محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    قوم کي ”مبارڪون“!!




    اڱارو 16 فيبروري 2010ع



    سنڌ سرڪار آخرڪار بنا قانون ٺاهڻ جي مڪاني چونڊن جو اعلان ۽ ان لاءِ اتفاق راءِ سان سنڌ اسيمبليءَ مان بل پاس ڪرائي ڇڏيو آهي. مڪاني ادارن بابت پاس ڪيل هن ترميمي بل ۾ جيڪي مک ڳالهيون آهن، اهي هيءَ آهن ته، سنڌ سرڪار 120 ڏينهن ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي پابند هوندي. سرڪاري آفيسر ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيندا، ان دوران مڪاني ادارن واري نظام بابت قانونسازي ٿيندي، جيڪڏهن حڪومت مقاني ادارن جو 120 ڏينهن اندر ڪو نئون قانون نه ٺاهي سگهي ته پوءِ اڳوڻي صدر پرويز مشرف واري نظام تحت ئي چونڊون ڪرايون وينديون. سومر ڏينهن واري هن اجلاس ۾ مڪاني نظام وارو اهو ترميمي بل آغا سراج دراني پيش ڪيو، جنهن جي ايوان ۾ موجود سمورين پارٽين حمايت ڪئي، ان دوران جيڪي به تقريرون ٿيون، انهن تقريرن ۾ قوم کي بار بار مبارڪون ڏنيون ويون، ان وقت ڪجهه حيرت ٿي رهي هئي، جڏهن بنا قانون جي چونڊن جو اعلان ٿي رهيو هو.

    پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ جيڪي اختلاف هئا، اهي اصل ۾ بل تي نه پر نظام تي هئا، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جو چوڻ هو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي مڪاني ادارن واري نظام کي ئي وڌيڪ مضبوط ڪري شهري سرڪار کي بااختيار بنايو وڃي. ائين ئي ضلعي، تعلقي، ٽائونس ۽ شهري سرڪار جو نظام هجي، جڏهن ته پ پ جو موقف هو ته مڪاني ادارن جو اهو نظام لاڳو ڪيو وڃي، جنهن جو 73ع جي آئين ۾ ذڪر آهي ۽ ان لاءِ چيئرمين يا ميئر هجن. ٻئي جماعتون ٻن مهينن تائين گڏجاڻيون ڪنديون رهيون، رات جو 3-3 وڳي تائين ڊگها بحث ٿيا، قانون جا ڪتاب آندا ويا، صحافي، فوٽو گرافر ۽ ڪيمرا مين 3-3 وڳي تائين رات جو قوم کي ڪا خبر ٻڌائڻ لاءِ ڪڏهن وزيراعليٰ هائوس ته ڪڏهن گورنر هائوس جي ٻاهران انتظار ڪندا رهيا. هر ڀيري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري چيو ويندو هو ته قوم کي خوشخبري ٻڌائينداسين، آخرڪار سومر ڏينهن اها خوشخبري آئي، مطلب مڪاني چونڊن جو نظام ڪهڙو هوندو؟ ڇا ان ۾ ناظم هوندا يا چيئرمين، ضلعي حڪومتون هونديون يا ڪائونسلون، شهري سرڪار هوندي يا ڪراچي 5 ضلعن ۾ ورهايل ميٽرو پوليٽن سٽي هوندي؟ ان بابت قانون بعد ۾ ٺهندو، پر چونڊن جي تياري جو اعلان ٿي ويو آهي. ڪير ڪهڙي اليڪشن لاءِ تياري ڪري؟ ڪا خبر ڪانهي، مطلب جيڪي معاملا جتي هئا، اتي ئي آهن، جيڪو هڪ قدم اڳتي وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهو قدم به هڪڙو ڪنڊو آهي، جيڪو پ پ جي نڙيءَ ۾ اٽڪايو ويو آهي. اگر 120 ڏينهن دوران سنڌ سرڪار مڪاني ادارن بابت ڪو قانون جوڙي نه سگهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف واري نظام تحت ئي چونڊون ٿينديون. پ پ سرڪار هاڻي هن بل کانپوءِ پنهنجي اتحادي جماعت آڏو پابند بنجي وئي آهي، اگر اتحادي جماعت پنهنجي موقف تي قائم رهندي، ڪنهن نئين نظام تي اتفاق نٿي ڪري ته پوءِ پ پ وٽ پرويز مشرف واري قانون کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه هوندو، جنهن جا وڌيڪ امڪان آهن، ڇاڪاڻ ته متحده قومي موومينٽ پنهنجي سياسي سگهه جون پاڙون مڪاني نظام کي سمجهي ٿي ۽ ان لاءِ هن هِن وقت تائين ڪڏهن به ڪمپرومائيز ناهي ڪيو ۽ نه ئي هاڻي ڪندي نظر اچي ٿي، تنهن ڪري هن بل کانپوءِ جيڪو ماحول نظر اچي ٿو، ان ۾ گهاٽو پ پ کي ئي ٿيندو نظر اچي ٿو.

    جيڪڏهن اهو ڪجهه ڪرڻو هو ته هيترا مهينا ضايع ڇو ڪيا ويا؟ شروع ۾ ئي اعلان ڪيو وڃي ها، دير جي ڪري ڪراچي ڪيترو ڀوڳيو، هن شهر اندر ڇا وهيو واپريو، انساني زندگين آڏو ڪيترا امتحان آيا، ڪاروباري سرگرمين سان ڪهڙي جٺ ٿي، اهو سڀ ڪجهه نه ٿيڻ گهرجي ها، ان کانسواءِ جيڪا ٻئي ڳالهه سامهون آئي آهي، اها هيءَ ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سيٽ ايڊجسٽمينٽ تحت چونڊون وڙهنديون. اها ڳالهه ته ڀلي آهي، پر ڪنهن همراهه جي ڳالهه وانگي ته ”ميلو متو ئي منهنجي ٽوال چورائڻ لاءِ هو“ وارو قصو نه ٿئي، ڇو ته ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هن وقت تائين پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون ٿيون آهن، ان ۾ ڪراچي، حيدرآباد جون ضلعي ۽ شهري حڪومتون، نوابشاهه، سکر ۽ ميرپورخاص جون تعلقي ناظميون متحده کي ڏيڻ جون ڳالهيون ٿيون آهن. ڪراچي شهري سرڪار به قائم رهندي، ملير ضلعو به بحال نه ٿيندو، حيدرآباد ضلعو به بحال نه ٿيندو، موٽ ۾ لياري ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽيون ڪجهه بااختيار ڪيون وينديون، رب پاڪ ڪري اها ڳالهه درست نه هجي، پر جيڪڏهن اها ڳالهه درست هوندي ته هي جيڪي قوم کي مبارڪون ڏنيون ويون آهن، اهي مبارڪون ڏاڍيون مهانگيون پونديون.

    خميس ڏينهن واري اجلاس ۾ جيئن ته آغا سراج دراني اهو بل پيش ڪيو ۽ سمورن ان جي حمايت ڪئي، پر جيڪي تقريرون ٿيون، ان ۾ ٻه وهڪرا واضح نموني نظر اچي رهيا هئا. پ پ جا اڳواڻ قوم کي مبارڪون ڏيندي چئي رهيا هئا ته ”اسان هڪ آمر جي نظام جو خاتمو آڻي رهيا آهيون“ اياز سومري پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”آمر جي نظام جي خاتمي لاءِ هڪ وک اڳتي وڌائي اٿئون، اها ساڳئي ڳالهه رفيق انجنيئر ۽ ويندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه به ڪئي، پر ايم ڪيو ايم جي رضا هارون، ڊاڪٽر صغير احمد ۽ سيد سردار احمد پنهنجي تقريرن ۾ هن ناظمن واري نظام جي تعريف ڪئي، صورتحال جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ ڄام مدد جي ڪنهن به ڳالهه تي ايم ڪيو ايم ڪو اعتراض ناهي ورائيندي، پر ڪالهه وارو ڄام مدد جو هو ۽ وڌيڪ شعيب بخاري ڳالهايو، جنهن تي ڄام مدد تقرير ۾ ٽوڪيندي چيو ته ”مائيڪ منهنجي کليل آهي، ڳالهائي شعيب بخاري پيو“. ڄام مدد اهو به چيو ته تقريرن ۾ بار بار چئو ٿا ته آمر جو نظام، آمر جو نظام، ڀلا پنهنجو نظام آڻيو ڇو نٿا؟ اها ڳالهه وڏي وزير کي ڏکئي لڳي، جنهن ڄام مدد کي وري وٽس سي ايم هائوس ۾ پنهنجا ذاتي ڪم کڻي اچڻ جو طعنو هنيو.

    اجلاس ۾ نصرت سحر عباسي کي پنهنجو ارجنٽ موشن کڻڻ نه ڏنو ويو، پر صوبائي وزير منظور وساڻ جا ورڪس اينڊ سروس بابت سمورا سوال جواب ٻڌا ويا. منظور وساڻ کان عارف مصطفيٰ جتوئي سوال ڪيو ته ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي سنڌ ڏئي ٿي، سڄي ملڪ ۾ موٽر وي ٺهيا آهن، سنڌ ۾ هڪ گز به ناهي ٺهيو، ڇو ڀلا؟؟ جنهن تي منظور وساڻ اتفاق ڪندي چيو ته واقعي سنڌ سان ناانصافي ٿي آهي. اسان جي حڪومت جي ڪوشش سان 2012ع تائين ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي ٺهي ويندو. اجلاس ۾ ملڪ جي ٻرندڙ صورتحال تي اڪيلي تقرير پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ ڪئي، جنهن سوالن جوابن جي ايجنڊا مان اوچتو وقت وٺي نواز شريف جي ڪيل پريس ڪانفرنس ۽ تازي صورتحال تي ڳالهايو. شرجيل جو چوڻ هو ته ”احتساب رڳو پ پ جي قيادت جو ڇو ٿئي، هي مهراڻ بينڪ اسڪينڊل، پيلي ٽيڪسي اسڪينڊل، قرض اتارو مهم جا شيئر ۽ ٻيا اسڪينڊل ڪيڏانهن ويا؟ سنڌ جا ماڻهو اسان کان سوال ٿا ڪن ته هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي رهيو آهي؟ شرجيل ميمڻ جي تقرير دوران سمورا ميمبر ”شيم شيم“ جا نعرا هڻندا رهيا، جنهن مان محسوس ٿي رهيو هو ته ان صورتحال تي ٻيا ميمبر به ڳالهائڻ چاهين ٿا، پر موقعو صرف شرجيل ميمڻ کي مليو. لڳي ٿو ته اڄوڪي اجلاس ۾ هي ايوان ملڪي صورتحال تي پنهنجو اظهار ضرور ڪندو.

    dodochandio@yahoo.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هيءَ جمهوريت آهي؟!




    خميس 18 فيبروري 2010ع



    اسيمبلي هڪ اهڙو ايوان آهي، جتي هر ميمبر پنهنجي تڪ، عوام، قوم ۽ وطن لاءِ پنهنجي راءِ جو اظهار آزاديءَ سان ڪري ٿو، اگر پارٽي ضابطن يا پنهنجي مزاج جي ڪري ڪو ميمبر خاموش رهي ٿو ته اها سندس مرضي، پر مٿس پابنديون ناهن. تازو آبپاشي واري وزير سيد مراد علي شاهه ان وقت سمورن ميمبرن کي حيران ڪري ڇڏيو، جڏهن هن ميمبرن تي اعتراض ڪيو ته اهي پاڻي واري معاملي تي هتي ايوان ۾ نه ڳالهائين، ان سان نفرتون پکڙبيون. سيد مراد علي شاهه جي ان موقف کان اڳ صوبائي وزير سسئي پليجو پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي ايوان جو ڌيان صديق الفاروق جي بيان طرف ڇڪايو، سسئي پليجو جو چوڻ هو ته نواز ليگ اڳواڻ صديق الفاروق سنڌ ۾ اچي جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، اهي اسان جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهن. نواز ليگ پنهنجو رويو درست ڪري، پاڻي لاءِ اسان ڪنهن به انتها تي وڃي سگهون ٿا. سسئي پليجو جيئن ئي ماٺ ڪئي ته حميرا علواڻي چشما-جهلم لنڪ ڪينال جي وهڪري تي ايوان جو ڌيان ڇڪايو، جنهن تي آبپاشي وزير سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو، سندس چوڻ هو ته پاڻي جي معاملي تي هر ڪو ائين نه ڳالهائي، اگر ڪنهن کي ڪنهن ڄاڻ جي ضرورت آهي ته اهو مون کان اچي وٺي. آبپاشي وزير جي اهڙي بيان تي حيرت ٿي، سنڌ ۾ چوندا آهن ته، ”جتي باهه ٻري، اها جاءِ جلي“ سائين بادشاهه سنڌو جي ڪپ تي رهي ٿو، سندس سموريون ٻنيون آباد ٿين ٿيون، پر سسئي پليجو جتي رهي ٿي، اتي سمنڊ روزانو 80 ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ٿو، جتي زندگيون طوفانن ۾ گهيريل رهن ٿيون، جتي 5-5 هزار ايڪڙ زمين جا مالڪ روڊن تي بيهي خيرات پنندي نظر اچن ٿا، جتان ڪنهن زماني ۾ دنيا سان وڻج واپار ٿيندو هو، مکڻ ۽ ماکين جون ٻيڙيون ڀرجي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وينديون هيون، جتان جي ماڻهن کي لطيف ”ڪاري کيڙائو“ سڏيو، جيڪي ڪارو (سمنڊ) کيڙي دنيا ۾ ويندا هئا ته لنڪائون لٽي موٽندا هئا، جتي ڌاريا ڪاهون ڪري هيرن جواهرن جا غوراب ڀري کڻي ويندا هئا. ان علائقي جا ماڻهو لاش کي غسل ڏيڻ لاءِ پاڻي اڌارو وٺن ٿا، جتي مائرون ٻارن کي دلاسا ڏئي رات جو سمهارين ٿيون ته صبح ٿيندو ته توکي پاڻي پياريندس. انهيءَ درد کي ڪير سمجهي!

    اربع ڏينهن حاجي منور عباسي ايڊهاڪ ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو معاملو ايوان ۾ اٿاريو، جڏهن ته ايم پي اي شمع مٺياڻي جناح اسپتال ڪراچي ۾ بم بلاسٽ کانپوءِ سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي ڪيمپ بند ڪرڻ تي پنهنجو احتجاج نوٽ ڪرايو، شمع مٺياڻي جو چوڻ هو ته ”جناح اسپتال ۾ جيڪي به مريض اچن ٿا، انهن جي وارثن کي سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ پاران ماني کارائي وڃي ٿي، اهو سينٽر ٻيهر کوليو وڃي“. مون ٻه ڀيرا پنهنجي هن گئلري ۾ لکيو آهي ته هن جمهوري نظام ۾ جيڪو ايوان جو قانون آهي، ان ۾ معزز ميمبر ڪنهن به اشو تي پنهنجو سوال جمع ڪرائي سگهي ٿو ۽ وزير ان جو جواب ڏيڻ جو به پابند هوندو آهي، پر اسان جا ميمبر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا سوال به ڪندا آهن، جن تي اسپيڪر خود کلي چوندو آهي ته، ”اهو سوال ئي ناهي“. اربع ڏينهن عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي وزير توقير فاطمه ڀٽو کان سليم خورشيد کوکر سوال پڇيو ته ”توهان جو کاتو عورتن جي ترقي لاءِ ڪم ڪري پيو، ڇا ان کاتي وٽ مردن جي ترقي لاءِ به ڪو پروگرام آهي؟“ اهڙو ئي سوال غلام مجدد اسراڻ به پڇيو، سندس سوال هو ته ”ڇا عورتن جي تحفظ وارن ادارن ۾ بيوٽي پارلر به قائم ڪيا ويا آهن؟“ اجلاس ۾ ڄام تماچي انڙ جڏهن مردن تي به تشدد جو ذڪر ڪيو ته سموريون عورتون احتجاجن اٿي بيهي رهيون، ڄام تماچي انڙ چيو ته عورتن تي ته تشدد جو ذڪر ٿئي ٿو، پر جيڪي مرد عورتن جي تشدد جو نشانو بنجن ٿا، انهن جو به ذڪر ٿيڻ گهرجي. پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ جو ايوان عورتن ۽ مردن ۾ ورهائجي ويو، تمام گهڻو گوڙ ٿيڻ تي اسپيڪر نثار احمد کهڙي شعيب بخاري کان راءِ ورتي ته ”سائين ڇا تشدد ڪرڻ جو الزام رڳو مردن تي لڳي ٿو، ڇا ڪا عورت پنهنجي مڙس تي تشدد نٿي ڪري؟ شعيب بخاري جو چوڻ هو ته ”تشدد ڪير به ڪري سگهي ٿو، ان ۾ عورت هجي يا مرد، ڪير به ڪري سگهي ٿو.“ ايوان ۾ پوءِ به گوڙ ٿيندو رهيو، عورت ايم پي ايز چونديون رهيون، ته هي لفظ واپس وٺو، اسان الزام ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيون، تمام گهڻي دير ٻنهي طرفن کان آواز ايندا رهيا، اسپيڪر آخرڪار سوالن جوابن واري ايجنڊا ئي ختم ڪري ڇڏي، پر ڄام تماچي پنهنجي موقف تي ڳالهائڻ لاءِ بيٺل رهيو، ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي ڄام تماچي انڙ واڪ آئوٽ ڪري ويو، جنهن کي ذوالفقار مرزا پرچائي وٺي آيو.

    سنڌ اسيمبليءَ جي هن اربع ڏينهن واري اجلاس ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها هئي ته سنڌ اسيمبلي هڪ ٺهراءُ پاس ڪري پنهنجي ئي پاس ڪيل بل تي پنهنجي ئي حڪومت کان عمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، اهو ٺهراءُ سنڌي ٻولي واري بل بابت هو ته سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ استعمال بابت سنڌ اسيمبلي هڪ بل 72ع ۾ پاس ڪيو هو، وري 99ع ۾ ان ۾ ترميم ڪئي، ان قانون تي عمل ڪرايو وڃي، هي ٺهراءُ پ پ ايم پي اي نواب تيمور پيش ڪيو، جنهن تي ايم پي اي محمد نواز چانڊيو، مير محبوب بجاراڻي، مير محمد حسن ٽالپر، حميراه علواڻي ۽ سليم خورشيد کوکر صحيحون ڪيون، بعد ۾ سڄي ايوان اٿي چيو ته اهو اسان جو گڏيل ٺهراءُ آهي، جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. هن ٺهراءُ جي پيش ٿيڻ سان هڪڙو سوال ضرور پيدا ٿئي ٿو ته ڪهڙي ڳالهه آهي جو ڪنهن قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيو وڃي، ڇا سنڌ جو تعليم وارو کاتو ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا سنڌي ٻولي واري قانون تي عمل نه پيا ڪرائين؟ جيڪڏهن جواب ها ۾ آهي ته ڇا انهيءَ ٺهراءُ کي سنڌ جو تعليم کاتو اهميت ڏيندو؟ اصولن ان کي قانون تي عمل ڪرائڻ گهرجي، جڏهن قانون تي عمل نه ٿيو، تڏهن ئي پ پ پ ايم پي ايز کي اهو ٺهراءُ آڻڻو پيو. اسان جا اڪثر ميمبر ايوان ۾ سنڌي ناهن ڳالهائيندا، جس وري به قانون واري وزير اياز سومري کي هجي، جيڪو سنڌ اسيمبلي ۾ 90 سيڪڙو سنڌي ۾ ئي ڳالهائيندو آهي ۽ ٻين ميمبرن کي به چوندو آهي ته پنهنجي اباڻي ٻولي ۾ ڳالهايو، پر گهڻا سنڌي ميمبر ته پاڻ ۾ به سنڌي ناهن ڳالهائيندا. اسيمبلي ۾ ننڍي وڏي ڳالهه تي هرون ڀرون گهڻو ڳالهائيندڙ هڪ عورت ايم پي اي کي چيم ”توهان سنڌي ۾ ڇو نٿا ڳالهايو؟“، ته چيائين ”رڳو سنڌي ۾ ڳالهائينديس ته پوءِ ٻين اخبارن ۾ نالو ڪيئن ايندو!؟“ ڇا ماڻهو رڳو اخبار ۾ نالو ڇپرائڻ لاءِ پنهنجي اباڻي ٻولي نه ڳالهائي، ان کي اسيمبلي جي هيڏي وڏي ايوان مان نيڪالي ڏئي ڇڏجي. مون کي ان وقت پ پ جو اڳواڻ ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو ياد اچي ٿو، جنهن سنڌ اسيمبليءَ جي بجيٽ به سنڌيءَ ۾ پيش ڪئي هئي.

    اجلاس ۾ ڊاڪٽر سڪندر منڌري ٺٽي ۽ بدين ۾ جيڪا زمين سمنڊ پائي پيو، ان لاءِ خصوصي فيز رکڻ ۽ حميرا علواڻي چشما-جهلم لنڪ ڪينال کي بند ڪرائڻ بابت ٺهراءُ آڻڻ جي گهر ڪئي، جڏهن ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ جيڪو بجليءَ جو بحران پيدا ٿيو هو، ان بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ٿي، پر آبپاشي وزير مراد علي شاهه اعتراض ورايو ته ان رپورٽ ۾ منهنجي راءِ شامل ناهي، جنهن تي ڪاميٽي جي چيئرمين عارف مصطفيٰ جتوئي چيو ته آبپاشي وزير هڪ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيو هو، ٻين گڏجاڻين جا اسان اطلاع ڏنا هئا، ان ڪري رپورٽ قبول ڪئي وڃي، پر اسپيڪر ايوان کان راءِ وٺي اها رپورٽ واپس ڪاميٽي ڏي اماڻي ڏني، جنهن تي عارف مصطفيٰ جتوئي دانهون ڪندو رهيو ته ”ڇا هيءَ جمهوريت آهي؟ ڇا هر رپورٽ حڪومت کان پڇي پوءِ ڏيون؟ اسان ميمبر هتي ڇا لاءِ ويٺا آهيون؟“ عارف مصطفيٰ جي انهن جملن چوڻ تائين اجلاس جي ڪارروائي وقت پورو ٿيڻ تي اسپيڪر سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

    dodochandio@yahoo.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    قصو شاهه رخ خان جو!




    جمع 19 فيبروري 2010ع



    سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس هلندي ڪجهه ميمبرن لاءِ نالا مخصوص ٿيل آهن، جيئن پير مظهرالحق هر ڀيري نصرت سحر عباسي کي ”جيجي امان“ چوندو آهي، ائين وري آغا سراج دراني صوبائي وزير ڊاڪٽر موهن لال کي شاهه رخ جي نالي سان سڏيندو آهي. اجلاس ۾ ڪا به ڳالهه ٿيندي آهي ته آغا سراج دراني چوندو آهي ته، ”سائين، شاهه رخ کان به پڇو؟“ ڪڏهن ڪڏهن اسپيڪر نثار احمد کهڙو چوندو آهي، ”بابا، اسيمبلي ۾ شاهه رخ خان نالي ڪو به ميمبر ناهي“ ته سمورا ميمبر ڊاڪٽر موهن لال طرف ڏسي کلندا آهن. خميس ڏينهن واري اجلاس ۾ به جڏهن پبلڪ پارٽنرشپ واري بل تي ميمبر ڳالهائي رهيا هئا ته، اسپيڪر نثار احمد کهڙي اوچتو ڊاڪٽر موهن لال جو نالو ورتو. ڊاڪٽر موهن لال ڳالهائڻ لاءِ ذهني طور تيار ئي نه هو، اوچتو سندس نالو اچڻ تي هن اٿي ٽي ڀيرا ”حقيقت اها آهي ته“ جا جملا چيا ته آغا سراج دراني اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو، ”سائين حقيقت اها آهي ته شاهه رخ کي بل جي خبر ئي ناهي“. جنهن تي اسيمبلي هال ۾ ٽهڪڙو مچي ويو، پر جيئن ته ڊاڪٽر موهن لال پرواهه نه ڪندي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته نثار کهڙي چيس، ”ڏسو ڊاڪٽر موهن لال ڳالهائي پيو، توهان چئو ٿا ته نه ڳالهائي سگهندو“. ان ئي بل تي ڳالهائڻ دوران ايم پي اي بچل شاهه انگريزي ۾ تقرير ڪئي ته نصرت سحر عباسي چيو، ”انگريزي ڳالهائڻ لاءِ اجازت نه ورتي اٿس.“ جنهن تي اسپيڪر چيو ته، ”توهان جي مرضي آهي ڪهڙي به ٻوليءَ ۾ ڳالهايو پر انگريزي ڳالهائڻ لاءِ اسپيڪر کان اجازت وٺڻ لازمي آهي“ جنهن تي اياز سومري چيو ته اسان ڪالهه ئي سنڌي ٻولي بابت ٺهراءُ پاس ڪيو آهي، ان تي اسان عمل نه ڪنداسين ته ٻيو ڪير ڪندو! اسپيڪر نثار کهڙي مذاق واري انداز ۾ اياز سومري کي چيو ته، ”سائين توهان ويهو، مون ڪاوش پڙهي آهي“. جنهن تي هال ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو.

    اجلاس ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها به هئي ته 60 جي لڳ ڀڳ وزيرن مان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وزير اجلاس ۾ موجود هئا. اسپيڪر پارلياماني معاملن واري وزير سان مخاطب ٿي چيو ته، ”سيڪريٽري ۽ ٻيا آفيسر ته ٺهيو، هاڻي وزير به ايوان ۾ نٿا اچن، ائين ڇو آهي؟“ جنهن تي آغا سراج چيو ته، ”وزير اسلام آباد گڏجاڻي تي ويا آهن.“ اياز سومري چيو ته سي ايم سان ڳالهايون ٿا، سمورن وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي پابند بنايو ويندو ته اهي اجلاس ۾ ضرور شريڪ ٿين. ان موقعي تي متحده قومي موومينٽ سان تعلق رکندڙ اوقاف واري صوبائي وزير عبدالحسيب خان چيو ته، ”منهنجا هن وقت تائين 8 سيڪريٽري بدلي ٿي چڪا آهن، هڪڙي به سيڪريٽري جي بدليءَ لاءِ صلاح نه ورتي وئي، پر جنهن سيڪريٽري جي بدليءَ لاءِ مون پاڻ چيو آهي، ان کي بدلي نٿو ڪيو وڃي.

    اجلاس ۾ جڏهن نصرالله بلوچ سکر جي تعلقي ناظم مٿان تنقيد ڪئي ته متحده جو رضا هارون اٿي بيٺو ۽ ان سخت احتجاج ڪيو. مٿين صورتحال مان اها ڳالهه واضح ٿي ته متحده جا وزير يا ميمبر هاڻي هر معاملي تي خاموش نه رهندا، اڳ پ پ جا وزير ۽ ايم پي اي ڪهڙيون به تقريرون ڪن، ڇا به چون، پر متحده جا ايم پي اي ۽ وزير خاموش رهندا هئا، پر هاڻي هو هر معاملي تي پنهنجو احتجاج نوٽ ڪرائين ٿا. اها خاموشي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي تقرير کانپوءِ ختم ٿي آهي، نه ته پ پ جا وزير ۽ ايم پي اي پنهنجي تقريرن ۾ الاءِ ڇا ڇا چوندا هئا، پر متحده جي سيٽن تان ڪو به جواب نه ايندو هو، پر هاڻي صورتحال ائين ناهي.

    پ پ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته، ”دادو کي الاءِ ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي، ڌاڙا، ڦرون ۽ چوريون ته روز جو معمول بڻيل آهن، هاڻي روز ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن. دادو پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي. جنهن تي آغا سراج دراني چيو ته ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، اسان دادو ۾ به امن قائم ڪرائينداسين. ڄام تماچي انڙ چيو ته، هڪ ته پنجاب سنڌ جو پاڻي کڻي وڃي ٿو، ٻيو جيڪو پاڻي اچي ٿو، اهو به آبپاشي کاتي جي بدانتظامي جي ڪري آبادگارن کي پاڻي نٿو ملي، پوڇڙي جا آبادگار اسان کي پٽون ۽ پاراتا ڏئي رهيا آهن. صوبائي وزير سسئي پليجو جو چوڻ هو ته سنڌ جي منصوبن کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي، اين ايف سي ۾ اسان کي حصو نه پئي مليو، جنهن ڪري اسان وٽ ترقي ناهي ٿي رهي. سياحت واري صوبائي وزير شازيه مري جو چوڻ هو ته اسان وٽ سياحت طرف ڌيان نه ڏنو ويو آهي، اسان ڪوشش ڪريون ته سنڌ دبئي بڻجي سگهي ٿي.

    اجلاس ۾ ايم پي اي حميرا علواڻي ٺٽي ۽ بدين جي جيڪا سامونڊي پٽي جي زمين سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي، ان جو معاوضو ڏيڻ لاءِ اجلاس ۾ ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي اسپيڪر نثار احمد کهڙي چيو ته ٺهراءُ سٺو آهي، پر ان تي اڃا ڪم ٿيڻ گهرجي. سسئي پليجو چيو ته اهو تمام وڏو ۽ اهم ڪم آهي، سنجيدگي سان ٺهراءُ اچڻ گهرجي. قانون واري وزير جو چوڻ هو ته اهو ٺهراءُ ان ڏينهن ايوان ۾ پيش ڪيو وڃي، جنهن ڏينهن وڏو وزير به موجود هجي، ان ڪري اسپيڪر اهو ٺهراءُ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته هي ايوان عوام جو آهي، اجتماعي مسئلا کڄن ٿا ۽ وڌيڪ کڻڻ به گهرجن، اهي مسئلا هتي ايوان ۾ اچن ٿا ته اهي حل به ٿين ٿا.

    اجلاس ۾ روينيو کاتي بابت سوال جواب هئا، جيڪي گهڻو ڪري ايم پي اي حميره علواڻي جا هئا. ان کانسواءِ شرجيل ميمڻ، ايم پي اي نديم ڀٽو، عارف مصطفيٰ جتوئي، غلام قادر چانڊيو ۽ ٻين به سوال پڇيا. گهڻا سوال ڪراچي جي ڳوٺن بابت هئا. ايم پي اي حميرا علواڻي اهو پڇيو ته سنڌي ڳوٺ ڪڏهن پڪا ٿيندا؟ جنهن تي ڄام مهتاب ڏهر جو چوڻ هو ته 12 ڳوٺ پڪا ڪيا اٿئون، 3 سئو ڳوٺ هفتي اندر پڪا ڪنداسين، جيڪي به قديمي ڳوٺ آهن، اهي ضرور پڪا ٿيندا. جيئن ئي اجلاس ۾ مقرر ايجنڊائون پوريون ٿيون ته اسپيڪر اجلاس اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

    dodochandio@yahoo.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    تلخ ڪلامي ۽ مبارڪن سان پورو ٿيل اسيمبلي اجلاس




    اڱارو 20 اپريل 2010ع



    سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ هاڻي تعليم تان جهڙپ ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي. جڏهن به سيشن هلندو آهي، تڏهن ڪو اهڙو ڏينهن خالي ناهي هوندو، جڏهن سنڌ جو تعليم وارو وزير پير مظهرالحق ۽ ڪو نه ڪو ايم پي اي آمهون سامهون نه هوندا هجن، هر اجلاس دوران هڪڙي جهڙپ تعليم جي معاملي تان ضرور ٿيندي آهي. سومر واري ڏينهن به اهڙي ئي صورتحال سامهون آئي، حالانڪه ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت ۾ جيئن ئي اجلاس شروع ٿيو ته پوائنٽ آف آرڊر تي گهڻو ڪري صحت ئي بحث هيٺ هئي. ڊاڪٽر احمد علي شاهه شروع ۾ نوشهرو فيروز جي اسپتال جو ذڪر ڪيو، ۽ ٻڌايو ته 26 ڊاڪٽر مقرر ٿيل آهن، پر هڪ ڏينهن اڳ جڏهن دل جو مريض پهتو ته ان جو علاج ڪرڻ لاءِ اتي هڪ به ڊاڪٽر موجود نه هو، ۽ ڪمپائونڊر جي علاج ڪرڻ سبب مريض ئي فوت ٿي ويو. اهڙو ئي ذڪر شرجيل انعام ميمڻ، ننگر پارڪر جي اسپتال جو ڪيو، بقول شرجيل جي ته، ننگر پارڪر اسپتال جي ٻاهران مريض کٽون رکي، ٽي ٽي ڏينهن ڊاڪٽرن جو انتظار ڪندا آهن، پر ڊاڪٽر علاج نٿا ڪن، ساڳي ريت حميره علواڻي، هير سوهو ۽ ٻين ڊاڪٽرن جي ڊيپوٽيشن تي مقرري، ڊيوٽيون نه ڪرڻ وارا معاملا ايوان آڏو اٿاريا. ان دوران ايوان ۾ ماحول صحت بابت هو، خود ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته اڄ هوائن جو رخ صحت طرف آهي، پر اوچتو فنڪشنل مسلم ليگ سان تعلق رکندڙ ايم پي اي ماروي راشدي ايوان ۾ اٿي بيٺي، سڀني جو خيال هو ته هوءَ به صحت تي ڳالهائيندي، پر هن اٿندي ئي ڳالهه جو رخ تعليم واري وزير طرف ڪيو. ماروي راشدي چيو ته، ”هونئن ته سڄي سنڌ جي تعليم جو ستياناس ٿيل آهي، ڊيپوٽيشن ۽ او پي ايس سسٽم جي ڪري تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي، پر سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جيڪي تازو درسي ڪتاب ڇپرايا آهن، انهن هڻي رهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي آهي. درسي ڪتابن ۾ سنڌ جي تاريخ بابت ايڏا ته غلط حوالا ڏنل آهن، جن کي پڙهي ماڻهو دنگ رهجي وڃي ٿو. ويندي مرزا قليچ بيگ جي باري ۾ به غلط حوالا ڏنا ويا آهن“. ماروي راشدي جي اهڙي چوڻ تي تعليم وارو وزير پير مظهرالحق اٿي بيٺو، جنهن چيو ته، ”مون ماروي راشديءَ جي ڀاءُ کي او پي ايس تي نه رکيو، ان ڪري هوءَ اهڙي ڳالهه پئي ڪري“. پير مظهرالحق جي اهڙي موقف تي ماروي راشدي چيو ته، ”پير مظهرالحق جي ڳالهه ۾ ذرو به سچ ناهي“. ٻنهي ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ٻنهي جا هڪ ٻئي خلاف ڳالهايل لفظ ڪارروائي مان خارج ڪري ڇڏيا.

    اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي نديم ڀٽو ايوان جو ڌيان هاڪس بي تي آباد ماهيگيرن جي بستي ”يونس آباد“ ڏانهن ڇڪايو، جتان جي رهواسين کي تازو ڪجهه اعليٰ اختيارين نوٽيس اماڻيا آهن. اها يونس آباد بستي اصل ۾ پ پ جي پراڻي جيالي ۽ ڪراچيءَ جي قديمي رهواسي حاجي يونس جي نالي سان آباد آهي. حاجي يونس ڪراچي جي سنڌي ڳالهائيندڙ انهن چند ماڻهن مان هڪ آهي، جيڪي هن شهر جي انسائيڪلوپيڊيا آهن، جن کي ڪراچي جي زمينن جي ٻاڙي ٻاڙي تي ڇا وهيو، ڇا واپريو، ان بابت نه رڳو ڄاڻ اٿن، پر ڪراچي جي قديمي رهواسين جي حقن لاءِ مسلسل جدوجهد جي علامت به آهن. ان حاجي يونس جو ڳوٺ هاڻي ان ئي خطري ۾ آهي، جنهن خطري ۾ مورڙي جي قبر آهي. ڏسون ته حڪومت ان لاءِ ڪهڙو ٿي آواز اٿاري.

    سنڌ اسيمبليءَ جي سومر ڏينهن واري اجلاس ۾ 18 هين ترميم جي حمايت ۾ هڪڙو ٺهراءُ به پاس ڪيو ويو، جنهن جي حمايت ۾ هونئن ته مبارڪن واريون تمام گهڻيون تقريرون ٿيون، پر سڀني کان سٺو موقف قانون واري وزير اياز سومري، صوبائي وزير سسئي پليجو ۽ ڊاڪٽر سڪندر شوري رکيو، جن 18 هين ترميم بعد تازي پيدا ٿيل صورتحال جو ذڪر ڪندي، سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن جو به ذڪر ڪيو. اياز سومري، سسئي پليجو ۽ ڊاڪٽر سڪندر شوري جو چوڻ هو ته، سنڌ خلاف سازشن ۽ سنڌ جي ورهاڱي جو ڪو رڳو تصور به ڪري ٿو ته اسان ان تصور جي به مذمت ٿا ڪريون. اجلاس ۾ فياض ٻٽ، آغا سراج دراني، غلام مجدد اسراڻ، ستار راڄپر، عابد جتوئي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن صدر ائين مرڪندي خوشيءَ سان پنهنجا اختيار ڇڏيا آهن. اڪثر ميمبرن ضياءُ الحق نالو آئين مان خارج ٿيڻ تي جتي خوشيءَ جو اظهار ٿي ڪيو ته اتي اڳوڻي صدر پرويز مشرف کان بينظير ڀٽو شهيد جي قتل جو پلاند وٺڻ جي به ڳالهه ٿي ڪئي. ميمبرن جي تقريرن مان لڳو ته اڪثريت 18 هين ترميم جو مطالعو ئي ناهي ڪيو. نصرت سحر عباسي جڏهن 18 هين ترميم ۾ رهجي ويل پاسن جو ذڪر ڪيو ته حڪومت وارا ڪاوڙجي پيا، 18 هين ترميم جو صحيح مطالعو رڳو عارف مصطفيٰ جتوئي جو ڪيل ٿي لڳو، جنهن (To the point) نقطي وائيز ڳالهايو، پر گهڻن ميمبرن ته رڳو مبارڪون ئي ڏنيون. اسان وٽ تمام ٿورڙا ميمبر باقائده تياري سان ايندا آهن، نه ته گهڻا اخبار پڙهي به ناهن ايندا. اسپيڪر نثار احمد کهڙي سنڌ اسيمبليءَ جي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ ڇپرائي آهي، جنهن کي پڙهڻ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي چونڊيل نمائندن جي ايوان ۾ ڪارڪردگي ڪهڙي رهي آهي، بهرحال سنڌ اسيمبلي 18 هين ترميم جي حمايت ۾ خوشيءَ جي اظهار وارو ٺهراءُ ان وقت پاس ڪيو، جنهن وقت صدر 18 هين ترميم تي صحيح ڪري رهيو هو، اهڙي ٺهراءُ جي منظوري بعد اسپيڪر اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

    dodochandio@yahoo.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ...۽ جڏهن اسيمبليءَ اندر هڪ ئي خاندان جي آفيسرن تي اک پئي!




    اربع 21 اپريل 2010ع



    اسان وٽ سياستدان ۽ وڏيرا سياست، تڪ ۽ علائقي کي پنهنجي ميراث سمجهي، انهيءَ تي هميشه پنهنجو تسلط برقرار رکڻ چاهيندا آهن. جتان ڪو ڀوتار اليڪشن کٽيندو آهي، ان جي خواهش هوندي آهي ته سندس ”رٽائرمينٽ“ بعد ان سيٽ تان سندس پٽ ئي چونڊ کٽي، ته جيئن اهو تڪ هميشه سندن ئي رهي. وڏيرا شاهي جي انهيءَ سوچ کان متاثر سنڌ جي بيوروڪريسي ۾ به ساڳي صورتحال آهي. هونئن ته ڪٿي ايماندار ۽ سچا آفيسر هڪ ئي ڪرسي تي ويهي رٽائرمينٽ جي حد کي پهچي وڃن ٿا، ۽ ڪٿي وري ڪي سڀاڳا ڪلارڪ طور ڀرتي ٿي، سيڪريٽري جي حيثيت ۾ رٽائرڊ ٿين ٿا. اهو نظام ٻين هنڌن تي به هوندو، پر جيڪو ظلم سنڌ اسيمبليءَ اندر ٿيل آهي، اهڙو ٻئي ڪنهن به هنڌ ناهي. مون جڏهن اجلاس هلندي اسپيڪر جي چوڦير ماڻهن کي ڏٺو ۽ انهن بابت معلومات ورتي ته زمين پيرن هيٺان نڪري وئي، سڄي اسيمبليءَ تي هڪ پيءُ، ان جي پٽن، ڀاڻيجن، سالن ۽ سوٽن جو راڄ ڏٺم. 89ع ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طور ڀرتي ٿيل ڪاموري (جيڪو هاڻي سيڪريٽري آهي) پنهنجي هڪ پٽ کي 16 هين گريڊ ۾ اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر ڀرتي ڪرايو، چئن سالن ۾ لاڳيتو پروموشن ڏئي، ان کي 19 هين گريڊ تائين پهچايو آهي ۽ اهو هاڻي ايڊيشنل سيڪريٽري آهي، پيءُ جي رٽائرمينٽ بعد پٽ سيڪريٽري ٿيندو، ٻيو نمبر پٽ 14 هين گريڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري ڀرتي ٿيو، ٽن سالن ۾ پروموشن ماڻي 17 هين گريڊ ۾ مقرر ٿيو، سندس ناٺي اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر طور 16 هين گريڊ ۾ مقرر ٿيل آهي، ڀائيٽو 16 هين گريڊ ۾ ڊيٽا پروسيسنگ آفيسر مقرر ٿيو، پروموشن ڏئي کيس 17 هين گريڊ ۾ مقرر ڪيو ويو، زال جو ڀاڻيجو پهرين گريڊ ۾ چوڪيدار ڀرتي ٿيو، ٽن سالن ۾ پهرين گريڊ کان ترقي ڏئي 17 هين گريڊ ۾ پرائيوٽ سيڪريٽري ٽو سيڪريٽري مقرر ٿي ويو آهي. هڪ ٻيو ڳوٺ جو ماڻهو چوڪيدار ڀرتي ڪري لاڳيتو پروموشن ڏئي 17 هين گريڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

    سڄي سنڌ اسيمبليءَ ۾ هڪ ئي خاندان جا آفيسر!! ايندڙ چار پنج ڏهاڪن تائين ڪو به ٻيو سنڌي نوجوان سنڌ جي هن هيڏي وڏي ايوان ۾ ڪنهن اهم عهدي تي نٿو پهچي سگهي. ڪاش! هيءَ حڪومت ڪجهه سوچي، جتي اسپيڪر اجلاس هلائيندو آهي، ان جي چوڦير هڪ ئي گهر جا ڀاتي آفيسر جي شڪل ۾ نوڪري ڪندا آهن. اجلاس ۾ ويٺل 168 ميمبرن، 40 فردن سميت وڏي وزير به ڪڏهن ان طرف ڌيان ناهي ڏنو. رهيو رڳو اسان جي هن قانونساز اداري جو حال آهي، جتي سنڌ جي 5 ڪروڙ ماڻهن جي مستقبل جا فيصلا ٿين ٿا، ٻين ادارن جو حال ڇا هوندو، اهو پڙهندڙ خود اندازو ڪري سگهن ٿا. بهرحال اچون ٿا سنڌ اسيمبلي جي اڱاري ڏينهن واري اجلاس جي ڪارروائي طرف، اسپيڪر نثار احمد کهڙي جي قائم مقام گورنر ٿيڻ سبب اڱاري واري ڏينهن جي ڪارروائي به ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا هلائي، جيئن ئي اجلاس شروع ٿيو ته حاجي منور عباسي ايوان جو ڌيان بيگم نصرت ڀٽو جي صحت ڏانهن ڇڪايو ۽ چيو ته ان جي وفات جي اطلاعات جي تصديق يا ترديد ڪئي وڃي، جنهن جو ايوان اندر بهرحال ڪنهن به جواب نه ڏنو. دادو مان چونڊيل ايم پي اي فياض ٻٽ هن ڀيري تعليم بدران واپڊا تي ڳالهايو ۽ چيو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ 16-16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي، ماڻهو راتيون جاڳي گذارين ٿا، جنهن تي قانون واري وزير اياز سومري چيو ته بجلي جي بحران بابت ٻن ڏينهن کان اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جاري آهن، اسان غافل ناهيون، پر ڇا ڪريون، اسان جي ڳچيءَ ۾ مئل ڍڳو وڌو ويو آهي، 13 سالن ۾ هڪ يونٽ بجلي به پيدا نه ڪئي وئي، هاڻي سڀ بار اسان جي مٿان وڌا ويا آهن.

    سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڪثر ميمبرن لاءِ عام راءِ ٺهيل آهي ته اهي ڪهڙن ڪهڙن موضوعن تي ڳالهائيندا آهن. ايم پي اي سيد بچل شاهه گهڻو ڪري فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي جي ڳالهائڻ تي ناراض ٿي ايوان ۾ ڳالهائيندو آهي، نصرت سحر عباسي واحد ايم پي اي آهي، جيڪا جڏهن به ايوان ۾ ڳالهائيندي آهي ته گوڙ ضرور ٿيندو آهي. ايم پي اي شرجيل ميمڻ وري ٿر مان چونڊيل ميمبر رزاق راهمي کي جواب ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهي، هن ڀيري به رزاق راهمي جڏهن ڪستوري ڪيس تي ڳالهايو ته شرجيل ميمڻ ان جو جواب ڏنو. نصرت سحر عباسي جڏهن قبائلي جهيڙن جو ذڪر ڪيو ته سڀ کان پهرين آغا سراج دراني ان جو جواب ڏنو، آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته قبيلائي جهيڙن ۾ اهي ملوث آهن، جيڪي ڊڪٽيٽرن جو ساٿ ڏئي ايم پي اي، وزير، صلاحڪار ۽ وڏا وزير ٿيندا آهن، ڏوهارين کي انهن جو ئي ساٿ آهي، اسان ته انهن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون. نصرت سحر عباسي کي قانون واري وزير اياز سومري به جواب ڏيندي چيو ته، ”نصرت اڳوڻي دور ۾ ايم پي اي هجي ها ته اسان سان ٿيندڙ ڏاڍ اکين سان ڏسي ها، اسپيڪر مظفر شاهه اسان کي جيڪي ٽوٽا چٻايا، اهي ڪنهن کان لڪل ڪونه آهن“. اجلاس ۾ نصرالله بلوچ سکر ۾ پاڻي جي کوٽ، ڄام مدد علي سنڌ ۾ پاڻي جي خطرناڪ کوٽ ۽ غير منصفاڻي ورهاست، سيد فصيح شاهه سنڌ ۾ انبن جي باغن کي پهتل نقصان ۽ نجم الدين ابڙي لاڙڪاڻي ضلعي کي اصل شڪل ۾ بحال ڪرائڻ وارا معاملا ايوان ۾ اٿاريا.

    اسپيڪر نثار احمد کهڙي جي غير موجودگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايوان اندر گوڙ به ٿيندو آهي. اڱاري ڏينهن واري اجلاس ۾ جڏهن پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ دوران حميره علواڻي، هير سوهو، نجم الدين ابڙو ۽ نصرت عباسي تقريرون ڪرڻ شروع ڪيون ته ڊپٽي اسپيڪر سندن مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيا، شهلا رضا بار بار چوندي رهي ته، ”تقريرون نه ڪريو، اگر شوق اٿوَ ته جلسن ۾ وڃي ڪريو، اتي نٿا ڪري سگهو ته گهر ۾ وڃي پريڪٽس ڪريو، پر هتي تقريرون نه ڪريو“، ان باوجود تقريرن جو سلسلو جاري هو، سوال جواب گهڻو ڪري راندين واري وزير سيد محمد علي شاهه کان هئا، سيد محمد علي شاهه ملڪ ۾ هڏين جو مشهور ڊاڪٽر آهي، گڏوگڏ راندين جو بي انتها شوقين آهي، تنهن ڪري نه رڳو ڪراچي، پر سڄي سنڌ ۾ دورا ڪري راندين کي هٿي وٺرائي رهيو آهي. هن صوبائي وزير جي به بدنصيبي اها آهي ته هو نه سنڌي ڳالهائي سگهي ٿو ۽ نه ئي وري سنڌي سمجهي ٿو، ارباب دور ۾ سنڌ جي ثقافت واري وزارت به اهڙي ماڻهو کي ڏني وئي هئي، جنهن کي مڪلي، موئن جو دڙو، ڪينجهر، ڪارونجهر، رلي، گج، سڳيون ويندي سنڌ جي ريتن رسمن جا نالا به نه ايندا هئا. سنڌ اسيمبلي ملڪ جي واحد اسيمبلي آهي، جتي چئني صوبن جا ماڻهو وزير ٿين ٿا، اجلاس ۾ جيئن ئي سوال جواب ختم ٿيا ته ڊپٽي اسپيڪر اڻ ڄاڻايل مدي تائين اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

    dodochandio@yahoo.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ميمبر معزز يا ڪامورو؟




    خميس 3 جون 2010ع



    سنڌ اسيمبلي ۾ نواب يوسف ٽالپر جي ايم پي اي پٽ نواب تيمور ٽالپر پنهنجي استحقاق واري رٿ جمع ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته وزيراعليٰ سنڌ جي سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه مون سميت سمورن ايم پي ايز خلاف گٿا لفظ ڳالهايا آهن، جنهن ڪري منهنجو ۽ سمورن ميمبرن جو استحقاق مجروح ٿيو آهي. اها رٿ ته ايوان ۾ جمع ٿيل آهي پر اها رٿ اڃا تائين ڪاميٽي حوالي نه ٿي آهي، جنهن تي ڪالهه اسيمبليءَ جي ڪارروائي هلندي جڏهن وزيراعليٰ سان گڏ سهيل اڪبر شاهه ايوان ۾ آيو ته نواب تيمور ٽالپر اٿي بيٺو ۽ هن اسپيڪر کي اپيل ڪئي ته ”اسان جي استحقاق جي رٿ ته ڪاميٽي حوالي نٿي ٿئي، پر اسان جو جنهن استحقاق مجروح ڪيو آهي، اهو اچي سامهون ويهي ٿو رهي، جيڪا اسان سان ناانصافي آهي. جنهن تي مخالف ڌر جي اڳواڻ ڄام مدد علي چيو ته استحقاق ڪاميٽي جو اجلاس سڏائڻ سيڪريٽري اسيمبلي هادي بخش ٻرڙو جي هٿ ۾ آهي، اهو نٿو سڏائي ته آئون ڇا ڪريان؟ جنهن تي قانون واري وزير اياز سومري چيو ته فنڪشنل ليگ وارن استحقاق ڪاميٽي لاءِ چيئرمين طور نالو پنهنجي عورت ايم پي اي ماروي راشدي جو ڏنو هو، جنهن جي هاڻي شادي پ پ ايم پي اي فصيح شاهه سان ٿي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ماروي راشدي جو چوڻ آهي ته چيئرمين آئون نه پر منهنجو مڙس ٿئي. هي معاملو هاڻي زال مڙس جي وچ ۾ آهي، آئون ڇا ڪريان؟ جنهن تي ڄام مدد علي چيو ته ماروي راشدي جو مڙس پ پ جو ايم پي اي آهي، اهو اسان کي قبول ناهي، اگر ماروي نٿي ٿئي ته اسان ٻيو نالو ڏينداسين. بهرحال آخر تائين نواب تيمور ٽالپر جي دانهن تي ڪنهن ڌيان نه ڏنو ۽ سي ايم جو سيڪريٽري آفيسرس گئلري ۾ ويهي مرڪندو رهيو ۽ حامي ايم پي ايز کي اشارا ڪندو رهيو.

    سنڌ اسيمبلي جي ڪالهه واري اجلاس ۾ به تپيدار بحث جو موضوع رهيا. هڪ ڏينهن اڳ اجلاس ۾ نصرت سحر عباسي سوال ڪيو هو ته تپيدار جو پگهار 5 هزار آهي ۽ لينڊ ڪروزر ۾ چڙهي گهمن ٿا، جنهن تان بحث ٿيندي آخرڪار ڄام مهتاب ڏهر ۽ ڄام مدد علي ۾ بحث شروع ٿي ويو. جنهن کي ٽارڻ لاءِ آغا سراج دراني اردو ۾ چيو ”آج دو جام ٽڪرا گئي.“ آغا سراج دراني اجلاس ۾ اهڙا ذومعنيٰ جملا چوندو رهندو آهي. تازو ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن سموريون عورت ايم پي ايز ۽ وزير عورتون اسلام آباد ڪنوينشن لاءِ ويون هيون ته امداد پتافي سوال ڪيو ته اسان جون عورت ايم پي ايز اڄ اجلاس ۾ نظر نٿيون اچن، جنهن تي آغا سراج دراني چيو ”شڪر ڪر سڪون آهي.“ ڪالهه واري اجلاس ۾ به ايم پي اي شهريار مهر تپيدارن جي امتحانن بابت سوال ڪيو ته ٻيهر بحث شروع ٿيو، جيڪو اسپيڪر نثار کهڙي وچ ۾ پئي ٽاريو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سسئي پليجو ۽ نجم الدين ابڙي ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن سان جيڪا ٻه اکيائي ٿي رهي آهي، ان تي آواز اٿاريو، جنهن تي قانون واري وزير اياز سومري چيو ته پ پ جي حڪومت آهي، ڪير به شاگردن لاءِ تعليم جا دروازا بند نٿو ڪري سگهي. جتي تعليم جو ذڪر هو اتي نصرت سحر عباسي چيو ته ٽنڊي محمد خان ۽ بدين ضلعي ۾ تعليم کاتي ۾ جيڪي به آفيسر مقرر ٿيل آهن، اهي سمورا OPS تي مقرر ٿيل آهن. پير مظهرالحق ان موقعي تي اعلان ڪيو ته آئون بدين ۽ ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ او پي ايس تي جيترا به آفيسر مقرر ٿيل آهن، انهن کي هينئر ئي هٽايان ٿو. تعليم واري وزير ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جو پاڻ ۾ گهٽ ٺاهه آهي، جنهن ڪري ٻن سالن ۾ پهروين ڀيرو مخالف ڌر جي ميمبرن بائيڪاٽ به وزير تعليم خلاف ڪيو، نه ته سنڌ اسيمبليءَ جي مخالف ڌر ”خاموش مخالف ڌر آهي.“ ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙجي پنهنجن بئنچن تي اٿي بيهندا آهن، نه ته خير! رزاق راهمون ۽ راڻا عبدالستار اڪثر چوندا آهن ته ”اوهان صحافي هروڀرو اسان ۾ اميدون رکيو ويٺا آهيو، اسان اجلاس ۾ اچون ٿا اها ئي غنيمت آهي.“ وري به نصرت سحر عباسي اڪيلي ميلو مچائي ويندي آهي، جنهن ڪالهه به سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ارجنٽ موشن آندو، جيڪو بعد ۾ مراد علي شاهه جي خاطريءَ تي واپس ورتو. سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته تربيلا ۾ پاڻي جمع نه پيو ڪيو وڃي، مجموعي طور پاڻي جي کوٽ آهي، دريائن ۾ ئي پاڻي ناهي. سيد مراد علي شاهه کي ڪير ٻڌائي ته هڪ ته پاڻي جي واقعي مٿان ئي کوٽ آهي، ٻيو وري جيڪو پاڻي اچي ٿو، اهو هاڻي ”جيالو“ ٿي ويو آهي، جيڪو صرف انهن شاخن، واهن ۽ واٽر ڪورسن ۾ وهي ٿو، جتي ”جيالا“ رهن ٿا. لاڙ جي هڏااڇڙ واهه کان وٺي جرڪس شاخ تائين عمرڪوٽ ۽ ناري جي واٽر ڪورسن کان وٺي ٿر جي ڊهيٽي شاخ تائين کوڙ شاخون ۽ واٽر ڪورس جيڪي ”جيالا“ ناهن، انهن جي پيٽ مان واري اڏامي ٿي. مٿان وري طوفان ڪر کنيو آهي. زاهد ڀرڳڙي ۽ آغا سراج دراني اجلاس ۾ چيو ته ”الله ڪري طوفان نه اچي، پر پوءِ به اسان اپاءَ ورتا آهن.“

    هنن وزير صاحبان کي ڪير ٻڌائي ته اڃن ۽ بکن ۾ پاهه ٿيل لاڙ جا ماڻهو هيءَ نئين مصيبت ڪيئن برداشت ڪري سگهندا. جتي جون مائرون ٻارن کي پاڻي بنا لوليون ڏئي سمهارين ٿيون، جتي لاش به غسل جي پاڻي جي انتظار ۾ 2-2 ڏينهن رکيو وڃي ٿو، ڪيئي گهوٽ ۽ ڪنوارون رڳو ان ڪري لانئون نه لهي سگهن ٿا ته ڪاڄ لاءِ پاڻي ڪٿان آڻجي. جتي سڃ سيٽيون وڄائي ٿي، لاڙ نانيءَ جي اها ڪهاڻي لڳي ٿو، جتي راڪاس گهمڻ کانپوءِ تباهي ئي تباهي هوندي آهي. اسان وٽ پاڻي جو ذڪر نڪرندو آهي ته آبپاشي وزير ڪاوڙجي پوندو آهي، پر ڪاري ڇاڻ کان وٺي علي بندر تائين سنڌ جو لاڙ جيڪو تباهه ٿيو آهي، ان جو درد ڪو سمجهي سگهي.

    اجلاس ۾ ايم پي اي غلام قادر چانڊئي جي سربراهي ۾ جڙيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي ايس ٽي آن سروس بابت پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. جڏهن شرجيل انعام ميمڻ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو ته جيڪي ڊاڪٽر پنهنجي اباڻن ضلعن ۾ 5 سالن تائين نوڪريون نٿا ڪن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس هيءُ ٺهراءُ اسٽينڊنگ ڪاميٽي حوالي ڪري ڇڏيو، اجلاس ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

    dodochandio@yahoo.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سامونڊي طوفان جو خوف ۽ ”بي پرواهه“ عوامي نمائندا




    جمع 4 جون 2010ع



    لاڙ هڪ ڀيرو ٻيهر لپيٽ ۾ آهي. سنڌ ڪڏهن عالمي لٽيرن، ڦورن ۽ حملي آورن جي ڪاهن جو نشانو بنجندو رهيو آهي، ته ڪجهه عرصي کان قدرتي آفتن هن علائقي جي سموري زندگي کي سخت متاثر ڪيو آهي. لاڙ جي ماڻهن کي 1999ع واري سامونڊي طوفان جا اڃا ڏينهن نه وسريا هئا ته مٿان نئين طوفان هن طرف رخ ڪيو آهي. اڃا تائين ڪيئي مائرون روز سمنڊ ڏي مهاڙ ڪري پڇنديون آهن ته، ”اسان جا گهاتو اڃا گهر ڇو نه آيا آهن“، جيڪي گهاتو 1999ع جي طوفان ۾ لهرن جي ور چڙهي ويا هئا ۽ سندن مائرون اڄ به سندن واپسيءَ جي آس لڳائي ويٺيون آهن، مٿان وري نئين طوفان جي اڳڪٿي ڏکايل ديس جي ماڻهن کان ان جا چار پهر مهمان ٿي ايندڙ ننڊ به ڦري ورتي آهي.

    سنڌ اسيمبليءَ جي اندر ڪالهه صبح جو اسان صحافي جڏهن اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ته اڪثر صحافين جي راءِ هئي ته اڄ اجلاس ۾ رڳو طوفان تي ڳالهه ٿيندي ۽ گهڻو ڪري اجلاس به ملتوي ٿي ويندو، ڇو ته انهن ميمبرن ۽ وزيرن جو هتي اجلاس ۾ ويهڻ بدران لاڙ جي ٺٽي ۽ بدين وارن علائقن ۾ وڃڻ لازمي هوندو، جتان جا رهواسي طوفان جي واڳون واري وات ۾آهن، پر جڏهن اجلاس شروع ٿيو ته دادو مان چونڊيل ايم پي اي فياض ٻٽ اپيل ڪئي ته اجلاس ٻن چئن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو وڃي، جيئن هي وزير ۽ ميمبر پنهنجي علائقن ۾ وڃي ماڻهن جي مدد ڪري سگهن، پر ٻئي ڪنهن به ميمبر، ان موضوع تي نه ڳالهايو. اجلاس ۾ ٺٽي مان چونڊيل سسئي پليجو چيو ته، ”اهو نه سوچيو وڃي ته طوفان رڳو ٺٽي ۽ بدين جي ماڻهن جو مسئلو آهي، پر هي لاڙ، ملڪ جو حصو آهي، ان ۾ 15 لک کان وڌيڪ انسان رهن ٿا، اهي پاڪستان جا شهري آهن ۽ انهن جي زندگي بچائڻ لاءِ پاڪستان جي سمورن ادارن کي تحرڪ وٺڻ گهرجي. ان موقعي تي ٺٽي مان چونڊيل ٻئي ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي جو چوڻ هو ته اسان هر ٽئين، چوٿين سال طوفان جي منهن ۾ هوندا آهيون، ٻيو ڪو حل ڪونهي، رڳو سمنڊ جي ڪناري کان هڪڙو روڊ ٺاهيو وڃي، جيئن طوفان ۽ برساتن ۾ ماڻهو ان روڊ تي چڙهي ڪنهن ڪناري پهچي سگهن. اهڙي ريت شرجيل ميمڻ ۽ حميرا علواڻي به سامونڊي طوفان جي معاملي تي ڳالهايو، سندن چوڻ هو ته ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، حجامڙو ڪريڪس سوڌو جيڪي هزارين ماڻهو سمنڊ جي اندر ننڍن ننڍن ٻيٽن تي رهن ٿا، انهن کي ٻاهر ڪڍيو وڃي، جنهن تي صوبائي وزير زاهد ڀرڳڙي ۽ ڄام مهتاب ڏهر جو چوڻ هو ته اسان 15 هزار ماڻهو ڪيمپن تائين پهچايا آهن ۽ ٻين کي آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺون پيا. حڪومت 6 ضلعن ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو آهي.

    دل چيو هنن وزير صاحبان کي ڪير ٻڌائي ته سمنڊ جي اندر ننڍن ننڍن ٻيٽن تي جيڪي به ڳوٺ آهن، انهن ۾ اڪثريت ”دٻلا“ برادري جي آهي. هي دٻلا پاڻ کي ديبل بندر جا رهواسي سڏائين ٿا. آئون جڏهن ڪجهه سال پهرين انهن ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن تي اسٽوري ڪرڻ ويو هئس ته مون کي دٻلا برادري جي پوڙهن ماڻهن ٻڌايو ته اسان اصل ديبل بندر جا رهواسي هئاسين، جڏهن محمد بن قاسم ديبل بندر تي حملو ڪيو ته اسان جا وڏا ننڍين ننڍين ٻيڙين ۾ چڙهي اچي سمنڊ جي انهن ننڍڙن ننڍڙن ٻيٽن تي ويٺا، جتي اسين اڃا تائين رهون ٿا. دل چيو انهن وزيرن کان پڇان ته محمد بن قاسم جي دور کي هيترا سال ٿيا آهن، اسان اڃا تائين انهن ماڻهن کي سمنڊ کان ٻاهر نه آڻي سگهيا آهيون، هاڻي ڪٿان آڻينداسين! تنهن ڪري حڪومتي ٽيمن کي انهن ماڻهن وٽ وڃي کين لڏائڻ بدران سار لهڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اسان جي وزيرن جون هي سکڻيون تقريرون ۽ بيان ڇا ڪراچي جي ابراهيم حيدري، ريڙهي کان وٺي ڪيٽي بندر، کاري ڇاڻ ۽ ڪرهئي ڀانڊاري تائين سمنڊ جي ڪناري تي آباد لکين ماڻهن جون زندگيون بچائي سگهندا؟ اسان جي وزيرن ۽ ميمبرن کي ته ٻن ڏينهن کان انهن علائقن ۾ هئڻ گهرجي ها، اگر ٻن ڏينهن لاءِ هو سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ نه آيا ۽ کين ٻن ڏينهن جو ٽي اي ڊي اي نه مليو ته خير آهي. ٺٽي ۽ بدين جو ڪهڙو ايم پي اي يا ايم اين اي آهي، جنهن جي گهر جو چلهو سرڪاري پگهار يا اجلاسن جي ٽي اي ڊي اي تي ٿو هلي؟ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر سڪندر منڌري، نواز چانڊئي، سسئي پليجو، محمد علي ملڪاڻي، شيرازي ڀائرن، حميرا علواڻي، هير سوهو، رخسانه شاهه، عثمان جلباڻي ۽ ٻين کي ان ٽي اي ڊي اي جي ڪهڙي پرواهه! لاڙ جي ماڻهن کين ووٽ ڏئي هنن ايوانن تائين پهچايو آهي، هيڏي وڏي عزت بخشي آهي، ڪراچي جي عاليشان محلن مان نڪري مڪلي ۽ بدين جي بنگلن ۾ رهڻ بدران سڌو ڪيٽي بندر، کاري ڇاڻ، علي بندر، شاهه بندر، ڀڳڙا ميمڻ ۽ زيرو پوائنٽ تي وڃن، جتي طوفان ۽ برساتن ۾ جڏهن غريبن جا جهڳا جهڻ ٿين ٿا، جيئن طوفان ۽ برساتون لاڙ ۾تباهي مچائن ٿيون، جيئن هوڙا ۽ ٻيڙيون لڙهن ٿيون، جيئن وڻ ٽڻ ڪرن ٿا، جيئن لاڙ جا ماڻهو ٻچا ڪڇن ۾ رکي گهر جي ڇتين تي چڙهي رات گذارين ٿا، اهي منظر اکين سان ڏسن. ٻن ڏينهن تائين پريس بيان نه ڏيڻ جو اعلان ڪن، ۽ نه وري ڪنهن صحافي کي مذمتي يا افسوس، واري ٽي وي تي پٽي هلائڻ جي فرمائش ڪن. ڀلي لاڙ جي ماڻهن جي ڪا مدد نه ڪن، پر درد محسوس ڪن، ڏک اکين سان ڏسن، پر منهنجو اهو خواب، خواب ئي رهيو.

    ميمبر ۽ وزير صاحبان اجلاس ۾ ئي ويٺل رهيا، نه رڳو ويٺل رهيا، پر ڪيترن ميمبرن ته اجلاس ۾ ٻن ڪلاڪن تائين اٺن جي نسلن، مينهن جي کير ۽ ڪڪڙين جي بيمارين تي سوال ڪيا! عابد جتوئي کان دلچسپ سوال پڇي، انهن جا دلچسپ جواب ٻڌي تفريح ڪئي ويندي رهي. وڏو وزير جڏهن اجلاس ۾ آيو ته هن به انهيءَ طوفان بابت ٻه اکر به نه چيا. اجلاس ته پڄاڻي تي پهتو، پر شام تائين ٺٽي، بدين جي سامونڊي ڪنارن تان جيڪي خبرون اچي رهيون هيون، اهي هي هيون ته ماڻهو خوف ۾ ورتل آهن. هي جيڪو اسڪولن کي ڪيمپن جو درجو ڏنو ويو آهي، ان ۾ مختلف برادرين جا ماڻهو پنهنجا ٻار ٻچا وٺي اچي هڪ هڪ ڪمري ۾ گڏ ڪيئن رهن؟ اهي پنهنجي ڳوٺن ۾ ئي آهن. جيڪڏهن سڀاڻي شام تائين تيز برساتون پيون ته هو الله جي آسري تڪليفون پاڻ تي سهندا، پر سرڪار جون سهولتون رڳو نمائش ئي رهنديون، جيئن هن کان اڳ رهيون آهن.

    dodochandio@yahoo.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ بجيٽ: خسارو ئي خسارو




    ڇنڇر 12 جون 2010ع



    پ پ سرڪار آخرڪار ٽئين بجيٽ به رڪارڊ خساري واري پيش ڪندي قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن، 422-ارب رپين واري هن سنڌ بجيٽ ۾ 25 ارب رپين جو خسارو آهي، ڪراچي لاءِ 16-ارب رپين جي بجيٽ رکندڙ پ پ سرڪار سنڌ جي لاڙ، ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان لاءِ ڪا به رقم نه رکي آهي. سنڌ ۾ پ پ کي جڏهن اقتدار جون واڳون مليون ته مٿان بجيٽ جا ڏينهن به اچي ويا هئا. 9-2008ع ۾ حڪومت اها بجيٽ 54-ارب رپين جي خساري واري پيش ڪندي دعويٰ ڪئي هئي ته هاڻي ملڪ ۾ عوامي حڪومت آهي، هاڻي عوامي بجيٽ هوندي، مٿان جڏهن 10-2009ع ۾ سنڌ جي بجيٽ پيش ڪئي وئي ته اها 16-ارب رپين جي خساري واري هئي، هن بجيٽ اچڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار دعويٰ ڪئي ته هاڻي اين ايف سي ايوارڊ اچي رهيو آهي، خدمتن تي جنرل سيلز ٽيڪس سنڌ کي مليو آهي، هاڻي ته اسان بچت ۾ وينداسين، پر اين ايف سي، 18 هين ترميم ۽ جي ايس ٽي جي ملڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار جيڪا بجيٽ پيش ڪئي آهي، اها 25-ارب رپين جي خساري واري آهي، هن بجيٽ ۾ ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو واڌ جو ته اعلان ڪيو ويو آهي، پر سنڌ لاءِ ڪنهن به نئين وڏي منصوبي جو اعلان ناهي ڪيو ويو. اهي ساڳيا گذريل سال وارا اعلان ۽ منصوبا آهن، جن کي اڳتي وڌائڻ جون دعوائون ڪيون ويون آهن. هي سنڌ جي موجوده حڪومت جي پهرين بجيٽ آهي، جنهن ۾ مخالف ڌر ته ٺهيو اتحادي ڌرين ويندي پ پ جي وزيرن ۽ ميمبرن به ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي.

    بجيٽ اجلاس کان اڳ جڏهن پ پ ايم پي ايز جو اجلاس ٿيو هو ته اهو پ پ جو پهريون اجلاس هو، جنهن ۾ ميمبرن واڪ آئوٽ ڪيو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان وٺي هن وقت تائين پ پ جي ڪنهن به ايم پي اي پنهنجي پارٽي جي پارلياماني پارٽي اجلاس مان واڪ آئوٽ ناهي ڪيو، پر گذريل رات ئي مير حسن کوسي سوڌو ڪيترن ئي ايم پي ايز بجيٽ تي سخت تنقيد ڪئي، ايم پي ايز جو چوڻ هو ته اسان مشرف دور ۾ جيڪي به اسڪيمون جمع ڪرائيندا هئاسين، اهي ڪم ٿيندا هئا، هاڻي نالي ماتر وڌيڪ فنڊ رکيا ويا آهن. پر جڏهن اسڪيمون جمع ڪرايون ٿا ته انهن لاءِ فنڊ جاري نه ٿا ڪيا وڃن. اجلاس جي پڄاڻي تي صوبائي وزير سسئي پليجو به ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت کي ٺٽي ۽ بدين لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها، اها ساڳئي راءِ دٻيل لفظن ۾ پ پ جي ٻين ميمبرن به رکي، سنڌ بجيٽ تي ايم ڪيو ايم ۽ عوامي نيشنل پارٽي به سخت تنقيد ڪئي. پ پ جا وزير آخري وقت تائين متحده کي پرچائيندا رهيا، اسان جي خاموش مخالف ڌر به سنڌ بجيٽ تي تنقيد ڪئي ۽ ڄام مدد علي، رزاق راهمون، راڻا نثار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ بجيٽ عوام کي مايوس ڪيو آهي، ڪنهن به وڏي رليف جو اعلان ناهي ڪيو ويو. سنڌ بجيٽ ۾ سڀ کان وڏي ڪاميابي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ 53 سيڪڙو واڌ قرار ڏني پئي وڃي، پر اسان وٽ گذريل سال جو تجربو موجود آهي. گذريل سال 75- ارب رپين جو صوبائي ترقياتي پروگرام رکيو ويو هو. بجيٽ جي چئن مهينن اندر وفاق جي خواهش تي وانا، وزيرستان جي آپريشن لاءِ سالياني ترقياتي فنڊ ۾ ڪٽوتي ڪئي ويئي، ان بعد جي رقم بچي، اها به خرچ نه ٿي، 35 کان 40 سيڪڙو مشڪل سان ترقياتي بجيٽ خرچ ٿي ۽ باقي رقم ليپس ٿي وئي. هاڻي جڏهن اها بجيٽ 75-ارب رپين مان وڌائي 115- ارب رپيا ڪئي وئي آهي ته اها رقم به ڪير خرچ ڪندو، جڏهن اسان گذريل سال 75-ارب رپيا خرچ نه ڪري سگهياسين ته هاڻي اسان کي ڪهڙا سونا پر لڳندا جو اسان 115-ارب رپيا خرچ ڪري سگهنداسين. اها ئي سرڪار غير ترقياتي بجيٽ ته سال ۾ خرچ ڪري وڃي ٿي، ڪڏهن ڪڏهن ان کان به وڌيڪ خرچ ڪري وڃي ٿي، پر ماڻهن جي روڊن، رستن، اسڪولن، اسپتالن ۽ پاڻي جي تلائن لاءِ رکيل رقم خرچ نٿي ٿئي ۽ اها ليپس ٿي وڃي ٿي، ان کانسواءِ سنڌ جي زراعت ۽ آبپاشي لاءِ وڌيڪ رقم نه رکڻ تي به تنقيد ٿي آهي، نئين نوڪرين لاءِ به بجيٽ ۾ رقم نه رکي وئي آهي، شهيد بينظير ڀٽو يوٿ پروگرام تحت جيڪا نوجوانن کي سکيا ڏني پئي وڃي ۽ هن سال به ان ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان تي به اها تنقيد ٿي آهي ته اڳ جن به نوجوانن اها سکيا ورتي آهي، انهن جي روزگار لاءِ سرڪار ڪي اپاءَ نه ورتا آهن، هاڻي 75-هزار نوجوان جيڪا فني سکيا وٺندا، اها ڪهڙي ڪم جي، اسان وڏي وزير جي اڳيئن بجيٽ واري تقرير کڻنداسين ۽ هيءَ بجيٽ واري تقرير کڻي ڀيٽ ڪنداسين ته اسان کي رڳو ٻڙين جي واڌ يا ڏهاڪن جي واڌ نظر ايندي، پر اها بجيٽ جيڪا عوامي هجي، جنهن لاءِ هوم ورڪ ڪيل هجي، جنهن ۾ ماڻهن جي ترقي لاءِ ڪا ڊگهي رٿابندي نظر اچي، اها نظر نٿي اچي. اڃا بجٽ ته پيش ٿئي آهي پر اها اڃا اسيمبلي مان منظور ٿيڻي آهي، ان لاءِ لڳي ٿو ته پ پ کي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو.

    dodochandio@yahoo.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ”مبارڪون“ سيشن؟!!




    اڱارو 15 جون 2010ع



    جنهن سنڌ بجيٽ ۾ لاڙ، ڪاڇي، ٿر ۽ ڪوهستان لاءِ رپيو به ناهي رکيو ويو، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان بجيٽ تي بحث جي شروعات به لاڙ جي علائقي سان تعلق رکندڙ ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر منڌري مبارڪون ڏيڻ سان ڪئي. گذريل سال وانگي هن سال به بجيٽ تي تقرير ڪندي ڊاڪٽر سڪندر منڌري جو ڳلو ڀرجي آيو، پر هن ڀيري تقرير ۾ لاڙ جو درد گهٽ، حڪومت جي تعريف وڌيڪ هئي. ڊاڪٽر سڪندر منڌري جڏهن تقرير جي شروعات ڪئي ته، هڪڙي اميد پيدا ٿي ته هو ڪراچي لاءِ 16 ارب رکڻ تي حڪومت کي مبارڪون ڏيڻ سان گڏ لاڙ ۾ آيل تباهي لاءِ رقم نه رکڻ تي احتجاج به ڪندو، پر ڊاڪٽر سڪندر منڌري رڳو تمر جي وڻن جو ذڪر ڪندي هڪڙي صوبائي سيڪريٽري جي شڪايت ڪئي، جنهن ڏکايل لاڙ جي هن چونڊيل نمائندي کي اسڪيمن بابت صحيح ڄاڻ نه ڏني. ڊاڪٽر سڪندر منڌري جي تقرير بعد اها ڪسر ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي هير سوهو پوري ڪئي، جنهن پنهنجي تقرير جي شروعات سنڌ تان قربان ٿيڻ جي بيت سان ڪئي ۽ ختم ”جيئي سنڌ“ جي نعري سان ڪئي. ايم ڪيو ايم جي هير سوهو حڪومت آڏو اها شڪايت ڪئي ته، ”اوهان سنڌ بجيٽ ۾ ڪراچي سوڌو شهري علائقن لاءِ ته پيڪيج رکيا آهن، پر اوهان ٺٽي، بدين، ٿر ۽ ڪوهستان کي نظر انداز ڪيو آهي، جيڪا اتان جي ماڻهن سان ناانصافي آهي.“ هير سوهو بجيٽ ۾ پينشنن ۾ واڌ نه ڪرڻ تي به آواز اٿاريو.

    هير سوهو کانپوءِ شهريار مهر کي بجيٽ تقرير لاءِ وارو ڏنو ويو، جنهن سنڌ بجيٽ تي مختصر تنقيد ڪندي چيو ته، ”وڏو وزير ۽ سنڌ جا ٻيا وزير چون ٿا ته وفاق رنڊڪون ٿو وجهي. سنڌ جي عوام کي گمراهه نه ڪريو. وفاق تي به اوهان جي حڪومت آهي. اتي جيڪي وزير آهن، اُهي به پ پ پ جا آهن، اهي سنڌ سان ناانصافيون ڇو پيا ڪن؟!“. شهريار مهر جي ان موقف جي اڻ سڌي ريت حمايت انور مهر فارسي جو هڪ شعر پڙهي هن ريت ڪئي. انور مهر جيڪو فارسيءَ جو شعر پڙهيو، ان جو ترجمو هي هو؛

    ”وفا اسان کان سکي، ڪم ٻين جي آندئي،

    موتي اسان کان ڦريئي، قربان ٻين تان ڪيئي“.

    انور مهر پنهنجي هر تقرير ۾ لطيف سائين جا شعر ضرور پڙهندو آهي. سندس تقرير به ڄاڻ ڀري هوندي آهي. هي واحد ايم پي اي هو، جنهن لائبريرين جو ذڪر ڪيو، تعليمي ادارن جو ذڪر ڪيو.

    اسان وٽ گهڻيون تقريرون رڳو ”مبارڪن“ تي مشتمل هونديون آهن. پ پ پ سرڪار هيءَ ٽئين بجيٽ پيش ڪئي آهي. ٽن سالن کان اسان رڳو مبارڪون ئي ٻڌيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ايم پي اي يا وزير کلي دل سان ڳالهائي سگهندو آهي. انور مهر پنهنجي تقرير جي پڄاڻي سنڌ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن کي ويڇا وساري هڪ ٿيڻ جي اپيل سان ڪئي ۽ آڪاش انصاريءَ جو هي شعر پڙهيو؛

    ”جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا،

    هن ڀونءِ سڄيءَ جا ڀاڳيا،

    پوءِ سور نه رهندا ساڳيا،

    ڪندا سڀ مست قلندر، دمادم مست قلندر“.

    اجلاس ۾ انور مهر کان وٺي ايم پي اي مزمل قريشي تائين ڪيترن ئي ايم پي ايز کي شڪايتون آهن ته هو پنهنجون اسڪيمون پنهنجي مخصوص فنڊ مان جمع ته ڪرائين ٿا، پر سندن فائيل پي ايس ڊي پي ۽ ناڻي کاتي جي آفيسن ۾ ڦاٿل رهن ٿا. سالن جا سال انهن جون اسڪيمون مڪمل نٿيون ٿين، علائقي جا ماڻهو کانئن پڇن ٿا. اهڙي ريت ٻين ايم پي ايز به اهڙيون ئي دانهون ڪيون ته ايم پي ايز جون اسڪيمون مڪمل نٿيون ٿين. اخبارون لکن ٿيون ته فلاڻن، فلاڻن ايم پي ايز اسڪيمون جمع ناهن ڪرايون، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. اسان جي اسڪيمن لاءِ رقم جاري نٿي ٿئي. هيترين شڪايتن باوجود ڪنهن به ايم پي اي اهو نه چيو ته، ناڻي کاتي ۾ ڪير ويٺل آهن؟ ڪنهن به اهو نه چيو ته سنڌ جي ناڻي کاتي جو سيڪريٽري صدر مملڪت جو ڀيڻويو ۽ اسپيشل سيڪريٽري وڏي وزير جي نياڻي آهي. ڪهڙو ايم پي اي انهن سان کهرو ڳالهائي سگهندو ته سندن اسڪيمن لاءِ رقم رليز ڇو ناهي ٿي؟!

    حاجي منور عباسي اجلاس ۾ بجيٽ بدران بينظير ڀٽو شهيد جي قتل بابت ڳالهايو. سندس چوڻ هو ته، ”اسان کي حڪومت شهيد بينظير جي صدقي ملي آهي، پر اسان ان جي ڪيس بابت ڪجهه ناهي ڪيو. ماڻهو اسان کان پڇن ٿا“. حاجي منور عباسي پنهنجي تقرير ۾ بابر اعواڻ ۽ رحمان ملڪ جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته، ”جيڪي وزير شهيد بي بي کي اڪيلو ڇڏي ويا، اهي قوم کان معافي وٺن“. اجلاس ۾ ايم پي اي غلام مجدد اسراڻ پنهنجي تقرير جي شروعات هن اردو شعر سان ڪئي؛

    ”بيت گيا ساون ڪا مهينا

    موسم کا رنگ بهي بدل گيا

    ان پياسي آنکهون سي،

    اب تک آنسون بهتي هين“.

    اجلاس ۾ ڪالهه به ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر وڏي وزير جي سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه خلاف آواز اٿاريو. نواب تيمور ٽالپر جو چوڻ هو ته، پ پ کي هيءَ حڪومت هيڏين وڏين قربانين کانپوءِ ملي آهي. هڪڙي سيڪريٽري کي بچائڻ لاءِ استحقاق ڪاميٽي جي نه گڏجاڻي ٿي سڏائي وڃي، ۽ نه وري ان جو چيئرمين ٿو چونڊيو وڃي. جنهن تي اسپيڪر نثار احمد کهڙي چيو ته، استحقاق ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿيڻ کپي، اهو توهان جو حق آهي. هتي سمورن ميمبرن جي هڪ جهڙي عزت آهي. هتي جيڪي فيصلا ٿين ٿا، يا اسپيڪر ڪا رولنگ ڏئي ٿو. ان تي عمل ٿيڻ گهرجي، ڇو ته هن ايوان ۾ عوام جون اميدون آهن.

    اجلاس ۾ زراعت کاتي بابت پڻ سوال جواب ٿيا. ايم پي اي هير سوهو، محسن شاهه بخاري، علي مراد راڄڙ، نصرت سحر عباسي، انور مهر، محمد نواز چانڊيو، رخسانه شاهه، فياض ٻٽ، عمران ظفر لغاري ۽ ٻين ايم پي ايز جي سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير سيد علي نواز شاهه اقرار ڪيو ته، ”سنڌ ۾ نقلي ڀاڻ، نقلي دوائون ۽ نقلي ٻج وڪرو ٿين ٿا، اسان جي حڪومت انهن کي روڪڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي“. اجلاس ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

    dodochandio@yahoo.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ”ٿڌي ايوان“ ۾ ڪاوڙ جي گرمي




    اربع 16 جون 2010ع



    سنڌ ۾ عوامي ڪم نه ٿيڻ، ايم پي ايز کي نظرانداز ڪرڻ، بيوروڪريسي جي عوام آزاريندڙ رويي ۽ بجيٽ ۾ سنڌ جي عوامي مسئلن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف آخرڪار ڪالهه سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اسيمبلي ميمبرن جي ڪاوڙ جو ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو! حڪومتي پاليسين تي سخت تنقيد جي شروعات پ پ پ جي ايم پي ايز ڪئي ۽ آخر تائين پنهنجي اندر جي باهه ڪڍندا رهيا. اسيمبلي هال جو ماحول ڏسي متحده قومي موومينٽ جي ايم پي اي زرين مجيد وڏي وزير سان مخاطب ٿيندي هي شعر پڙهيو:

    اورون سي ڪها تم ني، اورون سي سنا تم ني

    ڪڇ هم سي ڪها هوتا، ڪڇ هم سي سنا هوتا“.

    زرين مجيد جو چوڻ هو ته، ”ڪاش! حڪومت اسان کان بجيٽ بابت تجويزون وٺي ها ته اسان کي اڄ هي ڳالهيون نه ڪرڻيون پون ها“. اجلاس ۾ حڪومتي پاليسين تي خاص ڪري سڀ کان سخت تنقيد نواب تيمور ٽالپر، ڄام تماچي انڙ، محمد علي ملڪاڻي، بلقيس باجي، ڊاڪٽر نديم مقبول ۽ شيخ خالد احمد ڪئي. انهن سمورن ايم پي ايز ۾ ”مين آف دي ميچ“ نواب تيمور ٽالپر هو، سندس چوڻ هو ته، ”توهان بجيٽ ۾ ڪراچي سوڌو 6 ضلعن لاءِ پيڪيج رکو ٿا، ڇا ٻيا ضلعا سنڌ ۾ ناهن؟ ڇا عمرڪوٽ سنڌ ۾ ناهي؟ ڇا اسان رڳو انهن 6 ضلعن مان اليڪشن وڙهنداسين؟ ٻين ضلعن مان اليڪشن ناهي وڙهڻي؟ انهن ضلعن کي ڇو نظرانداز ڪيو ويو آهي؟ اسان جيڪي اسڪيمون ڏيون ٿا، اهي وزير اعليٰ هائوس ۾ ڪٽجي ٿيون وڃن. اسان گذريل سال 5-5 ڪلوميٽر روڊ جون اسڪيمون جمع ڪرايون هيون، منهنجو ته روڊ ٺهي ويو آهي، ٻين جا به ٺهي ويا هوندا“، جنهن تي ايم پي ايز جي وڏي انگ ”نه ...... نه“ چيو.

    ڄام تماچي انڙ جو چوڻ هو ته، ”اسان نئين سنڌ اڏي ناهيون سگهيا. شهيد ڀٽي جي دور ۾ جيڪي ڪم ٿيا، ان کان اڳتي اڃا وڌي ناهيون سگهيا. ڇو اسان پنهنجا ٽارگيٽ مڪمل ناهيون ڪري سگهيا؟ ذوالفقار مرزا امن امان لاءِ ڪوششون وٺي ٿو، پر ڇو ان تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي؟ ڇو پير مظهرالحق ڪوششن باوجود تعليم کي بهتر ناهي ڪري سگهيو؟ ڇو مراد علي شاهه شاخن جي پڇڙي ۾ پاڻي نٿو پهچائي سگهي؟ ڇو منظور وساڻ سٺا روڊ نٿو ٺاهي سگهي؟ اسان سياسي ماڻهو آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون پنهنجو حق سمجهون ٿا، اسان جي خواهش آهي ته ڪو ماڻهو ڊرائيونگ لائسنس به ٺهرائڻ چاهي ته اسان وٽ اچي“! محمد علي ملڪاڻي جو چوڻ هو ته، ”ڪراچي يا لاڙڪاڻو ترقي ڪن ٿا ته اسان کي انهيءَ تي خوشي آهي، ڇو ته اهي به سنڌ جو حصو آهن، پر ٺٽو به هن صوبي ۽ ملڪ جو حصو آهي. ڪراچي ۾ عاليشان فلاءِ اوور ٺهن ٿا، لاڙ ۾ ماڻهو پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ ڪري لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن. محمد علي ملڪاڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته، هارياڻين کي زمينون انهن علائقن ۾ ڏنيون ويون آهن، جتي پيئڻ لاءِ به پاڻي ڪونهي، تنهن ڪري انهن زمينن مان هارياڻين کي ڪو به فائدو نه پيو ٿئي. سيد احمد علي شاهه جو چوڻ هو ته، ماڻهو ڪاوڙيل آهن ته بينظير ڀٽو شهيد جي ڪيس ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي؟ حميرا علواڻي جو چوڻ هو ته، ”اسان کي تيل ۽ گئس ۾ رائلٽي نه پئي ملي. حڪومت ٺٽي ۽ بدين لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪري“. نديم ڀٽي وري پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ واري کاتي کي ”پلاننگ ڊلي کاتو“ سڏيو، مطلب جنهن کي به وارو ٿي مليو، ان ڪسر پوري ٿي ڪئي، ۽ گڏوگڏ اهو پيغام ٿي ڏنو ته اسان ماٺ ضرور آهيون، پر سمجهون سڀ ٿا. هڪڙي ايم پي اي بجيٽ اجلاس جي انهيءَ ماحول تي ڏاڍو ڀلو شعر ٻڌائي تبصرو ڪيو، شعر هو:

    ”ڪسي سبب سي اگر بولتا نهين هون مين

    تو يه نهين ڪه تجهي سوچتا نهين هون مين

    مين تم ڪو خود سي جدا ڪر ڪي ڪس طرح ديکون

    ڪه مين ڀي تم هون، ڪوئي دوسرا نهين هون مين“.

    هر ايم پي اي شروع ۾ مبارڪباد، پوءِ ٿوري وڏي وزير ۽ صدر جي تعريف، ۽ اڳتي هلي پنهنجي اندر جي ڳالهه ٿي ڪئي. بجيٽ تي بحث جي ٻن ڏينهن ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ جيڪا تنقيد ٿي آهي، اڳتي هلي لڳي ٿو حڪومت کي وڌيڪ ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندا، ڇو ته تمام ٿورا پ پ ايم پي اي اهڙا آهن، جيڪي رڳو تعريف ڪن پيا، يا ”ها“ ۾ ”ها“ ملائين پيا، باقي ٻيا هاڻي کلي چون پيا ته، ”اسان کي يا اسان جي علائقي کي ڇا ڏنو اٿوَ“؟! ان کانسواءِ ايم ڪيو ايم جا ميمبر به اجلاس ۾ بجيٽ تي سخت تنقيد ڪري رهيا آهن، ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي وڏي وزير جيڪا بيوروڪريسي جي ٽيم ٺاهي آهي، ان تي تمام گهڻي تنقيد ٿي رهي آهي، خاص ڪري ناڻو کاتو، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتو ۽ وزير اعليٰ سيڪريٽريٽ، سخت تنقيد جي زد ۾ آهن، حالانڪه انهن کاتن ۾ جيڪي به ڪامورا آهن، اهي حڪومتي سربراهن جي خاندانن سان تعلق رکن ٿا. ڪو ڪنهن جو پٽ، ڪو ڀاءُ، ڪا ڌيءَ، ڪو ڀيڻويو وغيره، پوءِ به ايم پي ايز جا ڪم نٿا ٿين ته اهو هڪڙو سوال ضرور آهي، ته رنڊڪون ڪير ٿو وجهي؟

    اجلاس ۾ ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ سنڌ جي تعليم جي تباهي ۽ راڻيپور روڊ نه ٺهڻ تي آواز اٿاريو. سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ قانون ۽ پارلياماني معاملن واري کاتي بابت سوال جواب ٿيا. قانون واري وزير اياز سومري ۾ هڪڙي خوبي اها آهي ته هو سنڌي ۾ ڳالهائيندو آهي. اڳ مرحوم ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو ائين ڪندو هو. ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجي ته بجيٽ به سنڌيءَ ۾ پيش ڪئي هئي. اسان وٽ گهڻا وزير ۽ ايم پي اي سنڌي ۾ پڇيل سوال جو جواب به پنهنجي مادري ٻولي ۾ ناهن ڏيندا، پر اياز سومرو اردو ۽ انگريزي ۾ پڇيل سوالن جا جواب به سنڌي ۾ ڏيندو آهي، پوءِ اگر ڪنهن کي سنڌي نٿي اچي ته اسپيڪر ان کي ترجمو ڪري ٻڌائيندو آهي. نثار احمد کهڙو جڏهن کان اسپيڪر ٿيو آهي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌيءَ جو استعمال وڌيو آهي، پر گهڻا ميمبر فيشن طور سنڌي ناهن ڳالهائيندا. قانون واري کاتي بابت گهڻي ۾ گهڻا سوال عارف مصطفيٰ جتوئي جا هئا، جنهن ۾ سنڌ جي نالي جي درستگي وارو سوال به شامل هو. عارف مصطفيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته، 1989ع کان اڳ سنڌ کي Sind لکيو ويندو هو. 1989ع ۾ هڪڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري Sindh لکيو ويو، حالانڪه آئين ۾ نالي جي درستگي بابت جيڪو طريقيڪار آهي، اهو ناهي اپنايو ويو، جنهن تي اياز سومري چيو ته، سنڌ ماءُ آهي، ان جو نالو ڪير به تبديل نٿو ڪري سگهي. سنڌ جو نالو مٽائيندڙ خود مٽجي ويندا.

    اجلاس ۾ وڏو وزير ڪافي دير موجود رهيو. چون ٿا ته هن وزيرن، ميمبرن جي غير موجودگي تي ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو هئائين، ۽ قانون واري وزير کي چيائين ته هو سمورن ميمبرن ۽ وزيرن کي سندس نياپو ڏئي ته هو اجلاس ۾ ضرور اچن. اجلاس ۾ بجيٽ تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

    dodochandio@yahoo.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    محب وطني مشڪوڪ؟!!




    خميس 17 جون 2010ع



    سنڌ اسيمبلي هڪ وري ٻيهر ڪالاباغ ڊيم خلاف رٿ منظور ڪندي عابد شير علي جي اوڳاڇيل زهر جو جواب ڏنو آهي. اها سنڌ اسيمبلي، جنهن پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪيو هو، ان اسيمبليءَ کي ٻيهر ٺهراءُ پاس ڪري اها وضاحت ڪرڻي پئي آهي ته، ”هيءَ اسيمبلي انڊيا جي ايجنٽ نه، پر ملڪ جي وفادار اسيمبلي آهي“. جنهن وقت سنڌ اسيمبليءَ ۾ سسئي پليجو اهڙي رٿ پيش ڪري رهي هئي ته، اسپيڪر نثار احمد کهڙي سڄي ايوان طرف ڏسڻ کانپوءِ مٿي گئلرين ۾ ڏٺو ۽ پوءِ ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو. الاءِ ڇو مون محسوس ڪيو ته، ”نثار احمد کهڙو اهو سوچي رهيو آهي ته اسان ملڪ ٺهڻ جي 63 سالن کانپوءِ به اهي ٺهراءُ پاس ڪري رهيا آهيون، ته اسان ملڪ جا وفادار آهيون. اسان جون قربانيون، جدوجهدون وفا جي حساب ۾ ڳڻيون ئي نٿيون وڃن. هر دفعي ڪو نه ڪو عابد شير علي زهر اوڳاڇي ٿو ڇڏي ۽ اسان کي وضاحتون ڪرڻيون ٿيون پون ته اسان اهڙا ناهيون. جنهن ڪرسي تي ويهي نثار احمد کهڙو اها رٿ پاس ڪري رهيو هو، ان ئي ڪرسي تي ويٺل اسپيڪر گڏيل هندستان جي ورهاڱي جو ٺهراءُ پاس ڪري هن ملڪ جو بنياد وڌو. اڄ به ان اسيمبليءَ جي وفا تي شڪ ڪيو پيو وڃي. ڄڻ اسان فراز جي شعر وانگي دليل ڏئي رهيا هئاسين ته؛

    ڪتابون سي دليل دون، يا خود ڪو سامني رک دون فراز،

    وه مجهه سي پوڇ بيٺا هي، محبت ڪس ڪو ڪهتي هين.

    ملڪ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪرڻ، قائد اعظم جهڙو اڳواڻ ڏيڻ، سورهيه بادشاهه ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو جهڙا اڳواڻ قربان ڪرڻ ۽ هر ڏکئي دور ۾ ملڪ کي بچائڻ ڇا اها پاڪستان سان محبت ناهي؟ ڪهڙو صوبو آهي، جنهن پاڪستان لاءِ هيتريون قربانيون ڏنيون آهن؟ ملڪ کي قائم رکڻ، ان ۾ جمهوري راڄ قائم ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجون جوانيون وفا جي راهه تي هلندي گذاريون آهن، پوءِ به اسان غدار! انڊيا جا ايجنٽ! مون کي سنڌ اسيمبليءَ جو هال ”وير-زارا“ فلم جي هيرو وانگر لڳو، جنهن سڄي جواني رڳو محبت خاطر بنا ڏوهه جي جيل ۾ گذاري ڇڏي. ڇا سنڌ تي هاڻي ريسرچ ٿئي، ڪتاب ڳولجن ۽ پوءِ ڪو پيپر لکجي ته سنڌ ملڪ سان وفادار آهي يا ناهي!

    ڪالهه سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان اندر ڪا ڊيسڪ نه هئي، جيڪا هن ٺهراءُ تي نه وڳي هجي. ڪو هٿ نه هو، جيڪو مٿي نه ٿيو هجي، ڪا زبان نه هئي، جيڪا خاموش ٿي هجي. پ پ هجي، ايم ڪيو ايم هجي، عوامي نيشنل پارٽي هجي، فنڪشنل ليگ، مسلم ليگ (ق) سميت جيڪي به ميمبر هئا، انهن جي نواز ليگ ۽ عابد شير علي لاءِ هڪڙي راءِ هئي، ڄڻ سنڌ اسيمبلي عابد شير علي ۽ نواز ليگ کي جواب ڏيندي وفاق کي چئي رهي هئي ته، اسان جي وفا تي شڪ نه ڪريو، الزام نه هڻو، اسان پاڪستان لاءِ ايڏيون قربانيون ڏنيون آهن، جو ڊيم ٺاهي، پاڻي بند ڪري اسان جو ساهه نه سڪايو. اسان نه رهياسين ته ڪجهه به نه رهندو.

    هم ني خود مين تم ڪو، پرويا هي تسبيح ڪي طرح

    هم جو ٽوٽي تو، بکر تم ڀي جائو گي صنم

    ڪالاباغ ڊيم ۽ عابد شير علي خلاف هن ٺهراءُ کانسواءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪالهه بجيٽ تي بحث ٿيو. هڪ ڏينهن اڳ جن به پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي ايم پي ايز حڪومت تي تنقيد ڪئي، چون ٿا ته انهن کان سخت پڇاڻو ٿيو هو. وڏو وزير خود صبح سان اسيمبلي آيو. سي ايم چيمبر ۾ ٻن ڪلاڪن تائين پارلياماني پارٽي جو اجلاس هلندو رهيو. چون ٿا ته اجلاس نه هو، پر ”ڪلاس“ هو. دڙڪا به جهڙا تهڙا نه هئا، بهرحال ان جو نتيجو پوءِ هال ۾ مليو، جتي ٻيهر ”مبارڪون“ شروع ٿي ويون. فرحين مغل، شمع مٺياڻي، ۽ ڪلثوم چانڊيو سميت ڪيترن ئي ميمبرن بجيٽ کي عوام دوست قرار ڏنو، جڏهن ته فنڪشنل مسلم ليگ جي راڻا ستار بجيٽ تي سخت تنقيد ڪئي. راڻا عبدالستار چيو ته، ”هال جي اندر تقريرون ٻڌون ٿا ته لڳي ٿو ته سنڌ خوشحال ٿي وئي آهي، پر رڳو ٽول پلازه پار ٿا ڪريون ته ماڻهن جي حالت ڏسي ڏڪڻي وٺي ٿي وڃي. اسان جا ٻار هتي ڪراچي جي وڏن اسڪولن ۾ پڙهن ٿا ۽ عوام جا ٻار اڄ به وڻ هيٺ ويهي تعليم حاصل ڪن ٿا. اسان جو علاج وڏين مهانگين خانگي اسپتالن ۾ ٿئي ٿو، پر غريبن کي سرڪاري اسپتالن ۾ جيڪي گوريون ملن ٿيون، اهي به نقلي هجن ٿيون“. راڻا ستار وڌيڪ چيو ته، سنڌ ۾ ڪهڙو ايم پي اي آهي، جيڪو پنهنجي مرضي سان ايس ايڇ او نٿو رکرائي؟ شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي تڪ ننگر پارڪر جي مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته، ”ننگر پارڪر پوئتي پيل علائقو آهي. اسان جڏهن ڪارونجهر تي چڙهي اڀرندي طرف ڏسون ٿا ته سرحد جي ٻئي پار بجلي، روڊ ۽ زندگي جي هر سهولت نظر اچي ٿي، پر اسان جي طرف زندگي جي ڪا به سهولت موجود ناهي، اها ناانصافي آهي. ماڻهو سوال ڪن ٿا ته اسان وٽ اهي سهولتون ڇو ناهن“؟

    بجيٽ اجلاس جي هن سيشن تي ڪالاباغ ڊيم وارو اشو ڇانيل رهيو. عارف مصطفيٰ جتوئي اٿندي چيو ته، ”اجلاس جي باقي ڪارروائي روڪي ڪالاباغ ڊيم خلاف رٿ پيش ڪرڻ ڏيو، جنهن کي اهڙي اجازت نه ملي. جنهن بعد نزهت پٺاڻ، سسئي پليجو، راڻا عبدالستار، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين ڪالاباغ ڊيم خلاف سخت تقريرون ڪيون. سوالن جوابن واري ايجنڊا ۾ خوراڪ کاتي بابت سوال هئا. هير سوهو خوراڪ واري وزير نادر مگسي کان سوال ڪيو ته فوڊ انسپيڪٽر وڏيرن، جاگيردارن ۽ سردارن کان به وڌيڪ امير ڇو آهن؟ ڄام تماچي انڙ وري اهو سوال ڪيو ته، ڪڻڪ ۾ جيڪا مٽي ملائي ويندي آهي، ان کي ڪيئن روڪيندئو؟ جنهن تي نادر مگسي چيو ته، ”ليبارٽريون قائم ڪري رهيا آهيون“، جنهن تي ڄام تماچي چيو ته، ”ليبارٽري کان اڳ ۾ الله پاڪ اکيون به ڏنيون آهن، انهن سان ڇو نٿا ڏسو“، جنهن بعد اجلاس اڄ تائين ملتوي ٿي ويو.

    dodochandio@yahoo.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    زراعت تي ٽيڪس جو مطالبو ۽ زميندارن جون تقريرون!




    ڇنڇر 19 جون 2010ع



    سنڌ اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تي بحث دوران هاڻي بحث ان طرف وڌي رهيو آهي ته زراعت تي ٽيڪس لڳڻ گهرجي يا نه! متحده قومي موومينٽ جي ميمبرن جو چوڻ آهي ته صنعتڪار ڪيترائي ٽيڪس ڀري ٿو، پر زراعت تي ٽيڪس ناهي وڏيرا ۽ جاگيردار ٽيڪس نٿا ڀرين. جڏهن ته پ پ ايم پي ايز امداد پتافي ۽ احمد علي پتافي، فياض ٻٽ، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين پنهنجي تقريرن ۾ چيو ته آبادگار اڳ ئي ڍل، عشر ۽ آبياني جي شڪل ۾ کوڙ ٽيڪس ڀري ٿو، اسان پنهنجي سموري زمين وڪڻي ڪراچي ۾ هڪڙو دڪان نٿا خريد ڪري سگهون. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ اڳ ئي سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، مٿان جيڪڏهن وڌيڪ زرعي ٽيڪس لڳندو ته ان جو بار سنڌ جي زراعت برداشت ئي نه ڪري سگهندي. اهڙا ئي ڪجهه رمارڪس اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار احمد کهڙي به ڪجهه ڏينهن اڳ اجلاس ۾ ڏنا هئا. نثار احمد کهڙي جو چوڻ هو ته آبادگار پنهنجي فصل جو اگهه خود مقرر نٿو ڪري، هو زراعت، اناج، ڀاڄيون ۽ ميوات اپائي ٿو، سندس ان اپت جو اگهه واپاري مقرر ڪري ٿو. ڀينڊي جتي پوکجي ٿي، اتي 10 رپيا ڪلو ۽ ڪراچي ۾ اها 80 رپيا ڪلو ملي ٿي. ان جي ڀيٽ ۾ واپاري پنهنجي دڪان تي جيڪي به ائٽم رکي ٿو، ان جو اگهه هو خود مقرر ڪري ٿو.

    پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ بجيٽ تقريرن دوران ان تي بحث جاري آهي. اجلاس ۾ تمام ٿورڙا ايم پي ايز اهڙا آهن، جيڪي بجيٽ تي بحث دوران بجيٽ تي تقريرون ڪن ٿا، باقي گهڻيون تقريرون رڳو سياسي ٿين ٿيون. جيڪي جلسن ۽ جلوسن ۾ ٿينديون آهي. هن وقت تائين جيڪي انتهائي بهتر تقريرون ٿيون آهن، ان ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي ناهيد، فنڪشنل ليگ جي نصرت سحر عباسي، راڻا ستار، نديم ڀٽو ڪيون آهن، جن باقاعده بجيٽ تي ڳالهايو آهي. نصرت سحر عباسي جي تقرير دوران ته پ پ ميمبرن تمام گهڻو احتجاج ڪيو، پر اسپيڪر نثار کهڙي کيس نه رڳو تقرير ڪرڻ ڏني پر پ پ ميمبرن ۽ وزيرن کي بار بار چوندو رهيو هو ته پاڻ ۾ حوصلو ڌاريو، مخالفت ۾ به ڪجهه ٻڌو، ڀلي پنهنجي واري ۾ ان جو جواب ڏجو. بجيٽ اجلاس دوران ڪافي ميمبر رڳو ڪچهريون ڪندا رهندا آهن، نه سوالن جوابن ۾ دلچسپي وٺندا آهن، ۽ نه وري بجيٽ تقريرون ٻڌندا آهن. جمعي ڏينهن اسپيڪر آخرڪار چيو ته خاموش ٿيو، نه ته آئون نالا کڻندس ته ڪير ڪير خاموش نٿو ٿئي ۽ ڳالهائي ڪير ٿو. جمعي ڏينهن سوال جواب مڪاني اداري واري کاتي بابت هئا. نديم ڀٽو، عارف مصطفيٰ جتوئي ۽ رزاق راهمي اسيمبلي ۾ آغا سراج دراني کان ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ايم ڊي امير زادي ڪوهاٽي بابت هئا. هيءُ اهو آفيسر آهي، جيڪو مشرف جي سڄي دور ۾ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ايم ڊي رهيو ۽ اهو هاڻي به ايم ڊي آهي. هن تي ڪراچي جي سوين سنڌي ڳوٺن ۽ قديمي رهواسين جي هزارين ايڪڙ زمين بلڊرن کي الاٽ ڪرڻ جا الزام آهن. اجلاس ۾ ايم پي اي رزاق راهمي سوال ڪيو ته ايم ڊي امير زاده ڪوهاٽي وٽ ڪهڙي جادو جي ڇڙهي آهي، جو هو تاحيات ايم ڊي رهندو؟ جنهن جو جواب ڏيندي آغا سراج دراني چيو ته ”امير زاده ڪوهاٽي سٺو ماڻهو آهي، اهو نه رهندو ته ملير ترقياتي ادارو نه هلي سگهندو“.

    اجلاس ۾ ايم پي اي ستار راڄپر چيو ته سنڌ ۾ رڳو ڪراچي ۾ فش هاربر آهي، ان ڪري ملاحن جي ڀلي لاءِ سرڪار ٺٽي ۽ بدين ۾ فشر هاربر قائم ڪيا وڃن. جاويد شاهه بجيٽ جي تعريف سان گڏ آبادگارن جي مسئلن ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف تقرير ڪئي ۽ متحده جي ايم پي ايز کي آفر ڪئي ته ”مون کي ڪراچي ۾ هڪڙو گهر ڏيو، آئون اوهان کي پنهنجون زمينون ڏيڻ لاءِ تيار آهيان“. ڪلثوم چانڊيو جو چوڻ هو ته دادو ۾ 16-16 ڪلاڪ بجلي بند هجي ٿي. عمران ظفر لغاري ۽ فياض ٻٽ رائس ڪئنال، دادو، ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ايوان ۾ آواز اٿاريو. نصرت سحر عباسي جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو ذڪر ٿا ڪريون ته اسان کي قانون جا ڪتاب ڏيکاريا وڃن ٿا. جنهن تي سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڻي جي واقعي کوٽ آهي، اڄوڪي ڏينهن جيڪو سنڌ کي پاڻي مليو آهي، اهو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ چوٿون حصو گهٽ آهي. نجم الدين ابڙي هن بجيٽ کي 1911ع جي بجيٽ سڏيو. ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي مقيم عالم چيو ته اين ايف سي ايوارڊ باوجود اسان خساري واري بجيٽ پيش ڪئي آهي. سجيلا لغاري جو چوڻ هو ته آئون دادو جي بي تاج بادشاهن جي ظلم سبب پ پ ۾ شامل ٿي آهيان. رشيده پنهور چيو ته اسان جي بجيٽ ”جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان“ وانگي پيش ڪئي وئي آهي. آغا تيمور پٺاڻ پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ چيو ته جيڪي اسان تي تنقيد ڪن ٿا، اهي ٻڌائن ته ڪي ٽي بندر رٿا ڪنهن ختم ڪئي. قاضي شمس راڄڙ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ 91ع ٺاهه تي عمل نه ٿيڻ تي ڳالهايو.

    سنڌ اسيمبلي بجيٽ اجلاس ۾ سڀ کان وڌيڪ تنقيد بيوروڪريسي جي رويي تي ٿي آهي. صورتحال اها آهي، جو جڏهن بجيٽ تي بحث هلي رهيو آهي، تڏهن به آفيسر اجلاس ۾ نٿا اچن. ناڻي کاتي جو قلمدان وڏي وزير وٽ آهي، جيڪو پڻ ٿوري دير لاءِ اجلاس ۾ ويهي هليو ويندو آهي. ناڻي کاتي جو سيڪريٽري صدر پاڪستان جو ڀيڻويو آهي ۽ اهو به اجلاس ۾ ناهي هوندو، ڄڻ ناڻو کاتو ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ وارو کاتو هي اجلاس ٻڌندو ئي ناهي. روزانو 25-20 ايم پي ايز بجيٽ بحث ۾ حصو وٺندا آهن، پنهنجون تقريرون ڪندا آهن، پر تقريرون ۽ تجويزون هوا ۾ اڏامي وڃن ٿيون، ڪو به آفيسر اهي تجويزون نوٽ ڪندي نظر نٿو اچي. خود اسپيڪر جمعي واري ڏينهن ان جو نوٽيس ورتو ۽ قانون واري وزير کي هدايت ڪئي ته آفيسرن جي حاضري کي يقيني بنايو وڃي. ڏٺو وڃي ته اسپيڪر هر سيشن ۾ اهڙيون هدايتون ڏيندو رهندو آهي، پر آفيسر ناهن ايندا. هتي پارلياماني نظام جي اها خرابي آهي ته ايوان جي اندر ايم پي ايز جي آڏو هڪڙي گئلري آفيسرن لاءِ قائم ڪئي وئي آهي، جيئن ايم پي ايز جيڪو ڳالهائن اهو سڀ آفيسر ٻڌن ۽ ان تي عمل ڪن، پر اسان جا آفيسر ان کي اهميت نٿا ڏين. بجيٽ سيشن ته انتهائي اهم سيشن هوندو آهي. هر ايم پي اي پنهنجي پنهنجي علائقي سان تجويزون ڏيندو آهي. اهي نه رڳو ناڻي ۽ پلاننگ کاتي، پر سمورن کاتن جي آفيسرن کي نوٽ ڪرڻ گهرجن، پر چوندا آهن ته ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا“. جيڪڏهن ڪو ايم پي اي نشاندهي ڪندو آهي ته اجلاس بعد جيڪي پارلياماني پارٽين جا اجلاس ٿيندا آهن، انهن ۾ ان ايم پي اي کي دڙڪا ملندا آهن. هاڻي ته ”ڊيٿ وارنٽ“ جهڙا لفظ به استعمال ٿين ٿا، حالانڪه ايوان اهڙي شيءِ آهي، جتي هر ميمبر آزاد آهي ۽ هو پنهنجي علائقي، عوام جي هر معاملي تي ڳالهائي سگهي ٿو. اسان وٽ مفاهمتي پاليسي ۽ پارٽي پاليسي تحت اهڙي اجازت ناهي.

    dodochandio@yahoo.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اعليٰ آدرش ۽ سياست جي ”بازار“




    اربع 23 جون 2010ع



    سياست انتهائي بي رحم شيء آهي. هونئن ته اها سماجي سائنس آهي، پر جاگيرداري ۽ سرمائيداري سماج جي اندر جنهن شيء کي سياست سڏيو ٿو وڃي، اها فقط ٺڳي جو ٺاهه، ٺٺ ۽ ٺانگر جو ڪاڪ محل ۽ سفاڪيءَ جو داستان آهي. هونئن ته هن ئي ديس جي هزارين جوانن، پوڙهن، عورتن ۽ ٻارن هن سماجي سائنس ”سياست“ کي عبادت سمجهي پنهنجي زندگي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏي، ورهيه ويڙهه ۾ گذاريا، نه اُڃ ڏٺي، نه بک ڏٺي، نه سردي ڏٺي نه گرمي ڏٺي، جيڪا وک کنئي اها قوم، عوام ۽ وطن جي ڀلي لاءِ کنئي، جو سوچيو پنهنجي مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ سوچيو، پنهنجون سموريون خوشيون ۽ سموريون خواهشون ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيون. جسم اڌ اگهاڙو، پيٽ ۾ بک، گهر ۾ رلي به ناهي، جا سياري ۾ ٻارن کي اوڍائي سگهجي، پوءِ به چهري تي ڪو به پڇتاءُ نه، دل مطمئن، روح مطمئن، اکين ۾ تبديلي جا خواب ۽ روشن صبح جي چمڪ، ڪنهن جا نالا کڻي، ڪهڙا نانءُ وٺان، ننگر پارڪر کان وٺي روشن آباد ۽ ٻيلهاڙو شاخ تائين ڪڇ ۾ ڪتاب کڻي هارين، مزدورن کي ليڪچر ڏيندڙ ڪو اشرف رند هجي يا کورواهه جو امين خاناڻي هجي، پراڻ جي پٽن تي پير پٿون ڪندڙ ڪرم ڪلوئي هجي يا شاهپور چاڪر ۾ ديويءَ جي وڻ هيٺ ويهي نيو ورلڊ آرڊر جو آپريشن ڪندڙ سائين لکمير ڏاهري هجي، ڀوڏيسر جي تاج هجي يا ملهڻ جي ادي ممتاز، ڇا عزم، ڇا همتون، ڇا بهادريون، وري جي ايوانن ۾ نظر ٿا وجهون ته پيرن هيٺان زمين نڪري ٿي وڃي.

    تازو سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس بعد هڪڙو وزير پنهنجي گاڏي ۾ ويهي رهيو هو ته سندس پير مان جتي جو پادر نڪري ويو، هڪ همراهه ڊوڙي وڃي سندس پير ۾ جتيءَ جو پادر وڌو، الاءِ ڇو جڏهن مون ان ماڻهوءَ کي ڏٺو ته اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون. ان همراهه کي مون ڪڏهن سندرو ٻڌي جدوجهد جي ميدان ۾ ڏٺو هو، روڊ تان ويندڙ ڪنهن وڏيري جي لينڊ ڪروزر ڏانهن مڙي ڏسندا هئاسين ته ڪاوڙجي پوندو هو، چوندو هو، ”هي وڏيرا عوام دشمن آهن، اوهان هنن ڏانهن مڙي به نه ڏسو، هي لينڊ ڪروزر غريبن جي رت ست مان ورتي اٿس“. وري جي وقت ڦريو ته همراهه سڀ ليڪا لتاڙي ويو! اسان واري پاسي ته هر عوام آزاريندڙ ڪم اسان جا پراڻا نظرياتي ساٿي ٿا ڪن. اهو وڏيرو ڪيڏو نه خوش نصيب هوندو، جنهن کي اهڙا ڪمدار ملندا هوندا، جن داس ڪيپٽل به پڙهيو هجي، جن کي ”دنيا ڪو جهنجهوڙ ديني والي دس دن“ بر زبان ياد هجي، جنهن پئبلو نرودا، مئڪسم گورڪي، لطيف، اياز، بخاري، منشي ۽ سرويچ رٽيا هجن، جنهن کي ويٽنامي ڪهاڻيون ياد هجن، ”ڳاڙهو لالٽين“، ”ذلتون کي ماري لوگ“ جهڙا ڪتاب سيني سان لڳايا هجن، جنهن کي مائو جا قول ياد هجن، اهو پير ۾ جتي پارائي، غريبن ۽ مسڪينن جو پاڻي به بند ڪرائي، ٿاڻن ۾ راڄ ڪٽرائي، ماڻهن جون ابتيون کلون لهرائي اگر ڪو پراڻو ساٿي چوي، ”ميان هي ڇا پيو ڪرين؟“، ته چوي سياست ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي، ته پوءِ ايوانن ۾ تبديليون ڪهڙيون اينديون؟ اسان جي مقدر جا فيصلا ڪير ڪندو؟ جيڪي ماڻهو فيصلا ڪندا، انهن جي سوچ ڇا هوندي؟ سندن مفاد ڪهڙا هوندا؟ هي گهر ڪنهن جو پيو لٽجي؟ بقول صوبائي وزير رئوف صديقي جي ته، ”اسين جيڪي هن وقت سنڌ اسيمبليءَ ۾ موجود آهيون، اسين اهو قسم کڻون ته اسين هڪ سال تائين نه پاڻ ڪرپشن ڪنداسين ۽ نه ٻين کي ڪرڻ ڏينداسين ته آئون يقين سان چوان ٿو ته سنڌ جي تقدير ئي تبديل ٿي ويندي“. ڇا هتي ائين ممڪن آهي؟ جيڪو وزير يا چونڊيل نمائندو اليڪشن ۾ ڪروڙ ڏيڍ خرچ ڪري اچي ٿو، ڇا اهو سال خاموش ويهندو؟ ٻيو ته ٺهيو جيڪي عورت ايم پي ايز ۽ اقليتي ڀائر مخصوص سيٽن تي آيا آهن، ڇا اهي خاموش آهن، ڇا اهي اسڪيمون ۽ نوڪريون ميرٽ تي پيا ڏين؟ ڪهڙا قصا کولي ڪهڙا کولجن، حڪومتي ڪارڪردگي ۽ ماڻهن جو انهيءَ مان مطمئن هئڻ جو اندازو لڳائڻ لاءِ اسيمبلي سٺو هنڌ آهي، جتي سموري حڪومتي مشينري هڪڙي ڇت هيٺ گڏ هوندي آهي، ان اسيمبليءَ ۾ پاسون ٺهرائي ڪجهه ماڻهو ڪمن ڪارن سان پهچي ويندا آهن، جيڪي ماڻهو پاسون ٺهرائي اسيمبليءَ اندر پهچي ويندا آهن، اهي سمجهو سنڌ جي ماڻهن ۾ خوش نصيب هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا 90 سيڪڙو ماڻهو ته وزيرن ۽ ميمبرن جي درن تي ڪمن ڪارن لاءِ ويندا ئي ناهن، 5 سيڪڙو ماڻهو انهن وزيرن ۽ چونڊيل نمائندن سان سندن آفيسن تي تڪن ۾ ملي سگهندا هوندا؟ باقي تمام گهٽ تعداد ۾ اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي پاسون ٺهرائي ايوان تائين پهچندا آهن، انهن ۾ يا ته پارٽي عهديدار هوندا آهن، يا وري وزيرن ۽ ميمبرن جا ويجها ماڻهو هوندا آهن، اهي به جڏهن اسيمبلي جي ٻاهران ميڊيا جي نمائندن کي ڏسندا آهن ته وزيرن ۽ ميمبرن کي ڇڏي صحافين کي چوندا آهن، ”توهان هنن (وزيرن/ميمبرن) جي خلاف لکو، صفا ڪم ڪو نه ٿا ٿين“، ويندي تعلقي ۽ ضلعي عهديدار به ڪم نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪن ته ٻيراڻي، وارهه، پني عاقل، پنگريو، نبي سر روڊ ۽ چوهڙ جمالي ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڪهڙي راءِ هوندي؟ ان کان به هڪ قدم اڳتي وڌندي اسان جڏهن چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن جي راءِ وٺنداسين ته صورتحال اڃا به ٻي نظر ايندي. ڪيترن وزيرن ۽ حڪمران جماعت جي ايم پي ايز مخالف ڌر جي ميمبرن تي فرمائشون رکيون ته، ”اسان جي کاتن/علائقن لاءِ بجيٽ ناهي رکي وئي، اسان حڪومت ۾ شامل آهيون، کلي نٿا ڳالهائي سگهون، اوهان ايوان ۾ ڳالهايو“. وزير ۽ ميمبر ته اجلاس دوران هال ۾ هوندا آهن، سندن ڊرائيور ۽ ذاتي ملازم ٻاهر ڪاڙهي ۾ ڪڙهندا رهندا آهن، ماني ۽ ٿڌي ڇانوَ ته ٺهيو، پر پاڻي لاءِ به پريشان هوندا آهن، انهن سان ڪچهري ڪبي ته سندن موقف هڪڙو کليل دستاويز آهي، جنهن سان حڪومتي ڪارڪردگي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

    ڪالهه به بجيٽ تي بحث جاري رهيو، مبارڪن جو سلسلو جاري هو، ڏسون ته اها بجيٽ ڪڏهن ٿي منظور ٿئي. وزير اعليٰ آخر ۾ ڪڏهن ٿو انهن تجويزن تي اعلان ڪري، جيڪي تجويزون ميمبرن ڏنيون آهن.

    dodochandio@yahoo.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اسپيڪر جي گهڙي!




