نثارناز
سينيئر رڪن
مان آهيان نثار ناز
”سنڌ سلامت“ جي ميمبر جي حيثيت واري ناتي سان سنڌ جي سمورن سڄڻن سامهون پنهنجي سڃاڻپ ڪرڻ پنهنجو اخلاقي فرض سمجهان ٿو، دوستو منهنجو مُڪمل نالو، نثاراحمد سمون آهي، پر مُنهنجي شهر جا ماڻهو مونکي نثار ناز جي نالي سان سُڃاڻندا آهن، ناز تخلص آهي، ڪڏهن ڪڏهن انڌي منڊي شاعري ڪري ويهندو آهيان، هن خوبصورت دنيا جي چمن ۾ پنهنجا قدم 12 جنوري اوڻيهه سئو ايڪهٺ تي رکيا، انهي حساب سان 49 زندگي جون گرميون سرديون، بهارون ۽ خزائون ڏٺيون اٿم، هر ماڻهوءَ سان کلندي ۽ مُسڪرائيندي پيش آيو آهيان، ايتري قدر جو ڪير ڪاوڙ سان پيش آيو هوندو، ته ان سان به مُسڪرائيندي پنهنجو پلئو آجو ڪرايو اٿم، مُسڪراهٽون ۽ وفائون هر ماڻهوءَ جي عمر ۾ واڌارو آڻينديون آهن.. دوکيبازي جي منطق کان واقف ضرور آهيان پر دوکيبازن سان ڀي وفائون شيئر ڪري پنهنجي اندر کي اُجياريو اٿم، دنيا جي هر عورت کي ڪائنات جي سُونهن سمجهندو آهيان،ڪڏهن عورت کي ماءُ سمجهي ان کي تعظيمي سجدا ڪندو آهيان، ڪڏهن ڀيڻ سمجهي، ان جو قدر ڪندو آهيان ....... شڪر الحمد الله مان شادي شُده آهيان، مائٽن جي رضا خوشيءَ سان ماسات مٺي ذات سان لانئون لڌيون اٿم، انهيءَ محبتي ٻنڌڻن ۾ آڪٽوبر 1978ع ۾ ٻڌجي ويس، زندگيءَ جي انهن سالن ۾ منهنجي جيون ساٿي مونکي پنج ٻارڙا تُحفن جي صورت ۾ ڄڻي ڏنا، ماشاالله چار پُٽ ۽ هڪ نياڻي، هڪ پُٽ 26 سالن جو نوجوان آهي، ٻه پُٽڙا هينئر نائين درجي ۾ پڙهن پيا، هڪ پُٽ ڇهين درجي ۾ آهي، باقي نياڻي پهرين ڪلاس ۾ آهي، زندگيءَ جو گاڏو رڙهي پيو، ريٽائرڊ گورنمينٽ ملازم آهيان، پن سن مطلب پينشن تي گُذارو اٿم، شاعري، ڪرڻ وارن ۾ اُستاد بخاري مرحوم، شيخ اياز مرحوم، تاجل بيوس مرحوم، راشد مورائي، اياز گُل، رُخسانه پريت چنڙ ، شوڪت ڌماچ، خيال سنڌي، عاشق ڳاهو، مشڪور ڦلڪارو، ۽ ايوب کوسو انتهائي وڻندا اٿم، سائين ايوب کوسي جي شاعري جو ديوانگيءَ جي حد تائين ديوانو آهيان. اردو شاعرن ۾ فيض احمد فيض، احمد فراز، پروين شاڪر ، ساغر صديقي، ۽ وصي شاه وڻندا اٿم پر انڊيا جي شاعر آنجهاني ساحر جي شاعري جڏهن به پڙهندو آهيان، جهومي پوندو آهيان. شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سائين سچل ، ۽ مصري فقير جن جون شاعريون مُنهنجي روحاني تربيت ڪنديون آهن.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سنڌ سلامت ساٿ سلامت