جواب: محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔
سنڌي ماڻهن لاءِ ڇا بدليو آهي!؟
اڱارو 2 فيبروري 2010ع
ملڪي سياسي تاريخ ۾ گذريل چئن ڏهاڪن کان هر ڀيري ووٽ ڏئي اقتداري ايوانن تائين پهچائيندڙ سنڌي ماڻهن جي اجتماعي حقن کي جيترو هن دور ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي، ايترو پ پ جي پهرين ڪنهن به حڪومت ۾ ناهي ڪيو ويو. مارشل لائن جي قهري دورن ۾ 11-11 سال سنڌ رڳو ان ڪري ناهي ڀوڳيندي ته پ پ اقتدار ۾ اچي رڳو چار نوڪريون ڏئي ۽ چئن وڏيرن کي خوش ڪري، پر سنڌ جي اجتماعي حقن لاءِ ڪجهه به نه ڪري. اگر ڪو چوي ته ”هي ڇا پيا ڪريو“ ته چون مفاهمت جي پاليسي آهي. ڪراچي ۾ رڳو وڻڪاري لاءِ اربين رپين جا فنڊ هڪ ڏينهن جي گڏجاڻي ۾ جاري ڪندڙ پ پ سرڪار ٿر ۾ 8-8 مهينن تائين ڪڻڪ پهچائي نه پئي سگهي. ارباب دور ۾ هن دور کي اگر اٿلائي پٿلائي ڏسبو ته گهڻي ڀاڱي صورتحال ساڳي نظر ايندي. ڪجهه نشانيون ٿلهي ليکي هن ريت بيان ڪنداسين ته صورتحال وڌيڪ واضح نظر اچي ويندي.
نوڪريون: موجوده سڪار سڀ کان وڏي دعويٰ، جنهن ڪارنامي جي ڪري ٿي، اهو ڪارنامو 25 هزار جي لڳ ڀڳ نوڪريون ڏيڻ آهي، پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته خود سيد قائم علي شاهه پريس ڪانفرنس ۾ به مڃيو هو ته اهي سڀ نوڪريون ڪريئيٽ ارباب دور ۾ ٿيون هيون ۽ آخري ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم سان فارمولو طئه نه ٿيڻ جي ڪري آرڊر جاري نه ٿي سگهيا، جيڪي آرڊر هن حڪومت رڳو اميدوارن جا نالا تبديل ڪري جاري ڪيا. هڪ به نئين نوڪري هن حڪومت تخليق ناهي ڪئي.
حيدرآباد سوڌو تاريخي ضلعن جو ورهاڱو: ارباب حڪومت ڪجهه وڏيرن ۽ سندن اتحادي جماعت جي خواهش تي سنڌ جي ضلعن کي ڪيڪ سمجهي ڪٽي، ورهائي ڇڏيو. پ پ ان دور ۾ اهڙي فيصلي خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو، پر هاڻي پ پ جي ساڳي سرڪار اتحادي جماعت ۽ پ پ جي حامي وڏيرن جي خواهش تي انهن ٽٽل ضلعن کي بحال نه ٿي ڪري. سنڌ جي وڏي وزير کان مون جڏهن ڪي ٽي اين نيوز لاءِ انٽرويو ورتو ته هن اها ڳالهه مڃي ته اسان جا مقامي اڳواڻ (يعني پ پ جا حامي وڏيرا) نٿا چاهين ته اهي ضلعا بحال ٿين. صورتحال ساڳي ارباب دور واري وڃي بيهي ٿي، ٻئي حڪومتون اتحادي جماعتن کي خوش رکن ٿيون ۽ ٻئي حڪومتون پنهنجي پنهنجي حامي وڏيرن جي مفادن جو تحفظ ڪن پيون.
ٿل ڪئنال: سنڌ چشما جهلم ۽ تونسا پنجند ڪئنالن جي عذاب مان اڃا جان نه ڇڏائي هئي ته مشرف دور ۾ ٿل ڪئنال تي ڪم شروع ٿي ويو. تڏهوڪي سنڌ حڪومت ٿل ڪئنال تي خاموش رهي. تڏهوڪو وڏو وزير ارباب رحيم ٿل ڪينال بابت پڇيل سوالن جا جواب ائين ئي ”گول“ ڪري ويندو هو، جيئن موجوده وڏو وزير سيد قائم علي شاهه سوالن جا جواب گول ڪري وڃي ٿو. ارباب سرڪار ۽ پ پ سرڪار جو ٿل ڪئنال تي ذري گهٽ ساڳيو موقف آهي، اڳوڻي حڪومت به خاموش رهي ته موجوده حڪومت به ماٺ آهي. سنڌ جي آبپاشي وزير سيد مراد علي شاهه ته سنڌ اسيمبلي ۾ ”آن دي فلور“ چيو ته ٿل ڪئنال تي اربين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، هاڻي ڇا ٿا ڪري سگهون؟! ان کان به مزي جي ڳالهه اها آهي ته ارباب رحيم اينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽي جو چيئرمين نه هو، پر سنڌ جو موجوده وڏو وزير سيد قائم علي شاهه اينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي جو اڃا تائين چيئرمين به آهي، پر ٿل ڪئنال معاملي تي اڳوڻي وڏي وزير وانگي خاموش آهي.
ڪراچي جا ڳوٺ: اڳوڻي حڪومتي دور ۾ ڪراچي جي ڳوٺن ڏانهن جڏهن بلڊوزرن رخ ڪيو ته احتجاج ڪندڙن ۾ پ پ به شامل هئي، سنڌي ماڻهن جي احتجاج تي ارباب سرڪار هڪ ڪاميٽي ٺاهي، جنهن سروي ڪري 8 سئو ڳوٺن کي قديمي قرار ڏئي، انهن کي پڪو ڪرڻ جي سفارش ڪئي. هن حڪومت کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ٻه چار ڳوٺن کانسواءِ باقي ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا ۽ انهن ڳوٺن جا ماڻهو پاڻ کي اڄ به ائين غير محفوظ سمجهن ٿا، جيئن ارباب دور ۾ سمجهندا آيا آهن.
سنڌي آفيسرن سان ناانصافيون: اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌي آفيسرن جي گهڻائي جو ڪردار سنڌ دوست ناهي رهيو. سنڌي ماڻهو جنهن عذاب ۽ مشڪلاتن جو شڪار آهن، انهيءَ ۾ موقعي پرست ۽ ڪرپٽ سنڌي بيوروڪريسي جو به وڏو هٿ آهي. انهن هميشه ڄئور بڻجي مظلوم سنڌي ماڻهن جو خون چوسيو آهي، پر پوءِ به هڪ سنڌي هئڻ جي ناتي آئون سمجهان ٿو ته سنڌ اندر سمورن اهم عهدن تي سنڌي آفيسرن جي مقرري سندن حق آهي. ارباب دور ۾ پ پ تنقيد ڪندي هئي ته چيف سيڪريٽري، آءِ جي، هوم سيڪريٽري جهڙن اهم عهدن تي سنڌي آفيسر ڇو نٿا رکيا وڃن؟ پر ڏسبو ته هيءَ سرڪار به آءِ جي، چيف سيڪريٽري ۽ هوم سيڪريٽري سنڌي ناهي رکي سگهي! باقي عهدن تي به ذري گهٽ ساڳي صورتحال آهي. اگر ڪو آفيسر حڪم جو بندو ناهي ته ان سان ساڳئي جٺ ٿئي ٿي، جيڪا ڊي آءِ جي ميرپورخاص سليم الله سان ٿي هئي. آئون نالا کڻڻ مناسب نٿو سمجهان، پر ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ڊي پي او دادو سوڌو کوڙ آفيسرن سان پيش آيل واقعا ماضي واري دور سان هڪجهڙائي رکن ٿا.
اتحادين جو هر مطالبو اکيون پوري مڃڻ: پ پ اڳواڻ ماضي ۾ پريس ڪانفرنسن، جلسن، جلوسن ۾ سخت تنقيد ڪندا هئا ته حڪومت اتحادين جو هر مطالبو پورو ڪري ٿي ۽ ان مطالبي پوري ڪرڻ ۾ ڪي به قانوني، سياسي ۽ سماجي حدون نٿيون ڏٺيون وڃن، پر ڏسجي ته هن وقت به صورتحال ساڳي آهي. آفيسرن جون مقرريون، بدليون، نوڪريون، فنڊ رليز ٿيڻ سوڌو اتحادين جا سمورا مطالبا ائين پورا ٿي رهيا آهن، جيئن ارباب رحيم ڪندو هو.
سنڌي ٻولي: ارباب دور ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو جڏهن تعليم جي وزير هئي، تڏهن ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي پڙهائڻ يا نه پڙهائڻ وارو معاملو سامهون آيو هو. ڪراچي جي تعليمي ادارن جو جائز وٺي هر انصاف پسند ماڻهو چئي سگهي ٿو ته اڄ به ساڳئي صورتحال آهي. ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ اڄ به سنڌي نٿي پڙهائي وڃي.
ڪرپشن: ارباب دور ۾ ڪرپشن گهڻي هئي يا هاڻي آهي؟ مون اهو سوال اينٽي ڪرپشن واري صوبائي وزير عبدالحق ڀرٽ کان هڪڙي پريس ڪانفرنس ۾ پڇيو، هن جواب ڏنو ته، ”وڌي به ناهي، پر گهٽي به ناهي“، مطلب صورتحال ساڳي آهي. مثال ٻڌائبا ته ڳالهه وڃي پري پوندي.
سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ: سنڌ جي پاڻي تي جيئن ماضي جي حڪومتن جي دور ۾ ڌاڙا لڳي رهيا هئا، هاڻي به ساڳي صورتحال آهي. 91ع واري ٺاهه تي عمل نه پيو ٿئي، رڳو خط لکڻ سان ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملي سگهندو. اڳوڻو آبپاشي وزير به رڳو خط لکي 91ع واري ٺاهه تي عمل جو مطالبو ڪندو هو، موجوده آبپاشي وزير به ائين پيو ڪري. تازو سنڌ اسيمبليءَ ۾ مير نادر مگسي تقرير ڪندي چيو ته، ”رڳو تقريرن سان ڪجهه نه ٿيندو، سنڌ کي مٿي اک ڏيکارڻي پوندي.“ مٿي اک ڪير ڏيکاري؟ اهو سوال پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن موجودآهي.
هي چند اهي مثال هئا، جن سان واضح ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻهن لاءِ ڪجهه به بدليو ناهي. مخالف ڌر جي ڏينهن ۾ پ پ جيڪا سياست ڪئي، جيڪا جدوجهد ڪئي، اها مٿي بيان ڪيل ۽ ڪجهه ٻين نقطن تي مشتمل هئي، هاڻي ڇو پ پ حڪومت هوندي اهي مسئلا حل نٿا ٿين؟ ٻه سال ٿي ويا آهن، سنڌ لاءِ هڪ به وڏي منصوبي جو اعلان ناهي ٿيو، سنڌ ۾ ڪا وڏي صنعتڪاري ناهي ٿي، ويندي ٿر ڪول ۽ ڪي ٽي بندر جهڙين رٿائن تي به هنگامي فيصلا ناهن ٿيا ۽ نه ئي ترت اڪلاءُ وارا قدم کنيا ويا آهن. سنڌي ماڻهو بکون ڪاٽي ڪوڙا کائي، لٺيون جهلي، 11-11 سال آمريتن سان رڳو ان لاءِ ته وڙهيا ته ڪرسي تي ويهڻ وارو ماڻهو سنڌي هجي، اگر رڳو سنڌي ٽوپي جو سوال آهي ته ڄام صادق ۽ ارباب رحيم به سنڌي ٽوپيون پائيندا هئا ۽ سنڌي ڳالهائيندا هئا، انهن کان سنڌ جي ماڻهن کي شڪايت اها هئي ته هو سنڌي ماڻهن جي اجتماعي زندگي سنوارڻ وارا فيصلا نٿا ڪن، هُنن جي دل ٿر، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ سامونڊي پٽيءَ ۾ بکئي پيٽ ۽ انگ اگهاڙي ماڻهن لاءِ نٿي ڌڙڪي، پر سندن دل اسلام آباد مان ايندڙ فون يا حڪم تي ڌڙڪي ٿي. هاڻي به ساڳئي صورتحال آهي. پ پ کي ياد رکڻ گهرجي ته هاڻي ڳڙهي خدا بخش جي ڳاڙهي مٽي مان پيدا ٿيل ڪو ماڻهو موجود ناهي، جنهن سان هن ڌرتيءَ جا ماڻهو عشق ڪندا هجن ۽ محبوب ليڊر سمجهي سندن ناز نخرو کڻندا هجن ۽ سندن هر قدم کي محبوب جي ادا سمجهي واهه واهه ڪندا هجن. 6 ڊسمبر ۽ 24 جنوري وارن ڏهاڙن تي سنڌ پنهنجو هڪڙو ٻيو رخ ڏيکاريو آهي، جيڪڏهن حڪمرانن اکيون نه کوليون ته سنڌ هاڻي هُش ۾ خوش نه رهندي. پ پ سان وفا جي راهه ۾ هلندي سنڌ تمام گهڻا سور سٺا آهن، پ پ هاڻي مفاهمت جي نالي ۾ سنڌ سان بي وفائي نه ڪري. آئون هتي ڄام مدد علي جا سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيل تقرير جا هي لفظ ڪوڊ ڪندس ته ”هن وقت سنڌ ۾ ڪا به مخالف ڌر ناهي، سڀئي پارٽيون اقتدار ۾ آهن، هن وقت سنڌ کي حق نه مليا ته ڪڏهن به ڪو نه ملندا.“
dodochandio@yahoo.com