مان آهيان نثارناز

'تعارف' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مان آهيان نثار ناز​

    ”سنڌ سلامت“ جي ميمبر جي حيثيت واري ناتي سان سنڌ جي سمورن سڄڻن سامهون پنهنجي سڃاڻپ ڪرڻ پنهنجو اخلاقي فرض سمجهان ٿو، دوستو منهنجو مُڪمل نالو، نثاراحمد سمون آهي، پر مُنهنجي شهر جا ماڻهو مونکي نثار ناز جي نالي سان سُڃاڻندا آهن، ناز تخلص آهي، ڪڏهن ڪڏهن انڌي منڊي شاعري ڪري ويهندو آهيان، هن خوبصورت دنيا جي چمن ۾ پنهنجا قدم 12 جنوري اوڻيهه سئو ايڪهٺ تي رکيا، انهي حساب سان 49 زندگي جون گرميون سرديون، بهارون ۽ خزائون ڏٺيون اٿم، هر ماڻهوءَ سان کلندي ۽ مُسڪرائيندي پيش آيو آهيان، ايتري قدر جو ڪير ڪاوڙ سان پيش آيو هوندو، ته ان سان به مُسڪرائيندي پنهنجو پلئو آجو ڪرايو اٿم، مُسڪراهٽون ۽ وفائون هر ماڻهوءَ جي عمر ۾ واڌارو آڻينديون آهن.. دوکيبازي جي منطق کان واقف ضرور آهيان پر دوکيبازن سان ڀي وفائون شيئر ڪري پنهنجي اندر کي اُجياريو اٿم، دنيا جي هر عورت کي ڪائنات جي سُونهن سمجهندو آهيان،ڪڏهن عورت کي ماءُ سمجهي ان کي تعظيمي سجدا ڪندو آهيان، ڪڏهن ڀيڻ سمجهي، ان جو قدر ڪندو آهيان ....... شڪر الحمد الله مان شادي شُده آهيان، مائٽن جي رضا خوشيءَ سان ماسات مٺي ذات سان لانئون لڌيون اٿم، انهيءَ محبتي ٻنڌڻن ۾ آڪٽوبر 1978ع ۾ ٻڌجي ويس، زندگيءَ جي انهن سالن ۾ منهنجي جيون ساٿي مونکي پنج ٻارڙا تُحفن جي صورت ۾ ڄڻي ڏنا، ماشاالله چار پُٽ ۽ هڪ نياڻي، هڪ پُٽ 26 سالن جو نوجوان آهي، ٻه پُٽڙا هينئر نائين درجي ۾ پڙهن پيا، هڪ پُٽ ڇهين درجي ۾ آهي، باقي نياڻي پهرين ڪلاس ۾ آهي، زندگيءَ جو گاڏو رڙهي پيو، ريٽائرڊ گورنمينٽ ملازم آهيان، پن سن مطلب پينشن تي گُذارو اٿم، شاعري، ڪرڻ وارن ۾ اُستاد بخاري مرحوم، شيخ اياز مرحوم، تاجل بيوس مرحوم، راشد مورائي، اياز گُل، رُخسانه پريت چنڙ ، شوڪت ڌماچ، خيال سنڌي، عاشق ڳاهو، مشڪور ڦلڪارو، ۽ ايوب کوسو انتهائي وڻندا اٿم، سائين ايوب کوسي جي شاعري جو ديوانگيءَ جي حد تائين ديوانو آهيان. اردو شاعرن ۾ فيض احمد فيض، احمد فراز، پروين شاڪر ، ساغر صديقي، ۽ وصي شاه وڻندا اٿم پر انڊيا جي شاعر آنجهاني ساحر جي شاعري جڏهن به پڙهندو آهيان، جهومي پوندو آهيان. شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سائين سچل ، ۽ مصري فقير جن جون شاعريون مُنهنجي روحاني تربيت ڪنديون آهن.
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت​
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سڀ کان پهريائين اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا. اوهان جو تعارف جي هر هڪ سٽ ۾ سجاڳي جو نياپو آهي. اوهان جي لفظن جي سهڻائپ سان گڏ زندگي جي تجربن ۽ مشاهدن آڌر اوهان جا ويچار اسان لاءِ نوان دڳ آهن. اميد ٿي ڪجي ته اوهان سنڌ سلامت ساٿ ۾ باقاعدگي سان شامل رهندو ۽ پنهنجي ذهن جي تخليق ذريعي سموري سنڌي ساٿ کي نيون راهون ۽ نوان دڳ ڏسيندا رهندا۔۔۔ مهرباني

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. محمد زمان سومرو

    محمد زمان سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ناز صاحب مان اڄ ادا زاهد سومري کان هن فورم جي باري ۾ پڇيو، ۽ ادا مونکي تمام سهڻي نموني سان سمجهائيندي ايترو ضرور چيو ته ادا هن فورم کي لانچ ٿيڻ ۾ ٿورڙو ئي وقت ٿيو آهي پر تمام سٺي وندر آ، انهي سان گڏوگڏ هن فورم تي تمام سٺا ۽ سلجهيل ماڻهو اوهان کي ملندا جيڪي اوهان جي هن فورم تي رهنمائي ڪندا۔
    سائين اوهان جو تعارف ڏسي ڪري اڄ اسان پنهنجي تعارف کي پوئتي رکيوسين
     
  4. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ

    ادا توهان کي اسان پنهنجي طرفان هن فارم تي ڀليڪار چئون ٿا ۽ اميد ڪريان ٿو ته واقعي توهان هن فارم تي بلڪل مزو ماڻيندا سڀني دوستن سان گڏ
    توهان جا لک ٿورا جو توهان اسان کي پنهنجو سمجهي هن فارم جي رڪنيت حاصل ڪئي
     
  5. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    ادا نثار ناز توهان کي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي ڀليڪار چئون ٿا،

    توهان ڪجھ رکيو ئي نه آهي جيڪو اسان توهان کا معلوم ڪريون ۽ تمام گهڙي خوشي ٿي توهان کي هن فارم تي ڏسي۔

    دعا ۾ ياد
    پرنس
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا منتظم اعلى ، محترم محمد زمان سومرا، سائين عامر ضيا چارڻ، محترم علي علي توهان مون مسڪين کي ايتري ته محبتي ڀليڪار ڏني آهي جو سچ پڇو ان لائيق ڪونه هُئس، سنڌ سلامت جو نالو ئي محبتن جي ضمانت آهي، ان بي لوث محبتن جي صلي ۾ توهان کي کوڙ ساريون دعائون ڏيان ٿو الله سائين توهان سڀني دوستن کي سدائين آباد رکي شاد رکي . سنڌي سدائين گڏ.​
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سائين حقيقت پڇو ته توهان جي شخصيت قابل ئي ان جي آهي جو اوهان کي عزت محبت ۽ خلوص جي موتين جا هار پارايا وڃن اوهان جو سنڌ سلامت فورم تي اچڻ ئي اسان جي لا باعث فخر آهي مون هون ته ادا رشيد ادا زاهد سومرو ۽ منهنجي سوٽ علي بلوچ کان اوهان جي باري ۾ ڪافي ٻڌو هيم پر جڏهن منهنجي اوهان سا فون تي ڳالهه ٻوله ٿي ته مون کي لڳو ته منهنجي دوستن توهان جي تعريف ڪرڻ ۾ ڪجهه ڪوتاه هيا اوهان ته ان کان به بالا آهيو اڄ اوهان جو انٽرويو پڙهي دل تمام گهڻي خوش ٿي ڌڻي در اها ئي دعا آهي ته هو اوهان جو سايو هميشهه اسان مٿان باقي رکي آمين
    هڪ دفعو ٻيهر اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا نثار، سهڻي سنڌ جي اوطاقن ۾ جڏهن ڪي ٻه چار ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويهندا آهن ته، آيل مهمان کي چوندا آهن ته حال احوال ڏي، ڪيئين ڏينهن گذريا،

    توهان جي انداز مان لڳي ٿو ته توهان وڏا ڪي مهمان نواز ۽ دل خوش ماڻهو، آهيو، شاعري ته بعد جي ڳالهه آهي، ادا، توهان جو تعارف پڙهي ۽ توهان جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻي ڏاڍي خوشي ٿي۔
     
  9. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا نثار ناز توهان کي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي ڀليڪار چئون ٿا۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا عبدالوهاب قمبراڻي مهرباني جو توهان کي مُنهنجو تعارف وڻيو، پر مٺا صرف مان ئي نه پر پوري پرڪرتيءَ جو هرڪو سنڌي سپوت، دنيا جو وڏي ۾ وڏو مهمان نواز آهي،۽ دل خوش ماڻهو آهي، ڌڻي در دُعا آهي ته شال هيءَ سنڌ ڌرتي پنهنجي اصل وارثن سميت سدا سلامت رهي، ازل کان ابد تائين آباد رهي(آمين)
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا مگسي جُڙيو هُجين شال، مهرباني مٺا جو توهان مونکي ڀليڪار چئي​
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    آمين ثم آمين، ادا موليٰ توهان کي مدني جي روضي جو ديدار ڪرائي آمين
     
  13. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    جواب: مان آهيان نثارناز

    سائين نثار ناز مُنهنجي لاءِ تمام گهڻي عزت جي لائق آهي ، مان سائين کي هُجت ۽ پيار مان بابل سائين جو لقب ڏنو آهي ، سائين به هن ڪروڌي ۽ گند ڀريل سماج کي صاف سٿرو ڏسڻ چاهي ٿو بلڪل هڪ تبديلي جي سوچ رکڻ وارن ماڻهن ۾ هڪ انمول موتي داڻو آهي........!
     
  14. نويد احمد نظاماڻي

    نويد احمد نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2011
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مان آهيان نثارناز

    اسلامُ اعليڪم!
    سڀ کان پهرين آئون محترم جناب نثار ناز کي رات راڄو نظاماڻي ۾ سيوا اوطاق ڪچهري ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ شڪريو ادا ڪندس ۽ اسان کي هن سنده سلامت جهڙي بهترين ويب سائيٽ جي باري ۾ آگاه ڪيو۔ سائين اوهان جي وڏي وڏي مهرباني۔ شل سدائين خوش هجو آباد هجو!
     
  15. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    ادا نثار ناز توهان کي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي ڀليڪار چئون ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو