جواب: محترم عبدالقادر جوڻيجو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔
اوٿارا
آچر 23 آگسٽ 2009ع
صفحن جو ڪل تعداد 256. ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪندڙ اداري جو اصلي نالو گروو پريس (Grove Press) نيويارڪ. ڪتاب پڌرو ٿيڻ جو سال 1995ع. ليکڪ جو نالو جيرزي ڪوسنسڪي (Jerzy Kosinski) مرهيات. ڪتاب جي ملڻ جو هنڌ اميزان بوڪ هائوس، نيويارڪ. ڪتاب گهرائڻ جو طريقو، ويزا ڪارڊ استعمال ڪريو ۽ ڪتاب جي قيمت کان ٻيڻو ڀاڙو ڀريو، پوءِ به سڀ پئسا سجايا. ڪتاب جو عنوان Passing by. هن ڪتاب جو لفظي ترجمو ٿيندو ”ويندي ويندي“ پر هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ هن ڪتاب جو اصلي ۽ سوليءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيندو ”اوٿارا“. ننڍن ننڍن مضمونن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب ليکڪ جي ٻئي گهر واري ڪِڪي (Kiki) پنهنجي مڙس جي مري وڃڻ کانپوءِ ترتيب ڏنو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کان اڳ ۾ ليکڪ جي زندگي ۽ سندس کليل ٻن ناولن “Painted Bird” (نشانبر پکي) ۽ Being there (جڏهن اتي هئس) جي ٿوري گهڻي ڄاڻ ضروري آهي. سندس ناول Being there تي فلم به ٺهي چڪي، جنهن ۾ انهيءَ ناول جو ٺاهي جوڙي ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. اهڙي فلم کي ڏسڻ کانپوءِ دل چوي ٿي ته فلم تي غور ڪرڻ جي بدران گهر مان نڪري ڪتا وڃي ڪٽجن. اهڙيون فلمون ڏسڻ کانپوءِ ئي ته لئٽن آمريڪا جو نوبيل لاريٽ ليکڪ گارشيا مارڪئز پنهنجي جڳ مشهور ناول One hundred of solitude تي فلم ٺاهڻ کان نابري واريو ويٺو آهي. جيتوڻيڪ رڳو ناول جا حق خريد ڪرڻ يا اجازت وٺڻ جا فلم ساز کيس ڇوٽ ۾ ٽيهه لک ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار آهن. فلم جو اسڪرپٽ به ڪو ٻيو لکي. گهر ويٺي ٽيهه لک ڊالر کڙا، پر پوءِ به انڪار ته متان فلم وارا ناول جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏين. ائين ئي جيئن Being there سان گڏوگڏ گجگاهه ليکڪ فيودور دوستو وسڪيءَ جي ڀلي ۾ ڀلي ناول Brothers Karamazov جو هالي ووڊ وارن ٺاهي جوڙي ٻيڙو ٻوڙيو آهي. پر جيرزي ڪوسنسڪي يار باش ماڻهو هو. سو ياريءَ جي چڪر ۾ اچي پنهنجي ناول جي ٻنهين خاص موضوعن ”عدم شناخت“ ۽ ”ميڊيا جو انساني سوچ“ تي حملو کي غائب ڪرائي مشڪرن جي ور چڙهي ويو. رهيو سندس ٻيو شاهڪار ناول Painted Bird (نشانبر پکي) ته اهو ناول پڙهڻ ساڻ ئي اٻڙڪا ٿا اچن. سو فلم وري ڪهڙي ٺهندي. سچ ڪري پڇو ته شروع شروع ۾ مون پاڻ انهيءَ ناول جا ٽيهه صفحا کن پڙهيا ته مون کي اٻڙڪا اچي ويا ۽ ڪتاب کڻي هٿ مان ڪڍيم. پر اهڙو ڪتاب وڃي ته ڪيئن وڃي. سو لاهور ۾ ڪنهن دوست جي گهر ۾ ٽرنڪو لائيز وٺي پوءِ ڪتاب پڙهي ويس ۽ لوڏو ئي نه آيو. پڙهندڙ جي تصور تي ايڏو حملو مرهيات جيرزي ڪوسنسڪي ئي ڪري سگهي ٿو. هت اهو به عرض ڪري ڇڏيان ته مرهيات ته ننڍپڻ ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو، اهو ئي لکيو اٿس. سندس ٻين ڪتابن ۾ Blind date, Cockpit, The Devil tree, Steps, The hermit of 69th street, Pinball, Passion play, The Future is our Comrade ۽ No third path اچي وڃن ٿا. جيڪڏهن جيرزي ڪوسنسڪي جي زندگيءَ تي وڃبو ته لطيف سائينءَ جون اهي سٽون سامهون اچن ٿيون ته ”سرجيس ته سور، سامائي تان سک ويا. اهي ٻئي پور مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.“
جيرزي ڪوسنسڪي 14 مئي 1933ع تي پولينڊ جي شهر لوڊز (Lodz) ۾ ڄائو. هو اڃا ڇهن سالن جو ٿيو ته هٽلر آسٽريا تي حملو ڪري ڏنو. آسٽريا ۽ پولينڊ ڳنڍيا پيا آهن، نازين جي فوج قهري ڪارروايون ڪندي اڃا وارسا پهچي ئي پهچي تنهن کان اڳ سندس پيءُ کيس لٿونيا ملڪ وٺي ويو. اتي ڪنهن ڳوٺ ۾ کيس ڇڏيائين. مائٽ جي دل هئي ته ”اسين مرون ته مرون پر پٽڙو ته بچي“. پر لٿونيا ۾ پهچڻ کانپوءِ هو ڳوٺ جون سختيون سهي نه سگهيو ۽ اگهاڙو ظلم ڏسي نه سگهيو. سو اهو ڳوٺ ڇڏي لٿونيا ۽ پولينڊ جي ڳوٺن ۽ جهرن جهنگن ۾ رلندو رهيو. عتاب ۽ عذاب ڏسندي ۽ سهندي سندس اهڙي حالت ٿي ويئي جو پورن نون سالن کانپوءِ جڏهن واپس گهر پهتو ته هو هڪ پندرنهن سالن جو بدحال ڀوتاڙيل، ڊنل ۽ گونگو ٿي ويل ڇوڪرو هو. اوٿارن وچان سندس زبان بند ٿي چڪي هئي. ڪيترو عرصو ته ڊپ وچان گهر مان ئي نه نڪتو ته متان ٻاهر نڪران ته نه جهٽي وڃن. انهن نون سالن ۾ رلندو، ڦرندو ڀڄندي ۽ لڪندي جيڪي ڪجهه ڏٺو، اهو سڀ ڪجهه سندس ناول Painte Bird (نشابر پکي) ۾ لکيائين، جنهن کي پڙهندي اٻڙڪا اچن ٿا. هڪڙي پاسي سندس اهو حال هو ته ٻئي پاسي جبل لهندي چڙهندي هڪ چست ۽ رولڙو ڪٽيندڙ ڇوڪرو به هو. سال کن ڪمري ۾ بند رهڻ کانپوءِ سندس زبان اوچتو ئي اوچتو کلي پيئي ۽ سامت ۾ اچي ويو. نيٺ تعليم سانگي گهر مان نڪتو. تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ هو برفاني جبلن تان ترڪڻ واري راند (Skiing) جي مهارت به حاصل ڪندو رهيو. علم نفسيات ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ کيس پولش اڪيڊمي آف سائنس ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. پر پوءِ به کيس گذريل وقت جون يادون ستائينديون رهيون، تنهن ڪري هو پنهنجو ملڪ ڇڏڻ جون گهٽيون ڳوليندو رهيو ته ملڪ کان ٻاهر نڪري آزادانه زندگي گذاري ۽ دل جي چئي تي کلي سگهي، جو پولينڊ ۾ اڃا تائين سخت سينسرشپ لڳل هئي، جيڪا ون پارٽي رول جو نتيجو هو. پارٽيءَ جي مٿس ڪرڙي اک رهندي هئي ۽ سندس جاسوسي به ڪئي ويندي هئي. وڏي هڻ پٽ کانپوءِ 1957ع ۾ آمريڪا پهچي ويو، جتي انگريزي سکڻ کانپوءِ هن ڪتاب لکڻ شروع ڪيا. 1960ع ۾ سندس ملاقات اتان جي هڪ انتهائي امير عورت ميري هي ورڊ (Mary hay word) سان ٿي ۽ ستت ئي ساڻس شادي ڪيائين. ائين جيرزي ڪوسنسڪي وڏي ٺٺ ٺانگر واري زندگي گذارڻ لڳو. سندس وقت ڪڏهن نيويارڪ جي اعليٰ طبقي سان ته ڪڏهين سئٽزرلينڊ جي مهانگين هوٽلن ۾ گذرڻ لڳو. ڪجهه سال ائين گذارڻ کانپوءِ سندس زال ڪينسر وگهي گذاري وئي ۽ سندس زال جي ملڪيت ٻيا ڦٻائي ويا. ائين سندس گليمر سان ڀرپور زندگي جو انت آيو، پر کيس ڪتاب لکڻ ۽ مختلف يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيڻ مان به چڱو خاصو اپراسو ٿيندو رهيو. نيٺ پنهنجي هم وطن پولش ڇوڪري ڪِڪِي (Kiki) سان شادي ڪيائين، پر انهيءَ پوري عرصي ۾ سندس ماضي کيس اندران کائيندو رهيو. نيٺ 3 مئي 1991ع تي خودڪشي ڪري پنهنجو انت آندائين. هي ننڍا ننڍا مضمون ڇپجڻ کان رهجي ويا هئا. جيڪي سندس خودڪشيءَ کانپوءِ سندس زال ڪِڪي (Kiki) ترتيب ڏيئي ۽ ڇپائي توڙ نڀايو. شروع شروع ۾ ليکڪ پنهنجي لکڻ جو بنيادي اصول ڏنو آهي، جنهن جو اختصار ڪجهه هن ريت بيهي ٿو: ”ويندي ويندي رڳو ڏسڻ جي بدران پير جهلي ڏسڻ، سوچڻ ۽ پروڙڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان هن زندگيءَ جا ڪيئي نوان پهلو نڪري نروار ٿيندا. لکڻ اهو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي اسڙڪائي به ٿو ۽ ڪن به کڻائي ٿو. لکڻ وقت ليکڪ کي پنهنجي اندر جي دنيا به پرکڻ کپي. پنهنجي آس پاس جي ماحول کي به سمجهڻ گهرجي ۽ ٻين جي زندگيءَ جي به ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي، تنهن کان پوءِ ئي نجو پجو آرٽ جنم وٺي سگهي ٿو. انهيءَ کانپوءِ اوسارا ۽ اوراڻا شروع ٿي وڃن ٿا. دل ته چئي ٿي ته سڄو ڪتاب سوليءَ سنڌي ۾ ترجمو ڪري کڻي پڙهندڙن جي اڳيان رکجي، پر لاچار کي آچار ڪونهي، سو ڪجهه ٽڪرا پڙهندڙن جي اڳيان رکجن ٿا.
· ڏسي ڪري اندر ۾ جهٽڻ جي جيڪا سگهه ٻار ۾ آهي، اها سگهه ڏندين آڱريون ڏيو ڇڏي. ٻار جي اها سگهه سندس گوناگون تصور مان جنم وٺي ٿي. سندس اهو تصور ڇڄي ڀور ٿيڻ کان به بچيل هوندو آهي ته گڏوگڏ سندس تصور ٻاهرين دنيا جي سنسرشپ کان به بچيل هوندو آهي ۽ اڃا تازو توانو هوندو آهي. تصور جي اها آزادي کيس تحرڪ ۾ آڻيندي آهي، ٻار جي تصور ۾ ڪا به ڳالهه اچي سگهي ٿي. اها آزادي ئي اصلي زندگيءَ جو اهڃاڻ آهي، اها آزاديءَ ئي دنيا ۾ دکيل باهه کان آجي هوندي آهي، جنهن تي ڪٽ نه چڙهيل هوندي آهي.
· هن وقت نه ته منهنجو ڪو خاندان بچيو آهي، نه رت جا رشتا رهيا آهن ۽ نه ئي جينز (Genes) جا. تنهن ڪري هن دنيا کي آئون صرف دوستن جي ذريعي پرکي سگهان ٿو. اهي دوست ئي منهنجو خاندان آهن. گهر جي بدران هوٽلڙيون وڃي بچيون آهن.
· زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي سوکڙي پيار آهي. پيار جي وڏي ۾ وڏي سوکڙي زندگي آهي. زندگيءَ کي سمجهڻو آهي ته پيار ڪريو، جي پيار ڪرڻو اٿوَ ته زندگي کي سمجهو.
· رات جو دير سان گهمندي گهمندي آئون اهڙين اسپتالن ۾ هليو ويندو آهيان، جتان جا مريض لاعلاج هوندا آهن يا وري پوڙهن ماڻهن لاءِ ٺهيل نرسنگ هومز ۾ هليو ويندو آهيان، جن کي زندگي اڇلائي ڦٽو ڪندي آهي.
· جي ڪو ڊاڪٽر مون کي رحم وچان ماري ٿو ته اهو مون کي قبول آهي، پر جيڪو ماڻهو جيئري هوندي مون تي رحم کائي ٿو ته اهو مون کي قبول ناهي.
· ڪتاب جمهوريت جي نشاني آهي، پڙهندڙ آزاديءَ سان ڪتاب مان پنهنجي معنيٰ ڪڍي سگهي ٿو. ڪتاب پڙهندي ماڻهو ڪتاب جي مواد ۾ پنهنجا خيال شامل ڪري سگهي ٿو. ڪتاب ڪلچر وانگيان آهي، جيڪو پڙهندڙ کي اها ڇوٽ ڏيئي ڇڏيندو آهي ته ”آئون تنهنجو آهيان، توکي اها آزادي آهي ته جيڪي وڻيئي سو ڪر. آئون تنهنجي هن اندر ۾ گهڙي ويو آهيان ۽ ساڳئي وقت انساني تاريخ ۾ به گهڙي ويو آهيان.
· دنيا اها ناهي، جيڪا آهي، پر دنيا اها آهي، جيڪا اوهان ڏسو ٿا.
· آمريڪا ۾ گهڻو ڪري سائنس فڪشن پڙهيو ٿو وڃي، جيڪو نه ته سائنس آهي ۽ نه ئي ڪو فڪشن آهي.
· ناول پڙهڻ جو عمل پنهنجي جاءِ تي هڪ زندگي گهارڻ جي پرئڪٽس آهي.
· جتي جذبا ۽ احساس ختم ٿين ٿا، اتي ميڊيا جي رپورٽنگ شروع ٿئي ٿي.
· ادبي لاڙو تجريد کان شروع ٿي ٺوس حقيقت تائين پهچي ٿو. فوٽوگرافيءَ جو فن ٺوس حقيقت کان شروع ٿي تجريد تائين پهچي ٿو.
· آئون جڏهن ننڍو هوس تڏهين آئون اوندهه، جانورن ۽ انسانن کان هڪ جيترو ئي ڊڄندو هوس ۽ گهڻو ڪري روئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ ۾ گذاريندو هوس. منهنجي دل گهرندي هئي ته منهنجي ماءُ ۽ پيءُ مون کي ٻهراڙيءَ مان وٺي شهر ۾ پنهنجي گهر وٺي وڃن. مون کي هر وقت مارون کائڻ جو ڊپ هوندو هو ۽ ڳوٺ جا ماڻهو لاڳيتو ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي مون کي ماري ماري پٽ ڪندا هئا. مون کان سڄو ڏينهن ڳرو ڪم وٺندا هئا ۽ آئون لاڳيتو ٿڪل رهندو هئس. جڏهين منهنجو ننڍپڻ ختم ٿيو، تڏهين وڃي عتابن ۽ عذابن مان نڪري پنهنجن پيرن تي بيٺس. گهر پهتس ته مون کي مائٽن جو ڪو به هوش نه هو ۽ مون کي رڳو اهو خيال بيٺو هوندو هو ته ڪڏهين ٿي منهنجي سزا پوري ٿئي ۽ ڪڏهين ٿو کاڌو ۽ آرام ملي. ڳچ وقت يادن جي خوف ۾ ورتل رهيس ۽ مون کي رکي رکي اوٿارا ٿيندا هئا.
· ٻئي عظيم جنگ ختم ٿيڻ واري هئي، جرمن فوج ڀاڄ کائي رهي هئي ۽ سوويت يونين جي فوج اڳتي وڌي رهي هئي. پر سرخ فوج جي پهچڻ کان اڳ ۾ قوزئيق، ڪالموڪ، تاتاري ۽ ترڪمان فوجون پهچي ويون. جيڪي سويت يونين جي فوج مان نڪري ڀڄي نڪتا هئا، اهي گهوڙن تي سوار هوندا هئا ۽ جيڪو ڳوٺ منهن ۾ ايندو هون، انهيءَ ڳوٺ کي پٽ ڪندا، باهيون ڏيندا ڦر مار ڪندا، ماڻهو ماريندا ۽ عورتن سان گينگ ريپ ڪندا ويندا هئا. اهو سڀ ڪجهه اکين سان ڏٺم.