    جمع 25 جون 2010ع



    سنڌ بجيٽ تي بحث جي اٺين ڏينهن اسپيڪر نثار احمد کهڙي پنهنجي ٻانهن مان واچ کولي سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي جي هٿ ۾ ڏني، جنهن اها واچ تعليم واري وزير پير مظهرالحق جي حوالي ڪئي، پير مظهرالحق پ پ سنڌ جو پارلياماني ليڊر به آهي، کيس اڳ ۾ ئي هڪ ڪرائي ۾ واچ ٻڌل هئي، نثار احمد کهڙي واري واچ وري ٻي ڪرائي ۾ ٻڌائين، جيڪا اجلاس جي آخر تائين کيس ٻڌل رهي. نثار احمد کهڙي جيئن ئي پنهنجي ڪرائي مان واچ لاٿي ته هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته اڄ اجلاس دير تائين هلندو ۽ ائين ئي ٿيو. هونئن ته بجيٽ تي بحث لاءِ هر ميمبر لاءِ 10 منٽ مقرر ٿيل هئا، 10 منٽ کان وڌيڪ تقريرون ٿيڻ تي ڪيترن ئي ميمبرن کي گهڻو ڪجهه ٻڌڻو پيو، هن سال به طارق مسعود آرائين جو مائيڪ بند ٿيو، پر ڪالهه واري اجلاس ۾ صورتحال ٻي هئي. آغا سراج، ڄام مهتاب ڏهر ۽ مراد علي شاهه جڏهن ڊگهيون تقريرون ڪيون ۽ اسپيڪر کين ”مهرباني“ چئي تقرير ختم ڪرڻ جو چيو ته ٽنهي چيو ته، ”سائين توهان وٽ ته واچ ئي ناهي، اسان جو اڃا ٽائيم آهي“. ڪالهه واري اجلاس ۾ آخري مقررين دل کولي تقريرون ڪيون. آغا سراج دراني پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، ”لوڪل گورنمينٽ ۾ اچي آئون به لوڪل ٿي ويو آهيان“، ڄام مهتاب ڏهر جو چوڻ هو ته، ”سنڌ اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تي جيڪي به تقريرون ٿيون آهن، مون کي لڳي ٿو ته ڪير به بجيٽ جا ڪتاب پڙهي نه آيو آهي، جيڪڏهن ميمبر پڙهي اچن ها ته اهڙيون تقريرون نه ڪن“.

    متحده قومي موومينٽ ۽ پ پ ميمبرن جي وچ ۾ زرعي ٽيڪس بابت جيڪو 10 ڏينهن کان بحث هلي رهيو هو، اهو ڪالهه آخري جهلڪين ۾ نظر آيو. صورتحال اهڙي هئي جو گهرو وزير اجلاس ۾ ڍل جون رسيدون کڻي آيو ۽ ايوان کي ڏيکاريندي چيائين ته، ”بدين ضلعي ۾ صرف آئون، ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ حسنين مرزا زرعي ٽيڪس ادا ڪندا آهيون، ٻيو ڪير به ادا ناهي ڪندو“، اهڙي ريت ڄام مهتاب ڏهر ايم ڪيو ايم جي ميمبرن طرف منهن ڪري چيو ته، ”مون کي هڪڙي پي آءِ ڊي سي جي عمارت ڏيو، آئون پنهنجي سموري جائيداد اوهان کي لکي ٿو ڏيان“، جنهن تي آبپاشي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته، ”ڄام صاحب ڀلي پنهنجون زمينون لکي ڏئي، پر انهن زمينن تي جيڪي هاري آهن، اهي بي دخل ڪرڻ ڄام مهتاب ڏهر جي به وس ۾ ناهي، هو سندس ابي ڏاڏي کان وٺي هاري آهن ۽ اهي اتي ئي هاري رهڻ گهرجن“. بجيٽ تي بحث دوران جڏهن هي زميندار زرعي ٽيڪس جي مخالفت ۾ دليل ڏئي رهيا هئا ۽ ان دوران هارين سان همدرديءَ جو اظهار ڪري رهيا هئا ته مون سوچيو، ”ڪاش! هي زميندار اهي ڳالهيون دل سان ڪن“، ڇو ته اسان جي هارين جي جهڙي حالت آهي، جيئن هو زندگي گذارين ٿا، ان مان هنن جي درد کي هر ماڻهو سمجهي سگهي ٿو. وڏيرن ۽ زميندارن جون ملڪيتون ته ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن، ڳوٺن ۾ محل، ڪراچي ۾ بنگلا، پوءِ لنڊن، آمريڪا ۽ دبئي ۾ بنگلا، غريب جو گهر اڃا به ڪچو آهي، اڄ به تيز هوا لڳي ٿي ته سندس گهر جو ڇپر اڏامي وڃي ٿو. زمين تي هاري 50 سيڪڙو آمدني جو ڀائيوار آهي، پوءِ ڇو هارين جا گهر پڪا نٿا ٿين، سندن ٻار سٺن اسڪولن ۾ نٿا پڙهي سگهن، ڇو هو بخار جي گوريءَ لاءِ به پريشان آهن. زميندارن کي زڪام لڳي ٿو ته هو ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻ لاءِ وڃن ٿا، اڄ جڏهن ايم ڪيو ايم جا ميمبر تنقيد ٿا ڪن ته زراعت تي ٽيڪس لڳايو ته اسان جي سنڌي وڏيرن کي هاري ڪيئن ياد ٿا اچن؟! ڪاش! سنڌي سماج جي هن وڏي حصي هاري طبقي کي اسان جا سياستدان ۽ وڏيرا پنهنجا هڏ ڏوکي ۽ پنهنجو حصو سمجهن، انهن جي اولاد کي پڙهڻ ڏين، انهن کي انسان سمجهن ته نه سندن راڄ ڪڏهن ختم ٿئي ۽ نه هو غريب هاري ائين ظلم، غربت ۽ مفلسي جي گهاڻي ۾ پيڙجن. پ پ وزيرن کي ايم ڪيو ايم جي سيد سردار احمد هن ريت جواب ڏنو ته، ”سائين هاري اوهان جون ٻانهون ۽ هٿ آهن، اوهان وٽ وڏي عرصي کان وٺي ٽيننسي ايڪٽ ترميم لاءِ پيو آهي، پهرين اهو ته پاس ڪريو، ويچارن غريب هارين جو ڀلو ٿي پوندو“. بجيٽ تقرير دوران پير مظهرالحق ماضي جي واقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته، ”جن اسان سان ڪيو، انهن کي به شرم نٿو اچي ۽ شرم اسان کي به ڪونه ٿو اچي، جو اسان به انهن سان گڏ ويٺا آهيون“.

    پير مظهرالحق پنهنجي بجيٽ تقرير دوران سنڌيءَ جا لفظ اردو جملن ۾ استعمال ڪيا ته اسپيڪر چيو ته، ”انهن جي اردو ۾ معنيٰ ٻڌايو“، جنهن تي پير مظهرالحق چيو، ”سائين مون آسان اردو پڙهي هئي“. فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي آهي، ان تنقيد جي ڪري پير مظهرالحق کيس جيڪو ”امان“ جو لقب ڏنو هو، اهو واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ تقرير ۾ بار بار ”سابق امان“ جو لفظ استعمال ڪندو رهيو. اجلاس ۾ ڪجهه مکڻ جو لفظ وڌيڪ هليو، مخالف ڌر جو اڳواڻ ڄام مدد علي جڏهن اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اچي رهيو هو ته مون پڇيو، ”ڄام صاحب اڄ بجيٽ تي تقرير لاءِ ڪهڙي تياري ڪري آيا آهيو؟“ جنهن تي ڄام مدد علي چيو ته، ”آئون مکڻ جا ڏٻا کڻي آيو آهيان، اهڙي ريت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، ”آئون اهڙو خوشنصيب آهيان جو آئون ان اسيمبليءَ جو ميمبر آهيان، جنهن ۾ سيد مراد علي شاهه به ميمبر آهي“، ساڳي ريت پير مظهرالحق وري ذوالفقار مرزا جي حوالي سان ساڳيو فارمولو استعمال ڪيو. اجلاس ۾ متحده ميمبرن مان سيد سردار احمد ۽ فيصل سبزواري سٺيون تقريرون ڪيون، فيصل سبزواري هي شهر به پڙهيو:

    شهر والو محبت ميرا مقدر نڪلا

    جس هاٿ ڪو چوما، وهين خنجر نڪلا

    اجلاس ۾ ڄام مدد علي بجيٽ سان گڏ سنڌ اسيمبليءَ جي ملازمن جي مسئلن بابت ڳالهايو، جيڪي روز احتجاج ڪندا آهن، پر سندن مسئلا حل نٿا ٿين. ڄام مدد علي سنڌ جي ٻهراڙين لاءِ بجيٽ رکڻ تي به زور ڏنو ۽ ايوان کي وڌيڪ با اختيار بنائڻ ۽ ميمبرن جي راءِ کي اهميت ڏيڻ جي به ڳالهه ڪئي. اجلاس اسپيڪر اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

    dodochandio@yahoo.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم دودو چانڊيو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    مخالف ڌر ڪجهه ته مخالفت ڏيکاري!




    ڇنڇر 26 جون 2010ع



    سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ وڏي عرصي کانپوءِ گرما گرمي نظر آئي. تمام ٿورڙن ميمبرن تي مشتمل مخالف ڌر ڪالهه رڳو ٿورڙي سچائي ڏيکاري ته ماضي جا منظر ياد اچڻ لڳا. مفاهمت جي پاليسي هن ايوان جي اندر ميمبرن جي کوڙ خواهشن کي دٻائي ڇڏيو آهي، هڪڙي پارٽي پاليسي ٻيو وري مفاهمت جي ڪري پريس گئلري ۾ ويٺل صحافي چوندا رهيا آهن ته هال ۾ ”نو“ جو لفظ ٻڌڻ لاءِ ڪن سڪي ويا آهن. سنڌ اسيمبليءَ جي ڪالهوڪي اجلاس ۾ جڏهن حڪومتي ڌر 38- ارب 42 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم واري ضمني بجيٽ مرڪندي، ٽهڪ ڏيندي، ڊيسڪون وڄائيندي پاس ڪرائي رهي هئي ته مخالف ڌر جا 4 ميمبر ڄام مدد علي، شهريار مهر، نصرت سحر عباسي ۽ رزاق راهمي 70 ڪٽ موشن کڻي ايوان ۾ پيش ڪيا، جنهن هال گرمائي ڇڏيو. سڀ کان وڏو جهيڙو نصرت سحر عباسي ۽ سياحت واري صوبائي وزير شازيه مري جي وچ ۾ ٿيو. پهريون ڀيرو اسپيڪر معاملو جلدي ۾ حل ڪرڻ بدران مزي سان ويهي جهيڙو ٻڌو. اسيمبلي جو هال شازيه عطا مري ۽ نصرت سحر عباسي جي آوازن سان گونجي اٿيو. ان دوران ڄام مهتاب ڏهر ۽ قانون واري وزير اياز سومري وچ ۾ پوندي شازيه عطا مريءَ جو پاسو کنيو، پر سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سوڌو ميمبرن جي اڪثريت ان جهيڙي مان لطف اندوز ٿيندي رهي. هونئن نصرت سحر عباسي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ ننڍيون ننڍيون جهڙپون روز ٿينديون رهنديون آهن ۽ اسپيڪر نثار احمد کهڙو وچ ۾ پئي معاملا ٽاريندو رهندو آهي، اڄ شايد هن ڏٺو ٿي ته نصرت ڪيترو منهن ڏئي سگهي ٿي، جنهن ڪري آخر ۾ نصرت سحر عباسي کي مخاطب ٿيندي چيائين ته، ”مائي تون وڏي همٿ واري آهين.“

    اهڙي ريت مخالف ڌر جي اڳواڻ ڄام مدد علي، جنهن هڪ ڏينهن اڳ رڳو مکڻ هڻڻ جي ڳالهه ٿي ڪئي، ان ۽ سنڌ جي وڏي وزير ۾ به ڪافي بحث ٿيو. هڪڙي موقعي تي وڏي وزير مخالف ڌر جي اڳواڻ ڄام مدد علي کي ٽوڪ هنئين ته ”توهان ڪٽ موشن ڪنهن ٻئي کان لکرائي آيا آهيو، ته ڄام مدد علي ڪاوڙجي پيو ۽ وڏي وزير کي چيائين ”ها سائين دماغ رڳو توهان وارن ميمبرن کي آهي، باقي اسان جي دماغ ۾ بهه ڀريل آهي.“ ڪٽ موشن جي رد ٿيڻ دوران اسپيڪر بار بار ”ها“ يا ”نه“ زور سان چوندو رهيو، جنهن تي آخرڪار شهريار مهر کان رهيو نه ٿيو ۽ نثار احمد کهڙي کي شڪايتي انداز ۾ چيائين ته، ”سائين اسپيڪر جي ڪرسي تي ويٺا آهيو، پوءِ به حڪومتي ميمبرن جي ”ها“ يا ”نه“ تي ايڏو خوش!“ شهريار مهر جڏهن سپليمينٽري بجيٽ دوران پنهنجي ڪٽ موشن جي حمايت ۾ دليل ڏنا ته ڪافي ڀيرا وڏي وزير کيس جملا به هنيا. هڪ موقعي تي کيس ”شوم طبيعت“ سڏيائين، ٻئي ڀيري کيس بد ذوق چئي وري چيائين ته، ”نه شهريار کي ڪو نه ٿو چوان.“ اجلاس ۾ ڪجهه ميمبر هروڀرو به ڊيسڪون وڄائيندا آهن، انهن ميمبرن ته ڪالهه هٿن جا ٿڪ لاٿا، ڇاڪاڻ ته صبح کان ئي وڏو وزير اجلاس ۾ هو. هن سڀ کان پهرين بجيٽ تي پنهنجي آخري تقرير ڪئي ۽ هن ڏيڍ ڪلاڪ تائين ڳالهايو، جنهن دوران وڏي وزير ڪيترائي ٽوٽڪا ۽ چوڻيون ٻڌايون ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن کي هلڪا هلڪا جملا به هنيا، جنهن ڪري سڄو ڏينهن ميمبرن کي ڊيسڪون وڄائي داد ڏيڻو پيو، خاص ڪري پوئين سيٽن تي ويٺل نوجوان ايم پي ايز ۽ عورت ايم پي ايز، جيڪي ڊيسڪون وڄائڻ جي معاملي ۾ هميشه گوءِ کڻندا رهندا آهن. سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاسن ۾ فرحين مغل اڪثر نعرا هڻندي ۽ هڻائيندي آهي، ڪالهه به وڏي وزير جي تقرير دوران هن ڪيترائي ڀيرا زوردار نعرا هڻايا. اهڙي ريت ڪافي ميمبرن جي الڳ الڳ سڃاڻپ به بڻيل آهي. پني عاقل واسي ايم پي اي راءِ ناز بوزدار بينظير ڀٽو جي تصوير وارو بئج هڻي اجلاس ۾ ايندي آهي. جنهن ڏينهن هوءَ ايم پي اي چونڊي هئي، ان ڏينهن کان وٺي هن ڪڏهن به بينظير ڀٽو جي تصوير وارو اهو بئج ناهي لاٿو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي گهٽ، پر کلندي وڌيڪ آهي. عارف مصطفيٰ جتوئي سڀ کان گهڻا سوال ڪندو آهي. رزاق راهمون چوندو آهي ته ”جيڪڏهن عارف مصطفيٰ جتوئي ايم پي اي نه هجي ها ته سنڌ اسيمبليءَ جو سوالن جوابن وارو سيشن ئي بند ٿئي وڃي ها.“ ايم پي اي رشيده پنهور روز ڀٽو خاندان لاءِ دعا گهرائيندي آهي ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ مولوي صاحب روز دعا ۾ هي جملو ضرور چوندو آهي ته، ”اي الله هنن سمورن ميمبرن کي شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير جي راهه تي هلڻ جي توفيق عطا فرماءِ.“ مون اسپيڪر نثار احمد کهڙي کي هڪ ڀيري چيو ”سائين مولوي جي دعا ڪڏهن اگهامندي.“ وڏو ٽهڪ ڏنائين، ”يقينن.“

    نثار احمد کهڙي وڌيڪ ڪجهه نه چيو، پر ان ٽهڪ جي پٺيان مون کي جواب ملي ويو، ڇاڪاڻ ته جڏهن آئون اسيمبلي جي گئلري ۾ ويهي وزيرن ۽ ميمبرن جون تقريرون ۽ دعوائون ٻڌان ٿو ۽ پوءِ وري پنهنجي ڌرتي ڏي ڏسان ٿو، انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين ماڻهن کي ڏسان ٿو، ٿر، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ لاڙ ۾ پيئڻ جي پاڻي نه ملڻ ڪري لڏپلاڻ ڏسان ٿو، قبيلائي جهيڙا ڏسان ٿو، ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿيندي ڏسان ٿو، انهن جي ٻولي، ثقافت ۽ روزگار خطري ۾ ڏسان ٿو، عورتون ڪاريون ٿيندي ڪسندي ڏسان ٿو، وڏن پروٽوڪولن ۾ وزيرن کي مرڪندي ڏسان ٿو ۽ اسيمبلي ٻاهران درخواستون هٿ ۾ کڻي انهن گاڏين کي حسرت سان ڏسندڙ غريبن کي ڏسان ٿو ته منهنجي به دل چوي ٿي ته آئون به اسيمبلي جي گئلري ۾ ويهي مولوي صاحب وانگي زور زور سان دعا گهران ته ”يا الله هنن کي صحيح راهه تي هلڻ جي توفيق عطا فرماءِ“.

    dodochandio@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو