جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ اوٿارا آچر 23 آگسٽ 2009ع صفحن جو ڪل تعداد 256. ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪندڙ اداري جو اصلي نالو گروو پريس (Grove Press) نيويارڪ. ڪتاب پڌرو ٿيڻ جو سال 1995ع. ليکڪ جو نالو جيرزي ڪوسنسڪي (Jerzy Kosinski) مرهيات. ڪتاب جي ملڻ جو هنڌ اميزان بوڪ هائوس، نيويارڪ. ڪتاب گهرائڻ جو طريقو، ويزا ڪارڊ استعمال ڪريو ۽ ڪتاب جي قيمت کان ٻيڻو ڀاڙو ڀريو، پوءِ به سڀ پئسا سجايا. ڪتاب جو عنوان Passing by. هن ڪتاب جو لفظي ترجمو ٿيندو ”ويندي ويندي“ پر هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ هن ڪتاب جو اصلي ۽ سوليءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيندو ”اوٿارا“. ننڍن ننڍن مضمونن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب ليکڪ جي ٻئي گهر واري ڪِڪي (Kiki) پنهنجي مڙس جي مري وڃڻ کانپوءِ ترتيب ڏنو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کان اڳ ۾ ليکڪ جي زندگي ۽ سندس کليل ٻن ناولن “Painted Bird” (نشانبر پکي) ۽ Being there (جڏهن اتي هئس) جي ٿوري گهڻي ڄاڻ ضروري آهي. سندس ناول Being there تي فلم به ٺهي چڪي، جنهن ۾ انهيءَ ناول جو ٺاهي جوڙي ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. اهڙي فلم کي ڏسڻ کانپوءِ دل چوي ٿي ته فلم تي غور ڪرڻ جي بدران گهر مان نڪري ڪتا وڃي ڪٽجن. اهڙيون فلمون ڏسڻ کانپوءِ ئي ته لئٽن آمريڪا جو نوبيل لاريٽ ليکڪ گارشيا مارڪئز پنهنجي جڳ مشهور ناول One hundred of solitude تي فلم ٺاهڻ کان نابري واريو ويٺو آهي. جيتوڻيڪ رڳو ناول جا حق خريد ڪرڻ يا اجازت وٺڻ جا فلم ساز کيس ڇوٽ ۾ ٽيهه لک ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار آهن. فلم جو اسڪرپٽ به ڪو ٻيو لکي. گهر ويٺي ٽيهه لک ڊالر کڙا، پر پوءِ به انڪار ته متان فلم وارا ناول جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏين. ائين ئي جيئن Being there سان گڏوگڏ گجگاهه ليکڪ فيودور دوستو وسڪيءَ جي ڀلي ۾ ڀلي ناول Brothers Karamazov جو هالي ووڊ وارن ٺاهي جوڙي ٻيڙو ٻوڙيو آهي. پر جيرزي ڪوسنسڪي يار باش ماڻهو هو. سو ياريءَ جي چڪر ۾ اچي پنهنجي ناول جي ٻنهين خاص موضوعن ”عدم شناخت“ ۽ ”ميڊيا جو انساني سوچ“ تي حملو کي غائب ڪرائي مشڪرن جي ور چڙهي ويو. رهيو سندس ٻيو شاهڪار ناول Painted Bird (نشانبر پکي) ته اهو ناول پڙهڻ ساڻ ئي اٻڙڪا ٿا اچن. سو فلم وري ڪهڙي ٺهندي. سچ ڪري پڇو ته شروع شروع ۾ مون پاڻ انهيءَ ناول جا ٽيهه صفحا کن پڙهيا ته مون کي اٻڙڪا اچي ويا ۽ ڪتاب کڻي هٿ مان ڪڍيم. پر اهڙو ڪتاب وڃي ته ڪيئن وڃي. سو لاهور ۾ ڪنهن دوست جي گهر ۾ ٽرنڪو لائيز وٺي پوءِ ڪتاب پڙهي ويس ۽ لوڏو ئي نه آيو. پڙهندڙ جي تصور تي ايڏو حملو مرهيات جيرزي ڪوسنسڪي ئي ڪري سگهي ٿو. هت اهو به عرض ڪري ڇڏيان ته مرهيات ته ننڍپڻ ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو، اهو ئي لکيو اٿس. سندس ٻين ڪتابن ۾ Blind date, Cockpit, The Devil tree, Steps, The hermit of 69th street, Pinball, Passion play, The Future is our Comrade ۽ No third path اچي وڃن ٿا. جيڪڏهن جيرزي ڪوسنسڪي جي زندگيءَ تي وڃبو ته لطيف سائينءَ جون اهي سٽون سامهون اچن ٿيون ته ”سرجيس ته سور، سامائي تان سک ويا. اهي ٻئي پور مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.“ جيرزي ڪوسنسڪي 14 مئي 1933ع تي پولينڊ جي شهر لوڊز (Lodz) ۾ ڄائو. هو اڃا ڇهن سالن جو ٿيو ته هٽلر آسٽريا تي حملو ڪري ڏنو. آسٽريا ۽ پولينڊ ڳنڍيا پيا آهن، نازين جي فوج قهري ڪارروايون ڪندي اڃا وارسا پهچي ئي پهچي تنهن کان اڳ سندس پيءُ کيس لٿونيا ملڪ وٺي ويو. اتي ڪنهن ڳوٺ ۾ کيس ڇڏيائين. مائٽ جي دل هئي ته ”اسين مرون ته مرون پر پٽڙو ته بچي“. پر لٿونيا ۾ پهچڻ کانپوءِ هو ڳوٺ جون سختيون سهي نه سگهيو ۽ اگهاڙو ظلم ڏسي نه سگهيو. سو اهو ڳوٺ ڇڏي لٿونيا ۽ پولينڊ جي ڳوٺن ۽ جهرن جهنگن ۾ رلندو رهيو. عتاب ۽ عذاب ڏسندي ۽ سهندي سندس اهڙي حالت ٿي ويئي جو پورن نون سالن کانپوءِ جڏهن واپس گهر پهتو ته هو هڪ پندرنهن سالن جو بدحال ڀوتاڙيل، ڊنل ۽ گونگو ٿي ويل ڇوڪرو هو. اوٿارن وچان سندس زبان بند ٿي چڪي هئي. ڪيترو عرصو ته ڊپ وچان گهر مان ئي نه نڪتو ته متان ٻاهر نڪران ته نه جهٽي وڃن. انهن نون سالن ۾ رلندو، ڦرندو ڀڄندي ۽ لڪندي جيڪي ڪجهه ڏٺو، اهو سڀ ڪجهه سندس ناول Painte Bird (نشابر پکي) ۾ لکيائين، جنهن کي پڙهندي اٻڙڪا اچن ٿا. هڪڙي پاسي سندس اهو حال هو ته ٻئي پاسي جبل لهندي چڙهندي هڪ چست ۽ رولڙو ڪٽيندڙ ڇوڪرو به هو. سال کن ڪمري ۾ بند رهڻ کانپوءِ سندس زبان اوچتو ئي اوچتو کلي پيئي ۽ سامت ۾ اچي ويو. نيٺ تعليم سانگي گهر مان نڪتو. تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ هو برفاني جبلن تان ترڪڻ واري راند (Skiing) جي مهارت به حاصل ڪندو رهيو. علم نفسيات ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ کيس پولش اڪيڊمي آف سائنس ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. پر پوءِ به کيس گذريل وقت جون يادون ستائينديون رهيون، تنهن ڪري هو پنهنجو ملڪ ڇڏڻ جون گهٽيون ڳوليندو رهيو ته ملڪ کان ٻاهر نڪري آزادانه زندگي گذاري ۽ دل جي چئي تي کلي سگهي، جو پولينڊ ۾ اڃا تائين سخت سينسرشپ لڳل هئي، جيڪا ون پارٽي رول جو نتيجو هو. پارٽيءَ جي مٿس ڪرڙي اک رهندي هئي ۽ سندس جاسوسي به ڪئي ويندي هئي. وڏي هڻ پٽ کانپوءِ 1957ع ۾ آمريڪا پهچي ويو، جتي انگريزي سکڻ کانپوءِ هن ڪتاب لکڻ شروع ڪيا. 1960ع ۾ سندس ملاقات اتان جي هڪ انتهائي امير عورت ميري هي ورڊ (Mary hay word) سان ٿي ۽ ستت ئي ساڻس شادي ڪيائين. ائين جيرزي ڪوسنسڪي وڏي ٺٺ ٺانگر واري زندگي گذارڻ لڳو. سندس وقت ڪڏهن نيويارڪ جي اعليٰ طبقي سان ته ڪڏهين سئٽزرلينڊ جي مهانگين هوٽلن ۾ گذرڻ لڳو. ڪجهه سال ائين گذارڻ کانپوءِ سندس زال ڪينسر وگهي گذاري وئي ۽ سندس زال جي ملڪيت ٻيا ڦٻائي ويا. ائين سندس گليمر سان ڀرپور زندگي جو انت آيو، پر کيس ڪتاب لکڻ ۽ مختلف يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيڻ مان به چڱو خاصو اپراسو ٿيندو رهيو. نيٺ پنهنجي هم وطن پولش ڇوڪري ڪِڪِي (Kiki) سان شادي ڪيائين، پر انهيءَ پوري عرصي ۾ سندس ماضي کيس اندران کائيندو رهيو. نيٺ 3 مئي 1991ع تي خودڪشي ڪري پنهنجو انت آندائين. هي ننڍا ننڍا مضمون ڇپجڻ کان رهجي ويا هئا. جيڪي سندس خودڪشيءَ کانپوءِ سندس زال ڪِڪي (Kiki) ترتيب ڏيئي ۽ ڇپائي توڙ نڀايو. شروع شروع ۾ ليکڪ پنهنجي لکڻ جو بنيادي اصول ڏنو آهي، جنهن جو اختصار ڪجهه هن ريت بيهي ٿو: ”ويندي ويندي رڳو ڏسڻ جي بدران پير جهلي ڏسڻ، سوچڻ ۽ پروڙڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان هن زندگيءَ جا ڪيئي نوان پهلو نڪري نروار ٿيندا. لکڻ اهو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي اسڙڪائي به ٿو ۽ ڪن به کڻائي ٿو. لکڻ وقت ليکڪ کي پنهنجي اندر جي دنيا به پرکڻ کپي. پنهنجي آس پاس جي ماحول کي به سمجهڻ گهرجي ۽ ٻين جي زندگيءَ جي به ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي، تنهن کان پوءِ ئي نجو پجو آرٽ جنم وٺي سگهي ٿو. انهيءَ کانپوءِ اوسارا ۽ اوراڻا شروع ٿي وڃن ٿا. دل ته چئي ٿي ته سڄو ڪتاب سوليءَ سنڌي ۾ ترجمو ڪري کڻي پڙهندڙن جي اڳيان رکجي، پر لاچار کي آچار ڪونهي، سو ڪجهه ٽڪرا پڙهندڙن جي اڳيان رکجن ٿا. · ڏسي ڪري اندر ۾ جهٽڻ جي جيڪا سگهه ٻار ۾ آهي، اها سگهه ڏندين آڱريون ڏيو ڇڏي. ٻار جي اها سگهه سندس گوناگون تصور مان جنم وٺي ٿي. سندس اهو تصور ڇڄي ڀور ٿيڻ کان به بچيل هوندو آهي ته گڏوگڏ سندس تصور ٻاهرين دنيا جي سنسرشپ کان به بچيل هوندو آهي ۽ اڃا تازو توانو هوندو آهي. تصور جي اها آزادي کيس تحرڪ ۾ آڻيندي آهي، ٻار جي تصور ۾ ڪا به ڳالهه اچي سگهي ٿي. اها آزادي ئي اصلي زندگيءَ جو اهڃاڻ آهي، اها آزاديءَ ئي دنيا ۾ دکيل باهه کان آجي هوندي آهي، جنهن تي ڪٽ نه چڙهيل هوندي آهي. · هن وقت نه ته منهنجو ڪو خاندان بچيو آهي، نه رت جا رشتا رهيا آهن ۽ نه ئي جينز (Genes) جا. تنهن ڪري هن دنيا کي آئون صرف دوستن جي ذريعي پرکي سگهان ٿو. اهي دوست ئي منهنجو خاندان آهن. گهر جي بدران هوٽلڙيون وڃي بچيون آهن. · زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي سوکڙي پيار آهي. پيار جي وڏي ۾ وڏي سوکڙي زندگي آهي. زندگيءَ کي سمجهڻو آهي ته پيار ڪريو، جي پيار ڪرڻو اٿوَ ته زندگي کي سمجهو. · رات جو دير سان گهمندي گهمندي آئون اهڙين اسپتالن ۾ هليو ويندو آهيان، جتان جا مريض لاعلاج هوندا آهن يا وري پوڙهن ماڻهن لاءِ ٺهيل نرسنگ هومز ۾ هليو ويندو آهيان، جن کي زندگي اڇلائي ڦٽو ڪندي آهي. · جي ڪو ڊاڪٽر مون کي رحم وچان ماري ٿو ته اهو مون کي قبول آهي، پر جيڪو ماڻهو جيئري هوندي مون تي رحم کائي ٿو ته اهو مون کي قبول ناهي. · ڪتاب جمهوريت جي نشاني آهي، پڙهندڙ آزاديءَ سان ڪتاب مان پنهنجي معنيٰ ڪڍي سگهي ٿو. ڪتاب پڙهندي ماڻهو ڪتاب جي مواد ۾ پنهنجا خيال شامل ڪري سگهي ٿو. ڪتاب ڪلچر وانگيان آهي، جيڪو پڙهندڙ کي اها ڇوٽ ڏيئي ڇڏيندو آهي ته ”آئون تنهنجو آهيان، توکي اها آزادي آهي ته جيڪي وڻيئي سو ڪر. آئون تنهنجي هن اندر ۾ گهڙي ويو آهيان ۽ ساڳئي وقت انساني تاريخ ۾ به گهڙي ويو آهيان. · دنيا اها ناهي، جيڪا آهي، پر دنيا اها آهي، جيڪا اوهان ڏسو ٿا. · آمريڪا ۾ گهڻو ڪري سائنس فڪشن پڙهيو ٿو وڃي، جيڪو نه ته سائنس آهي ۽ نه ئي ڪو فڪشن آهي. · ناول پڙهڻ جو عمل پنهنجي جاءِ تي هڪ زندگي گهارڻ جي پرئڪٽس آهي. · جتي جذبا ۽ احساس ختم ٿين ٿا، اتي ميڊيا جي رپورٽنگ شروع ٿئي ٿي. · ادبي لاڙو تجريد کان شروع ٿي ٺوس حقيقت تائين پهچي ٿو. فوٽوگرافيءَ جو فن ٺوس حقيقت کان شروع ٿي تجريد تائين پهچي ٿو. · آئون جڏهن ننڍو هوس تڏهين آئون اوندهه، جانورن ۽ انسانن کان هڪ جيترو ئي ڊڄندو هوس ۽ گهڻو ڪري روئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ ۾ گذاريندو هوس. منهنجي دل گهرندي هئي ته منهنجي ماءُ ۽ پيءُ مون کي ٻهراڙيءَ مان وٺي شهر ۾ پنهنجي گهر وٺي وڃن. مون کي هر وقت مارون کائڻ جو ڊپ هوندو هو ۽ ڳوٺ جا ماڻهو لاڳيتو ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي مون کي ماري ماري پٽ ڪندا هئا. مون کان سڄو ڏينهن ڳرو ڪم وٺندا هئا ۽ آئون لاڳيتو ٿڪل رهندو هئس. جڏهين منهنجو ننڍپڻ ختم ٿيو، تڏهين وڃي عتابن ۽ عذابن مان نڪري پنهنجن پيرن تي بيٺس. گهر پهتس ته مون کي مائٽن جو ڪو به هوش نه هو ۽ مون کي رڳو اهو خيال بيٺو هوندو هو ته ڪڏهين ٿي منهنجي سزا پوري ٿئي ۽ ڪڏهين ٿو کاڌو ۽ آرام ملي. ڳچ وقت يادن جي خوف ۾ ورتل رهيس ۽ مون کي رکي رکي اوٿارا ٿيندا هئا. · ٻئي عظيم جنگ ختم ٿيڻ واري هئي، جرمن فوج ڀاڄ کائي رهي هئي ۽ سوويت يونين جي فوج اڳتي وڌي رهي هئي. پر سرخ فوج جي پهچڻ کان اڳ ۾ قوزئيق، ڪالموڪ، تاتاري ۽ ترڪمان فوجون پهچي ويون. جيڪي سويت يونين جي فوج مان نڪري ڀڄي نڪتا هئا، اهي گهوڙن تي سوار هوندا هئا ۽ جيڪو ڳوٺ منهن ۾ ايندو هون، انهيءَ ڳوٺ کي پٽ ڪندا، باهيون ڏيندا ڦر مار ڪندا، ماڻهو ماريندا ۽ عورتن سان گينگ ريپ ڪندا ويندا هئا. اهو سڀ ڪجهه اکين سان ڏٺم. · آئون اندران ڀڄي ڀور ٿي ويو هوس. جڏهين به ڪٿي ويهندو هوس ته مون کي پٺي جي ڪنڊي ۾ سورن جا ٻارا هوندا هئا. هر وقت ٿڌ لڳل هوندي هيم ۽ منهنجي سوچ ڀٽڪندي رهندي هئي. · آئون مقابلن ڪرڻ ۽ شرط رکي کٽڻ کان ونءُ ويندو آهيان، ڇاڪاڻ ته جنگ جي مقابلي کي ذهن مان ڪڍي نٿو سگهان، جو سڄي جنگ جو عذاب پنهنجي سر تي وسائي چڪو آهيان. · آمريڪا ۾ پهچڻ کانپوءِ اتان جي آزادي به مون کي شاڪ وانگر لڳي. · جيڪي به ماڻهو عقوبت خانن ۾ واڙيا ويا، انهن جي آجيان لاءِ موت ڀاڪر کوليو بيٺو هو. جيڪو به نئون ماڻهو اندر واڙيو ويندو هو، انهيءَ جي ٻانهن تي ٽانچوئن (Tattoo) جي ذريعي سندس نمبر لکيو ويندو هو. هر ماڻهوءَ جو پنهنجو پنهنجو نمبر ڌار ڌار هوندو هو. نمبر لڳڻ کانپوءِ اهو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي وڃائي، شخصيت کي وڃائي ڪنهن نه ڪنهن نمبر ۾ تبديل ٿي ويندو هو. ماڻهو ماڻهو نه رهندو هو نمبر بڻجي ويندو هو. ائين ماڻهوءَ جي بدران نمبر پنهنجي قبر ڏانهن وڌڻ لڳندو هو. ائين اهي نمبر نئين ٻولي بڻجي چڪا هئا. · جڏهن منهنجو ناول Painted Bird (نشانبر پکي) ڇپجي پڌرو ٿيو. تڏهين منهنجن مائٽن مان رڳو منهنجي ماءُ بچي هئي. سندس عمر سٺ سالن کان ٽپي چڪي هئي، ٻه ڀيرا سندس ڪئنسر جي آپريشن به ٿي چڪي هئي. جڏهين پولينڊ جي سڀ کان وڌيڪ ڇپجندڙ اخبار ۾اها خبر شايع ٿي ته منهنجي ماءُ اڃا تائين پولينڊ جي انهيءَ شهر ۾ رهي ٿي،جتي آئون ڄائو هوس. اها خبر توڙي ناول تي ٿيل شديد نڪته چيني پڙهي شهر جي ماڻهن وڏو ميڙ ٺاهي منهنجي ماءُ کي مارڻ لاءِ گهر تي حملو ڪري ڏنو. پوليس ته پهچي ويئي پر اها به ڪنهن کي ڪجهه چوڻ جي بدران بيٺي رهي... جيرزي ڪوسنسڪي هن ڪتاب ۾ ٻيون جيڪي تفصيلي ڳالهيون لکيون آهن، اهي پڙهي ڪري بت مان ڏرڻيون نڪريو ٿيون وڃن. پر هن ڪتاب کان اڳ سندس لکيل پهريون ناول Painted Bird (نشانبر پکي) پڙهبو، تڏهن ئي هن ڪتاب جي اهميت کي سمجهي سگهبو. اهو به شڪر آهي جو پنهنجو پاڻ کي طرم خان سڏائيندڙ اسان جا اديب اهڙين حالتن مان گذرڻ ته ڇا، پر کين هوا به نه لڳي آهي. جيرزي ڪوسنسڪي جهڙن ليکڪن جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ ڀوڳيو آهي ۽ پوءِ جنهن رنگ ڍنگ ۾ لکندي اوريو آهي، اها ڳالهه اسان جي وس جي ناهي. اسان ته ٿوريءَ دٻ تي تتر ٿيو وڃون. هيءَ ڳالهه ته ڳري آهي. ٻٽاڪ هئڻ سولا آهن، لکڻ ڏکيو آهي، ڀوڳنائن جو ذڪر ڪرڻ سولو آهي، ڀوڳڻ ڏکيو آهي.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ڪامن سينس سومر 7 سيپٽمبر 2009ع قرت العين حيدر ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته، ”فقير شاهراهن جو پاسو ڏيئي ويهي رهندا آهن ۽ ايندڙ ويندڙ بادشاهن جي قافلن کي لنگهندي ڏسندا رهندا آهن، هڪڙا بادشاهه هليا ويندا آهن، ٻيا بادشاهه اچي نڪرندا آهن، پر فقير اتي ئي ويٺا رهندا آهن ۽ هن جهان جو تماشو ڏسندا آهن.“ انهيءَ ڳالهه ۾ مان قرت العين حيدر جي ڪا اها مراد ناهي ته ڪو فقير پنڻا هوندا آهن يا وري ڪو فقير ڪانيءَ ڪرامت جا ڌڻي هوندا آهن، پر انهن فقيرن مان سندس مراد اهي ماڻهو آهن، جن وٽ ڪامن سينس هوندو آهي ۽ ڪامن سينس جي زور تي شين، واقعن ۽ حالتن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. ڪامن سينس ۾ ڪا ايڏي وڏي عربي فارسي نه هوندي آهي، بس رڳو ڪامن سينس مان ڪم ڪڍڻو هوندو آهي. اڳوڻو يار ۽ هاڻوڪو مهربان علي قاضي سنهي ريڙهي هڻڻ جو شاهه ڪاريگر آهي. هاڻي ته ساڻس ملڻ ئي ڏکيو آهي، پر جڏهين پاڻ ڪاوش اخبار ۾ وهندو هو ته وٽس وڃي ڊگهي ڪچهري ڪري سگهبي هئي. هڪڙي ڏينهن هن فقير ساڻس ڪامن سينس جي ڳالهه ڪئي ته علي قاضيءَ عادت موجب پهرئين ته وڏي غور سان ڳالهه ٻڌي ۽ پوءِ سنهي ريڙهي هڻندي چيو ته، ”ڪامن سينس ته آهي، پر ايڏو ڪامن به ناهي، جو ڪو ڪامن سينس کان ڪم وٺي سگهجي.“ ائين چوڻ کان پوءِ سندس ٽهڪ پائيپ مان دونهين سان گڏ نڪري پکڙجي ويو. سندس اها ڳالهه ڳنڍ ۾ ٻڌي جائزو وٺڻ شروع ڪيو ته مون ڪيترائي اهڙا ماڻهو ڏٺا، جن وٽ علم ته جام هو، پر ڪامن سينس غائب هو ۽ ڪيترائي اهڙا ماڻهو ڏٺم، جن وٽ علم جي ذري به نه هئي، پر ڪامن سينس موجود هو. سو هتي به ڪامن سينس کان ڪم وٺندي ڪجهه فقيراڻيون ڳالهيون پيش ڪجن ٿيون. ڪير مڃي يا نه مڃي، اها انهيءَ جي مرضي. ڪجهه ڏينهن اڳ هن فقير هن ئي ڪاوش ۾ ”هيءَ موسم“ جي عنوان سان مضمون لکندي ڪامن سينس رکندڙ هڪ جهوني ملاح جي حوالي سان اها ڳالهه لکي هئي ته جيڪڏهن عاشق (درياهه) جي رستا روڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو عاشق واٽ مٽائي، ٻي واٽ وٺي وڃي معشوق (سمنڊ) سان ڀاڪر ڀيڙو ٿيندو. پر ڪيوسڪس جي انگن ۾ ڦاٿل ماڻهن انهيءَ ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جو اهو وري سندن حق هو. اختلاف راءِ ماڻهوءَ جو بنيادي حق آهي ۽ هي فقير انهيءَ حق جي حق ۾ آهي، پر هن فقير اهو ئي حق استعمال ڪندي جيڪي ڪجهه لکيو، تنهن تي قائم آهي.I stand by my story پري وڃڻ جي ضرورت ناهي، تاريخ 2 سيپٽمبر جي ڪاوش کولي ڏسو ۽ آخري صفحي تي باڪس ۾ ٽه ڪالمي وڏي خبر لڳي آهي، اها خبر ڏيندي خادم جوڻيجو ڄاڻائي ٿو، ”رپورٽ موجب خيرپور ضلعي جي ڪچي واري علائقي الرا بچا بند بي 4 ميل وٽان سنڌو درياءَ پنهنجو رخ بدلائي الرا بچاءَ بند طرف ڪري تيزيءَ سان پائڻ شروع ڪري ڏنو آهي...الرا بند ٽٽڻ جو امڪان آهي ۽ جيڪڏهن بچاءُ بند ٽٽو ته پير ڳوٺ، پريالو ۽ خيرپور سميت سوين ڳوٺ ۽ شهر ٻڏي ويندا.“ انهيءَ ساڳئي خبر واري باڪس ۾ پريالو جي نائب ناظم عبدالحق جو بيان موجود آهي ته ”سنڌو درياءُ گذريل ٻن سالن کان کاڌ ڪري رهيو هو، جنهن هزارين ايڪڙ زمين تباهه ڪري ڇڏي آهي ۽ گذريل هڪ هفتي کان سنڌو درياءَ خيرپور طرف رخ موڙي پائڻ تيز ڪري ڇڏيو آهي.“ ساڳئي خبر ۾ اتان جي زميندار علي ڏنو خروس جو چوڻ آهي ته، ”هاڻي الرا بچاءَ بند جي ٽٽڻ جو خطرو پڻ وڌي ويو آهي، جنهن ڪري فوري طور ڄاڻايل هنڌ وٽان جڪ هڻي درياءَ جو رخ موڙيو وڃي.“ انهيءَ بيان جو صاف صاف مطلب آهي ته سنڌو درياءَ کي سندس اصلي رخ ڏانهن موڙيو وڃي. اهڙي ساڳئي طرح يوسي ناظم ممتاز ناريجو جو چوڻ آهي ته، ”سنڌو درياءَ پاران رخ موڙڻ جي ڪري علائقي ۾ وڏي تباهي ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.“ انهيءَ خبر ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته، ”پريالو لڳ سنڌو درياءَ پاران رخ بدلائڻ ۽ پائڻ تيز ڪرڻ کانپوءِ علائقي واسين ڪيترن ئي هنڌن تان حافظ ۽ قاري گهرائي پاڪ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪري ڏنو آهي ته جيئن سنڌو درياءَ پائڻ جو رخ بدلائي ڇڏي“. پر انهن خبرن ۽ بيانن جي برعڪس اتان جي هڪ ننڍي ۽ بيوس آفيسر ايس ڊي او سڀ ڪجهه سمجهندي ڪري به سرڪاري لاچاريءَ وچان پنهنجي ٽوپي بچائڻ لاءِ اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويو ته درياهه ۾ پاڻي گهٽجي رهيو آهي سو بچاءُ ٿي ويندو آهي. انهيءَ ۾ سندس ڏوهه ناهي، ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته هن ملڪ ۾ ڪندا وڏا آهن ۽ ڦاسندا ننڍا آهن، نه ته کيس خبر هئڻ گهرجي ته چوماسو اڃا تائين گهمريون کائي رهيو آهي، تنهن ڪري مٿين ۽ اترين علائقن مٿان وڏا مينهن پيا وسن، سو درياهه ۾ پاڻي وڌڻ جا امڪان جيئن جو تيئن موجود آهن. مٿي جيڪي فريزنگ پوائنٽون آهن، انهن تي جيڪڏهن ٿورڙو مينهن به وٺو ته اتان جي برف جي ڇپن ۾ اهو ٿورو مينهن به ڏار وجهي سگهي ٿو ۽ ڏارن پوڻ جي نتيجي ۾ اتان جي برف ڳري پاڻي بڻجي درياهه ۾ اٿل آڻي سگهي ٿي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته مٿين علائقن ۾ موجود برفاني ڇپن ۾ موجود برف گرمي وڌڻ جي ڪري ڳرندي آهي. اهو خيال ڪامن سينس جي حساب سان غلط آهي، ڇاڪاڻ ته گرميءَ ۾ به اهي هنڌ فريزنگ پوائنٽ تي موجود هوندا آهن ته پوءِ ڳرندا وري ڪيئن؟ جڏهين ته اصل حقيقت اها آهي ته انهن هنڌن تي موجود برف کي صرف مينهن جا ڇنڊا ڏار وجهي سگهندا آهن ۽ پوءِ اهي برف جا حصا پاڻ ۾ ٽڪرائجي پاڻيءَ جي صورت اختيار ڪندا آهن. انهيءَ جو مثال خود اسان جي گهرن ۾ موجود آهي. هيئن ڪريو جو ڪوپر جي گلاس يا ڪَنجهي جي وٽي ۾ پاڻي وجهي فرج جي فريزر واري حصي ۾ رکي ڇڏيو، جڏهين اهڙي ٿانءَ ۾ برف ڄمي وڃي، پوءِ ٻاهر ڪڍي انهيءَ ٿانءَ کي ڪيتري به گرمي ڏيکاريندئو ته به برف ٿانءَ مان نه نڪرندي، پوءِ ڀلي کڻي 65 CC ٽيمپريچر تائين جي گرمي ڏيکاريو. پر انهيءَ ساڳئي گلاس يا وٽي کي اونڌو ڪري، مٿان پاڻي هاريندئو ته اها ساڳئي برف ڦهه ڪري هيٺ اچي ڪرندي. گهر ۾ موجود انهيءَ مثال مان ئي ڳالهه پڌري پٽ پيئي آهي ته برف کي گرمي نه، پر پاڻيءَ جا ڇنڊا يعني مينهن جا ڇنڊا ڳاريندا آهن. پوٿيون پنهنجيءَ جاءِ تي، ڪامن سينس پنهنجيءَجاءِ تي. سو ائين ڪو ويهي درياهه شاهه بادشاهه جي موڊ تي اعتبار نه ڪري. اها هڪ حقيقت آهي ته درياءُ جڏهين چاڙهه کائيندو آهي ته ڪچي کي ٻوڙيندو آهي ۽ ڪڏهين ڪڏهين پڪي جي ٿوري گهڻي علائقي کي به رهڙو ڏيئي وٺندو آهي، پر پنهنجو رخ نه بدلائيندو آهي. پر سرائيڪي بيلٽ ۽ خيرپور ضلعي مان پهتل اهي خبرون ٻڌائين ٿيون ته سنڌو درياهه چاڙهه نه کائي رهيو آهي، پر رخ بدلائي رهيو آهي. انهيءَ صورتحال تي سوچڻ لاءِ ڪامن سينس کان ڪم وٺڻو پوندو. اچو سائين انهيءَ ڳالهه تي ته ائين ڇو ٿو ٿئي. هڪ ڪارڻ ته اڳ ۾ ئي درياهه تي ٻڌل بند آهن، جن ۾ سلٽ ڀريل آهي. اها سلٽ ڪڍڻ تي جيڪو خرچ ايندو، اهو بقول ارون ڌتيءَ راءِ جي بند ٺاهڻ تي آيل خرچ کان ڇهه سئو ڀيرا وڌيڪ خرچ ايندو. ڀلا اهڙن بندن ٺاهڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي هئي. جيڪو ٻيو ڪارڻ آهي، اهو اهو آهي ته سرائيڪي بيلٽ ۽ اتان کان اتر طرف درياهه مان وڌيڪ پاڻي کڄي رهيو آهي ۽ درياهه کي پنهنجي معشوق (سمنڊ) تائين پهچڻ نٿو ڏنو وڃي. پر جيڪڏهن اڃا به درياهه کي وڌيڪ سنگهرون هڻندي ڪالاباغ ڊيم يا وري ڀاشا ڊيم ٺاهيو ويو يا ڪنهن به هنڌ ڪو به ٻيو ڊيم ٺاهيو ويو ته جيڪو درياهه هن وقت خيرپور ميرس ۽ سرائيڪي بيلٽ ۾ رخ بدلائي رهيو آهي، اهو ڪالاباغ کان به مٿي هندڪو واري علائقي وٽان اوڀر طرف رخ ڪندو، جيڪا هڪ فطري ڳالهه آهي. هت آئون وري به انهيءَ جهوني ملاح جي ڪامن سينس کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهان، جنهن 1993ع ۾ يعني سورهن سال اڳ مون، منو ڀائي ۽ شيرين پاشا جي روبرو اها ڳالهه ڪئي هئي ته جيڪڏهن ملڪ جا بادشاهه عاشق درياهه کي سنگهرون هڻي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندا ته عاشق ٽپ ڏيئي رخ بدلائي ٻئي پاسا ڊوڙندو وڃي، پنهنجي معشوق سمنڊ کي ڀاڪر وجهندو. جيڪڏهن ڀلجان نٿو ته انهيءَ جهوني ملاح جو نالو هو سائينداد ملاح. سو ڀاشا ڊيم ۽ ڪالاباغ ڊيم ته ڇا، پر ڪنهن به هنڌ ڪو به ڊيم ٺاهڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب ناهي. سنڌ ۾ به جيڪڏهن ڪو ڊيم ٺهيو ته نقصان پهچندو. انهن ڊيمن ٺهڻ جي نتيجي ۾ سنڌ ته ڇا، پر پنجاب جو به پورو بئريج سسٽم تباهه ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته سنڌو درياهه رخ بدلائي هاڪڙي واري پيٽ ۾وڃي پوندو ۽ فائدو صرف هن بندي کي پهچندو، جو هن بندي جو ڳو ٺ سڪي ويل هاڪڙي سان لڳو بيٺو آهي، باقي بند ٺاهڻ وارا مٽي چٽيندا رهجي ويندا. هاڻي تازو وري هڪ ٻئي ڳالهه دکي آهي ته برسات پوڻ کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي وڏيون وڏيون نئيون اٿين ٿيون، انهن جو پاڻي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ انهن نئين جي منڍ ۾ ننڍا بند ٻڌي پاڻيءَ جو ذخيرو ڪيو وڃي. ڏيو منهن، هڻو مٿو ڀت سان. علم جي اهڙن صاحبن کي ڏسي ته بلي شاهه سائينءَ چيو آهي ”علمئون بس ڪرين اويار“. ڄٽ پڙهيو راڄ اڙيو. ڪامن سينس گم، انگ اکر حاضر. او خدا جا بندا، مون کي اهو ته ٻڌايو ته سنڌو درياهه جي اسپيڊ ۽ برساتي نئين جي اسپيڊ ۾ ڪيترو فرق آهي. پهرين اها اسپيڊ ته طئه ڪريو، پوءِ ڪا ڳالهه ڪريو. هن دور ۾ اهو ڪو مسئلو ئي ناهي. ٽينس راند کان ته پاڻي پري آهيون، پر ڪرڪيٽ راند ته پنهنجي آهي. انهيءَ راند ۾ جن مشينن يا گهڙين جي ذريعي بالنگ جي اسپيڊ ڄاڻائي وڃي ٿي، انهيءَ ۾ تر جو به فرق نه هوندو آهي. ڀلا انهن مشينن ۽ گهڙين جي ذريعي درياهه جي اسپيڊ به ڏسو ۽ برساتي نئين جي به اسپيڊ جانچيو ته خبر پئجي ويندي ته ڪيترين ويهين سئو ٿو ٿئي. هلو ڇڏيو مشينن کي، وٺو جهونن جي ڪامن سينس کي يا ڪنهن به عام ماڻهوءَ کان پڇي ڏسو. سانوڻيءَ ۾ جيڪي نئيون جبلن تان اٿنديون هيون ۽ جن جو رخ ڀرئي ترئي وهندڙ سانوڻيءَ جي سنڌو درياءَ ڏانهن هوندو هو، اهي نئيون ايڏي ته اسپيڊ سان اينديون هيون جو درياءَ جي پاڻيءَ کي چيري ٻه اڌ ڪري اڳتي وڌي وينديون هيون. ڊڄيو ڊڄيو ڳالهه ٿو ڪريان ته درياهه جي اسپيڊ کان انهن نئين جي اسپيڊ ڏهوڻ تي وڌيڪ آهي، پوءِ جتي وڃي ڇوڙ ڪن. ڪارونجهر مان اٿندڙ يا گجرات کان ايندڙ نئين جي اسپيڊ به اوتري ئي آهي. مون ته ننڍپڻ ۾ پنهنجي ڳوٺ واري نئين روهلڙي ڏٺي هئي. ميلن تي نئين جا ڪڙڪا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. ايڏي اسپيڊ سان اٿندڙ وائيلڊ (Wild) نئين کي جي سنگهرون هڻي بند ٻڌا ويندا، انهيءَ لاءِ ته رڪ جون ديوارون کڙيون ڪرڻيون پونديون، پر پوءِ به اهي نئيون ٻي ڪا واهه نه ڏسي، ٻئي پاسي رخ ڪنديون. پاڻيءَ جا ذخيرا ته هوا ٿي ويندا. پر ٻئي پاسي موجود وسندين کي اهي نئيون رڻ ڪري ڇڏينديون. راڄ ته مصيبت ۾ ايندا ئي ايندا، پر ماحوليات جو خرابو به وڌي ويندو. اهي ڪي سنڌ حڪومت جون رٿائون آهن، آزمائي ڏسو ته خبر پوي، سنڌ جي خزاني کي لٽائي ڏسو ته خبر پوي. تنهن هوندي به سنڌ جي ڪابينا ۾ ويٺل وزيرن ۽ وزيرياڻين مان آئون اها گذارش صرف پنهنجي مهربانن اياز سومرو، سسئي پليجو، سائين علي مردان شاهه ۽ پنهنجي پراڻي قدردان سائين علي نواز شاهه کي ڪري سگهان ٿو ته اهي ئي کڻي اهڙيون هوائي توائي، اجائين ۽ خطرناڪ رٿائن تي ڪامن سينس کان ڪم وٺندي ۽ يا راڄن ڀاڳن کان پڇاڻون ڪري ڪو غور ڪن. پاڻ جو ته خيال آهي ته اهو خرچ به اجايو ويندو ۽ اهو ڪم به نئين ۾ لڙهي ويندو. راڄ اڙجي ويندا. مون کي خبر آهي ته اهي پٻيون ڏيڻ وارا ماڻهو غير سرڪاري آهن، سو ڪنهن جي پٻين تي ڪو نه لڳبو. ڪجهه ته پاڻ به سوچبو ۽ ڪامن سينس کان ضرور ڪم وٺبو. پاڻ جو ڪم آهي دانهون ڪرڻ. وڌيڪ جنهن جي جيڪا مرضي. سالن کان اها ٿيوري هلندي پيئي اچي ته بندن جي ذريعي بجلي پيدا ڪئي ويندي. اڃا تائين اهو کٽراڳ جاري آهي، مورڳو ڏهن ٻين ڊيمن جا اعلان پيا ٿين. يا اسان جي مت کسي يا اعلانن وارن جي مت کسي. اکين ڏٺي ڳالهه آهي، جن ڏينهن معين قريشيءَ جي حڪومت لڏڻ ۾ پوري هئي ۽ پ پ جي حڪومت اڏڻ ۾ پوري هئي، آئون انهيءَ زماني ۾ چين ۾ هوس ۽ اهو منهنجو ٻيو دورو هو. خيال اهو بيٺو هو ته شاهراههِ ريشم تي ڪا ڊاڪيومينٽري ٺاهجي. اها شاهراههِ ريشم چار هزار سال کن اڳ چين جي شهر شيئان (Xian) مان نڪرندي هئي. چار هزار سال اڳ چين جا ٻه گاديءَ جا هنڌ هوندا هئا. اونهاري جي مند وارو گاديءَ جو هنڌ (Summer Palace) بيجنگ هوندو هو ۽ سياري جي مند وارو گاديءَ جو هنڌ (Winter Palace) شيئان ۾ هوندو هو. سو جڏهين اسان جي ٽيم شيئان پهتي ته شهر کان ڳچ پنڌ تي موجود ڪوئلي جو اهو پلانٽ ڏيکاريو ويو ۽ اهو ٻڌايو ويو ته انهيءَ پلانٽ مان سڄي چين کي بجلي ملندي آهي ۽ اسان ته هڪ سيڪنڊ لاءِ به بجلي ويندي نه ڏٺي. اها ڳالهه اڳ ۾ به مون لکي هئي، پر ڪنهن به اعتبار نه ڪيو. ڪو اعتبار ڪري يا نه ڪري، آئون انهيءَ سان ٻڌل ناهيان. پر هاڻي اسٽڊي کانپوءِ هر ڪنهن جي وات اها وائي آهي ته چين جهڙي غوراب ملڪ جي 70 سيڪڙو بجليءَ جو پورائو ڪوئلي مان ٿئي ٿو. پوءِ ڀلا ٿر جي ڪوئلي ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جيڪو چين واري ڪوئلي کان مقدار ۾ وڌيڪ آهي، ته معيار ۾ به وڌيڪ آهي. اڃا ته رڳو اهو پيا ٻڌون ته اجهو ٿي ٿر واري ڪوئلي مان بجلي پيدا ٿئي. تازو ڪيل اهڙي اعلان کانپوءِ اڃان به هڪڙو خطرو موجود آهي. اها آهي ورلڊ بينڪ جي ڦرمار. ورلڊ بينڪ گهڻو ڪري بندن ٺاهڻ لاءِ ڳري وياج تي ڏوڪڙ ڏيندي آهي ته وڃي بند ٺاهيو، پوءِ اهي ملڪ ورلڊ بينڪ وٽ ڳهي تي رکيل هوندا آهن. ورلڊ بينڪ جو اهو خاص ۽ وڏو ڪاروبار آهي. هاڻي ته اهو به پيو ٻڌڻ ۾ اچي ته اها ڊونيشن ڏيئي چڱن ڀلن ڄاڻو ماڻهن کي پئسي جي چمڪ ۾ قابو ڪريو ويٺي آهي. هيستائين جيڪا رڪاوٽ رهي، اها ورلڊ بينڪ جي ئي کڙي ڪيل هئي. هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته موجوده حڪومت انهيءَ خطري کي ڪيئن ٿي منهن ڏئي. هلندي هلندي ٿر ۽ اڇڙي ٿر جي ٻئي مامري جي به ڳالهه ٿي وڃي. دنيا جو خطرناڪ واريءَ جو رڻ پٽ به چين ۾ موجود آهي، جيڪو آهي گوبي ڊزرٽ. ٻارنهن سئو ميل ويڪري ۽ ٻارنهن سئو ميل ڊگهي واريءَ جي انهيءَ رڻ پٽ ۾ ڪئين قافلا گهڙيا ۽ گم ٿي ويا. نه وڻ، نه ٻوٽو ۽ نه پاڻيءَ جو ڍڪ ذرو، رڳو هوا جا سوسٽ ۽ اڏامندڙ سنهي واري. پر تازي حقيقت اها آهي ته اهڙي خوفناڪ ٿر يعني گوبي ڊزرٽ ۾ به روڊ ٺهي چڪا آهن. پائيپن ذريعي ڦوهارا ڏيندڙ پاڻي به پهچي چڪو آهي ۽ تمام گهٽ پاڻيءَ تي پلجندڙ ننڍن ننڍن خوبصورت گلن وارن ٻوٽن جو قطارن ۾ جهنگ به آباد ٿي چڪو آهي. چين جي انهيءَ تجربي مان به جيڪڏهن فائدو وٺبو ته ٿر توڙي اڇڙو ٿر ٻارهو ئي مهينا سدا بهار رهي سگهي ٿو. گڏوگڏ ڪوهستان کي به فائدو رسي سگهي ٿو. سو اهي سڀ ڳالهيون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، ضرورت رڳو ڪامن سينس جي آهي، جيڪو ايترو ڪامن ناهي.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ڪامن سينس، فني ڳالهيون ۽ نئين ريسرچ! جمع 18 سيپٽمبر 2009ع هونئن ته هيستائين ڪاوش ۾ ڇپيل مون پنهنجي ڪنهن به مضمون تي ٿيل تنقيد جو ڪڏهين به ڪو به جواب نه ڏنو آهي ۽ نه ئي وري ڪا اندرئين صفحي جي ايڊيٽر وٽ شڪايت ڪئي هونديم، جنهن جو شاهد منظور ميراڻي موجود آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ ته مون کي جيتري پنهنجي فڪري آزادي عزيز آهي، اوتري ئي ٻئي جي فڪري آزادي عزيز هوندي اٿم. خود ڪاوش اخبار جو به اهو بنيادي اصول آهي. ٻيو ته ڪجهه لکڻ وقت منهنجي اڳيان حضرت علي عه جو قول موجود هوندو آهي. پاڻ فرمائين ٿا ته ”ڪنهن کي به پنهنجي ڳالهه تي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش نه ڪريو، ڇاڪاڻ ته جنهن کي اوهان تي اعتبار هوندو، اهو اڳ ۾ ئي اوهان جي ڳالهه مڃيو ويٺو هوندو ۽ جنهن کي اوهان تي اعتبار نه هوندو، اهو ڪڏهين به اوهان جي صفائي قبول ڪو نه ڪندو.“ پر محمد ادريس راجپوت هڪ معتبر، سيبتو، ساڃاهه وند ۽ آبپاشي جو انجنيئر آهي، مون لاءِ عزت جو مقام آهي ۽ آئون سندس هر مضمون زير پتير پڙهندو آهيان ۽ گهٽ ۾ گهٽ پاڻيءَ جي مامرن ۾ سندس مضمون مون کي اتساهه ڏيندا آهن. پاڻ منهنجي Inspiration جو ذريعو آهي، تڏهين ته ”ڪامن سينس“ جهڙا مضمون لکندو رهيو آهيان ۽ لکندو رهندس. بس هڪڙو سو فرق آهي ته محمد ادريس راجپوت آبپاشيءَ بابت گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ آئون ماحوليات جي مامرن ۾ ٽنگ اڙائيندو رهندو آهيان. آبپاشيءَ جي مامرن کي ماحوليات جي اک سان ڏسندو آهيان، باقي جهڙو هو راجپوت، اهڙو آئون راجپوت. راجپوت راجپوت سان بحث ۾ اٽڪي ئي اٽڪي. رهي نئين ريسرچ جي ڳالهه ته ڪير ڪيتري ريسرچ ٿو پڙهي، انهيءَ کان هر پڙهندڙ واقف آهي. ماحوليات تي ٿيندڙ نئين ريسرچ کان هڪ آبپاشيءَ جو ماهر ڪيترو واقف هوندو، اها به هر پڙهندڙ کي خبر هئڻ گهرجي. پورا اسي سال درياهه کي ڏيندڙ سائين ڏني ملاح جي Down to the earth تجربي ۽ هڪ سابق چيف انجنيئر جي سوچ ۾ ڪيترو فرق هوندو، انهيءَ فرق کي به پڙهندڙ سمجهي سگهي ٿو ته هڪ جهوني ملاح جي ڊگهي نظر (Vision) ۽ هڪ سرڪاري ملازم رهندڙ جي فني نڪتهءِ نگاهه ۾ ڪيتريون وڇوٽيون ٿي سگهن ٿيون. (1) اٿڻ ساڻ سنڌ جو محب ماڻهو راجپوت صاحب لکي ٿو، ”ڪامن سينس يا عام سمجهه اها سمجهه آهي، جيڪا اسان کي ڏسڻ ۽ مشاهدي جي بنياد تي اچي ٿي ۽ شين يا ڳالهين کي ڏسي اسان پنهنجي راءِ قائم ڪندا آهيون، پر ضروري ناهي ته اسان جيڪو ڪجهه ڏسون، اهو ائين ئي هجي.“ جيڪڏهن اهي جملا رڳو ويهي ڏسبا ۽ پڙهبا ته پوءِ ته ڀلي ڳالهه آهي، پر جيڪڏهن انهن جملن تي وڃي غور ڪبو ته ڪامن سينس اهو ناهي، جيڪي راجپوت صاحب سمجهيو ويٺو آهي. ڪامن سينس رڳو ڏسڻ تائين محدود ناهي، پر ڏٺي تي سوچڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ تائين پکڙيل آهي. اهو ته ٿيو ڪامن سينس، پر سائين ڏنو ملاح جيڪا ڳالهه ٿو ڪري، اها لوڪ ڏاهپ(Folk Wisdom) جي بنياد تي ٿو ڪري، جنهن ۾ رڳو سندس اسي سالن جو تجربو ناهي، پر گڏوگڏ نيورو جينس (Neuro genes) جي ذريعي آيل سندس دماغ ۾ وڏن جو تجربو به شامل آهي، جيڪو ملاحن جو سوين سالن کان هڪڙي پيڙهيءَ کان ٻئي پيڙهيءَ تائين ۽ انهيءَ کانپوءِ ٻين ايندڙ پيڙهين تائين جو تجربو آهي. اهو تجربو زباني ڪلامي به ته جينز جي ذريعي هلندو پئي آيو آهي، ايڏو ڊگهو تجربو سمجهڻ لاءِ اسان جي مهربان انجينئر صاحب کي جينز (Genes) ۽ نيورولاجي تي لکيل نوان ۽ عام فهم ڪتاب پڙهڻا پوندا ته جيئن اها خبر پئجي سگهي ته اهو تجربو ڪامن سينس رکندڙ هڪ جهوني ملاح تائين ڪيئن ٿو پهچي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ پڙهڻ جو وقت ناهي ته پوءِ به اهو سوال ته پڇي ٿو سگهي ته ڇا درياءَ ۽ سمنڊ ڪشش ثقل واري سائنسي اصول کان آجا آهن؟ پري وڃڻ جي ضرورت ناهي، سولي ڳالهه پيئي آهي. هيءُ جيڪو سمنڊ اسين ڏسون ٿا، اهو سمنڊ زمين کان مٿانهون آهي، پر پوءِ به اوچائي تان لهي زمين کي ڇو نٿو ٻوڙي. ظاهر آهي ته سمنڊ ڪشش ثقل جي اصول تحت رڪيل آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڪر اسين مضمون نه ويٺا لکون ها. بچون ته لکون. سائين ڏني ملاح ڪو آئين اسٽائين کي ڪو نه پڙهيو هو، پر هو ڪامن سينس ۽ ڊگهن تجربن جي آڌار تي ڪشش ثقل جي ڳالهه ڪري ويٺو هو، رڳو لفظ ٻيا استعمال ڪيا هئائين. جن تي اسان کي حيرت ٿي هئي. هن سنڌي ٻوليءَ جي نزاڪت کان ڪم وٺندي ڪشش ثقل تحت هڪ ٻئي کي ڇڪ ڏيندڙ درياءَ ۽ سمنڊ کي عاشق ۽ معشوق جا لفظ ڏنا هئا، جن کي گهرائيءَ ۾ وڃي سوچڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪامن سينس جي به ضرورت آهي. (2) پنهنجي مضمون ۾ اڳتي هلي ڪري راجپوت صاحب مرزا غالب جو شعر ڏيئي، اها ڳالهه لکي آهي ته ”تارا آهن هڪڙي شيءِ، پر ڏسڻ ۾ ٻئي شيءِ اچن ٿا. اهي اسان کي ظاهري ڏيک ويک ۾ دوکو ڏين ٿا.“ بابل سائين، جنهن ماڻهوءَ وٽ ڪامن سينس هوندو، اهو اهڙو دوکو ڇو کائيندو. خود مرزا غالب به ته ڪامن سينس کان ڪم وٺندي اهو ئي چيو آهي ته ”هين ستاري کچهه، نظر آتي هين کچهه، ديتي هين دهوکا بازيگر کهلا“. مرزا غالب جو اهو شعر پاڻ راجپوت صاحب ئي پنهنجي مضمون ۾ ڏنو آهي ۽ ڪامن سينس سان ڀرپور اهو شعر ڏيئي، ڪامن سينس کان انڪار ڪيو اٿس ۽ پنهنجي ڳالهه کي پاڻ رد ڪيو اٿس. اهو ڪامن سينس سنڌي زبان ۾ به موجود آهي ته ”اڀ ڄاڻي، اڀ جون ڳالهيون ڄاڻن، هروڀرو وڏيءَ گهاگهه ۾ نه پئه.“ يا وري، ”اڀ نه ڪڇيندو ڪر، عقل کان ڪم وٺ.“ انهيءَ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ته ڄاڻ رکيل آهي. ڪائنات جي باري ۾ دنيا جي مشهور ۽ معروف سائنسدان ڪارل ساگان مرحيات Cosmos ۽ Billions and Billions جهڙا سائنسي ڄاڻ سان ڀرپور ڪتاب لکيا، پر هڏن جي ڪينسر وگهي مرڻ کانپوءِ اڳ ۾ جيڪو آخري انٽرويو هفتيوار مخزن ٽائيم کي ڏنائين، انهيءَ ۾ به ساڳئي اڻ ڄاڻائي واري ڄاڻ موجود آهي. انهيءَ انٽرويو ۾ هن ڪيترائي ڀيرا اهو جملو چيو ته، “I don't know” (مون کي ڪا به خبر ناهي)، پر لطيف سائين ته کائنس لڳ ڀڳ چار سئو سال اڳ ڪارل ساگان جي معلومات هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو. جتي عرش نه اڀ ڪو، زمين ناهي ذرو، نڪو چاڙهائو چنڊ جو، نڪو سج سرو، اتي آديسن جو لڳو دنگ درو، پري پين پرو، ناٿ ڏٺائون ناهه ۾! هاڻي پاڻ توهان ٻڌايو ته لطيف سائينءَ وٽ اها ڳالهه ڪٿان آئي، جيڪا هن وقت فزڪس جا سائنسدان چيو ويٺا آهن. انهيءَ بيت کي به ڪامن سينس کان ڪم وٺندي سمجهڻو پوندو. خير اهي ته ٿيون وڏيون ڳالهيون. ڏسون ته يارنهن لک لفظن تي ٻڌل اليڪٽرانڪ ڊڪشنري ڪامن سينس جي ڪهڙي معنيٰ ٿي ڄاڻائي. اها معنيٰ سڌي جي سڌي انگريزي ۾ ڏجي ٿي ته جيئن ڪا شڪ جي گنجائش نه رهي: Sound and prudent judgment base on the perception of the situation or facts. منهنجو خيال آهي ته انهيءَ معنيٰ کانپوءِ منهنجي ڳالهه وڌيڪ چٽي ٿي بيهي ٿي. مون ته الرا جي جيڪا خبر پنهنجي مضمون ۾ ڄاڻائي، اها ته تازي خبر آهي، پر گذريل چئن پنجن سالن کان پنجاب مان آيل خبرون ڪاوش ۾ ڇپجندو رهيون آهن. اخبارن پڙهڻ جي حد تائين آئون صرف ڪاوش تائين محدود آهيان، جو ٻيون اخبارون پڙهڻ جو مون وٽ وقت ناهي. ڪتاب پڙهان يا اخبارن جا ٿها پڙهندو وتان. رهي ڳالهه هاڪڙي جي ۽ منهنجي ڳوٺ جي ته جيڪڏهن پڙهندڙ وٽ حسِ مزاح هوندي ته اهو ئي انهيءَ ڳالهه کي Enjoy ڪندو، جيڪڏهن نه هوندي ته وڃي تاڙيون وڄائي. تخليق يا Creative punch کي محسوس ڪري مرڪي ڏيڻ جي صلاحيت عام پڙهندڙن وٽ ته آهي، پر بور قسم جي ماڻهن وٽ نه هوندي آهي، جو اهڙا ماڻهو انگريزي لفظ فني تي پورا لهن ٿا. (3) ساڳئي مضمون ۾ راجپوت صاحب لکي ٿو ”اهڙا ڊيم به ٿين ٿا، جن ۾ پاڻي ذخيرو نٿو ٿئي ۽ رڳو بجلي پيدا ٿئي ٿي، جن کي Run of the river چئبو آهي. اسان کي برابر ٿر ڪول مان بجلي پيدا ڪرڻ گهرجي، پر گڏوگڏ Run of the river منصوبن تي به ڪم ڪرڻ گهرجي. اهڙو هڪ منصوبو سنڌو درياهه تي بُنجي وٽ آهي، جتي 5400 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. چين ملڪ جو مثال ڏيئي سگهجي ٿو، جتان جوڻيجو صاحب گهمي آيو آهي، ته اتي ٿري گارجين ڊيم ذريعي 18000 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. اهو اهڙو ملڪ ڪري ٿو، جتي 70 سيڪڙو بجلي ڪوئلي ذريعي پيدا ٿيندي آهي.“ بلڪل ٺيڪ، آئون هڪ ڀيرو نه، پر ٽي ڀيرا چين مان ٿي آيو آهيان، تنهن ڪري مون کان ٿري گارجين ڊيم به لڪل ناهي. آئون پاڻ ته غريب ماڻهو آهيان، ايڏا ڀاڙا ڀتا ڀري نٿو سگهان، پر پهريون ڀيرو سرڪار جي خرچ تي ويس، پويان ٻه ڀيرا ٽي وي ڊرامن جي فنانسرن جي خرچ تي ويس، تنهن هوندي به راجپوت صاحب جو شڪ پلڻ لاءِ ٻئي ڪنهن جي شاهدي واريندس. ارون ڌتي راءِ مشهور ته پنهنجي ناول جي ڪري ٿي، پر پوءِ کيس هئڊرولاجي جي ماهر ڊاڪٽر ڪانتي واجپائي سان گڏ ريسرچ ڪرڻي پئجي ويئي. ناولسٽ ٿي ڪري بندن ۾ منهن ڇو وڌائين، هئڊرولاجي تي ڪيئي رپورٽون ڇو پڙهيائين؟ انهيءَ جو سبب ڄاڻائيندي هوءَ لکي ٿي، ”نرمدا ڊيم جي اعلان کانپوءِ آئون اتان جي ڳوٺن ۾ ويس ته مون کي اتي اميد، نااميدي، ڄاڻ، غلط ڄاڻ، ڪاوڙ، سياسي دوکيبازي، انجنيئرنگ جي ڪارنامن جا ظاهري ڏيک، سوشلزم جو غلط استعمال، سياسي انتهاپسندي، ڪامورا شاهي جون منافقتون، غلط علم تي ٻڌل جذباتيت ۽ بين الاقوامي سياست جهڙيون حقيقتون گپ ۾ ڇڙهيون هڻنديون نظر آيون.“ اهو ته ٿيو ريسرچ جو سبب، پر هوءَ ريسرچ ڪرڻ کانپوءِ Runs of river بندن سان گڏوگڏ آبپاشي وارن بندن جي باري ۾ لکي ٿي، ”بندن ٺهڻ جي شروعات ته ڏاڍي سٺي پئي نظر آئي، پر انهن بندن جي پڇاڙي ڏاڍي خراب نڪتي. ڪو وقت هو جو ڪميونسٽ، سرمائيدار، عيسائي، مسلمان، هندو ۽ ٻوڌي انهن بند ٺاهڻ پويان جذباتي هئا، پر هاڻي سڌريل ملڪن ۾ انهن بندن کي بارود سان اڏائي ختم ڪيو پيو وڃي. اها پڪ ٿئي چڪي آهي ته ”هر قسم جا بند“ فائدي بدران نقصان ڏين ٿا. اهي بند هاڻي غير جمهوري بڻجي چڪا آهن، اهي بند پاڻي، زمين ۽ آبپاشيءَ جا وسيلا غريبن کان ڦري اميرن کي ڏين ٿا، اها وڏي بي حيائي آهي. اهي بند ماڻهن کي پاڙان اکيڙي دربدر ڪن ٿا ۽ بيروزگار بڻائين ٿا. ماحولياتي اعتبار کان ناقابل برداشت آهن. زمين کي ٿڪائي اپت کان وڃائين ٿا ۽ سيلابن جو ڪارڻ بنجن ٿا، سم ۽ ڪلر پيدا ڪن ٿا ۽ ماڻهن ۾ بيماريون پکيڙين ٿا. هونئن به بند جي عمر ننڍي هوندي آهي جو فطرت آهستي آهستي انهن ۾ واري ڀري ڇڏي ٿي.“ هر قسم جي بندن کان هٽي ڪري هوءَ پنهنجي ملڪ جا ڪجهه انگ اکر ڏئي ٿي ۽ لکي ٿي، ”گذريل پنجاهه سالن ۾ ڀارت جي انهن رٿائن تي 80-ارب رپيا خرچ ٿي ويا، پر انهيءَ جي باوجود اهي علائقا ڏڪارن ۽ سيلابن جو شڪار ٿيا آهن ۽ لڳ ڀڳ پنج ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن.“ هاڻي اچون راجپوت صاحب جي پسنديده ڊيم تي، جيڪو چين ملڪ ۾ آهي ۽ جيڪو 18000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو، يعني ٿري گورجز بند. انهيءَ سلسلي ۾ اردون ڌتيءَ راءِ لکي ٿي، ”بندن ٺاهڻ جي سالياني ماليت 20 بلين ڊالر آهي. جيڪڏهن توهان سڄي دنيا ۾ ٺهندڙ بندن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڏور اوڀر، ڏکڻ ايشيا ۽ لئٽن آمريڪا جو رخ ڪندئو ته اوهان کي انهيءَ سڄي ڪهاڻيءَ جا ٽي ڪردار خاص طور تي نظر ايندا. (1) سياستدان، ڪامورا ۽ بند ٺاهيندڙ ڪمپنين جا ڇاڙتا. (2) بين الاقوامي ماحولياتي ڪنسلٽنٽ سڏائڻ وارا شاهي ٺڳ. (3) وياج خور ورلڊ بينڪ. اهي ٽيئي ڌريون گڏجي توهان جي اڳيان اوهان کي ڀنڀلائينديون آهن. بند ٺاهڻ جي ڏس ۾ ورلڊ بينڪ جو پسنديده گراهڪ چين ملڪ آهي، پر ڏک جي ڳالهه اها آهي ته آمريڪي شهري ڇيئن ميئن اسڪوائر ۾ ماريل ماڻهن تي ته احتجاج ڪن ٿا، پر اهي ساڳيا ماڻهو ورلڊ بينڪ جي باري ۾ چپ آهن، جيڪا چين ملڪ ۾ ٿري گورجز بند ٺهرائي 13 لک چينين کي بي گهر ۽ دربدر ڪريو ويٺي آهي.“ ڪريو سائين 18000 ميگاواٽ بجلي، هلايو سائين رئڪيٽ Run of the river جو. پر خلقت سان جيڪو حشر ٿئي ٿو، اهو ڪير ڪونه ٿو ڏسي. جهڙو Run of the river بند اهڙو ڪو ٻيو بند، جهڙي ڇاهي تهڙي پني. سڀ رڍون ڪار ٻوٿيون. (4) اچو اصل مامري تي يعني نئين تي بند ٻڌي باراني زمين کي آباد ڪرڻ. راجپوت صاحب لکي ٿو، ” سنڌ ۾ به لوئر ڪوهستان ۽ ننگر پارڪر ۾ اهڙا ڏهه کان به مٿي ڊيم ٺهيل آهن، جيڪي اتي جي مقامي ماڻهن کي فائدو ڏيئي رهيا آهن. مان جوڻيجي صاحب کي صلاح ڏيندس ته سماجي ڊيم آرگنائيزيشن جي چيف انجنيئر خالد حيدر ميمڻ سان رابطو ڪري، جنهن جي آفيس شهباز بلڊنگ ۾ آهي.“ هڪڙي ڳالهه ته منهنجو هڪڙو گهر ٿرپارڪر ۾ آهي ۽ ٻيو گهر لوئر ڪوهستان جي شهر ڄامشوري ۾ آهي. ٻئي ڳالهه ته آئون پاڻ رول ماڻهو آهيان ۽ جهنگ جي بلا آهيان. ٽئين ڳالهه ته ڦٽي سٽي سواري به اٿم. انهيءَ ڪري مون کان نه لوئر ڪوهستان پري آهي ۽ نه ئي پارڪر پري آهي، پوءِ ايئرڪنڊيشنڊ آفيس ۾ ويٺل ڪنهن شريف ماڻهوءَ کي ڇو تڪليف ڏيان. دائيءَ کان دن ڳجهو ناهي منهنجا ڀاءُ. انهن ماڻهن جيڪي کيج کٽيا آهن، اهي پاڻ کان لڪل ناهن. پارڪر ۾ جيڪو پهرئين بند ٺهيو، انهيءَ کي نئيون کڻي ويون. گذريل حڪومت ۾ جيڪو ٻيو مضبوط ۽ وڏو ڊيم ٺهيو، انهيءَ ۾ اڃا ايترو پاڻي ئي ڪو نه گڏ ٿي سگهيو آهي، جو باراني زمين کي آباد ڪري. ڪوهستان ۾ به اهڙا مينهن نه وٺا آهن. ٻن چئن ٻنين آباد ٿيڻ سان لوئر ڪوهستان جا ماڻهو خوشحال نه ٿيندا. پر فرض ڪريو ته نئين تي اهڙا ڊيم ڀرجي به وڃن ٿا ۽ باراني زمين انهيءَ پاڻيءَ تي آباد به ٿئي ٿي ته پوءِ اهو سوال ٿو اٿي ته ڇا ٿيندو؟ انهيءَ جو جواب ڪنهن انجنيئر وٽ نه، پر ماحوليات جي ڄاڻوءَ وٽان ملندو. اهو جواب راجپوت صاحب وٽ نه، پر ناصر پنهور وٽ هوندو. پر اچو ته اهو ڏسون ته ڊاڪٽر ڪانتي واجپائي ۽ ارون ڌتي راءِ ڇا ٿيون چون، ”زراعت جي خيال کان باراني اهو علائقو هوندو آهي، جيڪو چئوماسي ۾ برسات ذريعي سال ۾ هڪ ڀيرو فصل پيدا ڪندو آهي، جتان جو ماحولياتي نظام انهيءَ فصل سان ڳانڍاپيل هوندو آهي. هتي اهو سوال ٿو اٿي ته انهيءَ باراني علائقي ۾ جيڪڏهن اتان جي فطرت جي خلاف سڄو سال آبادي ٿيندي رهندي ته انهيءَ جو ردعمل ڪهڙو ٿيندو؟ اهڙي علائقي ۾ لاڳيتي آبپاشي زمين سان اهڙو حال ڪندي، جهڙو حال انساني جسم کي مصنوعي طور تي متحرڪ ڪندڙ اسٽرائيڊ دوائون ماڻهوءَ جو حشر ڪنديون آهن. اهي اسٽرائيڊ دوائون ڪنهن به عام رانديگر کي اولمپڪس ۾ سونو ٻلو کٽرائي ڇڏينديون آهن. ائين ئي هٿرادو آبپاشي جي ذريعي باراني زمين کي سال ۾ لاڳيتو ٻه يا ٽي فصل ڏيندڙ زمين ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. جنهن زمين ۾ اڳ هاري اهڙا فصل پوکيندو هوندو آهي، جن کي پاڻيءَ جي گهٽ ضرورت هوندي آهي. مثال طور ٻاجهر ۽ جوئر وغيره. اها زمين اوچتو ئي اوچتو تمام گهڻو پاڻي پيئڻ جي ڪري ٻيا فصل به پيدا ڪندي آهي ۽ فصلن جو روايتي نظام بدلجي ويندو آهي. ماڻهو پراڻا فصل پوکڻ ڇڏي ڏيندا آهن، جيڪي کين کاڌي ۾ ڪم ايندا هوندا آهن. پوءِ اهو هاري اهڙيون جنسون پوکيندو آهي، جيڪي وڪري ۾ ڪم اينديون آهن. اهڙي طرح باراني زمين جو هاري به مارڪيٽ جي ور چڙهي، ٻين جي وس ۾ اچي ويندو آهي ۽ پاڻ ڀرو نه رهندو آهي. بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته ماحولياتي لحاظ کان اهو هڪ موتمار سودو آهي. اڳتي هلي مارڪيٽ رهي ته ڀل رهي، پر زمين جي اڳئين صلاحيت نه رهندي. اها ويچاري باراني زمين آهستي آهستي غير معمولي گهرجون پوريون ڪرڻ کان رهجي ويندي آهي، ائين جيئن اسٽرائيڊ دوائون استعمال ڪندڙ رانديگر هٿ پير وڃائي مفلوج ٿي ويندو آهي.“ ته منهنجي جان نئين تي بند جوڙي اسٽرائيڊ دوا باراني زمين کي نه پياريو، نه ته اها زمين پنهنجي سگهه کان مٿي بار کڻي نه سگهندي ۽ ٿڪجي مري ويندي. اڃا به جيڪڏهن ڪنهن جو ضد آهي ته اسٽرائيڊ دوائون استعمال ڪجن ته انجنيئر صاحب وس وارا آهن. پر آئون ضرور اها صلاح ڏيندس ته نانگ جي ٻر ۾ هٿ وجهڻ جي بدران انجنيئرنگ جي فني ڳالهين سان گڏوگڏ ماحوليات جي باري ۾ ٿيل نئين ريسرچ کي به نظر مان ڪڍڻ گهرجي. هيءُ ته هڪڙو ننڍڙو ڪتابڙو آهي، پر سينٽرل ايشيا ۾ اتان جي زمين جي مزاج جي برعڪس ڪپهه جي پوک پوکي، انهيءَ زمين سان جيڪو حشر ڪيو ويو آهي، جيڪو خوفناڪ ماحولياتي خرابو پيدا ڪيو ويو آهي، انهيءَ جي ڄاڻ لاءِ صحافت کي نئون رخ ڏيندڙ آواره گرد صحافي رشيارد ڪاپوشنسڪي جو جڳ مشهور ڪتاب “Imperium” پڙهڻ گهرجي. انهيءَ کان علاوه خود ورلڊ بينڪ جي سابق نائب صدر ڊيوڊ هاپر جي جوڙيل رپورٽ به پڙهي سگهجي ٿي. ماحوليات جي باري ۾ تازي اقوام متحده جي به رپورٽ نظر مان ڪڍجي. راجپوت صاحب جي علم کي مان ڏيندي وري به ارون ڌتيءَ جا پڇيل سوال اڳيان رکان ٿو، ”اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته کٽر ڳئون جو کير ڏهڻ لاءِ راڪيٽ ٺاهيندڙ سائنسدانن کي گهرايو وڃي؟ آخر اهي ڪهڙا ديوتا آهن، جن جي هٿن ۾ اسان جي تقدير آهي؟ آخر هي بند ۽ هي آبپاشي جون انڌيون رٿائون اسان کي ڪٿي پهچائينديون.“ ٻيلي ڏاها ٿيو، فطرت سان ايڏي کس نه ڪريو، جو فطرت اسان جي ڳچيءَ ۾ نه پئجي وڃي. ڪجهه ته ايندڙ نسلن جو خيال رکو، پنهنجي اولاد جي اولاد کي رڻ ۾ نه روليو. اها هڪ فقيراڻي صلاح آهي، هٿ جوڙ آهي، باقي ڪنهن کي لکڻ کان روڪڻ بي حيائي ٿيندي، پر پاڻ انهيءَ معاملي جي باري ۾ چپ رهنداسين. زاري ڪئي سين، توبهن ڪئي سين. هن آسمان جي هيٺان ڪيئي موضوع موجود آهن، باقي جواب در جواب جوڳٽ ڳچيءَ ۾ ڪو نه وجهبو. جيڪڏهن هٿ وڌو سين ته ٻين ڪمن کان به وينداسين. اهڙو ڪچو ڪم ڪو نه ڪبو، حضرت علي عه جي قول تي هلبو، جيڪو اڳ ۾ لکي ويٺو آهيان.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ سنڌي ٻوليءَ جو اصلي مامرو اربع 24 مارچ 2010ع رڳو ٻئي ڏانهن ڏسڻو ناهي، پر پنهنجو پاڻ به ڪَڇڻو آهي. ڪجهه ٻئي کي به چئي وٺجي، ڪجهه پنهنجي سر تي به وسائڻ گهرجي، پاڻيءَ جا ٻه ڇنڊا اسلام آباد ڏانهن به رهن ٿا، ته ٻه ڇنڊا پاڻ ڏانهن به ورن ٿا. سڀ ميارون حاڪمن جي حڪمن ته ڪو نه ٿيون ٺهن، ڪجهه ته پاڻ جي گريبان ۾ منهن وجهي ڏسڻ گهرجي. ڳالهيون ڪرڻ سوليون آهن، ڳالهين کي پاڻي ڏيڻ ڏکيو آهي. ميڙ، نعرا، قراردادون ۽ بيان بازيون پنهنجي جاءِ تي، پر پاڻ ڀرو ٿيڻ ضروري آهي. ڪنهن تي گوڏا ڏيئي چڙهي وڃڻ مان ڪجهه به نه ورندو، پاڻ کي ولوڙبو تڏهن وڃي ڪم ٺهندو. ڪم اهڙو ڪجي جو ٻيا پاڻ وٽ لنگهي اچن، اهڙو نه ڪجي جو ٻين جي درن کي جتيون گسائيندا وتون ۽ جاڙو گهوڙو جهلڻ جي بدران مٿو کنهندو رهجي وڃي. سنڌي ٻوليءَ جي مڃتا به هڪ labyrinth بڻجي چڪي آهي، جنهن جي تهه تائين پهچڻ ٻين جو نه، پر اسان جو ڪم آهي. گُندي به اسان جي آهي ۽ داڻا به اسان جا آهن. پنهنجي واٽ پاڻ ٺاهڻي پوندي، تڏهن ڪجهه ورندو سرندو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو اونو رکندڙ سسئي پليجو کي جيڪي ڪجهه ڪرڻو هو، سو ڪري چڪي. يوسف ٽالپر کي تر کان وٺي مٿي تائين جيڪي اٺسٺا ڪرڻا هئا، سي ڪري ڏيکاريائين، جنهن جو جيترو وس هلندو، اهو اوترو ئي ٽپ ڏيندو، اڀ تي ته ڪو نه چڙهندو. ميان رضا رباني آهي ته ڏاڍو چڱو ماڻهو پر الائي ڇو واٽر ڪورس تي گَهُه ڪري بيهي رهيو ۽ اڳتي چرڻ لاءِ تيار ناهي. وڙائتو ٿي ڪري به وڙ نه ڏيکاريائين. معاملو سولو آهي، پر الائي ڇو قابُوس ۾ قابو آهي. حڪومت نه ٿي، ڪاڪ محل ٿي، جيڪو ويو، سو ڦاٿو. ٻيو ڪجهه ڪرڻو ناهي، رڳو سنڌي ٻوليءَ تي قومي ٻوليءَ جو ٺپو هڻڻو آهي، جي ڀلا ٺپو نٿو لڳي ته ڇٽو، هونئن به ڀلا ٺپي مان ڇا ورڻو آهي، اهو ٺپو ته اردو ٻوليءَ تي به لڳل آهي، پر پوءِ به سرڪاري ڪم ڪار ۽ خانگي ڪاروبار ته سڄو جو سڄو انگريزيءَ ۾ هلي ٿو. ڀارت ۾ 22 ٻوليون ”قومي ٻوليون“ آهن، جن ۾ سنڌي ٻولي به اچي ٿي، پر اتان جو ڪم ڪار ۽ ڪاروبار انگريزي ٻوليءَ ۾ هلي ٿو، سو جي انهيءَ ٺپي کي ماڻي نه سگهياسين ته ڪو اڀ ته مٿان نه ڪرندو. اصل مامرو ٺپو ناهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي ترقي آهي، واڌ ويجهه آهي ۽ سرڪار جي بدران سنڌي عوام جي مڃتا آهي. ٻيو ڪو نه کنگهي ته ڀلي کڻي نه کنگهي، وڃي ٻَن ۾ پوي ۽ ڊهڙ ۾ ڪري، تنهن ۾ اسان جو ڇا. اسان کي ته پنهنجي جوت جلائڻي آهي ۽ پنهنجا ڇڪا چئوڪا هڻڻا آهن. اهي سڀ ڳالهيون ڳڻي پاڻ ته چئون ٿا ته ”اپڻي گهوٽ ته نشا هوويئي“. سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جو راز اهو ئي آهي، اها ڪا ايڏي منجهيل ڳجهارت ناهي، جو ڀڄي نه سگهي. سنڌي ٻولي ڪنهن بلئڪ هول مان نه ڪري آهي، پر سنڌ جي زمين مان ڦٽي نڪتي آهي ۽ کيس پنهنجو علائقو مليل آهي. علائقو به اهڙو، جنهن ۾ سمنڊ، رڻ پٽ، ٿر بر، جبل، درياهه، ڪچي جو جهنگ، اريگيشن جو ڄار، ٻنيون ٻارا ۽ اربن ايريا به اچي وڃن ٿا، تنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ کي علائقائي ٻولي چوڻ ڪو ڏوهه ناهي، الٽو فخر جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻوليءَ وٽ پنهنجو علائقو آهي، سنڌي ٻولي بي وطن ناهي، ڪنهن ٻئي ملڪ مان لڏي نه آئي آهي. جي سنڌي ٻولي هن ملڪ جي ٻولي نه هجي ها ته پوءِ ڪنهن تي ڪا ميار به نه ٺهي ها، جيڪي ماڻهو سنڌي ٻوليءَ کي علائقائي ٻولي چوڻ کان نٽائين ٿا، اهي يا ته انڌ جي گهوڙي تي سوار آهن يا ڀَنگ جي نشي ۾ ٽٻ آهن يا ڪاري اوندهه ۾ هٿوراڙيون پيا ڏين يا وري سنڌ جي سرزمين کان انڪاري آهن. جيڪڏهن سرڪار سڳوري پنهنجي ملڪ جي ڀرپور علائقائي ٻولي تي قومي ٻوليءَ جو ٺپو نٿي هڻي ته اُڪي کڻي نه هڻي، سج کي تريءَ هيٺان لڪائي نٿو سگهجي. سرڪار هُش ۾ خوش رهندي مڃي يا نه مڃي، اسان سنڌين جي ڪالرن تي قومي ٻوليءَ جو ٺپو هڻي يا نه هڻي، پر جيڪا ٻولي جنهن به ملڪ جي علائقائي ٻولي آهي، سا بنا ڪنهن سرڪار جي مڃتا جي هن ملڪ جي قومي ٻولي آهي. هٿ ڪنگڻ کي ڪنهن به آرسيءَ جي ضرورت ناهي. جڏهين سنڌي عوام ۽ انٽيلجشيا سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي سمجهيو ويٺي آهي ته پوءِ پراون گهرن ڏانهن ڇو ڏسجي؟ منٿ ميڙ ڇو ڪجي؟ جلسا جلوس ڇو ڪڍجن؟ گُهر ڇو ڪجي؟ جيڪڏهن ڪو ائين ڪري ٿو ته ڍينگرن تي اٽو پيو هاري. منهنجو مطلب آهي وقت زيان ڪرڻ جي بدران پنهنجي سر پاڻ محنت ڪري سنڌي ٻوليءَ کي ايڏو شاهوڪار بڻايو، جو ڪنهن ٺپي جي ڪا به ضرورت نه پوي. اهو سمجهي ڇڏيو ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي هئي، آهي ۽ رهندي. پر پاڻ تي ڀاڙڻو پوندو، اهو نه ڏسو ته سنڌي ٻولي لاءِ ڪير ڇا ٿو چوي، پر اهو ڏسو ته پاڻ ڪيئن سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار بڻائي سگهون ٿا. هيستائين جن به ٻولين ترقي ڪئي آهي ۽ منزل ماڻي آهي، اها ڪجهه فردن ۽ ڪجهه خانگي ادارن جي محبت ۽ محنت جو نتيجو آهي، جن تي ڪو به سرڪاري ٺپو لڳل ناهي، پوءِ چاهي اها انگريزي هجي، اسپينش هجي يا اوڀر يورپ جون امير ٻوليون هجن. هونءَ به جيڪو ماڻهو پنهنجي ڪم جي ڌن ۾ لڳل هوندو آهي ۽ ڌيان گيان سان ڪم ڪندو آهي، اهو ٻئي جي اڳيان هٿ نه ٽنگيندو آهي. ٻين ٻولين کي ته ڇڏيو، پر خود سنڌي ٻوليءَ ۾ به جيڪو وڏو ڪم ڪيو ويو آهي، اهو بنا ڪنهن جي محتاجيءَ جي ڪيو ويو آهي. شاهديون آس پاس موجود آهن. الائي ڪيترا سال اڳي ڀاڳو ڀان ”دودو چنيسر“ نالي سان هڪ اهڙو Epic تخليق ڪيو، جنهن کي ٻڌڻ سان بت مان ڏرڻيون نڪريو وڃن، پر ڀاڳو ڀان سومرن بادشاهن کان ڪا مڃتا ته نه گهري، هن فقير ته سومرن بادشاهن جي شهادتن کانپوءِ ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي اهو شاهڪار تخليق ڪيو، جيڪو اڃا تائين راڄن ڀاڳن ۾ پيو ڳائجي. لطيف سائينءَ کي اها ڀلي ڀت پروڙ هئي ته ڪلهوڙن حڪمرانن وٽ فارسيءَ جو بول بالا آهي، تنهن ڪري هن پنهنجي ملڪ جي حڪمرانن کي اهو ته ڪو نه چيو ته پرائي ٻولي ڇڏي، پنهنجي ٻوليءَ تي ڌيان ڏيو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪا لکپڙهه ڪريو. هن ڪو به مطالبو ڪرڻ جي سڄيءَ سنڌ کي پيرن هيٺان ڪڍي، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو ڪم ڪيائين، جو سڀني کي تاڙ ڏيئي ڇڏيائين ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ايترو ته مڃرايائين جو ڌراڙن کان وٺي وڏن ماڻهن تائين اڄ به هر محفل جو مور آهي. لطيف سائين جي ڪري ئي سنڌي ٻوليءَ جو بول بالا ٿيو، جي لطيف سائين اهو ڪم نه ڪري ها ته ڪر اڃا تائين فارسيءَ جي گَپ ۾ گَتا پيا هجون ها ۽ سنڌي ٻوليءَ جا ڏينهن پورا ٿي وڃن ها، پر ڀلا نصيب سنڌيءَ جا، جنهن کي لطيف سائين ملي ويو. لطيف سائينءَ کان پوءِ به گهڻيئي ئي نالا اچن ٿا، جن جو ذڪر ڪبو ته ڪاوش اخبار جا صفحا پورا ڪو نه پوندا، تنهن ڪري سڌو اچبو شيخ اياز تي. شيخ اياز بين الاقوامي ادب پڙهيو ويٺو هو، کيس انگريزيءَ تي دسترس حاصل هئي ۽ هو انگريزيءَ ۾ به لکي پئي سگهيو، پر کيس خبر هئي ته جي هو مادري زبان ڇڏي انگريزيءَ جي رڃ پويان ڊوڙندو ته کيس پاڻيءَ جو ڍڪ به نصيب ڪو نه ٿيندو. انهيءَ ڪري هن سنڌي ٻوليءَ کي ترجيح ڏني، جيڪا سندس رڳن ۾ ڊوڙي رهي هئي. ائين شيخ اياز به سنڌي ٻولي جو Mile stone بڻجي ويو ته ٻئي پاسي سنڌي ٻوليءَ کي گهڻو ڪجهه ڏنائين. پنهنجي ٻوليءَ کان وٺڻ نه گهرجي، پر سنڌي ٻوليءَ کي ڏيڻ گهرجي. ڪير ڪجهه به چوي، پر اها حقيقت آهي ته سنڌي نثر کي جيڪي ڪجهه نسيم کرل ڏنو، اهو ڪنهن نه ڏنو. سنڌي ٻوليءَ جو ٻيڙو تار ڪرڻ ۾ نسيم کرل جو به حصو آهي. سنڌي زبان ۾ جيڪا ناول جي کوٽ هئي، اها کوٽ طارق ابڙي ”رهجي ويل منظر“ جهڙو ٻوڙان ٻوڙ ناول لکي پوري ڪئي ۽ سنڌي ناول کي ”مولا جٽ“ ٽائيپ ناولن مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. سنڌي نثر ۾ ٻيا به نالا ڪائونٽ ٿين ٿا. حسن درس سنڌي زبان ۾ جيڪا شاعري ڪئي آهي ۽ ڪري پيو ته اها شاعري سندس اندر مان ڦٽي نڪتي آهي، جي حسن درس پنهنجي اندر جا آواز ٻڌڻ جي بدران رڳو ويٺو سوچي ها ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي آهي، يا نه، ته پوءِ شاعري ڪري وڏن وڏن جا مٽ ڀڃڻ جي بدران هوا ويٺو جهٽي ها. حسن درس به سنڌي شاعريءَ جو تازو توانو Mile stone آهي، سندس گفتگو به ٻڌڻ وٽان آهي، تقرير ڪندي ڪندي اهڙا جهٽ هڻي ٿو وڃي جو وڃي ٿيا ست خئر. اهو ته ٿيو ادب. ڪنهن به ٻوليءَ جي ترقي لاءِ رڳو ”ادب“ نه کپي پر ٻيو به گهڻو کپي. سنگيت جي دنيا ۾ استاد بيبو خان، جيوڻي ٻائي، ڪنور ڀڳت، ماسٽر چندر، خان صاحب منظور علي خان، عابده پروين، استاد جمن، ابراهيم ۽ موهن ڀڳت جهڙا ڳائڻا سنڌي زبان ۾ واڄٽ نه وڄائين ها ته ڪر اسان انهيءَ فيلڊ ۾ مٽي ويٺا چٽيون ها. ڳائڻ وارو ته ڪڏهين به اهو نه سوچيندو آهي ته ڪهڙي ٻولي قومي آهي ۽ ڪهڙي ٻولي غير قومي آهي. اُهو ته صرف پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاريندو آهي. هونئن به ڀلا ڪو چم سان ٻڌل نه هوندو آهي، ڪم سان ٻڌل هوندو آهي. اچو سائين ميڊيا تي، علي قاضيءَ کان کير جي وٽي تي هٿ رکرائي قسم کڻائيو يا اکين تي هٿ رکرائي قسم وٺوس ۽ ساک وٺوس ته هن ڪاوش، ڪي ٽي اين ۽ ڪشش جي ذريعي جيڪو larger than life ڪم ڪيو آهي ۽ سڄيءَ سنڌ کي لوڏي وڌو اٿائين، هن اهو ڪم پنهنجي ڌن ۾ مگن ٿي ڪيو آهي يا اها ڳڻ ڳوت ڪري ڪم ڪيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي رڳو ٺپو ٿو کپي؟ لڏي وڃي ڪئناڊا ڪو نه ويٺو آهي، اتي ئي سنڌ ۾ ويٺو آهي، پڇي ڏسوس ته ايڏي ڀري مٿي تي ڇو کنيائين؟ آئون نٿو سمجهان ته کيس ڪنهن مڃتا گهرڻ جي ضرورت آهي، پر هو پاڻ مڃتا ڏيڻ وارن مان آهي ته چئه بابا، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٻيو ڇا کپي. ته اهي سڀ ذاتي ڪاوشون آهن، جن سنڌي ٻوليءَ جون گهرجون پوريون ڪيون آهن. اهو سڀ ڪجهه هوندي ڪري به اڃا تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. نعرا ۽ مطالبا نه کپن، ڀائو ڪم ٿو کپي ڪم. ڀت کائي فوٽو ڇڪرائي face book تي ڇڏڻ يا اخبار ۾ ڇپرائڻ مان ڪجهه ڪو نه ورندو. چار ماڻهو گڏ ڪري ڦلهڙيون تقريرون ڪري هاءِ گهوڙا ڪرڻ اجايو آهي، پر ڪا ڪنڊ وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اجايو وقت نه وڃائڻو آهي. فخر زمان جي اڳيان هٿ جوڙ ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. جلسا جلوس سياستدانن جو ڪم آهي، جو انهن جي اڳيان سنڌ جا ٻيا به مسئلا موجود آهن، اهي ڪا سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ گهر ڪن ٿا ته اها ٺهي ٿي، پر اسان جي علمي ادبي لڏي کي پنهنجن ئي آڱرين جي ننهن تي زور ڏيئي اهو ڪجهه ڪرڻو آهي، جيڪو ڳڻپ ۾ اچي. جي ڀلا پاڻ پنهنجي ليکي ڪو علمي ۽ ادبي ڪم ڪري نٿا سگهون ته ترجمي ڪرڻ کان ته ڪنهن نه روڪيو آهي. انگريز اسان جو بادشاهه رهيو آهي، خود سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ به انگريزن ٺاهي سنڌين سان سڄڻ پائي ڪئي، انهن سڄڻن جي پنهنجي ٻولي انگريزي پاڻ کان پري ناهي. جي سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائڻي آهي ته انگريزيءَ جو سهارو وٺبو. انگريزي ٻوليءَ ۾ ئي سنڌي ٻولي جي ترقي موجود آهي. انگريزيءَ مان ئي ترجمي جو ڪم ٿي سگهندو، پر واٽ ٻين ٻولين جي وٺبي اهو ڀلا ڪيئن؟ جرمن ۽ فرينچ دانشور ڪاوڙ وچان هڪڙو اصطلاح گهڙيو ويٺا آهن، جيڪو آهي ”انگريزي ٻوليءَ جي ڊڪٽيٽرشپ“. جي هجي ها ڪا سياسي ڊڪٽيٽرشپ ته ڪڏهوڪو ڇنڊي ڇڏيَنس ها، اسان وانگر ويهي موچڙا ڪو نه کائين ها ۽ ڏهه ڏهه سال ڪو نه لوڙين ها. پر ڪنهن ٻوليءَ جي ڊڪٽيٽرشپ کي ڳچيءَ مان جهلين ته ڪيئن جهلين. اڄڪلهه جا لسانيات جا ماهر مئنڊرين (وچ چين وارو چيني ٻوليءَ جو لهجو) ۽ انگريزيءَ کي ”ڪرنسي“ به چون ٿا، ڪنهن کي اعتبار نه اچي ته جڳ مشهور هفتيوار رسالي ”ٽائيم“ جا ٻه ٽي سال پراڻا پرچا کولي ڏسن. جنهن کي به سٺي انگريزي پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ ٿي اچي ته پڪ سمجهي ڇڏيو ته سندس کيسا نوٽن سان ڀريل هوندا. هر هفتي لڳ ڀڳ پنج هزار سائنسي ٽرم انگريزيءَ مان نڪري ٻين ٻولين ۾ زوري گهڙي وڃن ٿا، سو انگريزيءَ سان پوري پئي ڪو نه سگهبو. انهيءَ ڪري انگريزيءَ واري واٽ وٺڻ جي بدران اوڀر يورپ جي ٻولين يا وري لئٽن آمريڪن اسپينش ٻوليءَ جي پٺ وٺڻي آهي. ترجمو ته انگريزيءَ مان ئي ٿيندو، پر واٽ انهن ٻين ٻولين واري وٺڻي پوندي. اهي ٻوليون اڃا تائين ”ڪرنسي“ ته نه بڻجي سگهيون آهن، پر socio-cultural سطح تي اهي ٻوليون انگريزي ٻوليءَ کان وڌيڪ شاهوڪار آهن. ظاهر آهي ته Bio-chemistry جو ڪو ڪتاب ته ترجمو ٿي نه سگهندو، پر سوشيو ڪلچرل سيڪٽر سان لاڳاپيل ڪو به ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي سگهي ٿو، پوءِ به ڀلا جي ڪي لفظ يا اصطلاح انگريزيءَ کان اڌارا وٺڻا پئجي وڃن ته ڪو عيب ناهي. اوڌر جي ماءُ ڪو نه مئي آهي. خود انگريزيءَ وارا مري مٿو ڏيندا آهن ته ٻين ٻولين مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻو ئي ڪرڻو آهي. پاڻ جي معلومات مطابق جڏهين به ڪٿي به ڪو به socio-cultural شاهڪار جنهن به ٻوليءَ ۾ لکجي پورو ٿئي ٿو ته انگريزيءَ وارا رهڙيو وڃيو اتي رسن. جرمن نوبيل لاريٽ گئنٿر گراس جي برلن کان ڪجهه پري ٻهراڙيءَ واري گهر ۾ نه ڪمپيوٽر آهي، نه فيڪس آهي، نه ٽي وي آهي ۽ نه ئي وري ڪا فون گهر ۾ آهي. وٽس صرف ٽرانسميٽر آهي، جنهن تان هو صرف بي بي سي جون خبرون ٻڌندو آهي، اهڙيءَ صورت ۾ وٽس صرف ڪو جرمن پبلشر اڳواٽ پهچي سگهي ٿو، پر اتي به انگريزيءَ وارا بنا ڪنهن دير جي پهچيو وڃن. هن جڏهن يورپ جي ويهين صدي جي تاريخ تي ڪارٺ مليندي ڪتابcentury جو موسودو لکي پورو ڪيو ته هڪڙي ڪاپي جرمنن جي حوالي ٿي ته ٻي ڪاپي انگريزيءَ وارن کي نصيب ٿي. ميڪسيڪو ملڪ جي غوراب شهر ميڪسيڪو ۾ رهندڙ ۽ صرف اڌ ڪلاڪ جي انٽرويو ڏيڻ تي پنجاهه هزار ڊالر وٺندڙ اسپينش ليکڪ گارشيا مارڪئز جڏهين لئٽن آمريڪا جي سياسي مافيا تي kidnapping نالي سان ڪتاب جو مسودو لکي پورو ڪيو ته سندس زال مرسيڊس اسپينش مسودي جي هڪ ڪاپي ته اسپينش پبلشر کي موڪلي ۽ ٻئي ڪاپي گارشيا مارڪئز جي آمريڪن ايجنٽ کي ڏني ته جيئن گڏوگڏ اهو ڪتاب انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپجي. اهو ئي حال اسرائيل جي ليکڪ ايموس اوز amos oz ۽ جپان جي ٻڙڌڪ مچائيندڙ ليکڪ هارُوڪي موراڪامي Haruki Murakami جو آهي. باقي اوڀر يورپ جي ته ڪتي ٻلي کي ڇڏڻو ناهي. حقيقت اها آهي ته هن دور ۾ خود انگريزي ٻولي اهڙن معاملن ۽ مامرن جي باري ۾ اسپينش توڙي اوڀر يورپ جي ٻولين جي ڀيٽ ۾ کٽل آهي. پر اها کوٽ ٽوٽ ترجمن ذريعي پوري ڪئي ٿي وڃي. انگريزيءَ وارا ڪي مٿان ڪو نه لٿل آهن ۽ اسان جي سنڌي ٻولي به کوهه جي تري ۾ ڪو نه ڪري آهي، پر سنڌيءَ جي لاچاري رڳو اها آهي ته اسان هن وقت اهو ڪجهه سنڌي ٻوليءَ کي ڏيئي نٿا سگهون، جنهن جي سنڌي ٻوليءَ کي ضرورت آهي ۽ جيڪو مال اسان انگريزيءَ مان ميڙي سنڌي ٻوليءَ کي ڏيئي سگهون ٿا، انهيءَ جي کوٽ آهي. اهي جيڪي همراهه انگريزي ٻوليءَ ۾ سنڌي ٻولي جي هام هڻن ٿا، اهي ئي کڻي ڪک کڻي ٻيڻو ڪن، تپ ته ڪو نه چڙهيو اٿن. ڪم جي ڳالهه ڪر ته ويٺا گائون مائون ڪندا ۽ ڪپڙا ڇنڊيندا. مڙسن کي اسٽيج تي چاڙهه يا ڪنهن ڦٽي سٽي چئنل تي ويهار ته ويٺا رڳو صلاحون ڏيندا، باقي ڪم کان ٻرو ٿو چڙهين. باقي ”هائي منهنجي مٺڙي ٻولي“ جو بي سرو راڳ ويٺا ڳائيندا، اهڙن ماڻهن پاڻ کان ڪجهه نه پڄي، جي نه وڃي ته سنڌ جو ثقافت کاتو، سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌيالاجي نه وڃي، ته بابا ڪير ٿو اوهان کي روڪي ته انهن ادارن لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم نه ڪريو. ڪم به ڪريو، پئسا به وٺو. آئون پاڻ اهڙن ادارن ۾ رهيو آهيان، پر مون ڏٺو آهي ته جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ ڳالهائيو ڳالهائيو هڦ ٿيو وڃن، انهن طرفان ڪم لاءِ آڱوٺو، وچان ئي ٻيا ڪجهه نه ڪجهه ڪريو ڏين. باقي صلاحون به کوڙ، خود اسان وٽ به جيڪو ڪم ماهوار روح رهاڻ، سهڻي ۽ ٽماهي رسالي سارنگا ۽ روزانه ڪاوش ڪري ڏيکاريو آهي يا سنڌيءَ جي ٻين پبلشر ادارن ڪري ڏيکاريو آهي، اهو ڪم وڏي وٿ آهي، پر تنهن هوندي به ڪجهه يارن انگريزيءَ مان اهڙا ته ترجما ڪيا آهن، اهي ڏسي لکڻ کان ئي ارواح کڄيو وڃي. لڳ ڀڳ 700 صفحن تي ٻڌل اوريانا فلاچي جي چو ڌوپار ڪتاب A man جو سنڌي ترجمو 100 صفحن کان به گهٽ، لڳ ڀڳ 1200 صفحن تي ٻڌل ليو ٽالسٽائي جي شاهڪار ڪتاب جو سنڌي ترجمو به 100 صفحن کان گهٽ، اهڙا جي نه ويهي اڪ ڪارا ڪياسين ته سنڌي ٻوليءَ جيڪو کٽيو کاڌو، سو کاڌو. سنڌي ٻوليءَ جيڪي موڙ ٻڌا سي ٻڌا. پهچي پاڻ کان ڪو نه، ميارون وري ٻين تي. الائي ڇو اسان جا سفيد پوش سنڌي سنڌ جي هر شيءِ کي ٻين کان وڏي سمجهندا آهن. هل بابا، منڇر ڍنڍ دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ. ڏيو منهن، پٽيو مٿو، سائوٿ آمريڪا جي وڪٽوريا ڍنڍ ڇُٽي، چين جي هانگ چُو ڍنڍ ڇُٽي، اسان جي ڍنڍ وڏي. انگريزيءَ جي آمريڪي ادبي سنگت PEN وڃي ڊهڙ ۾ پوي، سنڌي ادبي سنگت وڏي ۾ وڏي. ها ڀئي، مڃيوسين. خدا جا هيترا سال ٿيا آهن، سنڌي ادبي سنگت اتي جي اتي بيٺي آهي، رڳو بيان بازيءَ تي زور آهي، وري جي ڪنهن کان پڇ ته جواب ملندو غريب مسڪين پپڙ پيهه ادارو آهي، ڏوڪڙ ڪٿان آڻيون جو ڪم ڪريون ۽ ڪتاب لکائي پڌرا ڪريون. هيترا سال گذريا آهن، ڪنهن کي به اها خبر پئجي نه سگهي آهي ته اها هڪ اين جي او آهي. ٻاهرئين دنيا ۾ اصلي نسلي ثقافت ۽ ٻولين Indigenous Languages and culture لاءِ ڊونرس وٽ ڊالرن جا ڀاڻ ڀريا پيا آهن، اهي ڊونرس ڪنهن سرڪاري اداري کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهن ۽ نه ئي ڪنهن سرڪاري اداري کي اهي ڊالر وٺڻ جي ڪا اجازت آهي، پر سنڌي ادبي سنگت کي گهڻو ڪجهه ملي سگهي ٿو، جو اها هڪ اين جي او آهي، پر اهي پئسا حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت وٽ رٿا، رٿا جا ڪارڻ ۽ اداري جي وڪالت هئڻ ضروري آهي، پر اها رٿا ڪير ۽ ڪيئن جوڙي، اصل مامرو ته اهو ئي آهي. سنڌي ادبي سنگت جا جيڪي اڳيان توڙي هاڻوڪا چونڊيل چڱا مڙس ايڏانهن هٿ پير هڻڻ لاءِ تيار ناهن، ڇاڪاڻ ته اهڙا يار چونڊجي ٿا اچن، جن کي رٿا ٺاهڻ ئي ڪو نه اچي. اهو ڪم ته انٽرنيٽ تي ئي ٽپائڻو آهي، پر اسان جي جند مطالبن، نعرن، فنڪشنن ۽ فوٽو سيشنز مان ڇٽي ته ڪم ڪريون. هڪ ٻئي جون ڏاڙهيون پٽڻ کان واندا ٿيون ته ڪجهه پلئه پوي. ڏي سوال وٺ جواب جو چڪر کٽي ته سنڌي ٻوليءَ کي فائدو رسي. شينهن جي ڪن مان اهي ڏوڪڙ ڪڍڻ جي همت ۽ پڪو ارادو هجي ته پنهنجي ٻوليءَ جو مان وڌائيون. پنهنجي انا ڇڏي اين جي اوز وارن سان لهه وچڙ ۾ اچي اهو ڪم سکون ته ڪو ڪم ٺهي. ٿي ته گهڻو ڪجهه سگهي ٿو. سنڌي ٻولي اسان جي مٿي جي ڀري آهي، اها ته کڻڻي پوندي، نه ته ڀلي ويٺا تاڙيون وڄائيون ۽ پوءِ کٽن نصيب.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ حليم بروهي ۽ ڪاوش اڱارو 3 آگسٽ 2010ع حليم بروهي به باغي ته ڪاوش به باغي. حليم بروهي به زندگيءَ جي حقيقتن کي کوٽي پڌرو ڪندڙ ته ڪاوش به حقيقتن تان پردو کڻندڙ، حليم بروهيءَ به ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ نيون واٽون ڳولي لڌيون ته ڪاوش به پنهنجي وسان ڪونه گهٽايو. لطيف سائينءَ جي هڪڙي ننڍڙي سٽ آهي؛”لوڪ وڃي لهوارو، تون وَهُه اوڀارو“. انهيءَ انتهائي گهريءَ سٽ کي پنهنجين لکڻين سان معنويت ڏني، ڪاوش به ماڻهن جي پويان لڳڻ جي بدران ماڻهن کي پنهنجي پويان لڳايو ۽ پراڻي صحافت جي روايتن کان هٽي ڪري پنهنجو الڳ دڳ ٺاهيو. ڪاوش حليم بروهيءَ جي ڏکين، ڏنگن ۽ زندگيءَ سان ڀرپور لفظن جو ڀرجهلو بڻي ته حليم بروهي به ڪاوش ۾ مضمون لکي ڪاوش جو ڀرجهلو بڻيو. مون جهڙا ايترا ڪئين ماڻهو آهن، جيڪي اخبار هٿ ۾ اچڻ ساڻ ٻاهران خبرون پڙهڻ کان اڳ اندريان صفحا انهيءَ آس ۾ کوليندا رهيا ته ڏسجي ته انهن اندرين صفحن ۾ حليم بروهيءَ جو مضمون ته ناهي، جي آهي ته پهرين حليم بروهي پوءِ خبرون. حليم بروهيءَ جو قلم بقول انگريزيءَ واري جي ريزر بليڊ وانگر هوندو هو، جنهن سان هو معاشري جي ۽ سنڌي رسمي ادب ۽ هوائي توائي لکڻين کي آپريٽ ڪري گند ٻاهر ڪڍندو هو. حليم بروهي سرجن هو ۽ ڪاوش فزيشن آهي، پر ڏک رڳو انهيءَ ڳالهه جو آهي ته هڪڙي پاسي حليم بروهي پنهنجيون لکڻيون، پنهنجا تصور ۽ خيال، پنهنجيون مرڪون ۽ پنهنجا ٽهڪ هن دنيا ۾ ڇڏي روانو ٿي به چڪو ته ٻئي پاسي اڄ ڪاوش جي سالگرهه آهي، هڪڙي پاسي وڇوڙو آهي ته ٻئي پاسي خوشيون روئي رهيون آهن. هن موقعي تي هيءَ دنيا هن بندي کي هڪ اهڙي چئوواٽي وانگيان لڳي ٿي، جتان هڪ پاسي کان جنازو کڄيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي کان ڄڃ گذري رهي آهي. هونئن به رستا ايندڙ ۽ ويندڙ ماڻهن لاءِ ئي هوندا آهن. روئڻ ۽ کلڻ هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا هوندا آهن. هيءَ زندگي به هڪ اهڙو ئي رستو آهي، جنهن جي هڪ پاسي رُڃ ئي رُڃ هوندي آهي ته ٻئي پاسي گل ڦٽل هوندا آهن، يا علي بابا جي لفظن ۾ کڻي چئون ته، ”هيءَ زندگي هڪ اهڙي مجسمي وانگر آهي، جنهن جي هڪ اک ۾ مُرڪ سمايل آهي ۽ ٻي اک مان لڙڪ لڙي رهيا آهن“، جيئن علي بابا پنهنجي انهيءَ شاهڪار ڪهاڻيءَ ۾ زندگي کي ڏٺو آهي، ائين ئي هيءُ بندو هڪ پاسي حليم بروهيءَ جي وفات کي ٿو ڏسي ته ٻئي پاسي ڪاوش جي سالگرهه کي ٿو ڏسي. ڪاوش موجود، حليم بروهي عدم موجود، رهي نانءُ رب جو.
جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ پاڻي ڙي پاڻي اربع 4 آگسٽ 2010ع اُٺ تڏهن پئي رڙيا، جڏهن ٻورا پئي سباڻا. هيءَ بندو هن ئي اخبار ۾ گذريل چئن سالن کان رڙيون ڪندو پيو اچي، پر ڪو به بااختيار بندو انهن رڙين تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هونئن به ڀلا خدا ڪارڻ ڏنل مفت جي مشورن تي ڪير ڌيان ڏئي ته ڇو ڏئي. مشورن ته انهن تي ڌيان ڏنو ويندو آهي، جن تي ٽڪا خرچ ٿيندا آهن، اهي ٽڪا وري مدي خارج، نصابي علم جي ليڪن ۾ ڦاٿل، ڪامن سينس کان وانجهيل ۽ ماضيءَ جي لوڪ ڏاهپ توڙي حال جي جديد ريسرچ کان اڻ واقف رهندڙ اهڙن ماهرن مٿان خرچ ڪيا ويندا آهن، جن کي عرف عام ۾ سينئر انجنيئر ڪري ڪوٺيو ويندو آهي. انهن قيمتي مشورن جي قيمت وري اڳ ۾ ئي ستايل مسڪين ماڻهن جي چلهه، دل ۽ جان کي چڪائڻي پئجي ويندي آهي. قدرتي آفتون دنيا ۾ جتي ڪٿي اينديون رهنديون آهن، اهو ڪو نئون مسئلو ناهي، پر اصل مسئلو اهو آهي ته انهيءَ مسئلي کي منهن ڪيئن ڏجي، جو گهٽ ۾ گهٽ نقصان ٿئي. اڄ جڏهن هي ٻه اکر لکڻ ويٺو آهيان، انهيءَ کان ٻه ڏينهن اڳ تائين نالي ۾ نهال ماهرن اهي دم دلاسا پئي ڏنا ته سکر روهڙيءَ واري پل هيٺان ڇهه ست لک ڪيوسڪ پاڻي لنگهندو ۽ ڪوٽڙيءَ واري پل تائين اهي مڙيئي ٻه ٽي لک ڪيوسڪ بڻجي ويندا. سو ڏيئي وٺي ڪچو ٻڏندو ۽ ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيندا. سنڌ کي سدائين ڏٽن ۽ ڪوڙن آسرن مارايو آهي. سيزن ڪمائڻ وارا مڙيئي ڏٽا هڻي غريب جو پيٽ ڪاٽي پنهنجو ڀڀ ڀريندا رهيا آهن، پر پهرئين آگسٽ جي ڪاوش جي ريهون ڪندڙ وڏي ۾ وڏي سرخي سڀني جا پول پڌرا ڪري وڌا آهن. سرخي ڪجهه هن ريت آهي، ”سنڌ ۾ خطرناڪ ترين ٻوڏ جي وارننگ، پاڻيءَ جو ريلو ساڍا ڏهه لک ڪيوسڪ هوندو: سکر بيراج ۾ ايتري سگهه ناهي: قائم علي شاهه“. ظاهر آهي ته جيڪا خبر سنڌ جي وزير اعليٰ کي هوندي، اها ته پڪي پختي هوندي. هونئن به سائين قائم علي شاهه فطرت کي ويجهو رهندڙ جهونو مڙس آهي، تنهن کانپوءِ کيس وزير اعليٰ جي حيثيت ۾ ڪٿان نه ڪٿان خبر پيئي آهي. سندس ئي لفظن ۾، چلڪي تي بندوق ڪو نه هنئي اٿائين. کيس درياهه جا بچاءُ بند به سڌا پيا آهن ته اهي بند پاڻيءَ جي ڪيتري دٻ سهي سگهندا. پاڻ ته انهيءَ بيان کي لوهه تي ليڪو سمجهون ٿا، باقي سينئر انجنيئر اجايون ڇڙيون پيا هڻن ۽ مال پاڻيءَ جي انتظار ۾ آهن. پاڻ کي پاڻيءَ جي اصلي حقيقت تي نظر وجهڻي آهي. حضرت نوح عه ٻيڙيءَ تي چڙهڻو ناهي. خيبر پختونخوا جي ساکائتي سياستدان بشير احمد بلور جو چوڻ آهي ته سندس صوبي ۾ 1929ع کانپوءِ ايڏي وڏي ٻوڏ آئي آهي ۽ پندرهن انچ مينهن وٺو آهي. ڇڙا پندرهن انچ! پوءِ به ايڏي ٻوڏ! ائين برابر هوندو، پر اها پڪ سمجهي ڇڏيو ته 15 انچن جي مينهن ۾ 1929ع ۾ ايترو نقصان نه پهتو هوندو، جيترو هينئر پهتو آهي. ڀلا جي ايترو نقصان ٿيو به هوندو ته پوءِ پڪ سان 15 انچن کان تمام گهڻو وڌيڪ مينهن پيو هوندو، ڇاڪاڻ جو انهيءَ زماني ۾ ماڻهو جابلو نئين جا گهٽ گهيڙ خالي ڇڏيندا هئا ته جيئن پاڻي ڀلي پنهنجي واٽ وٺي وڃي، درياهن ۾ ڪري، پر اڄڪلهه حال اهو لڳو پيو آهي جو سڄي ملڪ ۾ جتي ڪٿي پاڻيءَ جي اصلي واٽن تي ماڻهن پنهنجيون وسنديون وسائي ڇڏيون آهن، ٻني ٻارو ته پنهنجيءَ جاءِ تي، پر انهن واٽن تي ماڻهن ڪچا پڪا گهر ۽ اڃا به وڌي ڪري ننڍا وڏا واهڻ ٺاهي ڇڏيا آهن، جتان ڪوڪ ۽ چپس به وٺي سگهجن ٿا. پڪين اوطاقن ۾ مڙسن جو ٺڪاءُ پيو پوي ۽ بازار ۾ لانگ پيئي لڳي. اصل ۾ وڏو نقصان تڏهن ئي ٿو ٿئي، جڏهن پاڻيءَ جي رستا روڪ ٿي ٿئي. سو انجنيئرنگ جو علم پنهنجي جاءِ تي، پر جي اسان انجنيئرنگ جي علم کي سوشل ائنٿرا پالاجي (انسان بابت علم) جي علم سان ٺهڪائي نه ڏسنداسين ته اوندهه ۾ هٿوراڙيون ڏيندا رهجي وينداسين. پاڻيءَ جي چرپر پنهنجي جاءِ تي، پر ماڻهن جي لاڳيتي چرپر کي به اک ۾ رکبو، تڏهن ڪجهه چئي سگهبو. جي بلوچستان جي ماضيءَ ۽ حال تي نظر وجهبي ته اڳي جڏهن اڄوڪن مينهن کان وڏا مينهن وسندا هئا ۽ جابلو نئيون گهوگهٽ ڪري اٿنديون هيون ته انهن نئين جا به لنگهه خالي هوندا هئا، تنهن ڪري هڪڙيون نئيون ڪوهن جا ڪوهه سٽينديون ڏکڻ طرف سمنڊ ۾ وڃي ڪرنديون هيون، ٻيون نئيون وري اوڀر طرف رخ رکي اچي سنڌو درياهه ۾ ڪرنديون هيون. ٽيون نئيون وري اتر اوڀر طرف منهن ڪنديون هيون، پنجاب وٽان سنڌو درياهه ۾ ڪرنديون هيون. ها البته جي ڪو اجگر مينهن وسندو هو ته ڪجهه ڌراڙ ۽ ڪجهه مال انهن نئين جي رهڙي ۾ اچي ويندا هئا ۽ اٽي ۾ لوڻ برابر نقصان ٿيندو هو، پر هاڻي ماڻهن انهن نئين جا گهٽ بند ڪري ڇڏيا آهن، تڏهن جابلو علائقو هوندي ڪري به ٻوڏ هيٺ اچيو وڃي. رهي ڳالهه جابلو نئين جي اسپيڊ جي، ته اها ته درياهه جي اسپيڊ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهي جو رب پيو ڏئي پناهه. الائي ڪهڙي پاڻيءَ جي ماهر کي الائي ڪنهن صلاح ڏني ته پاڻيءَ جو ذخيرو ڪرڻ لاءِ اهڙي ڪنهن جابلو نئين جي لنگهه تي جلال ڊيم ٺاهيو ته جيئن اڳيون سوجهرو به چٽ ٿئي. ظاهر آهي ته ڊيم ۾ ضرور اهڙو مٽيريل استعمال ڪيو ويو هوندو، جو وهڪري جي دٻ جهلي وڃي. پر تازو جابلو نئين هڻي جلال ڊيم جون کنڌيون کڻي ڇڏيون جو اک نه ڏسي گوڏي کي. انهيءَ ڊيم ٽٽڻ کان پوءِ جيڪو نقصان ٿيو آهي، تنهن هڻي ڀينگ ڪري ڇڏي. ڌر ڌڻين کان وڃي پڇي ته ڏسو ته ڊيم ڪهڙا ڪِيس ڪيا آهن. ڊيم ٺاهڻ وارن کي چئجي ته ڇا چئجي! اڙي بابا، هي جديد دور آهي، جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي بالر جي اڇلايل بال جي اسپيڊ ته ڪٿي سگهجي ٿي، پر جابلو نئين جي اسپيڊ نٿي ڪڇجي. هن دور ۾ اهو کوڙو ئي نٿو لڳي. سو بابل سائين، پهرئين نئين جي اسپيڊ ته ڪٿيو، پوءِ وڃي پنهنجو شوق پورو ڪريو. جيڪڏهن خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ايڏو مينهن ٿو پوي ته سنڌ جو جابلو علائقو مٿان ڪو نه لهي آيو آهي، جو ايترو مينهن نه پوي، اڀ تي ڪهڙو اعتبار! ڪٿي به ڦاٽي سگهي ٿو. جن يارن کي اهو شوق کڻيو بيٺو آهي ته سنڌ جي جابلو علائقي، خاص ڪري دادو، ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعي جي جابلو علائقن ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهيا وڃن (ڪجهه ته ٺهي به چڪا آهن ۽ ڪن جي پلاننگ جاري آهي) انهن کي عرض آهي ته نام نهاد ماهرن جي چئي تي لڳي اهڙو ڪم نه ڪن جو وٺڻ جي بدران ڏيڻو پئجي وڃي ۽ اڳيون سوجهرو به چٽ ٿي وڃي. فطرت سان کس ڪبي ته هڪ نه هڪ ڏينهن فطرت به اهڙي کس ڪندي جو چئي کڻي بس ڪر. اهي ته ٿيون جابلو نئيون، هاڻي اچجي درياهه شاهه بادشاهه تي. جيڏا اٺ اوڏا لوڏا، جيڏو وڏو درياهه اوڏا وڏا مسئلا. نواب آف ڪالاباغ جڏهن پنهنجو محل نما بنگلو پئي ٺاهيو، تڏهن سندس تصور ۾ به نه هو ته ڪو اهڙو ڏينهن به ايندو، جو سنڌو درياهه اٿل کائي سندس محل جا ترا ڪڍي ڇڏيندو. جنهن زماني ۾ سکر بيراج وٽان ٻارهن تيرهن لک ڪيوسڪ لنگهندو هو، تڏهن به ميانوالي جو اهو محل سلامت هوندو هو. ننڍڙو کوڙو هڻي ڏسو ته جڏهن ميانواليءَ وٽان محل کي ڇهڻ بدران ئي جيڪو پاڻي اتان ٽٽندو هو، اهو ساڳيو پاڻي تيرهن لک ڪيوسڪ بڻجي سکر روهڙيءَ وٽان لنگهندو هو. هينئر ته اهو محل ٻڏي به چڪو ته سکر روهڙيءَ وٽان ڪيترو پاڻي لنگهندو؟ اهو سوال وڃي پڙهندڙ ڀڃن، باقي ڪالاباغ جي محل جي باري ۾ پوڙهي مهاڻي جا اهي ئي لفظ ورجائي ٿو سگهان، جنهن چيو هو ته، ”بادشاهه درياهن جا سودا نه ڪندا آهن، پر درياهه بادشاهن جو سودو ڪري ڇڏيندو آهي“. رب جي مَهندان توبهن. اڳي جڏهن درياهه ۾ ٻارهن کان وٺي پندرهن لک ڪيوسڪ جون جيڪي قهري ٻوڏيون اينديون هيون، تڏهن سنڌ ۾ هڪ فطري بچاءُ هوندو هو، جيڪو روهڙيءَ وٽان هوندو هو. انهيءَ زماني ۾ روهڙيءَ وٽان هڪ وڏي ڇنڊڻ هوندي هئي، اتان سنڌو درياهه جو ڳچ پاڻي ڇنڊجي وڃي مري ويل هاڪڙي درياهه جي پيٽ ۾ پوندو هو. پوءِ اهو پاڻي باقاعدي درياهه جي صورت ۾ سر ڏکڻ طرف وهندو هو. سانگهڙ ضلعو پار ڪندو، ٿر جي واريءَ جو ڪس ڏيندو وڃي ڪنري تعلقي جي چيلهه بند وٽان اولهه طرف مڙندو هو ۽ بدين ضلعي جي ڏکڻان ڏيپلي تعلقي جي بنهين الهندينءَ ڪنڊ ۾ سمنڊ ۾ وڃي ڪرندو هو. باقي جيڪو پاڻي بچندو هو، اهو ٻارهوئي مهينا هڪ ڊگهي ڍنڍ جي صورت ۾ موجود هوندو هو. جيڪڏهن ڪنهن کي پڪ وٺڻي هجي ته اهو قرب ڪري کپري تعلقي ۾ اڃا تائين انگريز جي دور جون اهي شاهي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ لوهي پلون وڃي ڏسي، جيڪي انهيءَ ڇنڊڻ عرف مرحوم هاڪڙي جي مٿان اڏيل آهن ۽ اڃا صحيح سلامت آهن. جي ڪنهن کي اعتبار نه اچي ته اهو ٻئي ڪنهن کان نه، پر خود چيف منسٽر جي صلاحڪار سرفراز راڄڙ کان پڇي سگهي ٿو، مون اهو سڄو ڪَس ڏٺو آهي ۽ ڊڄيو ڊڄيو ڳالهه ٿو ڪريان ته ٻه ٽي لک ڪيوسڪ پاڻي انهيءَ ڇنڊڻ ۾ وهي هڪ پاسي اڇڙي ٿر جون ڪيئي ڍنڍون ڀريندو هو. آخري ڍنڍ جو نالو رتڙائو ڍنڍ آهي، جيڪا بارڊر سان لڳي بيٺي آهي. 1965ع ڌاري تائين ته مون پاڻ اها ڇنڊڻ ڏٺي، جنهن جو پيٽ منهنجي پنهنجي ڳوٺ جي ڀر ۾ لڳ ڀڳ سنڌو درياهه ئي جيترو هو. ننڍي هوندي انهيءَ پاڻيءَ وانڪل جي گهيڙ وٽ راند ڪندا هئاسين جو اتان وارياسو پيٽ بنهين سوڙهو به هوندو هو ۽ مٿاڇرو به. باقي ٻئي هنڌ ته سياري ۾ به اٺ ٻوڙ پاڻي هوندو هو. اسان جي ڳوٺ جي ڀر ۾ ئي الهندئين پاسي عقلان جو ڪن هوندو هو، جنهن ۾ جيڪو ويو سو ڇٽو. هن وقت ڪيترن ئي زميندارن انهيءَ پيٽ ۾ ٻنيون پوکي ڇڏيون آهن. اها ئي حالت سانگهڙ ضلعي ۾ آهي. روهڙيءَ وٽ اوڀر طرف انهيءَ ڇنڊڻ جي ڪهڙي حالت آهي، اها ته ڪو اتان جو ئي ڪاوش جو نمائندو خبر ڏيئي سگهي ٿو، پر پنهنجي پَٽ جو حال ڏسي اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته، اها ڇنڊڻ پوکن سان ۽ ماڻهن جي آبادين سان ڍڪجي چڪي هوندي. مطلب ته ٻيءَ سنڌ کي ٻوڏ کان بچائڻ وارو گهٽ به بند ٿي چڪو. هاڻي ڏهه لک ڪيوسڪ ته ڇا، مورڳو ڇهه ست لک ڪيوسڪ پاڻي به وڏو حشر مچائيندو جو بچاءُ بندن جو به حال ناهي ته ٻئي پاسي ماڻهن جي لڏ پلاڻ جي ڪري ڪچو به ماڻهن سان سٿجي چڪو آهي. آباديون وڌي ويون آهن، روڊ رستا ٺهي چڪا آهن. سو پاڻيءَ جي اڇل ته ڪو نه ماريندي، پر ماڻهن جي اٿل هڻي ساڙي وجهندي. سورهن جا ويهه آنا تباهيءَ جا امڪان آهن ۽ مينهن جي مند اڃا باقي آهي. سرڪار جون حق تي رڙيون پيون پون. سو سواءِ مهاڻن جي ٻين ماڻهن کي عرض آهي درياهه کان ڀڄي پاسو ڪن. باقي مهاڻن غريبن ته سوڪهڙي جي ڪري ايترو سَٺو آهي جو اهي ته حضرت نوح عه جي ٻيڙيءَ تي به چڙهڻ لاءِ تيار آهن. درياهه جي اک ڪڪڙي آهي، مستيءَ ۾ آهي، مدد لاءِ واجهائڻ جي ضرورت ناهي، پنهنجن پيرن تي زور رکڻ جي ضرورت آهي، باقي رب سوائي سڻائي ڪندو.