· آئون اندران ڀڄي ڀور ٿي ويو هوس. جڏهين به ڪٿي ويهندو هوس ته مون کي پٺي جي ڪنڊي ۾ سورن جا ٻارا هوندا هئا. هر وقت ٿڌ لڳل هوندي هيم ۽ منهنجي سوچ ڀٽڪندي رهندي هئي.
· آئون مقابلن ڪرڻ ۽ شرط رکي کٽڻ کان ونءُ ويندو آهيان، ڇاڪاڻ ته جنگ جي مقابلي کي ذهن مان ڪڍي نٿو سگهان، جو سڄي جنگ جو عذاب پنهنجي سر تي وسائي چڪو آهيان.
· آمريڪا ۾ پهچڻ کانپوءِ اتان جي آزادي به مون کي شاڪ وانگر لڳي.
· جيڪي به ماڻهو عقوبت خانن ۾ واڙيا ويا، انهن جي آجيان لاءِ موت ڀاڪر کوليو بيٺو هو. جيڪو به نئون ماڻهو اندر واڙيو ويندو هو، انهيءَ جي ٻانهن تي ٽانچوئن (Tattoo) جي ذريعي سندس نمبر لکيو ويندو هو. هر ماڻهوءَ جو پنهنجو پنهنجو نمبر ڌار ڌار هوندو هو. نمبر لڳڻ کانپوءِ اهو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي وڃائي، شخصيت کي وڃائي ڪنهن نه ڪنهن نمبر ۾ تبديل ٿي ويندو هو. ماڻهو ماڻهو نه رهندو هو نمبر بڻجي ويندو هو. ائين ماڻهوءَ جي بدران نمبر پنهنجي قبر ڏانهن وڌڻ لڳندو هو. ائين اهي نمبر نئين ٻولي بڻجي چڪا هئا.
· جڏهن منهنجو ناول Painted Bird (نشانبر پکي) ڇپجي پڌرو ٿيو. تڏهين منهنجن مائٽن مان رڳو منهنجي ماءُ بچي هئي. سندس عمر سٺ سالن کان ٽپي چڪي هئي، ٻه ڀيرا سندس ڪئنسر جي آپريشن به ٿي چڪي هئي. جڏهين پولينڊ جي سڀ کان وڌيڪ ڇپجندڙ اخبار ۾اها خبر شايع ٿي ته منهنجي ماءُ اڃا تائين پولينڊ جي انهيءَ شهر ۾ رهي ٿي،جتي آئون ڄائو هوس. اها خبر توڙي ناول تي ٿيل شديد نڪته چيني پڙهي شهر جي ماڻهن وڏو ميڙ ٺاهي منهنجي ماءُ کي مارڻ لاءِ گهر تي حملو ڪري ڏنو. پوليس ته پهچي ويئي پر اها به ڪنهن کي ڪجهه چوڻ جي بدران بيٺي رهي...
جيرزي ڪوسنسڪي هن ڪتاب ۾ ٻيون جيڪي تفصيلي ڳالهيون لکيون آهن، اهي پڙهي ڪري بت مان ڏرڻيون نڪريو ٿيون وڃن. پر هن ڪتاب کان اڳ سندس لکيل پهريون ناول Painted Bird (نشانبر پکي) پڙهبو، تڏهن ئي هن ڪتاب جي اهميت کي سمجهي سگهبو. اهو به شڪر آهي جو پنهنجو پاڻ کي طرم خان سڏائيندڙ اسان جا اديب اهڙين حالتن مان گذرڻ ته ڇا، پر کين هوا به نه لڳي آهي. جيرزي ڪوسنسڪي جهڙن ليکڪن جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ ڀوڳيو آهي ۽ پوءِ جنهن رنگ ڍنگ ۾ لکندي اوريو آهي، اها ڳالهه اسان جي وس جي ناهي. اسان ته ٿوريءَ دٻ تي تتر ٿيو وڃون. هيءَ ڳالهه ته ڳري آهي. ٻٽاڪ هئڻ سولا آهن، لکڻ ڏکيو آهي، ڀوڳنائن جو ذڪر ڪرڻ سولو آهي، ڀوڳڻ ڏکيو آهي.