَ شاندار تحريڪ کي کليل انبوهه بڻجڻ نه ڏنو. جي اها تحريڪ انبوهه جي صورت اختيار ڪري ها ته اهو انبوهه سنڌ مان ٿيندو، پنجاب تائين پهچي وڃي ها، ڇاڪاڻ ته ڀٽي صاحب جي شهادت کانپوءِ پنجاب جي ڇهن ماڻهن پنهنجو پاڻ کي باهه ڏيئي رک ڪري ڇڏيوهو. اچو سائين ٻئي انبوهه تي. تاريخ 18 آڪٽوبر تي جڏهين محترمه بينظير ڀٽو ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿي ته لکين ماڻهو سندس استقبال لاءِ پهچي ويا ۽ چوڌاري مٿا ئي مٿا هئا. سڀ ڪجهه بلاڪ ٿي چڪو هو، اهو انبوهه جيئن ته ليڊرشپ جي چئي ۾ هو، تنهن ڪري انبوهه ۾ ٿريڊ لائين وانگيان هڪ ترتيب موجود هئي. اهو هڪ بند انبوهه (Closed Mob) هو. جڏهين انهيءَ ساڳئي رات ڪارساز وٽ محترمه تي حملو ٿيو ۽ لڳ ڀڳ 143 ماڻهو انهيءَ ۾ مارجي ويا ته اهو هڪ اهڙو وقت هو جو کليل انبوهه جنم وٺي ملڪ جي بارڊرن تائين پهچي وڃي ها، پر جيئن ته خود محترمه ۽ سندس اهم ترين ساٿي بچي ويا، جيڪي ليڊرشپ جي صورت ۾ موجود هئا، تنهن ڪري اهو انبوهه کلڻ جي بدران بند رهجي ويو ۽ خلقت ليڊرشپ جي پيدا ڪيل Thread Line سان ٻڌل رهي. پر تاريخ 27 ڊسمبر تي پنڊيءَ ۾ جڏهين محترمه جي شهادت ٿي ته پنهنجي ليڊر جي عدم موجودگيءَ ۾ کليل انبوهه جنم ورتو، جنهن ۾ اهي سڀ خصوصيتون موجود هيون، جيڪي آئون هن مضمون جي شروعات ۾ ڄاڻائي آيو آهيان. اهو انبوهه سنڌ مان ۽ پنجاب جي ٻن ٽن شهرن مان اٿيو، جنهن جي هر ڪنهن کي خبر آهي. انهيءَ انبوهه پنهنجن پراون کي به نه ڏٺو، ايتري قدر جو لاڙڪاڻي ۾ منهنجي مهربان دوست، پڙهي لکئي، چست ۽ پنهنجي پيپلز پارٽيءَ تي سر گهورڻ واري محترمه شهيد کي ويجهو رهندڙ اياز سومري (هاڻي وزير قانون) جي گاڏي به ساڙي ويئي، ۽ سندس گهر جي درن درين کي به انبوهه نه بخشيو. اهڙي ساڳئي طرح پيپلز پارٽيءَ جي ڏاڍن مڙسن جيالن وساڻ ڀائرن جو به انبوهه نقصان ڪيو. ڇاڪاڻ ته انبوهه نه ڏسندو آهي ته ڪير ڪير آهي. ٻئي پاسي امن امان قائم ڪرڻ وارين ڌرين کي جذب ڪرڻ لڳو، جنهن جي شروعات قاسم آباد ۽ سانگهڙ کان ٿي. تنهن کان علاوه انبوهه کان رهجي ويل علائقا به رهڙ ۾ اچڻ شروع ٿي وڃن ها، جنهن جو پهريون ڌڪ سنڌ سان لڳندڙ پنجاب جا ضلعا هجن ها ۽ پوءِ اهو انبوهه اڳتي وڌڻ لڳي ها ۽ پنجاب جا سڀ ضلعا وٺجي وڃن ها. بلوچستان ۾ جيئن ته قبائلي سسٽم موجود هو، جيڪو ڏاڍو سخت جان ٿيندو آهي ۽ انبوهه کي جنم وٺڻ نه ڏيندو آهي. رهيو پختون خواهه صوبو ته اتان جي قبائلي نظام واري حصي کي ڇڏي ڪري باقي علائقو به انبوهه جي رنگ ۾ رنگجي ها. انهيءَ وقت انبوهه جي ڪاررواين کي سختيءَ سان روڪڻ يا چپڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ها ته اهو انبوهه سڀني اهڙين قوتن کي به پاڻ ڏانهن ريڙهي وڃي ها. انهيءَ وقت انبوهه جيڪو نقصان ڪيو، اهو ڪنهن کان لڪل ناهي، اهڙي ليڊرشپ نه رهي هئي، جيڪا انهيءَ کليل انبوهه کي بند انبوهه ۾ تبديل ڪري سڄي ملڪ مٿان ڇائنجي وڃي ها. منهنجا ذاتي لڳ لاڳاپا ته ونگي جي ڄام ارباب غلام رحيم سان هئا، پر انهيءَ هوندي ڪري به، توڙي انبوهه جي خصوصين کي ڄاڻندي ڪري به آئون انهيءَ انبوهه جي حق ۾ هوس ۽ جوش ۾ به گم هوس. پر پاڻ سان وري اها جٺ ٿي، جو جتي پنهنجي گهر ۾ هوس (ڄامشورو)، اهو گهر ڪنڊائتو، اڪيلو ۽ انبوهه کان پري هو، تنهن ڪري هڪڙي خوش قسمتيءَ کان رهجي ويس. جي قاسم آباد ۾ هجان ها يا ڄامشوري واري ڦاٽڪ وٽ گڏ ٿيل انبوهه تائين پهچي سگهان ها ته GBS جي بيماريءَ جي ڪري منهنجن ٽنگن ۽ ٻانهن جو نروس سسٽم جيڪو ٿورو گهڻو ڪمزور رهجي ويو آهي، ته انبوهه ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ منهنجو اهو ٿورو گهڻو نقص به ختم ٿي وڃي ها ۽ چئوڻ تي طاقت به جسم کي ملي ها. پر بدنصيبيءَ جي ڪري انبوهه کان پري رهجي وڃڻ جي ڪري اهو سڀ ڪجهه نه ٿيو. (باقي اهو اتفاق آهي ته نروس سسٽم جي نون آيل ڊرگس جي ڪري منهنجو اهو جسماني نقص ختم ٿي رهيو آهي). البته منهنجي آفيس جي جن دوستن انهيءَ انبوهه ۾ جيڪي ڪجهه ڪيو، تن جي پٺي ٺپريم ته ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو اٿو. پر اها به تڏهين، جڏهين انبوهه پنهنجي اندر جي باهه ٺاري سڪون ۾ اچي ويو ۽ مون کي قاسم آباد وڃڻ جي گهٽي هٿ آئي ۽ انبوهه جي اندر جي باهه وسامي چڪي هئي. پر جيستائين اهو انبوهه پنهنجيون اهي تباهه ڪن ڪارروايون ڪندو رهيو، ايستائين نه ته فوج ٻاهر آندي ويئي ۽ نه ئي وري اهڙي انبوهه کي سختيءَ سان چٿڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ڪراچيءَ ۾ ته ڪجهه ڪارخانن يا بند جڳهين اندر باهه جي ڪري ماڻهو به مئا، پر پوءِ به انهيءَ انبوهه کي سختيءَ سان چٿڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي. اها سياڻپ ڪنهن ڪئي، سا ته خدا ٿو ڄاڻي يا اسلام آباد ۾ ويٺل صاحب اقتدار ٿا ڄاڻن. پر انومان اهو ٿو چوي ته ٿي سگهي ٿو، اها سياڻپ انهيءَ وقت جي آءِ ايس آءِ جي سرواڻ ۽ انٽيليڪچوئل جنرل پرويز اشفاق ڪيانيءَ جي هجي، جيڪو تمام گهڻو پڙهندو ۽ سوچيندو آهي ۽ کيس اهڙن انبوهن بابت ضرور ڄاڻ هوندي. اها ٻئي ڳالهه آهي ته انهن انبوهن ۾ شريڪ ماڻهن وڏي پيماني تي پولنگ اسٽيشنن تي وڃي پ پ کي ووٽ ڏئي ٻيو ڀيرو پنهنجي اندر جي باهه ڪڍي، جيتوڻيڪ پ پ ۾ ڪا اهڙي قيادت نه هئي، جهڙي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هئي، پوءِ به ڪم ٿي ويو. هاڻي اچون تازي واقعي تي، جنهن کي لانگ مارچ جو نالو ڏنو وڃي ٿو ۽ وڪيلن جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. انهن ساڳين وڪيلن جنرل مشرف جي زماني ۾ به لانگ مارچ ڪئي هئي، پر اها لانگ مارچ انبوهه جي صورت اختيار ڪرڻ بدران تحريڪ، جلسن، جلوسن ۽ ريلين تائين محدود رهي، پر جيڪا تازي لانگ مارچ شروع ڪئي ويئي، اها انبوهه جي صورت اختيار ڪري ويئي ۽ وڪيلن جي بدران انبوهه پنهنجو پاڻ ليڊر بڻجي ويو. جيڪڏهن انهيءَ لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ سختيءَ کان ڪم نه ورتو وڃي ها ۽ وچ ۾ وڏيون وڏيون رڪاوٽون کڙيون نه ڪيون وڃن ها ته پوءِ انبوهه جنم نه وٺي ها، پر حڪومت جا سختيءَ سان چٿڻ جا اهي هٿرادو ۽ وائڙا طريقا استعمال نه ڪيا وڃن ها ته شايد انبوهه جنم نه وٺي ها. حڪومت وارا پاڻ پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻي ويٺا. ائين وڏي ۾ وڏو انبوهه پهرئين لاهور مان دکيو ۽ ڀڙڪو کاڌائين. ميڊيا کي پاسي تي رکو، پر هن بندي جا لڳ لاڳاپا لاهور جي انتهائي ذهين بندن بندين سان آهن، جن جو گهڻو ڪري تعلق کاٻيءَ ڌر سان آهي، پر ڪنهن به ڌر سان لڳ لاڳاپي جي باوجود سندن نظرئي جي بدران حقيقتن تي نظر رهندي آهي. ميڊيا وٽان ايتري معلومات پاڻ کي ته نه ملي، پر اصلي حقيقت جو اصلي پتو لاهوري دوستن جي انهيءَ گروهه وٽان پيو، جيڪو پنهنجيءَ جاءِ تي حيرت انگيز حقيقت آهي. اهو هڪ اهڙو ئي انبوهه هو، جنهن جون خصوصيتون هن مضمون جي مهڙ ۾ ڄاڻائي آيو آهيان. انهيءَ انبوهه ۾ لڳ ڀڳ لاهور جو هر ماڻهو سڌي ريت يا اڻ سڌيءَ شريڪ ٿي ويو. وڪيل ته واڙجي چڪا هئا، پر انبوهه جي صورت ۾ عوام ٻاهر موجود هو. انهيءَ انبوهه ۾ لٺ تي هلندڙ پوڙهين کان وٺي زورآور نوجوانن تائين ۽ وهيل چيئر تي ويهي هلڻ وارن مفلوج ماڻهن کان وٺي ٻارن ۽ وڏن تائين خلقت نڪري آئي هئي ۽ ڀڃ ڊاهه شروع ٿي ويئي. انهيءَ موقعي تي محترم نواز شريف قلم نمبر 144 ٽوڙي نه نڪري ها ته جيڪر پنجاب جا ڪيترائي شهر باهه ۾ وڪوڙيل هجن ها ۽ اها ئي حالت پختون خواهه صوبي جي هندڪو بيلٽ جي شهرن جي ٿئي ها. اهڙي حالت ۾ وڪيل به ڇنڊجي وڃن ها ته ليڊر به لڙهي وڃن ها. پر نواز شريف جيڪا همت ڏيکاري، انهيءَ جي نتيجي ۾ سندس روپ ۾ هڪ اهڙو ليڊر بڻجي ويو، جنهن کليل انبوهه کي بند انبوهه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. خود نوازشريف جي شهرت جو ڪارڻ سندس ننڍو ڀاءُ شهباز شريف هو، جنهن پنهنجي شاندار مئنجمينٽس جي ڪري پنجاب جي غريب عوام جي داد رسي ڪئي هئي ته ٻئي پاسي وٽس چوڌري نثار عليءَ کان وٺي سينيٽر پرويز رشيد تائين اٺن ڏهن ماڻهن جو فائر برانڊ ۽ ماهرن جو ٽولو موجود هو. انهن خصوصيتن جي ڪري نواز شريف جڏهين انبوهه جي وچ ۾ وڃي پيو ته انبوهه کيس ليڊر مڃي ڪري پنهنجو اصل روپ (کليل انبوهه) بدلائي ڇڏيو ۽ اهو انبوهه نواز شريف جي چوڌاري مڙي اڳتي پنڌ پيو. ساڻس شريڪ خلقت لاهور جي ٻئي ڇيڙي تائين وڃي پهتي. انهيءَ خلقت ۾ پيدل هلندڙ ماڻهن جو تعداد گاڏين ذريعي هلندڙ ماڻهن کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هو. ائين کڻي چئون ته گاڏين وارا اتي به لوڻ جي برابر هئا. جيڪڏهن رڳو اسين لاهور شهر تائين محدود رهون ته پيدل خلقت کي پندرهه ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پيو. نواز شريف سان گڏ اها پيدل خلقت گجرانوالا تائين به نواز شريف سان گڏ رهي، جڏهين ته پنجاب جا ٻيا شهر ۽ ڳوٺ ويندي پنڊيءَ تائين انبوهه جي بخار (Fever) ۾ ورتل هئا. انهيءَ صورت ۾ جيڪڏهن اهو انبوهه اسلام آباد پهچي ها ته ڳالهه گوڙ کان چڙهي وڃي ها ۽ اهي امڪان هئا ته اسلام آباد پهچڻ کان پوءِ اهو انبوهه ايڏو وڌي وڃي ها، جو ليڊرشپ جي هٿ مان به نڪري کليل انبوهه بڻجي وڃي ها ۽ ملڪ جي قسمت ڪو ٻيو رنگ اختيار ڪري ها، گهڻو ڪجهه تباهه ٿي وڃي ها، جنهن جو تصور به ڪرڻ ڏکيو آهي. اهڙي صورت ۾ اڻ ڄاتي ۽ اڻ لکي نڪتي تائين پهچڻ کان پوءِ ڪو نه ڪو ڪاري گهوڙي(Dark Horse) جو ڌڻي ائين نڪري اچي ها، جيئن ڪنهن زماني ۾ ذوالفقار علي ڀٽو روشنين ۾ نروار ٿيو هو. پر ايستائين وڻ وڻ سان وڄي وڃي ها، ڪاري گهوڙي جي ڌڻيءَ کي ڪک ميڙڻا پئجي وڃن ها. ظاهر آهي ته پيپلز پارٽي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي آهي، جنهن ۾ رنگ رنگ جا ماڻهو موجود آهن. انهن مان ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي انهيءَ انبوهه ۾ شامل ٿي وڃن ها. ڪي ماڻهو اهڙا ويٺل آهن، جيڪي انبوهه تي سخت قدم کڻندي، رڪاوٽون کڙيون ڪندي پنهنجو اجايو ضد پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ها ۽ پاڻ سان گڏ ٻين جو سر به رولين ها. پر ايڏي وڏي پارٽيءَ ۾ڪي اهڙا سياڻا ماڻهو به پاتا وڃن ٿا، جيڪي ايندڙ طوفان کي روڪڻ جا اهڙا طريقا استعمال ڪن ها، جن ۾ نواز شريف سان ٺاهه ڪري وٺن ها ۽ موٽ ۾ نواز شريف اڃا انهيءَ پوزيشن ۾ هو جو ڪنٽرول اٿارٽي جي صورت ۾ انبوهه جي طوفان کي روڪي سگهي ها. پر حالتن مان لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي جي انهن ٽنهي گروهن کان هٽي ڪري پاڪستان فوج جي انٽيلڪچوئل ڪمانڊر ان چيف جي صلاح کي مڃيندي صدر مملڪت محترم آصف علي زرداريءَ به سياڻپ کان ڪم وٺندي اها ڳالهه مڃي ورتي. BBC جون رپورٽون اهو ٿيون ٻڌائين ته پريزيڊنٽ هائوس ۾ پورا ٽي ڪلاڪ جناب صدر، جناب وزير اعظم ۽ جناب ڪمانڊر ان چيف جي صلاح سولي هلي، ۽ نيٺ سڄي ڳالهه وڃي صحيح رخ تائين پهتي. خود اسان جي سائين جناب غوث علي شاهه جو به بيان اهو ئي آهي. ائين صدر آصف علي زرداريءَ سياڻن جي صلاح کي مان ڏنو، نواز شريف جو مطالبو مڃيائين. موٽ ۾ نواز شريف سندس انهيءَ قدم کي مان ڏيندي، اڃا تائين بند ٿيل انبوهه کي هڪ ليڊر جي روپ ۾ حڪم ڏنو ۽ جيستائين اهو بند انبوهه وڃي کليل انبوهه جو روپ وٺي ها، انهيءَ کان اڳ ۾ نواز شريف جي چوڻ تي ڇڙوڇڙ ٿيڻو پئجي ويو ۽ ملڪ جي قسمت برباد ٿيڻ کان بچي ويئي. رهي ڳالهه ڪريڊٽ کڻڻ جي ته اهڙن مامرن ۾ ڪريڊٽ پيپلز پارٽي توڙي نواز ليگ ڏانهن به وڃي ٿو، ته دانشور جنرل ڪيانيءَ ڏانهن به وڃي ٿو، ڪنهن هڪ ڌر ڏانهن نٿو وڃي. انهيءَ ڪري ٽنهي ڌرين کي عرض آهي ته ٻيهر جيڪا وک کڻن، ڇنڊي ڦوڪي کڻن ته جيئن سندن وجود برقرار رهي. باهه هڪ ننڍڙي تيليءَ مان نڪرندي آهي، ڀنڀڙ به هڪ ننڍي تيليءَ مان جنم وٺندا آهن. سو اهو خيال رکيو وڃي. پاڻ جو خيال ته اهو ئي ٿو چوي، پوءِ جنهن جي جيڪا مرضي. باقي سڀ خبرون رب جي ذات کي.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ اجائيون ڦڙٻاٽيون پهرين جولاءِ 2009ع هٿ جي گهڙي ڪا نه هڻبي، آڏي اڇل نه ڏبي، ڳالهه ۾ وَٽ ڪو نه وجهبو. ٺلهيءَ کنوڻ تي مال ڪاهي منهن نه ڪبو، دڦڪ تي بندوق ڪو نه ڇوڙبي ۽ سينڍ ۾ مارئي ڪا نه ڳائبي، انٽرنيٽ تان اڌوري معلومات کڻي دنيا جي فن پارن جو ٻيڙو ڪو نه ٻوڙيو، جيڪا به ڳالهه ڪبي، اها ٺاهي ٺوڪي ڪُنجهي جي ٿانءَ وانگر وڄائي پوءِ ڪبي. جيڪڏهن ڪو مڃي ته به واهه واهه، جيڪڏهن ڪو نٿو مڃي ته به سڄڻ واهه واهه. ڇاڪاڻ ته سهپ پاڻ جي نس نس ۾ ويٺل آهي، تنهن ڪري جنهن کي جيئن کپي تيئن وڃي آکي ۽ لکي. اهو انهيءَ جو حق آهي، پرائي حق تي ڌاڙو ڪو نه هڻبو، ڪنهن جو وات ڪو نه سببو ۽ نه ئي قلم کي ٻنجو ڏبو. پاڻ جي ريت آهي ته ڳالهه ڪريو ۽ اڳتي هليا وڃو. ڪاوش جهڙي پاپولر اخبار ۾ پاڻ نالي ۾ نهال دانشورن، پنن تي مکيون ماريندڙ اسڪالرن ۽ ڪنهن نه ڪنهن ازم (Isms) جا ٺپا کڻي هلندڙ ليکڪن لاءِ ڪو نه لکون، نه ئي وري اهڙن مردن ۽ عورتن لاءِ لکون، جن ڀلي ادب جو الف به نه لکيو هجي، پر ڪرسيءَ جي زور تي مهورتون ڪري، صدارتي ڪرسيون والاري ۽ فنڪشن ۾ ڪن ڪڍي سنڌ جا وڏا دانشور ۽ دانشورياڻيون بڻجي وينديون آهن. انهن مردن ۽ عورتن جي اها سستي شهرت تڏهن اچي هيٺ ڦهڪو ڪندي آهي، جڏهن سرڪاري ڪرسي سندن هيٺان کسڪي ويندي آهي ۽ کين تقريرون لکي ڏيندڙ لاٺڙيا ۽ گاڳڙيا سندن محفل ڇڏي وڃي ٻين جي محفل وسائيندا آهن. وارا ڄمارا ته رکيائي رکيا آهن، پاڻ جڏهين به اخبار ۾ لکندا آهيون ته خلقت خدا جي لاءِ لکندا آهيون، ڇاڪاڻ جو هيءَ اخبار شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻن کان وٺي جهرجهنگ تائين به پڙهي ويندي آهي. جيڪڏهن ڀلا ڪو اڻ پڙهيل هوندو آهي ته اهو به ٻئي کان پڙهائي خبر ڪڍندو آهي ته هائو ٻيلي! ملڪ ۾ ڪو حال آهي يا صفا بيحال آهي. سو جيڪڏهن ڪو ڏکيو اکر اچي وڃي ته انهيءَ جي چٽائي ضروري آهي. اهڙو ئي هڪ اکر آهي ”ڪليشي“ (Cliché) يارهن لکن اکرن جي معنيٰ ڄاڻائيندڙ سيلن تي هلندڙ فرينڪلن وارن جي ڊڪشنريءَ ۾ انهيءَ اکر جي معنيٰ ٿئي ٿي ”مدي خارج ۽ سوائي توائي موضوعن، ڪردارن ۽ حالتن جو ذر ذر ذڪر ڪرڻ“. انهيءَ اکر کي سولي سنڌيءَ ۾ ”اجايو رينگٽ“ به چئي سگهجي ٿو. گوري بادشاهه جي ملڪ برطانيا جي اڙٻنگ، شاهه شاهي جواريءَ ۽ ويليم جون گوريون کائي مٿان شراب ڌوڪيندڙ اڦٽ مار مواليءَ ۽ مهانگي ليکڪ توڙي جنرلسٽ مارٽن ايمس (Martin Amis) جو تازو ڪتاب آيو آهي، جنهن جو عنوان آهي (War Against Cliché) (اجائي رينگٽ خلاف جنگ). انهيءَ ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ دل گهريو ته اجائي رينگٽ رينگاٽ تي لکجي ۽ ڪجهه ٻيا مامرا به اٿارجن. ٽي وي ڏسو، اخبار پڙهو، سياست جي موالين جون ڳالهيون ٻڌو ته هڪڙو جملو ڦري گهري اچي اوهان جي مٿي تي لڳندو ۽ اوهان جي مٿي مان چڻنگون نڪري وينديون. خيرن جو اهو جملو آهي ”بدترين جمهوريت به بهترين ڊڪٽيٽرشپ کان وڌيڪ چڱي آهي“. ڏيو منهن، پٽيو مٿو ۽ جهٽيو هوا، ڪوئو ٻاهر، ٻلي اندر. پٽڪو پيرن هيٺ، جتي مٿي تي، سبق ئي اونڌو. اهو شوشو ڇڏيو ته الائي ڪهڙي ماڻهوءَ آهي، پر آهي ميڊيا جي ڪارگذاري. ميڊيا ۾ سڀ سڄا ٿوروئي ويٺا آهن. بهرحال جنهن به همراهه اهو شوشو ڇڏيو آهي، انهيءَ جي نظر ۾ شايد جمهوريت رڳو ووٽ ڏيڻ جو ٻيو نالو آهي، کيس اها سمڪ ئي ناهي ته ووٽ ڏبا آهن، پر گروي ڪو نه رکبا آهن، جو هڻ ٽجوڙيءَ ۾ ڏي چاٻي. حقيقت ۾ جمهوريت جون اصلي تقاضائون ووٽ جي ڏي وٺ کانپوءِ شروع ٿينديون آهن، جنهن جو بنياد داد رسيءَ تي ٻڌل هوندو آهي ۽ حق ڇنڊي ڏيڻ جو ٻيو نالو آهي. انصاف گم ته معنيٰ جمهوريت گم، ميرٽ جو قتل عام معنيٰ جمهوريت جو قتل عام، واعدي خلافي پڙ تي ته جمهوريت پڙ کان ٻاهر. انهيءَ حساب سان جيڪڏهن ڪا سٺي ”جمهوريت“ آهي ته اها وري ”بدترين“ ڪيئن ٿي؟ جيڪڏهن ڪا شيءِ ”بدترين“ آهي ته اها وري ”جمهوريت“ ڪيئن ٿي؟ ”بدترين“ ۽ ”جمهوريت“ جو پاڻ ۾ کوڙو ئي نٿو لڳي. پر جيڪڏهن ڀلا تنهن هوندي به اهڙي اجائي رينگٽ کي مڃجي به سهي ته پوءِ ”بدترين جمهوريت“ جي معنيٰ اها ٿيندي ته يا ته ملڪ ۾ انارڪي آهي ۽ جوزف هيلر (Joseph Heller) جي مشهور زمانه ناول Catch 22 وانگيا ڪو اهڙو ڦيٽارو پيل آهي، جو ڪو نه ٻڌي ڪنهن جي، اک نه ڏسي گوڏي کي. پر جيڪڏهن ڀلا انارڪيءَ وارو ڦيٽاڙو ناهي ته پوءِ اها ”بدترين جمهوريت“ سويلين مارشل لا هوندي، جنهن ۾ موچڙي جو زيپٽ پيو پوندو. انڌيون پيون رليون سبنديون ۽ رئيس پيا اوڍيندا. ائين ته پوءِ هٽلر به چونڊ کٽي آيو هو ۽ اليڪشن باقائدي سويپ ڪئي هئائين، يا ائين کڻي چئون ته ووٽ ٻهاري کنيا هئائين. پر پوءِ انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو اهڙو وٺي چوندڙ ڏنائين جو هڪڙي پاسي ساٺيڪو لک مرد، عورتون ۽ ٻار قتل عام جو شڪار بڻيا ته ٻئي پاسي خود جرمني ٻن ملڪن ۾ ورهائجي ويو. اها ته ڪا جمهوريت ڪا نه چئبي، جٺ چئبي. سو منهنجا مٺا جمهوريت بدترين هوندي نالي، اهڙي ڪنهن شيءِ جو ڪو وجود ئي ناهي. البته ڪنهن به جمهوريت ۾ ڪميون پيشيون هونديون آهن، ڪجهه ڪمزوريون هونديون آهن، انهيءَ ڪري جمهوريت کي ”بد“ ته چئي سگهجي ٿو، پر ”بدترين“ چئي نٿو سگهجي. اهڙي ساڳئي طرح” بهترين ڊڪٽيٽرشپ“ جو ڪو وجود نه هوندو آهي. اها شيءِ يا ته ”ڊڪٽيٽرشپ“ هوندي آهي، جيڪڏهن ڊڪٽيٽرشپ نه هوندي آهي ته پوءِ ”بهترين“ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي شيون هڪ ٻئي جو ضد هونديون آهن. جيڪڏهن ڪو ”ڊڪٽيٽرشپ“ کي ”بهترين“ جو خطاب ٿو ڏئي ته پوءِ اهو ته ائين ٿيندو ته جيئن ڪو اوهان کي اچي اهو چوي ته: ”يار، درياءَ ۾ پاڻي هو ئي ڪو نه، انهيءَ ڪري ٻڏي ويا آهيون. وارو ڪريو ٽوٻا گهرائي لاش هٿ ڪريو.“ يا وري ڪو ائين چوي ته: ”يار، روز ٿا موچڙا کائون ۽ مٿا ڦاڙائيون، انهيءَ ڪري ڏاڍي سک ۽ آرام ۾ آهيون“. اصل ڳالهه ئي اونڌي. خدا جا بندا، لفظن جي به ڪا حرمت ٿيندي آهي، جملن جي به ڪا معنيٰ ٿيندي آهي. اهڙا جملا گهڙي گڏهين کي گج ته نه پارائيو، اهڙي اجائي رينگٽ کان ائين چڱا آهيون، خلقت جي ساڃهه ته نه وڃايو. اڳتي لاءِ سوچڻ ۽ رٿابندي ڪرڻ کي سوليءَ سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ”ڊگهي نظر رکڻ“ افسوس جو اسان ماڻهن وٽ ڊگهي نظر ناهي، جيڪڏهن هجي ها ته ائين نه ٿئي ها. ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ ضروري آهي، اصل جهيڙو ٻوليءَ تان شروع ٿيو. پنجاب ۾ سرائيڪي ٻوليءَ وارا پنجابي ٻوليءَ وارن سان اٽڪي پيا. علمي ادبي جهيڙو هو، اديبن ۽ شاعرن جو جهيڙو هو، سرائيڪي وارن جو خيال هو ته پنجابي سندن ٻوليءَ جو حق ٿا مارين. جڏهن ته پنجابي ٻوليءَ وارن کي وري اها شڪايت هئي ته اهي پنهنجي ٻوليءَ جو ئي حق وٺي نٿا سگهن ته ٻي ٻولي وارن جو حق ڪيئن ماريندا. اهو جهيڙو پاڻ جي سامهون به دکيو، پر پاڻ چپ رهياسين، ڇاڪاڻ ته ٻنهين پاسان عزت ملندي پئي آئي آهي ۽ ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ جي حق لاءِ روئي رڙي رهيون هيون ۽ ٻئي ڌريون حق تي هيون. اهو سڀ ڪجهه هوندي ڪري به منهنجي اندر ۾ شڪ ڪر کنيو ۽ اها حالت هئي، جنهن لاءِ چوندا آهن ”اٺ تڏهن پئي رڙيا، جڏهين ٻورا پئي سبيا“ اهو کٽڪو بيٺو هو ته جيڪڏهن اديبن ۽ شاعرن جو اهو حقي واجبي ڦڏو متان سياستدانن جي ور چڙهي وڃي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته ڪم خراب ٿي ويندو. جيڪڏهن سياست کي ٿو ڏسجي ته شروع کان وٺي اڄ تائين سرائيڪي بيلٽ جي سياستدانن جو پڙ ڳرو رهندو پئي آيو آهي. فن ۽ دانش جي دنيا ۾ به سرائيڪي بيلٽ جو پڙ ڳرو آهي. هاڻي ته حسن جي دنيا ۾ سرائيڪي ملهه ماريو بيٺا آهن، پر سياستدان کي کپي ڪو نه ڪو اشو انهيءَ هوندي به سرائيڪي ٻوليءَ جي تحريڪ وڌندي سياستدانن جي ور چڙهي ويئي ۽ ڪافي سال اڳ نيٺ اهو ڏينهن به اچي ويو، جو سرائيڪي ٻوليءَ جي تحريڪ سرائيڪي صوبي جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويئي. دهل وڳو مڪو متو. سرائيڪين کان وڌيڪ اسان جا سنڌي ڀائر سرگرم ٿي ويا. انهيءَ جو هڪڙو سبب اهو آهي ته هوم سِڪ هئڻ جي ڪري اسان وارن همراهن جي پنجاب ڏانهن اٿل نه هئڻ جي برابر هئي، انهيءَ ڪري اهي دوست پنجاب جي سوشيو پوليٽيڪل حالتن کان گهڻي قدر اڻ واقف رهندا پئي آيا آهن. ٻيو سبب ڊگهي نظر جي کوٽ هئي/آهي. سو اسان انهيءَ هُش ۾ خوش رهياسين ته اجهو ٿا پنجاب صوبي کي ٽوڙي ٻه اڌ ڪريون ۽ پنجاب جي اڪثريت کي ختم ڪريون. اهي دوست نئين صوبي جي انهيءَ هام کي نه سمجهي سگهيا ته اهو صوبو صرف ٻوليءَ جي بنياد تي کڙو ٿي سگهي ٿو. صرف ٻوليءَ جي بنياد تي يارن کي پنجاب ٽوڙڻو هو ته پوءِ ٻيا آواز به ائين ها. تازو سرحد صوبي کي جيڪو نالو ڏنو ويو آهي ”پختون خواهه“ اها به ايڏي وڏي غلطي آهي، جيڏي سرائيڪي صوبي جي گهر. حقيقت ۾ هي ڳالهيون پاڻ کي اڳ ۾ ئي لکڻ گهرجن ها، جڏهين پاڻ کي کٽڪو ٿي بيٺو هو. پر دير آيل درست آيل. شڪر ٿيو جو يارن کي اها کڙڪ نه رهي ته پنجاب کي ٻوليءَ جي بنياد تي ٻن صوبن ۾ نه، پر ٽن صوبن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙو سرائيڪي، ٻيو پنجاب ۽ ٽيون پوٺوهار. جيڪڏهن ائين ٿئي ته پوءِ اهو اصول ٻين صوبن تي به لاڳو پئي ٿي سگهيو. هلو سائين پنجاب کي ٽن صوبن ۾ ورهايوسين. هاڻي اچو صوبي سرحد تي. سنڌالاجي گهمڻ کانپوءِ انهيءَ وقت جي چيف منسٽر آفتاب شيرپائو کي انهيءَ شوق اچي تنجي کنيو ته ”پختونالاجي“ جي نالي سان پشاور ۾ ڪو اهڙو ادارو قائم ڪجي. وفد به سنڌالاجيءَ موڪليو ويو، پر پوءِ خبر پئي ته صوبي سرحد جي هندڪو ٻولي ڳالهائڻ وارن جي مخالفت سبب اهو ادارو جڙي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته سرحد صوبي ۾ ٻه ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. پنجاب صوبي کي ورهائڻ وارو پينڊورا باڪس کلي سرحد تائين پهچي ها. مطلب ته ٻوليءَ جي بنياد تي صوبي سرحد مان ٻه صوبا بڻجن ها. هڪڙو ”هندڪو“ صوبو، ٻيو ”پختونخواهه“ صوبو. پر وڏي جٺ ته بلوچستان سان ٿئي ها، جتي هڪ نه، پر چار ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. هڪ ته پشتو آهي. پشتو جو منهن پشتو ڏانهن، يعني ته بلوچستان جو پشتو واروعلائقو صوبي ”پختونخواهه“ جو حصو بڻجي ها. ٻيو صوبو ٿئي ها بلوچي زبان وارو. بلوچستان انهيءَ بلوچستان ۾ سنڌ جي اتر اولهه وارا يعني جيڪب آباد ۽ قمبر شهدادڪوٽ جا اهي حصا بلوچستان کي ملن ها، جتان جي اڪثريت بلوچي زبان ڳالهائي ٿي. ٻيو صوبو بڻجي ها” براهوي“ جتي براهوي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. بلوچستان ۾ جيڪا چوٿين ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، اها آهي سنڌي. انهيءَ حصي ۾ لس ٻيلي جو ڳچ حصو ۽ ڪڇيءَ واري پٽي وري سنڌ صوبي جي حوالي ڪئي وڃي ها. باقي ٻوليءَ جي انهيءَ اصول کي سامهون رکندي جيڪو سنڌ جو حشر نشر ٿئي ها، اها دنيا ڏسي ها. تنهن ڪري پاڻ جي سنڌ جي سياستدانن کي گذارش آهي ته اهي ڊگهي نظر رکندي، پنجاب صوبي کي ٽوڙڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏين. ڇاڪاڻ ته جيڪو ٽوڙهو پنجاب جي ڳچيءَ ۾ پوندو. اهو ساڳيو ٽوڙهو سنڌ سميت ٻين صوبن جي به ڳچيءَ ۾ پوندو. انگريز ڪو چريو ته نه هو، جو چار صوبا ٺاهي ويو. مهرباني ڪري چئني صوبن کي سلامت رهڻ ڏيو، عقل ڊوڙايو ته جيڪا تيلي پنجاب کي ساڙيندي، سا تيلي سنڌ کي به ساڙي وجهندي. ٿي سگهي ٿو ته اهڙيون ڳالهيون پاڻ جي سرائيڪي ٻوليءَ جي اديبن ۽ شاعرن کي ڏکيون لڳنديون هجن. پر کين اهو به سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن هڪڙو در کليو ته ٻيا در به کلندا. هي سرائيڪي صوبو بڻيو به سهي ته اهو به ٻه اڌ ٿي ويندو، محمد علي دراني (سابق وزير اطلاعات) جهڙا سياستدان هاڻي کان ئي سراڻ تي چڙهيو هلن ته بهاولپور رياست قانوني طور تي صوبو آهي ۽ ٻين سرائيڪين سان ٻڌل ناهيون. اجائيون ڦڙٻاٽيون سر رولي ڇڏينديون. مغرب جي انهن دانشورن سان سندن قبرن ۾ الائي ڪهڙي جٺ هوندي. جيڪي چئي ۽ لکي ويٺا ته مڊل ڪلاس ئي ملڪ ۾ سڌارا ۽ انقلاب آڻيندو آهي. ڳالهه ته صحيح ڪئي اٿن، ڪو ڏٽو ڪو نه هنيو اٿن، پر پنهنجي ملڪن جي طبقاتي جوڙجڪ کي نظر ۾ رکي پوءِ ڪئي اٿن، جتان جو مڊل ڪلاس ايماندار، سمجهو ۽ پنهنجي ڳالهه سان سچو آهي، پر کين اها خبر نه رهي ته سندن انهيءَ مناسب ۽ حقي واجبي سوچ کي سنڌ ۾ به ڪا موٽ ملندي ۽ سنڌ جا ڪي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو پنهنجي چوڌاري حالتن کي نظرانداز ڪندي اها هام هڻي ويهي رهندا ته بس اجهو ٿو مڊل ڪلاس سنڌ کي بهشت بڻائي. جيڪڏهن مغرب جي دانشورن کي اها خبر هجي ها ته اهڙيون ڳالهيون نه لکن ها. واهه سائين واهه! سنڌ جو مڊل ڪلاس/ووڪل ڪلاس/سول سوسائيٽي/سفيد پوش طبقو ٿو سنڌ ۾ تبديلي آڻي! ڇا نه خام خيالي آهي! پهرين ته اسان کي اها خبر ڪڍڻ گهرجي ته اسان جو اهو مڊل ڪلاس پيدا ڪيئن ٿيو آهي ۽ اندروني اندر ڇا پيو ڪري. اسان جو ظفر جوڻيجو هلائيندو ته اين جي او آهي، گهڻي دلچسپي ادب سان اٿس. بين الاقوامي ادب تي گهري نظر به رکي ٿو ۽ ترجمو ڪري ڇپرائي به ٿو. جيڪي سندس پسنديده اديب آهن، انهن ۾ نجيب محفوظ به اچي وڃي ٿو، جيڪو مصر جو نوبيل لاريٽ به آهي. جنهن ڏينهن سردار اڪبر بگٽي ماراڻو، انهيءَ ساڳئي ڏينهن نجيب محفوظ به ڪيسنر وگهي وفات ڪري ويو. ظفر کي نجيب محفوظ جي وفات تي ڏک پهتو. هن چاهيو پئي ته سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي هال ۾ نجيب محفوظ جي وفات تي ڪا تعزيتي گڏجاڻي ڪجي. آئون ته هال ڏيڻ لاءِ تيار هوس ته ايڏي وڏي شخصيت ايتري لهڻي ٿي. تياريون شروع ٿيون، انهيءَ لاءِ ظفر سنڌ جي ووڪل ڪلاس جي ڪل سترهن ڄڻن کي فونون ڪيون ۽ سڀني هنڌان اهو سوال منهن ۾ اچي لڳس ته ”ڇا نجيب محفوظ به سردار اڪبر بگٽيءَ سان گڏ ويڙهاند ۾ هو ڇا؟“ ائين اسان جي انهيءَ ووڪل ڪلاس مصر جي اديب نجيب محفوظ کي نجيب محفوظ بگٽي بڻائي ڇڏيو. اها آهي اسان جي ووڪل ڪلاس جي اهليت ۽ ڄاڻ. منهنجو نياڻو ساجد ڏاڍو ڏنگو ماڻهو آهي، ماري وجهوس ته به دل جي ڳالهه چپن تي آڻي وجهندو. چوندو آهيانس ته بابا سچ جو به ڊوز ايترو ڏيندو ڪر، جيتري جي ضرورت آهي، وڌيڪ سچ ڳالهائڻ جي گنجائش ناهي. پر مجال آهي جو مُڙي. هڪڙي ڏينهن ڇا ٿيو جو سندس موٽر سائيڪل تي چڙهي صدر حيدرآباد مان دوائون وٺڻ وياسين. منهنجي ته ڪا ڦٽل هئي جو اسٽور تي چڙهي ويس. دوائون ته دوائن جي ماڳ رهيون، اتي مورڳو 22 هين گريڊ جي هڪ رٽائرڊ ڪاموري جي ور چڙهي ويس. بس سنڌ، سنڌ جي عوام ۽ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جو راڳ شروع ٿي ويو. سنڌ جي حقن جي وڪالت جو ڇڙي ته همراهه بس ئي نه پيو ڪري. آئون اهڙو ڪڇان جهڙي ڀت. جي ٿو ڪڇان ته ٿيان ٿو سنڌ جو غدار. پر ساجد کان رهيو نه ٿيو. سو انهيءَ ڪاموري جي منهن تي مون کي چيائين ”جڏهين نوڪريءَ ۾ هو ته سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ليکيندو ئي ڪو نه هو، هاڻي رٽائر ٿيو آهي ته سنڌ جي ڏک اچي کنيو اٿس، ڇڏ اهڙن ماڻهن کي، هل ته هلون. ائين هن بندي جي مڊل ڪلاس مان جند ڇٽي. بنيادي حقيقت اها آهي ته هن وقت اسان وٽ سنڌ ۾ جيڪو مڊل ڪلاس آهي، اها هڪ اهڙي ٻلي آهي، جيڪا ست ڪوئا کائي ثواب ڪمائڻ تي سنڀري آهي. ڪن نوڪرين مان پنهنجا پيٽ ڀريا، انهن کي هاڻي سنڌين جي پيٽ جو فڪر لڳل آهي. ووڪل ڪلاس جا ٻيا ماڻهو اهي آهن، پاڻ کي پريشر گروپ سڏائيندا آهن. اهڙين گڏجاڻين ۾ وقت جي حڪومت خلاف گوڙ ڪندا آهن ۽ پوءِ وري ساڳئي حڪومت جي اهم ماڻهن جي اڳيان پويان ٿيندا رهندا آهن ته من سنڌ جي نالي ۾ کين ڪجهه ملي وڃي. گهڻا وري اهڙا آهن، جيڪي شارٽ ڪٽ هڻي وچولي طبقي ۾ شامل ٿي چڪا آهن. ڪي وري سياسي رئڪيٽ هڻي کائڻ، پيئڻ ۽ سنڌ جي حقن تي ڳالهائڻ جهڙا ٿي پيا آهن. سنڌ جي انهيءَ ڪلاس تي نظر ٿا وجهون ته انهيءَ ڪلاس جا ڳچ ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي شينهن جا ڪنڌ مروڙيندا نظر اچن ٿا، پر اندران ڊڄڻا آهن ۽ جيل جي بدران ريل کي ترجيح ڏيندا آهن، ڪجهه همراهه ته اهڙا به آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن NGO ۾ رهندي ڪري اها هام هڻندا آهن ته آمريڪن ڊالرن جي ذريعي سوشلزم کي ٻيهر جيئارڻو آهي. ڏيو منهن، آمريڪن ڊالر ۽ سوشلزم. مڙيئي ٿيو پنهنجو ڀرم رکڻو ۽ ٻئي کي بيوقوف بڻائڻو. ٻئي کي بيوقوف بڻائڻ جو ڌنڌو به مڊل ڪلاس/ووڪل ڪلاس ئي ڪندو آهي. ڏٺا به ڏٽن جهڙا، اهي ماڻهو سنڌ جي عوام کي بيوقوف سمجهندا آهن. مڊل ڪلاس يا ووڪل ڪلاس جي ٻي ڌر اها آهي، جيڪا پنهنجي جاءِ تي پرخلوص ته هوندي پر سندن عقل تي ست پردا چڙهيل هوندا آهن. اهي ماڻهو اهو نه ڏسندا آهن ته اهي جيڪي هينئر مطالبا ڪري رهيا آهن، انهن جا اڳتي هل ڪري ڪهڙا نتيجا نڪرندا. کين اها خبر نه پوندي آهي ته جيڪو ڳٽ ٻئي کي ڦاسائڻ لاءِ ٺاهيو اٿن، اڳتي هلي ڪري اهو ڳٽ سندن قوم جي ڳچيءَ ۾ پوڻو آهي. اهي ماڻهو ڊگهي نظر نه رکندا آهن. اهڙن همدردن کي مٿاڇري سوچ رکندڙ يا سطحي ذهنيت (Mediocrity) جا مالڪ چئي سگهجي ٿو. ائين اسان جو سڄو مڊل ڪلاس وڏي حد تائين ڪرپٽ به آهي، هائيپوڪريٽ به آهي ۽ سطحي ذهنيت به رکندڙ آهي. شايد اهي ڳالهيون نظر ۾ رکي ارون ڌتي راءِ کي پنهنجي تازي ڪتاب The Shape of the Beast ۾ لکڻو پئجي ويو آهي ته ”مڊل ڪلاس هوندو ئي انهيءَ لاءِ آهي جو جيڪو هو گند ڪري وڃي، اهو غريب عوام جو ڪو ماڻهو اچي صاف ڪري“. جيڪڏهن ڀارت جو اهو حال آهي ته اسان وٽ ڪهڙو حال هوندو، انهيءَ جو اندازو لڳائڻ ايترو مشڪل ناهي. سو اهي ته ٿيون اجائيون ڦڙٻاٽيون يا اجائي رينگ رينگاٽ. جيڪڏهن سنڌ جو ڪنهن وٽ ڇوٽڪارو آهي ته اهو عوام وٽ آهي، جنهن کي اسان ”ڪت خلقت“ چوندا آهيون. عوام ايڏو ڪرپٽ به ناهي، ڊگهي نظر به رکي ٿو ۽ منافقت کان به گهڻي حد تائين بچيل آهي. عوام ۾ اها به سگهه آهي ته اهو جذبات ۾ اچي ڪو غلط فيصلو به ڪري ٿو ته غلط فيصلي تي پڇتائي به ٿو. نظرثاني به ڪري ٿو ۽ درستگي ڪرڻ به ڄاڻي ٿو. مڊل ڪلاس جي رينگٽ کي ڇڏي جيڪڏهن عوام ۾ آسرو رکبو ته اونڌا گهڙا به سڌا ٿي پوندا. ڀلا جيڪڏهن ڪو عوام کي بيوقوف ٿو سمجهي ته اهو پاڻ وڏي ۾ وڏو بيوقوف ماڻهو آهي. اهڙن بيوقوف ماڻهن کي عوام چڱي طرح سڃاڻي ٿو.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ هيءَ موسم! جمع 10 جولاءِ 2009ع موسمون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن. هڪڙي موسم ته هوندي آهي سياسي، جنهن جو ڪو به پتو نه پوندو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪڏهن ڇا ٿيڻو آهي. جيڪي ڪجهه ٿيندو آهي، اهو اوچتو ئي اوچتو ٿي ويندو آهي، تنهن ڪري سياسي موسم جي باري ۾ ڪجهه چئي ڇڏڻ هوا ۾ ڦوڪون ڏيڻ جي برابر آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن ملڪ ۾ ڪو سسٽم نه هوندو آهي، اتي اتفاقات ئي جنم وٺندا رهندا آهن. سو ڀڄ پري انهيءَ موسم کان، اچ اصلي موسم تي يعني وسڪاري جي هن موسم تي ته اُڀ ڇا ٿو چوي، هوائن جا رخ ڪيڏانهن آهن، درياءَ شاهه بادشاهه جو ڪهڙو حڪم آهي ۽ سمنڊ ڪهڙي رنگ ۾ آهي، اڳ ڇا ٿيو ۽ هاڻي ڇا ٿيندو. پاڻ جو جنهاڻ ڳوٺ وارو مائٽاڻو گهر به ٿر ۽ گرين بيلٽ جي ڪس تي آهي ۽ ڄامشوري ۾ هاڻوڪو گهر به ڪوهستان ۽ گرين بيلٽ جي ڪس تي آهي، تنهن ڪري ذر ذر اڀ ڏانهن نهارڻو ٿو پوي. ڳوٺ ۾ به ماڙيءَ تي چڙهي ٿر ڏانهن ويندڙ ڌراڙن ۽ مال کي ڏسڻو پوندو هو ۽ هتي به جبل ڏانهن ويندڙ ڌراڙن ۽ مال کي ڏسڻو ٿو پوي. اڃا ته ڪا اهڙي چرپر ڏسڻ ۾ نٿي اچي. ڏسڻ ۾ اچي به ڪيئن جو اڃا تائين اڀ جون اکيون خالي آهن. اڀ روئندو ۽ لڙڪ ڳاڙيندو (مينهن جي صورت ۾) تڏهين وڃي ڪا خبر پوندي ته هائو ٻيلي ملڪ ملير (سائو) ٿي پيو آهي. باقي موسميات کاتي جي ڦوڪن تي ڪو نه لڳبو. پراڻيون ۽ بيڪار مشينون رکيو ويٺا آهن، سو جيڪا ڳالهه ڪن سا اونڌي. مثال سامهون آهي، هفتو ڏيڍ اڳ هام هڻي ويٺا ته ڏکڻ سنڌ ۾ زوردار هوائن سان ڪا وڏي ٻوڏ ٻوڏان ٿيڻ واري آهي ۽ سمنڊ ۾ وڏو ڪو طوفان اچڻ وارو آهي، پر اڃا ته ست خير لڳا پيا آهن. ڇا جو مينهن، ڇا جو طوفان، هروڀرو کڻي سرڪاري ڪارندن کي به مصيبت ۾ وڌن ۽ تو مون پارن کي ڪوڙا آسرا ڏنن. جيڪو به انهن همراهن جي ڳالهين تي لڳو، تنهن جا ٻئي جهان چٽ هوندا. ڳالهيون ته ڳچ آهن، پر جي ڇتو واهوندو (ڏکڻ اولهه کان ايندڙ تيز هوا) لڳو ۽ ڳئون واري چٽڻ شروع ڪئي ته سمجهو ته ڪارو ڏڪار آهي، پر جي ڳئون اڀ ڏانهن نهاري هوا کي سنگهڻ لڳي ۽ سپر هاءِ وي تي ڳوهون ڊوڙ ڊوڙان لائي ڏين ته سمجهو ته مينهن جي وٺ وٺان هوندي، پر جيڪو ماحوليات ۾ خرابو پيدا ٿي ويوآهي، انهيءَ خرابي ڳئون کي به منجهائي وڌو آهي ۽ ڳوهون به وائڙيون ٿي ويون آهن. تنهن ڪري جيئن سياسي موسم جي اڳڪٿي ڪري نٿي سگهجي، ائين ئي مينهن جي باري ۾ به ڪا پڪي پختي ڳالهه ڪري نٿي سگهجي. سو وري به ڳالهه جي تان وڃي ٽٽندي اتفاقات تي. تنهن ڪري موسم جي باري ۾، درياءَ جي باري ۾، سمنڊ جي باري ۾ ”سمجهوته“ (Suppose) کان ئي ڪم وٺڻو پوندو، سو سمجهوته جي هن موسم ۾ گهڻو مينهن وسندو ته ڇا ٿيندو؟ ٿيندو اهو ته هڪڙي پاسي ٿر ۽ جبل جا ماڻهو خوش ٿيندا ته ٻئي پاسي حليم بروهيءَ جي لفظن ۾ ”وڏو گند“ ٿيندو. اسان ايڏا ته سياست زده ٿي ويا آهيون جو هر ڳالهه کي سياسي اينگل کان ڏسندا آهيون. جي ڪو ڳائڻو يا فنڪار آفيمون کائي، چرس ڦوڪي ۽ ڪچو ٺرو پيئي وڃي کٽ جهلي ته به مٺي وقت جي سرڪار. جي ڪو پنهنجن ارڪانن جي ڪري گهڻي مينهن ۾ پنهنجو گهر ٻوڙائي ويھي رهي ته به نه وڃي وقت جي سرڪار. جي سمنڊ ڌوڙهيا ڪري اٿي ته به سڄو بار وقت جي سرڪار تي. سو رڳو سياسي يا غير سياسي سياستدانن ڏانهن ڪو نه ڏسبو. ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي سماجي تاڃي پيٽي ڏانهن به ڏسبو. سرڪار کان پنڻ تي زور ڪو نه ٻڌبو، ڪجهه پنهنجي به گهوٽڻي پوندي. اڳي پاڻ جا وڏا اجتماعي شعور کان ڪم وٺندا هئا، هاڻي سڀ جا سڀ سيڪنڊ هئنڊ معلومات جي پويان لڳل آهيون، تڏهين ٿو ڪم خراب ٿيئي. سو به خاص ڪري وسڪاري جي هن موسم ۾. جيئن هينئر ماڻهو اخبارن ۾ ۽ ٽي ويءَ ۾ منهن وجھيو ويٺا هوندا آهن، ائين ئي اڳي ماڻهو اڀ ۾، زمين تي، وڻڪار ڏانهن هوائن کي نظر ۾ رکيو ويٺا هوندا هئا. تڏهين اهي سڀ ئي ڏيک چٽا نظر ايندا هئا. کين اڳواٽ خبر پوندي هئي ته ڪڏهين ۽ ڪيترو مينهن پوڻ وارو آهي ۽ مينهن جي پاڻيءَ جا ڪهڙا ڪهڙا لنگهه آهن ۽ اهو پاڻي ڪٿي وڃي ٿو ڪري. خلقت کي خبر هئي ته مٿانهين جڳهين تان ايندڙ نيون هڪڙو ته سمنڊ ۾ وڃيو ٿيون ڪرن، ٻيون سنڌو درياءَ جي حوالي ٿيون ٿين ۽ پاڻيءَ جا ٽيا لنگهه وري گم ٿي ويل هاڪڙي درياءَ جي ڀيٽ تائين وڃي ٿا پهچن. پاڻيءَ جا ڪي وهڪرا وري ڍنڍن، ڍورن، ڍورين، ترائين ۽ ڏرڙن ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. انهيءَ ڪري ماڻهو پاڻ پاڻيءَ جي انهن لنگهن کان پاسي تي گهر اڏيندا هئا ته جيئن سندن گهر ٻڏي نه وڃن ۽ حياتين توڙي گهرن جو نقصان نه ٿئي. مال به رهڙي کان بچي وڃي. هونئن به تڏهين اها چوڻي مشهور هئي ته ”ڪڏهين به باهه ۽ پاڻيءَ سان کس نه ڪجي“. پر وقت گذرڻ سان گڏ ماحولياتي خرابو به وڌندو ويو، انساني آبادي به وڌندي ويئي ۽ ماڻهن نيچر تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو ته اجتماعي شعور کان به محروم ٿيڻ لڳا. کين اها سرت ئي نه رهي ڪٿي گهر ٺاهڻ گهرجن ۽ ڪهڙا ٺاهڻ گهرجن. ائين ڏينهون ڏينهن اهو سلسلو وڌندو ويو. جيڪي پاڻيءَ جا لنگهه هئا، اتي کيڙيون ڪري ٻنيون پوکيون ويون، گهر ۽ اوطاقتون ٺاهيون ويون، نتيجي ۾ اهي لنگهه بند ٿي چڪا آهن. هاڻي جي هن مند ۾ چار يا پنج انچ به مينهن ٿو وسي ته ٻوڙ ٻوڙان شروع ٿيو وڃي ۽ ماڻهو توڙي مال ڪڏهين لڙهيو وڃن ته ڪٿي وري گهر لڙهيو وڃن. جيڪي بچن اهي وري بي گهر به ٿين ۽ بيمارين جو شڪار به ٿيو وڃن. ڪن پاڻ، پوءِ ڦاسي اچي وقت جي سرڪار. پاڻيءَ سان کس ڪن پاڻ ڏوهه وري ٻين جو. حقيقت ته اها آهي ته اڳي جيڪڏهن رڪارڊ 90 انچ مينهن به پوندو هو ته به ماڻهن ۽ مال جو بچاءُ ٿي ويندو هو، هاڻي 5 انچن ۾ ملڪ چٽڻي. ٻه ٽي سال اڳ به ائين ٿيو هو، سو جيڪڏھن هن ڀيري به مينهن گهاٽو ٿو پوي ته پوءِ ته رڙيو رڙ هوندي، سو اهو خيال خود خلقت کي رکڻ گهرجي. جتي 90 انچ مينهن به پيو آهي، اتي جيڪڏھن هاڻي پنجن انچن جي بدران ڏهاڪو انچ مينهن پيو ته ماري وجهندو. سو ٻيلي، ڪجهه نيچر ڏانهن به ڌيان ڌريو. اڀ جو ڪو ڀروسو ناهي. پاڻ جو ڪم آهي ڪن کڻائڻ. اچو سائين درياءَ تي. 1991ع جو سال هجي، سرڪار ته نواز شريف جي هئي، پر زمانو ڄام صادق عليءَ جو هو. سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي ڦڏو ٿي پيو. نتيجي ۾ بلوچستان ۽ سرحد جي چيف منسٽرن سان گڏوگڏ سنڌ جو چيف منسٽر ڄام صادق علي ۽ پنجاب جو چيف منسٽر مسٽر وائين جي گڏجاڻي ٿي. جنهن کي اردوءَ ۾ ”جام وائين“ به چئي سگهجي ٿو. ظاهر آهي ته ٻنهين جي ذهني ليول ۾ وڏو فرق هو. انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ شطرنج جي راند ته ڄام صادق علي جي هٿ ۾ هئي ۽ سڀ ساريون سنڌ جي حق ۾ ويون. ائين 1991ع واري پاڻيءَ جي معاهدي جنم ورتو. هاڻي سنڌ جي هر ماڻهوءَ جي هڪ پيئي پوي ته سنڌو درياءَ جو پاڻي انهيءَ معاهدي تي عمل ڪندي سنڌو درياءَ جو پاڻي ورهايو وڃي. بهرحال جڏهين 1991ع ۾ اهو معاهدو ٿيو ته سنڌ جي حق ۾ آواز اٿاريندڙ لاهور جي ليکڪ ”منو ڀائيءَ“ کي اهو اچي فڪر لڳو ته ڪٿي انهيءَ معاهدي مان سنڌ کي ڪو نقصان ته نه رسندو. منو ڀائيءَ سان گڏوگڏ بين الاقوامي سطح جون ڊاڪيومينٽريون ٺاهيندڙ ماحوليات پسند شيرين پاشا کي وري اها لار لڳي ته ڪٿي سنڌو درياءَ جي ڇوڙ وٽ شديد قسم جو ماحولياتي خرابو ته پيدا نه ٿيندو، (جنهن تي اڳتي هلي ڊاڪيومينٽري به ٺاهيائين). شيرين پاشا به لاهور ۾ ئي رهندي آهي، اهو فڪر ڌاري ٻئي ڄڻا هن بندي وٽان اچي نڪتا. صلاح اها بيٺي ته رشوت جي هاڃي ۾ ورتل ڪنهن چڱي مڙس انجينئر کان پڇا ڪرڻ ۽ لئبريريون ڦلهورڻ جي بدران درياءَ شاهه بادشاهه جي نس نس کان واقف رهندڙ ۽ درياءَ جي اصلي وارث مهاڻن کان پڇائون ڪري معاهدي جي حقيقت ڪڍجي. اتفاق سان اسان ٽنهين ڄڻن کي اھو گرُ اچي ٿو ته لئنڊ ڪروزر مان لهي ڪنهن مسڪين مڙهي سان پوٺي تي ويهي کيس پنهنجو ڪري سندس اندر جو احوال ڪيئن ڪڍجي. سنڌ جو ويچارو هر هاري يا مسڪين مهاڻو وڏي گاڏي ڏسي پاسو ڪري لنگهندو آهي ۽ اها دعا به گهرندو آهي ته ”يار رب، حقئون به رک ناحقئون به رک“. سنڌ جو ستايل ماڻهو ائين نه ڪري ته ٻيو ڇا ڪري. سو اسان جا ڀاڳ ڀلا ٿيا جو ڄامشوري واري پراڻي پل جي ڀر ۾ سائينداد ملاح جي ڳوٺ هڪ جهور پوڙهو مهاڻو ملي ويو. پهرئين ته پاسو ڪيائين، پر پوءِ جڏهين ڏٺائين ته جيڪي ٻه مرد ۽ هڪڙي عورت گاڏيءَ مان لٿا آهن، اهي ماڻهن جهڙا ماڻهو آهن. ائين اسين چارئي ڄڻا هڪڙي دڪانڙي جي سامهون پٽ تي ويهي رهياسين. شيرين پاشا ته چُني لاهي ڪانڀ ٻڌي ويهي رهي، جو کيس سنڌ جي ڪلچر جي گهڻي ڄاڻ هئي. مون مترجم جو رول ادا ڪيو، ڳالهيون ڇڙي پيون. پوڙهو مڙس اهو حال ڏسي کلي پيو. چوڻ لڳو ته ”سٺ ستر سال اڳي پنجاب تائين اسان پلو مارڻ ويندا هئاسين. بابي منهنجي کي چوان ته جيڪا پلي جي آني هوندي آهي، انهيءَ هڪڙي آنيءَ ۾ ٽي چارڪروڙ آنا هوندا آهن، جن مان ٻچا ڦٽي نڪرندا آهن. پر پوءِ هڪڙيون ٺهيون پليون، مٿان وري اسان جي همراهن ڇا ڪيو جو اڳي جيڪو سُٽ جو رڇ استعمال ڪندا هئا، انهيءَ جي جاءِ تي کڻي نائلون جا رڇ ڪم ۾ آندائون. سُٽ جو ڌاڳو وڍ نه ڏيندو آهي ۽ پلي جا ننڍڙا ٻچا انهيءَ مان لنگهي ويندا آهن، پر هاڻي جيڪو ڌاڳو رڇ ۾ هنيل آهي، اهو ڌاڳو اهڙو آهي، جهڙو پاڪِي. جيڪو پلي جو ٻچو رڇ مان نڪرڻ جي ڪري ته وڍ اچيو وڃيس. وڍ جي ڪري زخمي ٿي مريو وڃي. هاڻي ته پلو کائڻ کان سِڪي ويا آهيون“. پوڙهي ڳالهه پوري ڪئي ته اسان پنهنجي ڳالهه تي آياسين. ”چاچا، اها ڳالهه ته ٺيڪ پر تازو سنڌ جي ڄام ۽ پنجاب جي ڄام درياءَ جي پاڻيءَ جو سودو ڪيوآهي“. ”نه ٻچا نه، ائين وري ڪيئن ٿيندو. بادشاهه ٿورئي درياءَ جو سودو ڪندا آهن. بادشاهه دريائن جو سودو نه ڪندا آهن، پر درياءَ بادشاهن جو سودو ڪري ڇڏيندا آهن. ڪئين آيا ۽ ويا، پر درياءَ ڪو نه مڙندو“. ”اهو وري ڪيئن؟“ پڇيو سونس. ”منهنجيءَ امان کي چوان“ جهونو شيرين پاشا سان مخاطب ٿيو”درياءُ شاهه بادشاهه آهي عاشق، سمونڊ آهي معشوق. معشوق جبلن مان اٿندڙ عاشقن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي، انهيءَ ڇڪ تي عاشق ڊوڙندو ڊوڙندو اچي معشوق کي ڀاڪر پائيندو آهي ۽ پاڻيءَ سان پاڻي ٿي ويندو آهي. جيڪڏھن ڀلا ڪو بادشاهه کيس ونگ وجهندو آهي ته عاشق پنهنجو رستو مٽائي، ٻئي پاسان ٽپ ڏيئي اڇلون کائيندو وڃي معشوق ڀيڙو ٿيندو آهي. بابا، درياءَ جي واٽ ڪير جهلي“. ائين اصل مام پڌري ٿي بيٺي. جيڪي به درياءَ جبلن مان اٿندا آهن، اهي ڪشش ثقل (Center of Gravity) جي سائنسي اصول موجب ڇڪ کائي سمنڊ تائين پهچندا آهن. اها هڪ عام فطري ڳالهه آهي. سنڌو درياءَ تي ڪجهه بند اڳ ۾ ئي جوڙيل آهن، انهن ۾ به سِلٽ ڀربي پيئي وڃي. بند مان سلٽ ڪڍڻ لاءِ بند تي ايندڙ خرچ کان 600 ڀيرا وڌيڪ خرچ ڪرڻو پوندو. ايترا پئسا هيءُ غريب ملڪ ڪٿان آڻيندو؟ تنهن کانپوءِ انهن بندن جي نتيجي ۾ چار پنج سال اڳ ضلعي رحيم يار خان وٽان سنڌو درياءَ کاٻي پاسي اٿل کاڌي هئي ۽ پڪي جا ڪجهه علائقا ٻوڙي وڌا هئائين. اها خبر ڪاوش ۾ شايع ٿي چڪي آهي. تازو سال ٻه اڳ وري گهوٽڪيءَ واري پاسي به سنڌو درياءَ ٻي اٿل کاٻي پاسي کاڌي هئي ۽ پڪي جو ڪجهه علائقو ٻوڙي وڌائين. اها خبر به ڪاوش توڙي KTN تان اچي چڪي آهي. مطلب ته پورالو سڏجندڙ سنڌو درياءَ ڪنهن به وقت کاٻي طرف وڏو ٽپ ڏيئي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته عاشق کي معشوق تائين ته پهچڻو ئي آهي. سو جيڪڏھن ڪالاباغ ڊيم ٺهيو ته پڪ سمجهو ته درياءَ شاهه بادشاهه ڪالاباغ واري علائقي کان به مٿي کاٻي طرف وڏو جمپ ڏيئي سگهي ٿو، نتيجي ۾ سنڌ ته ڇا، پر سنڌ سان گڏوگڏ خود پنجاب جو بئريج سسٽم تباهه ٿي سگهي ٿو. سو پنجاب وارن کي به عرض آهي ته ٻيلي ائين نه ڪريو. ائين نه ٿئي جو اسان جو به ٻيڙو ٻوڙيو ۽ پنهنجو به سر ڦٽائي ويھي رھو. هتي اسان کي ٻه ڳالهيون نظر ۾ رکڻ گهرجن. هڪ ته مدي خارج انجنيئرنگ جي فارمولن ۽ انگن اکرن کي ڇڏي بندن جي باري ۾ ڪيل نئين ريسرچ تي نظر رکڻي پوندي. هن وقت ماحوليات ۽ پاڻيءَ جي تعلق تي لکيل ڪيئي ڪتاب نظر مان ڪڍڻا پوندا. جيڪي ڪتابن جي مارڪيٽ ۾ موجود آهن. ڪجهه پڙهڻ جي تڪليف به ڪرڻي پوندي. پري نه وڃو، رڳو ڊاڪٽر ڪانتي باجپائي جي ريسرچ اسان جي اڳيان موجود آهي، جيڪڏهن ڪو جهونو انجنيئر پنهنجي روايتي علم کي ڇڏي سندرو ٻڌي انهيءَ نئين ريسرچ تي ڌيان ڌريندو ته اها ڳالهه پڌري ٿي پوندي ۽ نوان ٽيڪنيڪي پهلو اسان جي سامهون اچي ويندا. ٻئي ڳالهه ته هيءُ ڪيس سياسي سطح تي وڙهي ڪا ناگواريت پيدا نه ڪبي، پر ٽيڪنيڪي سطح تي وڏي ڀاءُ کي اها ڳالهه سمجهائڻي پوندي تڏهين وڃي ڪم ٺهندو. پراڻي ٽيڪنيڪي سطح تي نه، پر نئين ريسرچ جي بنياد تي. باقي اسان جيڪڏهن رڳو سياسي سطح تي جهيڙو جوٽيو ويٺا هونداسين ته رڳو مندا مندي وڌندي ويندي ۽ ڪم ٺهڻ جي بدران بگڙجندو ويندو. ٽيڪنيڪي سطح تي پنجاب وارن همراهن کي سمجهائڻو پوندو ته اسان کان وڌيڪ کين ئي نقصان رسندو. ڇاڪاڻ ته پنجاب جو بئريج سسٽم وڌيڪ ڦهليل ۽ مضبوط آهي. پنجاب وارن کي اهو نه چئبو ته اسان جو پاڻي حق نه ماريو، پر اهو چئبو ته پنهنجي پير تي ڪهاڙو نه هڻو. اهو ڪيس جيڪڏهن انجينئرن بدران ماحوليات جا سرڪاري توڙي غير سرڪاري (NGO) ادارا ٺاهيندا ته اهو مضبوط به هوندو ۽ مڃائڻ جوڳو به هوندو. اچو هڪڙي ٻيءَ ڳالهه تي. نئين ريسرچ اهو به ٿي چوي ته زمين جي تهه کان ٿورو هيٺ ڀرو سنھو سنهو پاڻي چرپر (Move )ڪندو رهي ٿو. اهو پاڻي ڪچن واهن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن مان لنگهي هليو ٿو وڃي، يا وري اڳ ۾ ئي موجود گهڻي پاڻيءَ سان ملي وڃي ٿو. پر جيڪڏھن واهه يا شاخ يا واٽر ڪورس پڪو هوندو، سيمينٽ سان ٻڌل هوندو ته چرپر ڪندڙ اهو پاڻي پڪن ڪنارن سان ٽڪرائجي موٽ کائيندو آهي. موٽ کائڻ کانپوءِ ٻئي ڪا واهه نه ڏسي مٿي چڙهندو آهي ۽ اچي ٻوٽن جي پاڙن سان ٽڪرائبو آهي. جڏهين ته ٻوٽن جون پاڙون لوڻياٺون هونديون آهن، اهو پاڻي اها لوڻياٺ کڻي مٿي چڙهندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اتان جي زمين ۾ سم سان گڏ ڪلر به پيد اٿيندو آهي. ائين سم ۽ ڪلر زمين کي بيڪار بڻائي ڇڏيندا آهن. تنهن ڪري جديد ريسرچ موجب واهن شاخن ۽ واٽر ڪورسن کي پڪو بڻائڻ سان پنهنجو پاڻ کي نقصان رسائڻو ئي آهي. سو اهو وڏو خرچ به ڳچي آجي ڪرائڻ يا پاڻي بچائڻ جي بدران مورڳو ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجهي ايندڙ نسل کي تباهه ڪرڻ برابر آهي. عارضي فائدو نه ڏسجي، پر مستقل فائدو ڏسجي ۽ واهن توڙي واٽر ڪورسن کي ڪچو ئي رهڻ ڏجي. فقير جو ڪم آهي رڙيون ڪرڻ، بادشاهن جو ڪم آهي ٻڌڻ. وڌيڪ وس وارا آهن. انهيءَ ۾ هاڻي ڪا به شڪ جي گنجائش نه رهي آهي ته ماحولياتي خرابي جي ڪري موسم جو توازن بگڙجي چڪو آهي. انهيءَ عدم توازن جي ڪري ائين به ٿي سگهي ٿو ته تمام گهٽ مينهن وسي، ته ائين به ٿي سگهي ٿو ته ٻوڏ جيترو مينهن وسي پوي. اهڙي ساڳئي طرح ائين به ٿي سگهي ٿو ته درياءَ ۾ پاڻي گهٽ هجي، پر ائين به ٿي سگهي ٿو ته درياءَ ايڏو چاڙهه کائي جو زمينون، ڳوٺ ۽ شهر به رهڙي ۾ اچي وڃن. خبر پوي ته حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جا ڳچ حصا رهڙي ۽ پٽي کڻي هليو وڃي. سو اهو خيال رکڻ به ضروري آهي. نيچر سان کس ته ڪري ويهي رهيا آهيون، سو نتيجو اگرو نڪري سگهي ٿو. اچو سائين سمونڊ تي. ڪجهه سال اڳ سمنڊ ۾ زلزلي جي اچڻ جي نتيجي ۾ سونامي آيو ته هن بندي BBC ريڊيو تان سونامي کان متاثر ٿيل ڪجهه ماڻهن جا انٽرويو به ٻڌا هئا. سريلنڪا جي هڪڙي همراهه چيو ته ”اڳي جڏهين سمنڊ جو پاڻي وڏي اٿل کائيندو هو ته اسان جي وڏن کي اڳواٽ خبر پئجي ويندي هوندي هئي، ۽ اسان سمنڊ کي ويجهو ئي نه ويندا هئاسين“. وڏن کي ڪيئن خبر پوندي هئي ۽ هاڻي ڇو نٿي خبر پوي؟ اها مام به سمجهڻ وٽان آهي. خاص ڪري هن موسم ۾ ئي سمنڊ بگڙي پوندو آهي. سو اهو مامرو به اسان جي اڳيان آهي. انهيءَجي تان به ماحوليات تي ٽٽي ٿي. اڳي جڏهين اڃا ماحولياتي خرابو نه ٿيو هو ته ٻيڙا ڪاهي سمنڊ ۾ گهڙندڙ مهاڻن کي آسمان جون بدلجندڙ جهلڪيون، سمنڊ مٿان هلندڙ هوا جي انداز، سامونڊي لهرن جو موڊ، پاڻيءَ هيٺان ترندڙ مڇين جا رخ، رفتار ۽ بي چيني، سمنڊ جي ڪناري تي موجود پکين جي اڏام ۽ خود مهاڻن جو تجربو ۽ مضبوط حواس کين ڏسُ ڏيندا هئا ته سمنڊ چاڙهه کائڻ وارو آهي يا ماٺو رهڻو آهي، يا ڪو طوفان اچڻو آهي. جيڪڏھن ڪو طوفان اچڻو آهي ته اهو ڪيتريءَ حد تائين ايندو. ائين مهاڻا صحيح وقت تي صحيح فيصلو ڪري وٺندا هئا ته سمنڊ اندر لهڻو آهي يا نه لهڻو آهي. جي ڀلا سمنڊ اندر لهڻو آهي ته ڪيتري حد تائين وڃڻو آهي. هاڻي هڪڙو ته ماحولياتي خرابي جي ڪري سمنڊ جي اڀار چاڙهه ۽ موڊ جو پتو نٿو پوي. ٻيو وري مهاڻن ڇا ڪيو آهي جو پنهنجي ننڍن وڏن ٻيڙن ۾ ٽي وي سيٽ رکي ڇڏيا آهن، تنهن ڪري سندن نظرون سمنڊ ۽ اڀ جي بدران ٽي ويءَ تي کتل هونديون آهن. ڪن وري ڇا ڪيو آهي جو ٽيپ رڪارڊر يا وڏاوڏا ڊيڪ ٻيڙن تي رکي ڇڏيا آهن ۽ سندن ڪن سمنڊ جي گوڙ ۽ هوا جي آوازن جي بدران گانن ڪلامن ڏانهن هوندا آهن. سندن ڌيان يا ته رڳو مڇيون ڦاسائڻ تائين محدود هوندو آهي يا وري ٽي وي ٽيپ رڪارڊر ڏانهن. سندن وڏا هلڪي رنگن جا ڪپڙا پائيندا هئا، جڏهين ته هاڻي اهي مهاڻا تيز رنگن جا ڪپڙا پائيندا آهن ۽ ٻيڙن جو سينگار به هلڪن رنگن سان ڪرڻ جي بدران تيز رنگن سان ڪيل هوندو آهي. هلڪو رنگ نيچر کي پرکڻ جو ڪم به ڏيندو آهي، پر تيز رنگ منجهائيندڙ هوندو آهي. ٽئين پاسي تمر جو جهنگ به ايترو نه رهيو آهي، جيترو اڳي هو. تمر جا هي ٻيلا سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي مٿي چڙهڻ نه ڏيندا هئا، پر هاڻي تمر جي جهنگن جي عدم موجودگيءَ ۾ سمنڊ اڳتي وڌندو زرعي اپت ڏيندڙ زمين کي تيزيءَ سان کائي رهيو آهي. اهي سڀ شيون گڏجي ڪري مهاڻن کي منجهائي چڪيون آهن، تنهن ڪري کين طوفان جي اچڻ يا وڃڻ جو ڏس پتو نٿيون ڏيڻ ڏين، ان ڪري ئي گهڻي تباهي اچي ٿي. تنهن کانپوءِ درياءَ شاهه بادشاهه جون ڇاڙون به گم ٿي چڪيون آهن، جيڪي ڪا روڪ ٽوڪ ڪن. انهيءَ ڪري پاڻ جو خيال اهو وڃي ٿو بيهي ته ڏڪار سڪار جي گهڻ کان بچاءُ ڳولڻ ناممڪن بڻجي چڪو آهي، پنهنجي وڍيءَ جو ڪم ويڄ طبيب نه رهيو آهي. اڃا به وقت پيو آهي ته پاڻيءَ جي معاملي کي منهن ڏيڻ لاءِ مدي خارج انجنيئرنگ جي هوائي توائي انگن اکرن تي ڌيان ڏيڻ جي بدران نين حالتن کي اڳيان رکي ريسرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ وڏو حصو ماحوليات جي علم جو ٿو اچي. انهيءَ نئين ريسرچ جي بنياد تي ئي ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. مٿين علائقن کي به هٿ آڏا ڏيئي سگهجن ٿا، ته گڏوگڏ اسان جو پنهنجو Vision (فھم) به وڌي سگهي ٿو. پر وري به اهو سوال ڪر کنيو بيٺو آهي ته پنهنجن موسم ۽ پاڻيءَ سان لاڳاپيل انهن مامرن تي ڪير آهي، جيڪو ٽيڪنيڪي بنيادن تي ريسرچ ڪري؟ ڪير آهي، جيڪو ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌي. اصل معاملو ته اهو ئي آهي، باقي مون پارا پنا ڪارا ڪرڻ وارا کوڙ، سرڪاري خرچ تي ميٽنگون ڪرڻ ۽ مانيون کائڻ وارا کوڙ. ڪجهه ته پاڻ کي به ڳارڻو پوندو. بهرحال هيءَ موسم سوچڻ وٽان آهي، خيال رکڻ وٽان آهي ۽ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، ٻوڙي به سگهي ٿي، تاري به سگهي ٿي. هاڻي موسمن جو ڪهڙو ڀروسو، جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي اهو حضرت انسان کي پاڻ ڪرڻو آهي. ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ڪهاڻي عرف شارٽ اسٽوري! اربع 29 جولاءِ 2009ع ڪجهه سال اڳ ڪنهن دوست مون کي فون ڪئي ۽ اٿڻ ساڻ چيائين ته ”خوش ته آهين؟“ هونئن جي ڪو عام ماڻهو هجي ها ته کيس رسمي جواب ڏيان ها ته ”خوش آهيان، مزا لڳا پيا آهن، شڪر آهي جو وقت سولو پيو گذري. وغيره وغيره. پر منهنجو اهو دوست سمجهدار هو، انهيءَ ڪري جواب ڏنو مانس ته ”ڇڏ يار، هن دنيا ۾ ڪير خوش هوندو، خوش ناهيان.“ انهيءَ تي دوست ٽهڪ ڏنو، ڇاڪاڻ جو هو سمجهي ويو هو ته هر ماڻهو هر وقت خوش نه هوندو آهي. کيس انهيءَ يوناني لوڪ گيت جي به خبر هئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ” هن دنيا ۾ ڏک ڊگها هوندا آهن، خوشيون عارضي هونديون، خوشي هڪ دوکو آهي.“ جي انهيءَ لوڪ گيت جي گهرائيءَ ۾ وڃبو ته ماڻهو ڪڏهين سٺا ڪپڙا پائي، ڪڏهين سٺي ڪار وٺي ۽ ڪڏهين ڪا ڪاميابي ماڻي خوش ته ٿي ويندو آهي، پر اهو ساڳيو ماڻهو جڏهن انهن سٺن ڪپڙن يا سٺي ڪار جو عادي ٿي ويندو آهي ۽ سندس ڪاميابي پراڻي ٿي ويندي آهي ته سندس خوشي موڪلائي ويندي آهي. انهيءَ ڪري چيو ويو آهي ته ”خوشيون عارضي هونديون آهن“ باقي ڏک ته انسان ذات سان چنبڙيل ئي هوندا آهن. البته جنهن ماڻهوءَ جو عقل گڏهه وانگر چرڻ هليو ويندو آهي ته پوءِ اهڙو ماڻهو سدائين بهارين ۾ هوندو آهي. لطيف سائينءَ به چيو آهي ته ”الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.“ ليکڪ اهو هوندو آهي، جيڪو پنهنجا ذاتي ڏک به اوريندو رهندو آهي ته گڏوگڏ پنهنجي آس پاس ٻين جا ڏک به لکندو ۽ ڳڻائيندو ويندو آهي. جيڪڏهين ڪنهن مزاحيه ڪتاب يا مضمون يا ڪهاڻي يا شاعري (معياري هئڻ جي صورت ۾) کي غور سان پڙهبو ته انهيءَ جي پويان به ڏک جي ڪيفيت نظر ايندي. پري ڪو نه وڃان محمد حنيف جي شاهڪار ناول “The case of exploding mangoes” کي غور سان پڙهبو ته چپن تي مرڪ به تري ايندي ۽ گڏوگڏ انهيءَ مرڪ جي پويان دل کي ڏکوئيندڙ ڳالهيون به نظر اينديون. سو چوڻ جو مقصد اهو ٿيو ته ليکڪ پاڻ سان ڏک کڻي هلندو آهي. ليکڪ ظاهري طور تي ڪيترو به خوشنصيب هجي، پر اندران بدنصيب هوندو آهي. ائين هيءَ بندو به ڏکن ۽ بدنصيبن جو شڪار رهندو اچي. پر زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪا اهڙي خوشي به اچي ويندي آهي، جيڪا سالن جا سال به هلي سگهي ٿي. 1993ع جو سال مون لاءِ هڪ خوشيءَ جو سال بڻجي ويو، جيڪو اڃا تائين مهربانن جي مدد سان خوشنصيبيءَ جي صورت ۾ جاري و ساري آهي. ليکڪ کي ڪنهن به صورت ۾ داد ملندو رهي ۽ کيس هر وقت ياد رکيو وڃي ته اها ليکڪ جي خوشنصيبي چئبي. 16 سال اڳ يعني 1993ع ۾ خيرپور ميرس جي دوستن نسيم کرل جي ڪهاڻين جي ياد ۾ محفل مچائي. مون کي صدارتي يعني آخري تقرير ڪرڻي هجي. انهيءَ محفل ۾ حسبِ معمول ”مهان“ ۽ ”عظيم“جو لفظ بار بار ورجايو ويو. اهي لفظ جڏهين غلط استعمال ٿيندا آهن ته چڙ ته ٿيندي آهي. ڪن دوستن مون کي به ”مهان“ ۽ ”عظيم“ چئي ڇڏيو. پاڻ تي اهو خطاب چنبڙندو ڏسي مون کي ردِعمل ته ڏيڻو هو سو چئي ويٺس ته ”مون صرف هڪڙو عظيم ڏٺو آهي، اهو آهي سنڌالاجي جي ميوزيم جو ڪيوريئر عظيم چانڊيو. رهي ڳالهه عظيم ڪهاڻيءَ جي ته ”يورپ ۾ اڻويهين ۽ ويهين جي موڙ تي عظيم ڪهاڻيءَ کي سلهه جي بيماري ٿي پيئي ۽ اها گذاري ويئي. اڻويهين صديءَ جي پنجاهين ڏهاڪي ۾ اردوءَ جي عظيم ڪهاڻي گهڻو شراب پيئي مري ويئي ۽ تازو سنڌيءَ جي عظيم ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي ويئي. باقي سٺيون ڪهاڻيون لکجي رهيون آهن.“ اها تقرير ڪري جيئن ئي هيٺ لٿس ته ادل سومري مون کي چيو ”ڀنڀور کي باهه ڏيئي ڇڏيئه.“ مون کي اها خبر نه پيئي ته ڀنڀور کي ڪيئن باهه ڏنم، باقي اها سو خبر هيم ته ادل سومرو هڪ سڄاڻ ليکڪ هئڻ سان گڏوگڏ سياڻو ۽ ڊگهي نظر رکڻ وارو آهي. سو ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه ڪري ويو آهيان، جنهن جي حوالي سان مون کي ياد رکيو ويندو. ڪنهن ليکڪ کي جيئري هوندي خدا جا پورا سورنهن سال ياد رکيو وڃي ته کيس ٻيو ڇا کپي. منهنجو اهو انومان به هو ته ٿورن ليکڪن کي ڇڏي ڪري اسان جي اڪثر ليکڪن کي مغربي ادب جي ايتري ڄاڻ ناهي، تنهن ڪري شايد ڪن اهو سمجهيو هجي ته ڪهاڻي عرف شارٽ اسٽوري کي TB وري ڪيئن ٿيندي. کين شايد ڊاڪٽر ائنٽن چيخوف جي خبر نه هوندي ته ڊاڪٽر ٿي ڪري به TB وگهي ڪيئن مئو. رهي اردوءَ جي عظيم ڪهاڻي ته اسان جا اديب ڪرشن چندر کي سعادت حسن منٽوءَ کان اڃا به وڌيڪ عظيم سمجهندا هجن ۽ کين اها به خبر نه هجي ته سعادت حسن منٽو وري ڪيئن گهڻو شراب پيئندو هوندو. شايد انهيءَ ڳالهه تي ڪاوڙجي پون. باقي نسيم کرل کي گولي لڳڻ جي ته هر ڪنهن کي خبر هوندي. انهيءَ تي شايد نه چڙن، پر ڪجهه ڏينهن رکي اها باهوڙ مچي ويئي ته هن بندي سنڌي ڪهاڻيءَ کي ماري ڇڏيو آهي. جڏهين اها وٺ وٺان ٿي ته پوءِ وڃي مون کي ادل سومري جي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته سنڌيءَ جا سڀ ڪهاڻيڪار پاڻ کي ”عظيم ڪهاڻيڪار“ ٿا سمجهن، پاڻ کي ”سٺا ڪهاڻي ڪار نٿا سمجهن.“ تنهن ڪري وٺ ضرور ڪندا. اڄ جڏهن هيءُ مضمون لکڻ ويٺو آهيان ته سمجهان ٿو ته هڪ ته منهنجي خوشنصيبي آهي، جو ڪهاڻيءَ جي هر محفل ۾ مون کي ياد ٿو ڪيو وڃي، ٻئي ڳالهه ته هاڻي اهو به سمجهڻ لڳو آهيان ته اها تقرير منهنجي زندگيءَ جي بهترين تقرير آهي. مون ڳالهايو ته ”عظيم ڪهاڻي“ جي باري ۾ هو، پر يارن ”عظيم“ لفظ ڪڍي باقي ”ڪهاڻي“ لفظ کي قائم دائم رکيو. ڪنهن کي اعتبار نه اچي ته انهيءَ وقت جي اخبار جي ڪٽنگ ۽ خيرپور جي دوستن جي ڇپايل مخزن کي پڙهي سگهي ٿو. اهو مواد ادل سومري وٽ به آهي ۽ مون وٽ به پهچڻ وارو آهي، پر جيڪو ٿيو، مون لاءِ چڱو ٿيو. ڳالهه غلط ئي سهي منهنجي فائدي ۾ ويئي، سو اهي تبرا اڃا تائين مون لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ آهن. عجيب اتفاق هو، 1966ع جي هڪ هيرالڊ رسالي ۾ اها رپورٽ ڇپي ته ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ مغرب جا وڏا وڏا اديب اچي گڏ ٿيا، جن ۾ ميلان ڪنديرا (ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار) به شريڪ ٿيو. سندن گڏجاڻيءَ جو مقصد هو ته شارٽ اسٽوريءَ کي ڪيئن بچائجي. پاڻ ته اها رپورٽ پڙهي وائڙا ٿي وياسين. پر تمام گهڻ پڙهئي دوست شوڪت حسين شوري انهيءَ ڳالهه جي هنن لفظن ۾ چٽائي ڪئي ته ”جيئن ته اڄڪلهه دنيا جا سڀ وڏا ليکڪ ناول لکن ٿا ۽ کين سندن ناولن جي موٽ به گهڻي ٿي ملي. انهيءَ ڪري انهن ليکڪن وٽ ناول لکڻ کانپوءِ جيڪو فاضل وقت بچي ٿو ته واندڪائيءَ کان تنگ ٿي ڪهاڻي لکن ٿا. ظاهر آهي ته فاضل وقت ۾ لکيل ڪهاڻي ڪمزور هئڻ کپي ۽ آهي.“ اها هڪ حقيقت آهي، پر مون طرفان ڪهاڻي مارڻ جو راڳ پوءِ به بند نه ٿيو. هرڪو ته هيرالڊ به نٿو پڙهي، جي پڙهي به ٿو ته اهو اديبن جي گڏجاڻيءَ تي ڇو وقت وڃائي. ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ جي باري ۾ ڇو پڙهي، اها به ٿي پاڻ جي قسمت ڀلي. مون ته عظيم ڪهاڻيءَ جي ڳالهه ڪئي هئي. پر ڪجهه سال رکي سنڌي زبان جي ڪجهه سينيئر ڪهاڻيڪار دوستن جون اهي به ڳالهيون ڇپيون ته سچ پچ ڪهاڻي مري چڪي آهي. اها ڳالهه ته انهن ئي دوستن ڪئي، جن کان ڪهاڻي لکڻ ڇڏائي ويئي آهي ۽ ٻيو ڪجهه لکڻ جي شايد اهل نه رهيا هوندا. هلو سائين، اها ڳالهه به پاڻ لاءِ خوشي کڻي آئي، ڪڏهن ڪڏهن غلط ڳالهيون به خوشي کڻي اينديون آهن. انهيءَ مٿان وري مهراڻ رسالي جي پرچي ۾ ڪنهن ڀائوءَ کان رهيو نه ٿيو، تنهن به ڪهاڻي جي قتل جو ڏوهه مون مٿان مڙهي ڇڏيو. ڀائو ڪي ٻه ٽي ڪهاڻيون لکيون آهن، سو ضرور پاڻ کي عظيم سمجهندو هوندو. ها بابا، ڪهاڻيءَ جو خون ڪيوسين، مضمون ڇو ٿو لکين، آئون صلاح ڏيان؟ هن وقت حيدرآباد ڊويزن جو ڊي آءِ جي بشير ميمڻ هڪ انصاف پرور ۽ ادب دوست ماڻهو آهي، ڀلو ماڻهو آهي، هر ڪنهن جي ٻڌي ٿو، کيس چئي ڄامشوري جي ٿاڻي تي هاڻي ڪهاڻيءَ جي خون جو ڪيس داخل ڪراءِ. مهراڻ مان ته هونئين ڪڍي ڇڏين، پر ٿاڻو موجود آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ تي به قلم 144 هڻائي ڇڏ، هروڀرو پنن تي مکيون ماريندڙ اسڪالر وٽان مضمون لکرائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. بهرحال ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي اتي ڪا نه ٿي کٽي. اڳئين سال ڪنهن خانگي اداري ڪراچي يونيورسٽيءَ جي تعاون سان ”پهرئين ڪهاڻي ڪانفرنس“ ڪوٺائي، مون کي ته دعوت ڪو نه هئي، پر ڪهاڻيءَ جو خون ثابت ڪرائڻ لاءِ چڱن مڙسن کي به گهرايائون. انهيءَ ڪانفرنس ۾ ڪجهه ڏسڻن وائسڻن همراهن به وٺي اوڇنگارون ڏنيون ته ٿر جي هڪڙي همراهه ڪهاڻيءَ کي ڪهاڙيون هڻي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪهاڻي زمانه قديم ۾ به جيئري هئي. ڪهاڙيون لڳڻ کانپوءِ به جيئري آهي، ازل کان ابد تائين جيئري رهندي. بهرحال خون نه ئي سهي خون جو ارادو ئي سهي. نه وڃي ٿريو. سٺو هو انهيءَ وقت جي ڪراچيءَ جي هڪ ٻئي سٺي پوليس عملدار اي ڊي خواجه کي گهرائي پوءِ اوڇنگارون ڏين ها ته هيءَ بندو وڌيڪ بدنام ٿي خوش ٿئي ها. پر جيڪي ڪجهه رنا، اوتري ئي ياد چڱي، 1993ع ۾ خون ٿيل ڪهاڻيءَ کي به قبر مان ڪڍي پوسٽ مارٽم ڪري سگهجي ٿو ۽ نوان راز پڌرا ٿي سگهن ٿا. سو ائين اهي سورنهن سال پاڻ لاءِ خوشيون آڻيندا رهندا آهن، پر جيئن چيم ته هر خوشيءَ جي پويان ڏک موجود هوندا آهن. سو اهي ڏک موجود آهن، جن جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ ڳالهه اڌوري رهجي ويندي. وڏي ۾ وڏو ڏک آهي جهالت جو، سابه عظيم جهالت. ڳالهه ٺهي نه ٺهي جهل پڇ مان. سهي جون ڪل ٽنگون ٿيون ٽي عدد. جهالت به ڪمال جي. لڳي پيو ته دوستن کان ڪهاڻي عرف شارٽ اسٽوري جي ڊيفينيشن به ائين ڇڏائي ويئي آهي، جيئن فقير کان ڀولڙي ڇڏائي ويندي آهي. انگريزيءَ وارا چون ”شارٽ اسٽوري“ اردوءَ وارا چون ”افسانو“ سنڌيءَ وارا انهيءَ ساڳئي شيءِ کي اڳي ته افسانو چوندا هئا، پر هاڻي چون ”ڪهاڻي“ جيڪو لفظ اردوءَ ۽ هندي تان ئي کنيو ويو آهي. انهيءَ ڪهاڻي جي لفظ مان ڪا مراد آکاڻي ناهي، پر شارٽ اسٽوري آهي. جيڪڏهن آئون ماڻڪ جي ناولٽ ”آڙاهه“ حليم بروهي جي ناول ”آڙاهه“ ۽ طارق ابڙي جي ناول ”رهجي ويل منظر“ کي ڪهاڻي چئي ويهي رهان ته مون جهڙو ڪو ٻيو گڏهه نه هوندو، ڇاڪاڻ ته ناول، ناولٽ ۽ ڪهاڻي ادب جون ڌار ڌار صنفون آهن. اهڙي ساڳئي طرح جيڪڏهن آئون ”داستان گوئي“، ”آکاڻي“، ”لوڪ آکاڻي“، ”ڳالهه“ ۽ ”ڏندڪٿا“ کي ويڙهي سيڙهي ڪهاڻيءَ جي فن ۾ پروڙيندس ته گڏهه ته ڇا خراساني خچر هوندس. ڇاڪاڻ ته انهن سڀني صنفن جي ڊيفينيشن الڳ الڳ آهي. جي ڪو ماڻهو شيل شڪار ڪري اچي اها ڳالهه ماڻهن کي ٻڌائيندو ته انهيءَ کي شڪار نامو چئي سگهجي ٿو. پر ڪهاڻي نٿو چئي سگهجي. ڪو سير سفر ڪري ماڻهو اچي ٻين کي ٻڌائيندو ته اهو ”سفرنامو“ هوندو، شارٽ اسٽوري نه هوندي. پر جي اسان ”شڪار نامي“ يا ”سفرنامي“ کي به ڪهاڻي بڻائي ويهي رهنداسين ته او هينريءَ کان وٺي چيخوف تائين، پريم چند کان وٺي سعادت حسن منٽو تائين ۽ امر لعل هنڱوراڻي کان وٺي جمال ابڙي تائين جا روح ڦٿڪي اٿندا. جي اسان ڀاڳو ڀان جي Epic ”دودو چنيسر سومرو“ قديم يوناني ڏند ڪٿائن ۽ هندو ڌرمي ڪٿائن کي به ڪهاڻيءَ جي ذمري ۾ آڻينداسين ته انهيءَ کان وڌيڪ ٻئي ڪهڙي جهالت هوندي. پاڻ کي اسڪالر ۽ آرڪيالاجسٽ سڏائيندڙ هڪڙي همراهه ته باقائده لکت ۾ آڻي ”فلم“ کي به ڪهاڻي عرف شارٽ اسٽوريءَ جي صنف ۾ هڻي واڄٽ وڄائي ڇڏيا آهن. خير اهڙا رايا ترجمي ڪرڻ جوڳا ته نه آهن، پر جي اتفاق سان ترجمو ٿي هن وقت جي اعليٰ فلمي ڊائريڪٽرن رومن پولنسڪي (Roman Poliniski) ۽ جيمس ڪيمرون (جنهن Titanic فلم ٺاهي آهي)، تائين ٿا پهچن ته ٻئي ڄڻا خطا ٿي ڪري پوندا ۽ پوءِ هڪدم وفات ڪري ويندا. اها ته حد ٿي ويئي آهي جو فلم کي به ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ آندو ويو. سنڌ ۾ اهڙيون ايجادون ڪرڻ جون اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کان ته ٻڏي مرڻ چڱو آهي، درياءَ ۾ ٻڏي مرڻ جيڏو پاڻي اچي ويو آهي. جي اسان ويٺا اهي نعرا هڻنداسين ته جيستائين هڪڙو به سنڌي ماڻهو زنده هوندو، ايستائين سنڌي ڪهاڻي زنده رهندي. اها ته يار سنئين سڌي خام خيالي آهي. حقيقت اها آهي ته جي هوندو ئي هڪڙو ڄڻو ته سندس ڪهاڻي ڪير ٻڌندو، ڪير ڇپائيندو ۽ ڪير پڙهندو؟ جي هوندو ئي هڪڙو همراهه ته ڪهاڻي ته ڇا، سنڌي ٻولي به ڪو نه هوندي. يار، اهڙي وائي ته منهن مان نه ڪڍو. ڀلا جو بچيل سنڌي همراهه پنهنجي منهن ويٺو ڪهاڻيون بيان ڪندو ته اهو به چريو ٿي مري ويندو، ڳالهه ٿي جٺ ٿي. جڏهين ادبي حلقن ۾ جهالت انهيءَ هنڌ تائين پهتل هجي ته پوءِ بچيو ڇا؟ سڀ خوشيون حرام، سڀ ڏک سر تي، بقول آغا رفيق جي ته جيڪو به ٽانڊو ڪري، سو گل فقير تي. ٻيلي خدا خدا ڪريو، جي ڳالهه ڪريو ته ساري سنڀالي ڪريو. لکڻو اٿوَ ته قلم سان لکو. ٺلها ڦوڪڻا نه اڏايو. آخر ويچاري عام پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي. سنڌي نوجوانن کي اهڙيون پٽيون پڙهائي ڪنهن جو سر ته نه روليو. هونئن به سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ”ابا ڳالهه اهڙي ڪر، جيڪا ٺهي، متيون نه منجهاءِ“ پوءِ به جيڪا جنهن جي مرضي.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ڪاوش ۽ سنڌي ٻولي! سومر 3 آگسٽ 2009ع ڪني چئو يا سٺي، پر پاڻ جي سائيڪي اها آهي ته جڏهن به ڪو ٺيڪ ٺاڪ قسم جو موضوع اڳيان ايندو آهي ته لکڻ وقت انهيءَ موضوع جا ڪيئي اهڙا پهلو سامهون ايندا آهن، جو انهيءَ ڳالهه ۾ منجهي بيهي رهندا آهيون ته ڪهڙي پهلوءَ کي ڇڏيون ۽ ڪهڙي پهلوءَ کي کڻي اڳتي وڌون. اهو مسئلو تهائين وڌي وڃي ٿو جڏهن ڪاوش جي ڪاوش سامهون اچي ٿي. ٺيڪ آهي پاڻ اها حام ڪونه ٿا هڻون ته ڪو ڪاوش جي ڪاوش ۾ شروع کان وٺي شريڪ رهيا آهيون، پر رت ۾ آڱر ٻوڙي شهيدن ۾ نالو لکائي سگهون ٿا ته پنهنجي خوش مزاج، گهڻ پڙهئي ۽ يار باش قسم جي دوست اسلم اڪبر قاضيءَ سان گاڏي کاتي واري آفيس ۾ وڃي ”سنڌ نيوز“ اخبار کان پاڻ مضمون لکڻ جي شروعات ڪئي، يا ائين کڻي چئو ته صحافت سکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو وقت اهو هو جڏهن سنڌ نيوز پوئين پساهن ۾ هئي. نيٺ اسلم اڪبر قاضيءَ جي تخليقي ذهانت ڪم ڏيکاريو ۽ سنڌ نيوز جي ڪک مان ڪاوش اخبار جنم ورتو. اهي ڏينهن ۽ هي ڏينهن پاڻ اڃا تائين ڪاوش سان ڳنڍيا اچون ۽ ڪاوش جي ڪاوش اکين سان ڏسندا اچون. هاڻي توهان ئي پاڻ ٻڌايو ته ڪاوش جي ڪهڙي پهلوءَ کي ڇڏيون ۽ ڪهڙي پهلوءَ کي لفظن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪريون. بهرحال جيڪو حال حبيبان تهڙو پيش پريان. ڪاوش اڃا ڪک ۾ ئي هئي ته سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن ۾ هڪ قسم جي مايوسي پيدا ٿي چڪي هئي ته شايد سنڌي ٻولي هاڻي ايترو جالي نه سگهي. ڪي ڪي مون پارا اميد پرست ماڻهو انهيءَ خيال جا به هئا ته سنڌي ٻولي ختم ٿيڻ ته ڇا پر اڃا وڌيڪ ترقي ڪندي، پر اها ترقي ڪيئن ٿيندي، انهيءَ ڳالهه جو ڪنهن وٽ به جواب نه هو، ڇاڪاڻ ته اها بحثا بحثي رڳو سنڌي ادب تائين هئي ۽ اهو خيال پئي پاتو ويو ته سنڌي ٻولي صرف ادبي رسالن تائين محدود آهي. انهيءَ وقت ڪنهن جو به ڌيان سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائيندڙ ٻين وسيلن ڏانهن نه پئي ويو، ڪنهن جو به ڌيان ميڊيا ڏانهن نه هو. اهو ئي وقت هو جڏهن ڪاوش اخبار پڙ تي لٿي، پر پوءِ به گهڻن يارن جا منهن لٿل هئا ۽ کين اندازو نه هو ته ڪو اڳتي هلي ڪري اها اخبار سنڌي ٻولي جي ترقي ۾ اهم ترين رول ادا ڪندي ۽ سڄيءَ سنڌ مٿان ڇانئجي ويندي. اها ڪاوش جي پهرين ڪاوش ئي هئي، تنهن ڪري ئي شايد مايوسي پنهنجي جاءِ تي موجود هئي پر اخبار ڪاوش جي ٿنڪ ٽئنڪ اسلم اڪبر قاضي، اخبار کي عملي روپ ڏيڻ واري علي قاضي ۽ سندس ساٿاري ڀاءُ ايوب قاضيءَ کي پڪ هئي ته ڪاوش اخبار اڳتي هلي ڪري رنگ لائيندي. اخبار ۾ ويهي ڪم ڪرڻ وارن ۽ پري کان اخبار جو جائزو وٺڻ وارن جي سوچ ۾ اهو فرق موجود هو، پر سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”جيڪي ڄڻي، سا نپائي“ سو نپائڻ وارن کي خبر هئي ته ڪاوش ڪهڙو رنگ اختيار ڪندي. تنهن هوندي به ڪاوش جڏهن پهريون مرحلو پار ڪري ٻئي مرحلي ۾ پهتي ته اخبار تي آڱريون اٿڻ لڳيون ته ڪاوش ۾ سنڌي ٻوليءَ جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي. ڌر ڌڻين کي ڪنهن چيو يا نه چيو، اها ته انهن کي خبر هوندي پر هن بندي کي اندر جو ماڻهو سمجهي اهڙيون ڳالهيون ڪيون. ظاهر آهي ته جڏهن ڪنهن جي باري ۾ مختلف حلقن ۾ اهڙيون ڳالهيون هلڻ شروع ڪنديون آهن ته ڌر ڌڻين جي ڪنن تائين پهچنديون آهن. اخبار تي ٻيو جيڪو اعتراض اٿيو، اهو اهو هو ته ڪاوش سنجيده اخبار ناهي. اهو اعتراض به ڌڻين تائين پهتو. اهڙن اعتراضن تي ڪاوڙجڻ جي بدران مضبوط ارادي جي مالڪ علي قاضي بنا ڪنهن گوڙ ڪرڻ جي انهن اعتراضن تي سوچڻ شروع ڪيو ۽ اخبار ۾ جيڪي ڪميون پيشيون هيون، اهي آهستي آهستي دور ڪندو ويو، ائين جيئن مکڻ مان وار ڪڍبو آهي. ائين ڪاوش جي ڪاوش ٽئين مرحلي ۾ داخل ٿي وئي. هن وقت ڪاوش پاڪستان جي ڪنهن به اخبار کان وڌيڪ سنجيده آهي. اها سنجيدگي ايستائين پهچي چڪي آهي جو هڪ ته ڪاوش مختصر لفظن ۾ وڏي خبر سمائي پڙهندڙ جي اڳيان ٿي رکي ۽ اجائي ڊيگهه کان پاسو ٿي ڪري. خبرن واري ٻئي حصي ۾ ٻئي خوبي اها به پاتي وڃي ٿي ته جي ڪا خبر ٻين اخبارن ۾ ڇپجي ٿي ۽ ڪاوش ۾ نٿي ڇپجي ته پڙهڻ وارا اهو چوڻ تي مجبور ٿئي ٿا وڃن ته ”جيستائين اها خبر ڪاوش ۾ نٿي اچي، تيستائين اعتبار ڪونه ڪبو.“ ائين ڪاوش پنهنجي ساک قائم ڪري ورتي آهي. اها ساک اڃا به تڏهن وڌي وڃي ٿي جڏهن ڪا خبر ڪاوش ۾ ته ڇپجي ٿي پر اها ساڳئي خبر ٻين اخبارن ۾ دير سان ڇپجي ٿي. ائين ڪاوش جي خبر جي تصديق به ٿئي ٿي. اهڙيون ڪيتريون ئي خبرون آهن، جيڪي پهرئين ڪاوش اخبار ۾ ڦاٽ کائينديون آهن ۽ پوءِ سچيون ثابت ٿينديون آهن. انهيءَ حساب سان ڪاوش اخبار غير معمولي قسم جي اخبار آهي. گڏو گڏ ٻوليءَ جي درست استعمال تي به ڌيان ڏنو. هاڻي ڪيترين ئي خبرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ٺيٺ لفظ ۽ جملا استعمال ٿيندا آهن، جيڪي ٻهراڙين ۾ ڳالهايا وڃن ٿا. آئون پاڻ ٺيٺ سنڌي استعمال ڪندو آهيان، پر ڪاوش جي خبرن ۾ ته اهڙا به لفظ ۽ جملا اچن ٿا، جيڪي منهنجي پهچ کان به ٻاهر آهن. ائين ڪافي خبرون ڳالهائي ويندڙ ٻولي (Spoken language) جي ذمري ۾ اچي وڃن ٿيون. ائين ڪاوش ۾ نه رڳو خالص سنڌي ٻولي استعمال ٿيڻ لڳي آهي، جيڪا گهڻو ڪري ڪاوش جا نمائندا استعمال ڪن ٿا، پر سنڌي ٻوليءَ جو اهو درست استعمال ايترو وڌيل آهي جيڪو پڙهندڙ لاءِ سکيا جو ڪارڻ بڻجي وڃي ٿو. ائين اهو اعتراض پنهنجي موت مري چڪو آهي، البته ترجمو ڪندي ڪنهن کان ٻوليءَ جي نظر چڪ (Error) ٿي وڃي ٿي ته ڪنهن به نظر چڪ (Error) کي ٻولي جي چڪ (Mistake) نٿو چئي سگهجي. اچو سائين مضمونن ۽ ڪالمن واري حصي تي ته ڪاوش سڄي ملڪ جي واحد اخبار آهي، جنهن ۾ مختلف موضوعن تي وڌ ۾ وڌ اڪيڊمڪ مضمون ڇپجن ٿا ۽ آسمان جي هيٺان هر موضوع تي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي، نه ته هونئن ته اخبارون رڳو سياسي ڪالم ڏينديون آهن. موضوعن جي اها رنگارنگي ۽ معيار ٻيءَ ڪنهن اخبار ۾ پاتو نٿو وڃي. اها پڙهندڙن جي خوشنصيبي آهي جو کين سياست کان علاوه ٻين مامرن جي به معلومات ملي ٿي. انهيءَ کان وڌيڪ پڙهندڙ کي ٻيو ڇا کپي جو سندس معلومات ۾ اضافو ٿو ٿئي. اڄڪلهه محسن ٻٻر، اختيار کوکر، اشفاق آذر ۽ منظور ميراڻي جا مضمون پڙهي انهن مضمونن جي گهرائي، پرک وارو انداز ۽ Exploration جو رنگ ڍنگ ڏسي ڪير چوندو ته اخبار ۾ سنجيدگي ناهي. ڪاوش جي انهيءَ ڪاوش کان منهن موڙڻ اجايو آهي. جڏهن سنڌين جي هٿ ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ ڇپجندڙ سنجيده اخبار اچي وڃي جيڪا غير سنڌي به پڙهندا هجن ته انهيءَ کان وڌيڪ سنڌي ٻوليءَ جي ڪهڙي ترقي ٿي کپي. جيڪا ٻولي خطري ۾ هئي ۽ ڪن ۾ ڦاٿل هئي، انهيءَ ٻوليءَ کي ڪن مان ڪڍڻ وارو وسيلو ڪاوش بڻجي چڪي آهي. ڪاوش جي سرڪيوليشن ئي ٻڌائي ٿي ته هاڻي سنڌي زبان کي ڪو خطرو ناهي. پر ادب کي ڇڏي ڪري جيڪي به زندگيءَ جا ٻيا شعبا آهن، انهن جي باري ۾ ڪاوش سنڌي زبان کي مالا مال ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت ڪاوش اخبار سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو اهڃاڻ بڻجي وئي آهي. خود بين الاقوامي ادب تي به ڪاوش ۾ ڪيترائي مضمون ڇپجي چڪا آهن، سو بابا پاڻ جي نظر ۾ ته ڪاوش سنڌي زبان جي Savior (بچاءُ ڪندڙ) بڻجي چڪي آهي. باقي اها هڪ حقيقت به آهي ۽ ڪنهن حد تائين فطري عمل آهي ته توهان جيترو سٺو ڪم ڪندئو، جيترو اعليٰ معيار جو مظاهرو ڪندئو اوترو ئي حسد جو شڪار به بڻبئو. جيترو گهڻو حسد، اوترو ئي وڏو ڪم. ڪن حاسدن جي نظر ۾ جيڪڏهن ڪاوش اخبار سٺي ناهي ته اها ڪاوش جي ڪاميابيءَ جي نشاني آهي. جيڪڏهن ڪي حاسد چون ٿا ته ڪاوش ۾ ٻوليءَ جو بگاڙ ٿو پاتو وڃي، ڪي ته ائين به چون ٿا ڪاوش سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ ڪلچر جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي ته اها ڪاوش جي ڪاميابي آهي، جنهن صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ٻيڙو تاريو آهي. ڪاوش جي موجودگيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي هاڻي ڪوبه خطرو نه رهيو آهي، پاڻ جي نظر ۾ ڪاوش جو اهو پهلو سڀ کان وڌيڪ ڪارائتو، ڳڻڻ جوڳو ۽ ساراهڻ جوڳو آهي.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ چوراڻيون ڳالهيون سومر 17 آگسٽ 2009ع هن مضمون جو سرو پڙهي ڪو ڪامورو ڪڙو ۽ غريب عوام جي حقن ۽ کيسن تي ڌاڙا هڻندڙ نام نهاد سوسائيٽي جو ڪو ماڻهو گهوڙي وانگر ڪن ڪيٽا نه ڪري، مٿو نه کنهي، نرڙ ۾ گهنج نه وجهي ۽ گائون مائون نه ڪري، جو هيءَ ڳالهه انهن روايتي چورن جي آهي، جيڪي مائوزر، ڪلاشن، پريٽا 9MM آئوزي، راڪيٽ لانچر، ميزائيل ۽ فائيل جهڙين مصيبتن جي اچڻ کان اڳ ۾ عقل جي زور تي ڪارروايون ڪندا هئا. پهريون وارو چور جو هوندو هو، ٻيو وارو پيرين جو هوندو هو، ٻنهين ڌرين جي ڪم ۾ وڏا گُر هوندا هئا، تنهن ڪري ڪڏهين چور سوڀارو ٿيندو هو ته ڪڏهين پيري. باقي علائقي علائقي جو ڦير هوندو هو. ڪچي جو چور سيڻاهه تي تري، درياهه پار ڪري پوءِ مينهون هڻندو هو، پڪي جو چور ڀلن ڍڳن جي جوڙي چوري ڪندو هو، پر جيڪو بنهين خفتي چور هوندو هو، اهو وري گهوڙِي پار ڪندو هو. گهوڙي جي بدران گهوڙِي انهيءَ ڪري چوري ڪندو هو، جو نر گهوڙي جي ڀيٽ ۾ مادي گهوڙِي هڪڙو ته ڊگهو پنڌ پٽي سگهندي هئي، ٻيو ته اوجهڙ ۾ ڊوڙڻ کان نه ڪيٻائيندي هئي ۽ کڏون کوٻا، جهر جهنگ گهوڙيءَ جي ليکي ۾ ئي نه هوندا هئا، جتان ايندو هوس اتان نڪري ويندي هئي. جڏهين ته نر گهوڙو ٽن چئن ڦوهارن کانپوءِ سهڪي ۾ وٺجي ويندو هو ۽ چور کي اهو ڊپ هوندو هو ته متان واهر نه اچي مٿان ٽٽي. اهڙين گهوڙين تي چورن جون شرطون به لڳنديون هيون ته جيڪا فلاڻي گهوڙي فلاڻي زور آور ۽ ڏاڍي مڙس جي در تي ٻڌل آهي، جيڪو چور اها گهوڙي چوري ڪندو، انهيءَ جي آڻ مڃبي به ۽ ڀربي به. ائين اهڙي چور جي ٻين چورن مٿان لت هوندي هئي. اهڙو چور نالو به ڪڍائيندو هو ۽ سندس نالو ٻڌي پرپٺ مائيون به عاشق هونديون هيون، ائين جيئن اڄڪلهه جون مائيون پرپٺ ڪرڪيٽرن تي ٿينديون آهن. انڊيا جي مشهور ليکڪا ۽ اخبار نويس شوڀاڊي (Shobhade) عمران خان تي ٽوڪ ڪندي “Shooting from hips” ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”اهو عمران خان ڀارت جي شوقين جوانڙين جي پويان پويان هوندو هو، هاڻي کيس اسلام جي فڪر اچي کنيو آهي.“ پر نالي ڪڍائڻ وارا چور گهڻو ڪري انهن ٻنهين متضاد ڌنڌن کان پري هوندا هئا، نه پرائيءَ عزت ۾ هٿ وجهڻو آهي ۽ نه ئي وري سياسي مذهب جو فڪر ڪرڻو آهي، جو اهي چور ٻچاپڙائيءَ مان ڄاڻندا ئي نه هئا. مزيدار ڳالهه اها آهي ته ڪنهن زماني ۾ آمريڪا جا ريڊ انڊين به گهوڙي جي چوريءَ جا شاهه ڪاريگر هوندا هئا، پر پاڻ کي ڳالهه ڪرڻي آهي سنڌ جي اهڙن چورن جي، جن جو مثال سڄي ننڍي کنڊ ۾ نٿو ملي. ڪنهن کي هٿيار جي زور ۽ ڏڍ تي ڦرڻ سولو ڪم آهي، پر گهوڙيءَ جي چوري ڪندي اکين جي وچ مان نڪ ڪڍڻ ڏکيو ڪم آهي. چور کي جتي به ڀلي گهوڙي سجهندي هئي ته اهو چور تڪڙ ڪو نه ڪندو هو. پهرئينءَ ته ٿاڻ، گس ۽ اچڻ وڃڻ وقت آڏو ايندڙ شين جي جاچ وٺندو هو ۽ اهو به ڏسندو هو ته ڪٿي ڀاڳئي جو ساڻس ڪو وَڙ ته ناهي، وڏن سان ڪو وڙُ ته ٿيل ناهي. ڪٿي ائين ته ناهي ته سندس وڏن ڀاڳئي جي وڏن جو نيمڪ ته نه کاڌو آهي. جيڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه نڪري آئي ته چور ڀاڳئي کان ٽري ٽارو ڪندو هو. پر جيڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه نه نڪتي ته پوءِ نه وڃي گهوڙي. هاڻي ته لوڙهو لوڙهي کي پيو کائي، پر اڳي ست راڄيون ٽپي پوءِ ڪو ڪڌو ڪم ڪندو هو. انهيءَ زماني ۾ ڀاڳئي وٽ ڏيئي وٺي هڪ نالي يا ٻه نالي يا ورلي ڪو رائفل هوندي هئي. رائفل جو ڌڪ ته گسي ويندو هو، پر ڪارتوس واريءَ بندوق مان نڪتل ڇيرا ماڻهوءَ کي وِنڌي ڇڏيندا هئا. سو چور به چوري ڪرڻ کان اڳ ۾ اها ڳڻپ رکندو هو. جڏهين ته چور جو وڏي ۾ وڏو هٿيار ڪرڙ جي سخت ۽ وڍ ڏيندڙ ڪاٺي مان گهڙيل چهنبيار گهوٻاٽا هوندا هئا. ٻئي نمبر تي ڪڙيائين لوڙهه ۽ ٽئي نمبر تي ڪهاڙي هوندا هئا. ڪهاڙيءَ ۾ وري ڪِرسِي پاڙ جو ڳن پيل هوندو هو، جيڪو ٻين ڪاٺين کان وڌيڪ مضبوط هوندو هو. ڪرڙ جي ڪاٺي ڳن ۾ انهيءَ ڪري استعمال نه ٿيندي هئي، جو اهڙي ڪاٺي ۾ ور وڪڙ هوندا آهن، پر ڀاڳئي توڙي چور وٽ موجود انهن هٿيارن کان وڌيڪ جنهن ڳالهه مان کٽڪو هوندو هو، اهي هوندا هئا ڪتا، جيڪي ڀاڳئي جا وڏا هٿيار هوندا هئا. انهيءَ ڪري چور ڌڪ ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪتن جي جانچوسي ڪندو هو. اڄڪلهه ته ديسي ۽ ولايتي ڪتن جي ميلاپ سان ڪيترن ئي قسمن جا ڪتا پاليا وڃن ٿا. هائونڊ ۽ السيشن ڪتن جا قسم به پاتا وڃن ٿا، پر اڳي اهڙا ڪتا نه هوندا هئا، تنهن زماني ۾ هڪڙا ڪتا هوندا هئا ”چور ڪتا“. چور ڪتو گهڻو ڪري گهر ۾ ئي الهيڙ پائي ڪندو هو. اهو ڪتو ايڏو ته چالاڪ هوندو هو، جو رڌڻي جا ڪنڊا ڪنڊيون وات سان کولي اندر گهڙي وڃي ڇانڊو پاڻي ڪندو هو، انهيءَ ڪتي کي ”الهيڙ ڪتو“ ان ڪري چيو ويندو هو. چور کي خبر هوندي هئي ته اهو ڪتو رڳو پنهنجي پيٽ سان ٻڌل هوندو آهي، باقي ڇا پيو وهي واپري، انهيءَ سان اهو ڪتو ٻڌل نه هوندو هو، تنهن ڪري چور انهيءَ ڪرپٽ ڪتي تي مڇ ئي نه ڇنڊيندو هو. هونئن به ڀلا گهر جي چور ۾ ٻئي جو ڇا وڃي. ڀلي پيو پٽي کائي. چور ته ٻڌل هوندو آهي چوريءَ سان. ٻيو ڪتو هوندو هو ”شڪاري ڪتو“. اهو ڪتو ٻين ڪتن جي ڀيٽ ۾ قد بت ۾ هلڪو هوندو هو، پر جيڪڏهن اهڙا ٻه ٽي ڪتا مرونءَ يا رڇ تي بڇجن ته هيڏين وڏين بلائن کي دسيندي دير ڪو نه ڪندا. هڪ ڀيرو چڪ وجهي ويا ته مرڻ کي مري ويندا، پر مجال آهي جو چڪ ڪڍن. اهو ڪتو رڳو شڪار جي ڪم جو هوندو هو ۽ اڃا به آهي. اڄڪلهه جا خفتي انهيءَ ڪتي کي چوندا آهن ”بلٽري ڪتو“، جيڪو گهڻو ڪري رڇ تي بڇايو ويندو آهي. انهن ڪتن جو سهڪو ٻين ڪتن کان تيز هوندو هو. اڳئين زماني جي چورن کي انهيءَ ڪتي کان بچڻ کپي ها، پر اهو ڪتو ايستائين ٽامچي ۾ هوندو هو، جيستائين ڀاڳيو بڇ نه ڪري. سو چور کي شڪاري ڪتي مان رڳو اهو ڊپ هوندو هو ته جيڪڏهن ڀاڳيو جاڳي پيو ته انهيءَ جي اشاري تي شڪاري ڪتو مَ ڇڏ ٿي چوري جي پويان پئجي ويندو هو. اهو ڪتو جانورن جو شڪار ته ڪري سگهندو هو، پر ماڻهو ڪاري مٿي جو ڌڻي (ٻين ساهوارن کان ڏاڍو) آهي. اهڙي ڪتي کي چور گهوٻاٽن سان کڻي ڇڏيندو هو. شاهه ڪاريگر چور ئي اهو هوندو هو، جنهن جو تيز چهنب وارو گهوٻاٽو تر تان به نه گسي. پر پوءِ به چور جي اها ڪوشش هوندي هئي ته ڀاڳيو نه جاڳي. اهو چور ئي ڪهڙو، جيڪو ڀاڳئي کي جاڳڻ ڏي. جيڪڏهن ڀاڳيو نٿو جاڳي ته شڪاري ڪتو ٽڪو به نه لهي. سو پرائي اشاري تي نچڻ وارن جو حال اهو ئي هوندو آهي، جو پنهنجن کي به مارائيندي دير نه ڪن. چور جي اک ۾ جيڪو خطرناڪ ترين ڪتو هوندو هو، اهو هوندو هو، ”سنڌي اسيل ڪتو“، جيڪو قدبت ۾ گابي جيڏو هوندو هو. اهو هڪ اهڙو زور آور ڪتو هوندو هو، جيڪو جيترو اسيل (Graceful) هوندو هو، ايترو ئي چڙهت ڪرڻ وارو هوندو هو. سنڌ جي عاشق اسڪالر عطا محمد ڀنڀري جو اهو خيال آهي ته قديم زماني ۾ جيڪي جنگيون لڳنديون هيون، انهن جنگين ۾ وڏي ويڙهه اهو ڪتو کائيندو هو. اها ڳالهه تاريخ جي آهي. جڏهين ته پاڻ لکيل تاريخ ۾ هٿ وجهي هٿ نه ساڙائيندا آهيون، پر عقل، دليل ۽ اکين ڏٺي شاهديءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏيندا آهيون. باقي عاشقن جا ته غلام آهيون، پوءِ اهو عطا محمد ڀنڀرو هجي يا ڪو اکين جو چور عاشق هجي. اهو ڪتو گهڻو وقت گهر کي پٺ ڏيئي، اڳيون ٽنگون اڳتي ڪري، پيرن تي مٿو رکي اک هڪ پوري ٻئي اک کولي وهندو هو، پر سندس ناسن جي سگهه ايڏي تيز هوندي هئي جو کيس پتو پئجي ويندو هو ته پري کان جيڪا شيءِ پيئي اچي اها ڪهڙي آهي. اهو ڪتو ڀونڪڻ جي بدران ناسون ڦوٽاريندو هو. جيڪڏهن پري کان ايندڙ ڪو ماڻهو خير سلامت وارو هوندو هو ته پنهنجي جاءِ تان نه چرندو هو، پر جيڪڏهن پري کان ايندڙ ماڻهو ڪا بڇڙي نيت ڌاري ايندو هو ته پوءِ اهو ڪتو پنهنجا پير نه جهليندو هو ۽ بنا ڀونڪڻ جي وٺي روهڙ ڪندو هو. رڳو پيرن جي دڦڪي جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. همراهه اڃا پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ئي سنڀالي، تيستائين ٽپ ڏيئي ڪتو همراهه جي ڳچي پٽي وٺندو هو. خيرن جا ڪوچڙا خانه بدوش هاڻ ته شهرن ۾ پنندا آهن يا ڪنهن جي کيسي مان ڪا نه ڪا قيمتي شيءِ ائين ڪڍي ويندا آهن جو اک نه ڏسي گوڏي کي. ڇڏ ڪوچڙن جون مايون به يا ته پننديون آهن يا بس ۾ چڙهي ڪنهن نه ڪنهن عورت جو زيور ائين ڪڍي وينديون آهن جو گهر پهچڻ کان پوءِ انهيءَ عورت کي وڃي خبر پوندي آهي ته سندس ڪي زيور غائب آهن. پوءِ اهو ڪو سونو لاڪيٽ هجي، ڪا سوني زنجير هجي يا کڻي واليون هجن. پر اڳي اهي ڪوچڙا ۽ ڪوچڙيون وڏا کاٽڙيا هوندا هئا. انگريزن جي زماني ۾ خود انگريزن کي ايڏو رت ڪيائون جو انگريزن مٿن نالو ئي رکيو Deceivers. اهي انگريزن جي فوج تان به ڪو نه مڙندا هئا، چوري ڪندي جي وٺ وٺ ٿي ويندي هئي ته وڏا خنجر ڪڍي هڪڙي اڌ جي ته سسي به وڍي ويندا هئا. پر انهن ڪوچڙن کي به ڪنهن راڄ ۾ ڪو اسيل سنڌي ڪتو سجهندو هو ته انهيءَ راڄ کان ونءُ ويندا هئا ته متان اهڙن ڪتن جي ور چڙهي ڳچيون پٽائي ويهن. ٻئي پاسي پرامن ۽ لوڪ سرڪس ڪري وندرائڻ وارا خانه بدوش ڪبوترا ۽ ڪبوتريون انهن ڪتن جي ڪاڻ ڪو نه ڪڍنديون هيون. انهن ڪبوترن جو لڏو جڏهين راڄ کي ويجهو اچي پهچندو هو ته اهو ساڳيو ڪتو خوشيءَ وچان ٻڌا ٽپ ڏيندو، پڇ لوڏيندو راڄ وارن کي گهرن مان ڪڍندو هو. ائين جڏهين تماشو شروع ٿيندو هو ته آهيرين ننڍا وڏا اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ اسيل ڪتو به انهن سان گڏ تماشو ڏسندو هو. جيڪڏهن ڪنهن کي انهيءَ ڳالهه ۾ شڪ هجي ته انهن کي اهو ٻڌائي ڇڏيان ته ٽوڪيو ۽ نيويارڪ جهڙن مصروف ترين ايئرپورٽن تي به ڪسٽم وارن وٽ ايڪسري ٽائيپ جي مشين گيريءَ سان گڏوگڏ ڪتا به هوندا آهن. جيڪا اسمگلنگ جي شيءِ مشينون پڪڙي نه سگهنديون آهن، اها شيءِ ڪتا سونگهي سونگهي پڪڙي وٺندا آهن. انهن ڪتن جي مقابلي ۾ سنڌي اسيل ڪتو ته وڌيڪ حواسن کان ڪم وٺڻ وارو هوندو هو ۽ ڳري بلا هوندو هو. هتي اهو عرض به ڪري ڇڏيان ته ننڍي هوندي مون پنهنجي گهر جي آڳر ۾ اهي سنڌي اسيل ڪتا ڏٺا، جيڪي ٿلهي کان هيٺ ويهي ڪوٽ جي کليل درن ڏانهن ڏسندا پيا هئا. پر رات جو انهن ڪتن کي ڪوٽ کان ٻاهر ڇڏيندا هئاسين، جو ڪوٽ جا شاهي در بند ڪرڻا پوندا هئا. سو هيءَ ڳالهه اکين ڏٺي شاهدي تي ٻڌل آهي، ڪو تاريخ جو زٽ ناهي. پنهنجن اهڙن دوستن کي وساري ٿوروئي سگهبو، اها ٻئي ڳالهه آهي ته تنهن زماني ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ چار پنج شاهه ڪاريگر چور به هوندا هئا، سو چورن کي جتي به اهو ڪتو سجهندو هو ته چوريءَ کان پاسو ڪندا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ به ڪو ڪو بنهين گهڻو خفتي چور گهوڙي چوري ڪرڻ کان نه مڙندو هو. اهو چور ڇا ڪندو هو، جو پاڻ سان وڏي ڦر واري ڪهاڙي کڻندو هو. اهڙو چور اڃا گهوڙيءَ واري هنڌ کان گهڻو پري هوندو هو ته اسيل ڪتو رهڙي اچي رسندو هوس. ڪتو وات پٽي جيئن ئي مٿي ٽپ ڏيندو هو ته چور اڳ ۾ ئي ڪهاڙي تڪي ڪتي جي کليل وات جي وچ ۾ هڻندو هو. تيز ۽ وڏي ڦر واري ڪهاڙي ڪتي جو وات چيري چڙهي ويندي هئي ۽ ڪتو ڪائون ڪرڻ بنا ڳوڻ وانگر هيٺ وڃي ڪرندو هو ۽ پڇ به نه لڏندو هوس. اهڙن وڏن خفتين چورن مان منهنجو ويجهو عزيز علي نالي به هوندو هو. عادي چور ڪو نه هو، پر نشاني جو پڪو هو ۽ شرط هڻي ڪڏهين ڪڏهين اهڙي چوريءَ تي نڪرندو هو. ڪجهه مهينا ادو علي جڏهين مون کي مليو هو ته اڃا تائين نڙ لڳو پيو هو. پر ڪجهه ڏينهن گذريا ته اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ هيءُ جهان ڇڏيائين. باقي ٻيو خفتي ادو خانو اڃا تائين نڙ لڳو پيو آهي، پر ڏوهه ڪو نه ڪري. اشرافت سان پنهنجو وقت پيو گذاري، باقي ڳالهه ڇڪي ڪندو، سو اهڙن ڪتن تان به چور نه مڙيا. پر اسيل سنڌي ڪتي کان به وڌيڪ جيڪو ڪتو چور کي ڏکيو پوندو هو، اهو هوندو هو ”لوسي ڪتو“. اهو ڪتو به عام جام آهي. لوسي ڪتا هڪڙو ته تعداد ۾ ٻين ڪتن کان گهڻا هوندا هئا، ٻيو وري ڇا ڪندا هئا، جو ڊپ وچان چور کي ويجهو اچڻ جي بدران پري پري کان ڀونڪندا هئا ۽ چور تي رڻ ٻاري ڏيندا هئا، وٺي آسمان مٿي تي کڻندا هئا. نتيجي ۾ ڀاڳيا جاڳي پوندا هئا ۽ چور ڀڄي جند ڇڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته ڀاڳين سان گڏ لوسي ڪتا به شينهن بڻجي ويندا هئا ۽ چور جي پويان ڪاهي پوندا هئا. چور ته چور هوندا هئا، ڪي ڌاڙيل ته نه هوندا هئا جو هٿيارن جي زور تي ڀاڳين سان مهاڏو اٽڪائي بيهي رهن. چورن وٽ ته پنهنجي سائنس هوندي هئي. خود اهڙي چوري ڪرڻ هڪ ٽيڪنيڪل ڪم هو، پر خفتي چور جي دل چوريءَ ڏانهن ڇڪي کائي ئي کائي، پوءِ ڇو نه کڻي لوسي ڪتا منهن ۾ پون. انهن ڪتن جو به ڪاريگر چورن علاج ڳولي لڌو. اهڙو نه مڙڻ وارو چور ڇا ڪندو هو، جو پاڻ سان ٽي چار سيکڙاٽ چور گڏ کڻندو هو. پوءِ اهي چور ٽولو ٺاهي ڏينهن ڏٺي جو شڪارين وارو ويس ڪري راڄ کي ائين ڦيرو ڏيندا هئا، ڄڻ شڪاري ڳوهن جو شڪار ڪرڻ نڪتا هجن، پر انهن چورن جي اک ۾ ڳوهن جي بدران لوسي ڪتا هوندا هئا. لوسي ڪتو بک جو ڀاڙيو، کائي کائي اٽوڙجي پوي، پوءِ به بس نه ڪري. لوسي ڪتو هونئن ته وٺ ئي نه ڏي، پر جيڪڏهن اڳيان مانيءَ جو ٽڪر يا گوشت جو ذرو اڇلائينس ته بک وچان انڌو ٿي اوڏانهن ئي وري. چور ڇا ڪندا هئا، جو پهرين ڪوڙڪي هڻي انهيءَ سان لڳ مانيءَ جا ٽڪر يا گوشت جا ذرا رکي ڇڏيندا هئا. لوسي ڪتو جيئن ئي وات وجهندو هو ته ڪوڙڪي ٽڙڪ ڪري ڪتي جي ٻوٿ ۾ يا پيرن ۾ ڀچي ويندي هئي ۽ ڪتو ڪوڙڪيءَ جي لوهي ڏندن ۾ ڦاسي پوندو هو. ائين چور هڪڙو هڪڙو ڪري لوسي ڪتن کي ڦاسائي گم ڪندا ويندا هئا، تان جو راڄ ۾ هڪڙو لوسي ڪتو به نه بچندو هو. لوسي ڪتا گم ڪرڻ کانپوءِ گهوڙي چوري ڪرڻ ۾ آساني ٿي ويندي هئي. گهوڙي چوري ڪرڻ وقت هڪ عدد نه، پر ٻه عدد چور هوندا هئا. جيڪو چور گهوٻاٽي هڻڻ جي نشاني جو پڪو هوندو هو، اهو گهوٻاٽو کڻي ستل ڀاڳين جي ويجهو بيٺل هوندو هو ته جيئن ڪي ڀاڳيا جاڳي پون ته انهن کي گهوٻاٽا هڻي ڪيرائي وجهي ۽ پوءِ ٻئي چور گهوڙي ڇڏي ڀڄي جند ڇڏائين. ٻيو چور وري گهوڙي ڇوڙڻ جا گر ڄاڻندو هو ۽ گهوڙي ڇوڙڻ ۾ دير ئي ڪو نه ڪندو هو، پر اها به اهڙي اٽڪل سان جو ذرو به آواز ٻڌڻ ۾ نه اچي. جيڪڏهن ڀاڳيا نه جاڳيا ته گهوڙي چوري ٿي ويندي هئي. اصل ۾ گهوڙين جا تفنگ چور بت جا سنها ۽ پيرن جا ڇڙڪ جوان هوندا هئا. جڏهن کڙهيءَ تي زور رکندا هئا ته ميلن جا ميل ڊوڙندا ويندا هئا. وات بند ڪري سڀ ساهه نڪ سان کڻندا هئا ته اڃ به ڪو نه لڳندي هين. نڙي به ڪنڊا ڪو نه ٿيندي هئي ۽ ساهه به ڪو نه ڀربو هين. جيڪڏهن ڪي پويان لڳل هوندن ته مڙي مڙي انهن کي گهوٻاٽا به هڻندا ۽ ڪيرائيندا ويندا هئا. رسين ته ڪا گولي رسين، باقي ٻئي ڪنهن جي جاءِ نه هئي. منجهائن جي ڪو چور بت ڳرو ڪري ويندو هو، ٿلهو ٿي ويندو هو ته چوري ڇڏي پاٿاريدار بڻجي ويندو هو. ۽ ڀنگ وٺي ڀاڳين کي وهٽ موٽرائي ڏيندو هو ۽ گڏوگڏ پوليس ۽ راڄن کي به منهن ڏيندو هو. ڀنگ وٺڻ وقت پاٿاريدار سڌو ڀاڳين جي منهن ۾ پوڻ جي بدران وچئين ٿوڻي يعني وچ ۾ پوندڙ پنهنجي تر جي ساکائتن ماڻهن سان ڳالهائيندو هو. وهٽ جي قيمت ڪٿبي هئي، قيمت جو ٽيون ڀاڱو ڀنگ طور وٺبو هو. باقي چور جو ۽ پاٿاريدار جو پاڻ ۾ حساب ٿيندو هو. جيڪو ايمانداريءَ سان چور جي حوالي ٿيندو هو. پاٿاريدار جي اوطاق جو خرچ چور ڀريندا هئا. باقي جيڪي خود چور هوندا هئا، اهي ته چورايل گهوڙيءَ جي اگهاڙي پٺيءَ تي چڙهي ڪوهن جا ڪوهه سٽيندا ويندا هئا. جڏهن گهوڙيءَ جي اگهاڙي پٺيءَ تي چڙهي زوم مان ويندڙ گهوڙيءَ کي روانو ڪبو آهي ته گهوڙيءَ جي مشڪن سان سوار جون سٿرون گسنديون آهن ۽ سٿرن مٿان هلڪي هلڪي چمڙي لهي ويندي آهي، جنهن کي چئبو آهي چڙڪ پوڻ. چڙڪ جو سور اهڙو هوندو آهي، جهڙو جبل جي ڪاري وڇونءَ ڏنگيو هجي. هي بندو پاڻ چڙڪ جو شڪار ٿيل آهي. 1971ع ۾ پيل چڙڪ جو ٻارا ڏيندڙ سور اڃا تائين نٿو وسري. پر خفتي چور کي ته چڙڪ به نه پوندي هئي، جو اهڙي پرئڪٽس هوندي هئس. اهو چور ٻه ٽي ضلعا ٽپي پوءِ ڪٿي ڪنهن چوراڻيءَ اوطاق جي ڌڻيءَ جي حوالي ڪندو هو يا ائين کڻي چئون ته ٿميندو هو ۽ سک جو ساهه کڻندو هو. اسان جي پٽ جا چور ته اهڙيون ڀليون گهوڙيون دٻڙاٽي ۽ ٽپائي ڪڇ جي سومرن يا سمن يا مياڻن يا وري جاڙيجن وٽ ڇڏيندا هئا. اتر جا چور اهڙيون گهوڙيون ٽپائي روهيءَ (چولستان) ۾ ڇڏي ايندا هئا، يا وري راجسٿان ۾. اهي چور پنهنجو پير لڪائڻ لاءِ علائقي جي حساب سان پيرن جي جتين هيٺان سڻن يا ٻوهن يا پن يا ڄار جي ٽارين يا لئي جي ٽارين جا ٻُچا ٻڌي چوري ڪرڻ ايندا هئا. وٽن جيڪو ٻيو گر هوندو هو، اهو اهو هوندو هو جو اهي چور پٺ ڀر هلندي ميل اڌ ڪڍي ويندا هئا، پوءِ وري سڌ ۾ هلندا هئا. ميل ٻه سڌ ۾ هلي وري پٺ ڀر هلندا هئا. کين اها به پرئڪٽس هوندي هئي ته جيڪڏهن وک سڌي هوندي هين ته اندرين وک يا ڏنگي وک کڻي هلندا هئا. انهن گرن وسيلي چور پنهنجا پير لڪائي ويندا هئا ته جيئن پيريءَ جون متيون منجهن. انهن چورن وٽ چوري ڪرڻ جي به اخلاقيات هوندي هئي. هڪڙو ته پنهنجي ست راڄيءَ کان پاسو ڪندا هئا، ٻيو ته ذات وارن کان پاسو ڪندا هئا، ٽيون ته اهل سادات کان به پاسو ڪندا هئا. پر انهن ٽنهين ڳالهين کان هٽي ڪري به اهڙي گهر مان وهٽ ڪو نه هڻندا هئا، جن جي وڏن جو ور (سنگت جو) چور جي وڏن سان ور هوندو هو يا وڏن جو وڏن تي ٿورو هوندو هو. يا وري سندس وڏن ۽ ڀاڳئي جي وڏن جو نيمڪ کاڌو هجي. لوڻ کي وڏي اهميت هوندي هئي. چور ڪيڏو به بکيو هجي، پر ڀاڳئي جي گهر جو پاڻي به نه پيئندو هو، ماني کائڻ ته پري جي ڳالهه آهي. پاڻ چورن جون ٻه نشانيون به ڏٺيون آهن. چور جيڪڏهن ڪنهن سان حال احوال ڪندو هوندو ته ڪنڌ هيٺ ڪري ڳالهه ٻڌندو. پر جڏهين ڳالهائڻ جو وارو ايندس ته پوءِ صفا اڀو ٿي ڳالهائيندو. سندس ڳالهه ۾ لفظ گهٽ استعمال ٿيندا ۽ هٿن جي اشارن ۽ اکين جي اشارن کي وڌيڪ استعمال ڪندو. ڳالهائڻ وقت مخاطب کان لاپرواهه ٿي ڳالهائيندو. پوڙهو ٿي رٽائر به ٿي ويندو ته اهي عادتون نه ڇڏيندو. چور جي ٻئي نشاني اها آهي ته ڳالهائڻ وقت سٿڻ جا پائنچا مٿي ڪري پوءِ ڳالهائيندو. چور جي چٽي نظر ايندڙ اها نشاني آهي ته جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن سان ڪچهريءَ ۾ رڌل هوندو ته رکي رکي ران ضرور کنهندو. اها ڪا خارش نه هوندي آهي، پر چور جي خاص عادت هوندي آهي. اصل ۾ اهو احساسِ جرم هوندو آهي، جيڪو کيس تنگ ڪندو رهندو آهي. پر اڄڪلهه جا ڌاڙيل جهنگ ۾ هجن يا آفيسن ۾ ويٺل هجن، کين ڪنهن به قسم جو احساسِ جرم ته ڇا، پر ڪنهن غريب جو به ڪو احساس نه هوندو اٿن. اهي همراهه ته رانن جي بدران مٿا پيا کنهندا آهن ته ڪنهن کي ڪڏهين ۽ ڪيئن ڦري چٽ ڪجي، ڪيئن مال پاڻي ٺاهجي ۽ ڪيئن پنهنجو بُر ڀرجي.