محترمه انيتا شاهه جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    فيمنزم جي نالي تي عورتن پاران ٿيندڙ انتها پسندي!



    اربع 8 مارچ 2006ع

    گلاسگو يونيورسٽيءَ جي سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ مان پروفيسر برجٽ فائولر جو انٽرويو ڪرڻ ويس ۽ انهيءَ کان اڳ جو مان کانئس برطانيا ۾ عورتن جي سياسي خودمختياريءَ بابت تفصيل سان ڪي سوال ڪيان، هن مون کي ڪافي جي هڪ ڪوپ جي صلاح ڪئي، جيڪا شديد سيءَ ۾ ڏڪندي مون قبول ڪئي. مون کان پڇيائين ته، ڇا مان ڪافي ۾ کير ۽ کنڊ به پسند ڪنديس. مون ”ها“ ڪئي ته ڪافي ٺاهيندي مون کان پڇيائين ته، ”ڏکڻ ايشيا ۾ عورتن جي صورتحال ڪيئن آهي؟“ چيم، ايڏي سٺي ڪانهي. چيائين، ”مونکي اندازو آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن منهنجي سائوٿ ايشيا ۾ ڪن مردن سان اي ميل وسيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي آهي ته هو اڪثر مون کي مرد تصور ڪندا آهن. شايد هو سوچيندا هوندا ته پروفيسر جي عهدي تي هڪ عورت ڪيئن ٿي پهچي سگهي؟“ سندس ڳالهه ٻڌي مون کي ٿورو عجيب لڳو. سوچيم ڪٿان کان شروع ڪيان، پر تيستائين ڪافيءَ جو ڪوپ منهنجي هٿن ۾ اچي چڪو هئو ۽ مون انتظار پئي ڪيو ته ڄاڻ کير ۽ کنڊ جي ڪيل آفر تي عمل ٿيو، پر کير ۽ کنڊ به مليل هئا. مون ڪافيءَ جو ڪڙو ڍُڪ نڙيءَ مان لاهي کيس جواب ڏنو ته سندس نالو اسان ماڻهن لاءِ بلڪل نئون آهي. سندس نالي جي حوالي سان خود مون کي به شروع ۾ شڪ هو ته اهو نالو الائي ڪنهن مائيءَ جو آهي يا مرد جو، پر پوءِ مون انٽرنيٽ تان سندس ويب پيج کولي سندس پروفائيل پڙهي ۽ تصوير ڏسي پڪ ڪئي هئي ته برجٽ نالو ڪنهن ڀائيءَ جو نه، پر مائيءَ جو آهي ۽ سائوٿ ايشيا جي حوالي سان ائين ڪو نه هئو ته ڪو عورتن وڏا عهدا نٿي ماڻيا، يا عورتون حڪمرانيءَ جي حق کان محروم هيون. بلڪه جيڪي ملڪ دنيا ۾ عورتن جي حقن ۽ آزاديءَ جا علمبردار آهن، تن وٽ به ايڏي انگ ۾ عورتون حڪمران ڪو نه رهيون هونديون، جيتريون ڏکڻ ايشيا ۾.

    اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته سائوٿ ايشيا ۾ دنيا جي ڪنهن به خطي جي مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتن جي حڪمراني رهي آهي. جيئن پاڪستان ۾ بينظير ڀٽو ٻه ڀيرا وزير اعظم چونڊي وئي، انڊيا ۾ اندرا گانڌي يا هاڻي سونيا گانڌي جيڪا وزير اعظم طور چونڊي وئي، پر انهيءَ عهدي لاءِ من موهن سنگهه جهڙي گُڏي کي ويهاري پاڻ ڪنگ ميڪر بنجي وئي آهي. سري لنڪا ۾ چندريڪا ڪمارا ٽنگا ۽ بندرا نائڪي، بنگلاديش ۾ خالده ضيا ۽ حسينا واجد. پر اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته عورتن جي ايڏين وڏين آفيسن ۾ پهچڻ کان پوءِ به انهن ملڪن ۾ عورتن جي حالت ڇو جانورن کان به خراب آهي؟

    اسان کي اها سولي سٽ ياد رکڻ گهرجي ته عورتن کي سندن حق تيستائين ملي ڪو نه سگهندا، جيستائين هو سياسي طور تي مضبوط نٿيون ٿين. ڏکڻ ايشيا سميت سڄيءَ دنيا ۾ جتي به عورتن حڪمراني ڪئي آهي يا جيڪي به مايون پارليامينٽ تائين پهتيون آهن، تن کي پهريان ته تمام گهٽ وزارتون آڇيون وينديون آهن ۽ جيڪڏهن مصلحت هيٺ ڪن ماين کي وزارتون ملن به ٿيون ته اهي تمام نرم، بي ضرر ۽ غير اهم هجن ٿيون. اهو پڻ ظاهر ظهور نظر اچي ٿو ته اهم ترين فيصلا ڪرڻ ۽ پاليسيون ٺاهڻ مهل عورتن کي ليکيو نٿو وڃي، بلڪه سياسي پارٽين ۾ به سندن موجودگي ڏيکاءَ جي لاءِ رکي وڃي ٿي.

    سياست جو شعبو اهڙو ته وقت وٺندڙ ۽ اڻ ڪٿيو آهي، جو اتي خاندان جي ساٿ ۽ مضبوط پُٺ کان سواءِ ڌڪ جهلڻ سولو ڪونهي. اسان جو معاشرو، جتي عورتون هڪ پاسي غربت ۽ ٻئي پاسي عورت هجڻ جي ڪري ٻئي درجي جي سلوڪ جو شڪار ٿين ٿيون، اُتي عذابن جي انهن ٻن پڙن ۾ پيهجڻ کان پوءِ هو انهيءَ قابل نٿيون رهن، جو کين مٿن ٿيندڙ ظلمن جو ڪجهه شعور هجي، يا حقن جي حاصلات جي لاءِ ڪجهه اڳڀريون ٿين. سماج جو سڀ کان پيڙهيل طبقو مرد هجي، يا عورت بي واهو ۽ بي واڳو ئي رهي ٿو ۽ واڳ جن هٿن ۾ وڃي ٿي، تن کي انهن عذابن جو احساس نٿو هجي، جيڪي سماج جي پاڙن ۾ پوکيل آهن. انهيءَ ڪري عورتن جي نمائندگي ڪندڙ عورتن مان اها اميد رکڻ ئي اجائي آهي ته ڪو کين انهن ڪڙين حقيقتن جي ڄاڻ هوندي، جن مان اسان جي سماج جون عورتون گذرن ٿيون. هڪڙو مسئلو اهو به آهي ته چونڊيل عورتن جي گهڻائيءَ کي Capacity Building جي گهرج آهي. ڇاڪاڻ جو کين پوريءَ طرح سان اها ڄاڻ به ڪانهي ته عوامي نمائندن جي حيثيت ۾ سندن فرض ڪهڙا آهن، يا عورتون هجڻ جي ڪري کين عورتن جي ڪهڙن حساس اشوز تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ننڍي کنڊ جي حوالي سان گهڻو ڪري پارليامينٽ ۾ يا وزارت عظميٰ کان وٺي ٻين وزارتن تائين سياست جي ميدان مان جيڪي عورتون وڃي پهچن ٿيون، تنهن ترقيءَ جو دارومدار انهن عورتن جي ذاتي قابليت کان سواءِ سندن سياسي خاندان ۽ نظرياتي پس منظر پڻ آهي. اهڙين عورتن جي لاءِ اهميت عورتن جي مسئلن کان وڌيڪ سندن سياسي وفادارين ۽ خانداني مفادن جي وڃي بچي ٿي.

    اهو به ڏٺو ويو آهي ته سياست جي ميدان ۾ جيڪي مايون پنهنجي ڪاميابيءَ سان ٻڌل آهن، اُهي عورتن جي نمائندگي ڪرڻ کي ئي ناپسند ڪنديون آهن، ڇاڪاڻ جو اهو تصور ڪيو وڃي ٿو ته عورتن جي مسئلن ۽ حقن جي گهڻي پچار جي ڪري سياسي شخصيتون محدوديت جي تاثر جو شڪار ٿي وڃن ٿيون، جنهن جو اثر اڳتي هلي سندن سياسي ڪيريئر تي به پئجي سگهي ٿو. جيئن برطانيا جي فولادي عورت (Iron Lady) مارگريٽ ٿيچر جي باري ۾ مشهور آهي ته هن ڪڏهن به عورتن کي سياست ۾ اڳيان اچڻ جي لاءِ نه همٿايو. سندس وزارت ۾ رڳو هڪڙي مائي هئي. هن پنهنجي چوگرد پاڻ کان سواءِ ڪنهن به ٻي مائيءَ کي نه سٺو. بلڪه برطانيا ۾ عورتن کي جنهن حڪومت پنهنجين معاشي پاليسين جي ڪري سڀ کان وڌيڪ تنگ ڪيو، مارگريٽ ٿيچر جي حڪومت انهيءَ ۾ سڀني کان اڳڀري آهي. ٿيچر حڪومت پائونڊ جي قيمت کي ته عرش تي پهچايو، پر طلاق جو انگ تيزيءَ سان وڌيو ۽ عورتن لاءِ جيئڻ جنجال ٿيو.

    سن 2000ع ۾ مشرف حڪومت پاڪستان کي يارهين سيپٽمبر وارن واقعن کان پوءِ مليل بنياد پرستي جي تاثر کي ختم ڪرڻ ۽ اعتدال پسند روشن خيالي جو ثبوت ڏيڻ لاءِ عورتن جي لاءِ 33 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 21.6 سيڪڙو عورتن وڃي پارليامينٽ جا وڻ وسايا. عورتن جو ايڏو انگ مسلمان ملڪن جي 8.05سيڪڙو ۽ سائوٿ ايشيا جي 3 4 .8 سيڪڙو کان ته مٿي آهي ئي، پر سڄيءَ دنيا جي 15.1 سيڪڙو، ايشيا جي 8 .4 1 سيڪڙو جي مقابلي ۾ به گهڻو مٿي آهي. پر سچ اهو آهي ته اهو سڄو قصو حقيقت کان وڌيڪ Cosmetic آهي. اهو ئي سبب آهي جو اعليٰ ايوانن ۾ جيڪڏهن ڪارو ڪاريءَ جي خلاف ڪو بل پيش ٿئي ٿو ته انهيءَ تي ڪيترائي وڏيرا اُڀا ٿي ڪارو ڪاري کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. چر ٻيلي جي رسم ۽ حدود آرڊيننس جي غير انساني ۽ عورت دشمن قانونن جي مخالفت به مخالفت ڪندڙن لاءِ اوکي ٿي پوي ٿي. انهيءَ مان اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته عورتن جي پارليامينٽ ۾ پهچڻ کان پوءِ به سماج جي هيٺين درجي ۾ جانورن کان به خراب زندگي گذاريندڙ عورت جي قسمت تيستائين تبديل ڪا نه ٿيندي، جيستائين هڪ پاسي عورتن جي اصل نمائندن کي پارليامينٽ تائين پهچايو ويندو ۽ ٻئي پاسي عورتن جي آواز کي سنجيدگيءَ سان ٻڌي نه رڳو قانون سازي ڪئي ويندي، بلڪه انهيءَ تي عمل ٿيڻ جي به خاطري ڏني ويندي. هتي مان هڪ ٻي ڳالهه به چوڻ چاهيان ٿي ته عورتن جي حقن واري نعري کي فيمنسٽ ۽ غير سرڪاري ڌرين پاران ايڏين ته انتهائن تي پهچايو ويو آهي، جو ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ته عورت ۽ مرد جو تعلق ٻن ڌار ڌار گرهن سان آهي. جڏهن عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته انهيءَ جو مطلب مردن جي مخالفت نه هجڻ گهرجي. فيمنسٽ خيالن ۾ به ائين ئي توازن ۽ حقيقت پسندي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن اسان عورت دشمن مردن منجهان اها اميد رکون ٿا ته هو عورتن جي حوالي سان انتها پسند ٿيڻ بند ڪن. عورتازاد تحريڪ ۽ فيمنسٽ خيال وارين عورتن کي اهو به وسارڻ نه گهرجي ته اولهه جي جن معاشرن کان متاثر ٿي هو سندن پوئلڳي ڪن ٿيون، اُتي به عورتون ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهن. اهي مسئلا اسان جي مسئلن کان نوعيت ۾ مختلف ٿي سگهن ٿا. پر مسئلا اُتي به آهن، عورتون اُتي به پريشان آهن. بنيادي سوال اهو آهي ته عورتن جي حقن جي Pharase جو ترجمو خاندان واري سرشتي جو خاتمو نه هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو اولهه ڪيئي تجربن مان گذرڻ کان پوءِ وري فيملي واري نظام ڏانهن واپس ورڻ لاءِ واجهائي پيو، جنهن منجهان اسان هٿ ڪڍڻ چاهيون پيا. اولهه ۾ ڪيتريون ئي بيماريون جن ۾ بريسٽ ڪينسر ۽ ايڊز سرفهرست آهن، رڳو انهن بي راهه روين جا انعام آهن، جيڪي خاندان ٽٽڻ سان پيدا ٿيون آهن.

    عورتن جي عالمي ڏينهن تي اچو ته انهيءَ سوال تي سوچيون ته اسان جي نجات هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ۾ آهي يا هڪ ٻئي جا حق ۽ فرض سڃاڻڻ ۾؟ هي سوال مرد ۽ عورت جي حقن جو آهي، يا هڪ نئين دنيا جو جيڪي هو جوڙي سگهن ٿا؟

    neetushah@gmail.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه انيتا شاهه جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پنڪيءَ کان پوءِ واري پ پ قيادت ۽ تنقيد جا تير!




    سومر 7 جنوري 2008ع



    27ڊسمبر 2007ع تي نما شام جو جيئن ئي اي ميلس ڏسڻ لڳيس ته ڍاڪا مان بنگلاديش جي وڏي اخبار ”پوٿو مالو“ جي رپورٽر ۽ منهنجي اڳوڻي ڪلاس فيلو زاهد حسين جي تعزيتي اي ميل ڏٺم، جنهن ۾ هن لکيو ته، ”بينظير جو قتل هڪ عالمي سانحو آهي. هوءَ رڳو پاڪستان نه، پر سڄي سائوٿ ايشيا ۽ دنيا جي جمهوريت پسندن جي اڳواڻ هئي. مان پنهنجي اخبار ۽ گهر واري لينا سميت توهانجي ڏک ۾ شريڪ آهيان.“ اها اي ميل مون وري وري پڙهي ۽ نيٺ سوچيم، مزاق جي به ڪا حد ٿيندي آهي ۽ انهيءَ ئي لمحي اسان جي گهر جي ٽي وي واري ڪمري مان منهنجن گهر ڀاتين جون آهون ۽ دانهون ٻڌڻ ۾ آيون. مان ڏڪندڙ قدمن ۽ ڌڙڪندڙ دل سان ڏاڪڻيون چڙهان پئي ۽ شدت سان خواهش پئي ڪيان ته، ڪاش اهو ڪوڙ هجي، ڪاش اها ڪا افواهه هجي، ڪاش ڪا غلط فهمي هجي...پر جو ٽي وي وٽ پهچان ته ڇا ٿي ڏسان ته اسپتال ۾ ماڻهن جو هجوم تابوت کي خيال سان ڏاڪڻين تان لاهي پيو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪيئن بيان ڪيان اها بيوسي، ڏک ۽ ڪاوڙ، جنهن منهنجي روح کي گهرائين تائين لوڏي ڇڏيو. الائي ڪيترا ڪلاڪ مان انهيءَ شاڪ مان نڪري ڪا نه سگهيس. خبر ناهي ٽي وي تي خبرن جي ٻوڏ ۾ ڪهڙا تبصرا ٿيا پئي، پر مان هڪ اهڙي شخص جيان محسوس ڪيان بيٺي، جيڪو ٻڏندو هجي، جنهن کي ترڻ نه اچي ۽ آخرڪار هو پنهنجي پاڻ کي لهرن جي حوالي ڪري ڇڏي.

    شهيد بينظير ڀٽو سان ڪڏهن به منهنجي جذباتي يا سياسي وابستگي ڪا نه رهي آهي. ننڍپڻ کان وٺي مان پ پ پ جي گهڻگهري يا چاهيندڙ ڪا نه رهي آهيان. جڏهن مان ڄاوس ته پاڪستان تي ذوالفقار علي ڀٽو هڪ وزير اعظم جي طور تي حڪمراني ڪري رهيو هو. منهنجي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان به ٻه سال اڳي هو شهيد ٿي چڪو هو. منهنجي هوش سنڀالڻ جي وقت کان وٺي ملڪ ۾ آمريت جو راڄ هو ۽ ”ڀٽو“ بس هڪ لفظ هو، جنهن جو ذڪر ڪڏهن ڪڏهن اسان جي گهر ۾ ٿيندو هو. 1986ع ۾ جڏهن مان حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي تي حمايت الاسلام اسڪول ۾ پڙهندي هئس، جنهن ۾ سنڌي اٽي ۾لوڻ برابر هئا، هڪ ڏينهن هڪ ڪلاس جي در تي جنهن ۾ اندر ڪي واڍا ڪم ڪري رهيا هئا، بينظير جو فوٽو ڏٺم. سڃاتم انهيءَ ڪري جو هيٺان سندس نالو لکيل هو، ۽ بيڪ گرائونڊ ۾ پ پ پ جا ٽي رنگ هئا: ڳاڙهو، ڪارو ۽ سائو.

    منهنجي يادگيريءَ تي بينظير جو اهو پهريون عڪس آهي. شايد انهيءَ ئي سال هڪ اردو مئگزين ۾ بينظير جو هڪ تمام ننڍڙو انٽرويو پڙهيم هئم، جنهن ۾ کانئس پڇيو ويو هئو ته اڪثر عورتن کي پنهنجي گهر، شادي ۽ ٻارن جي ڳڻتي هوندي آهي، پوءِ توهان ڇو سياست جو خفو پاليو آهي؟ تڏهن مسڪرائي بينظير جواب ڏنو، ”پاڪستان ئي ته گهر آهي منهنجو! مان سڀ ڪجهه هن ملڪ جي لاءِ ڪرڻ گهران ٿي.“ تڏهن اڃان بينظير ڀٽو جي شادي ڪا نه ٿي هئي! سيپٽمبر 1977ع ۾ جڏهن بينظير ڀٽو پنهنجي والد سان ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقات ڪرڻ وئي ته ذوالفقار علي ڀٽي کيس چيو ته، تو پنهنجي تعليم پوري ڪري ڇڏي آهي، پر جيڪڏهن تون برطانيا واپس وڃي پنهنجي زندگي بچائڻ چاهين ۽ زندگي سولي ڪرڻ چاهين ته توکي مان دل سان اجازت ڏيندس، پر جيڪڏهن تون هتي رهڻ چاهين ٿي ته پوءِ سخت موسمن جي لاءِ تيار ٿي وڃ ۽ بينظير عيش ۽ آرام جي زندگي گذارڻ جي بدران ڏکن ۽ رڃن سان ڀرپور سياسي زندگيءَ کي قبوليو. 24 سالن جي عمر ۾ بينظير وٽ اها جستجو ۽ سياسي سمجهه هئي، جنهن سڀني قيامتن جي باوجود سندس جرئت ۽ مستقل مزاجيءَ کي قائم رکيو، جنهن سندس ملڪ کان ٻاهر هجڻ ۽ پاڪستاني اليڪشن جي سڀني ڌانڌلين جي باوجود پ پ پ کي پارليامينٽ کان جدا نه ڪيو، جنهن سڀني خطرن جي باوجود 18 هين آڪٽوبر تي ماڻهن جو هڪ سمنڊ ڪراچيءَ تائين ڇڪي ورتو، جنهن سرڪاري پروپيگنڊا مشينري جي سڀني ڪوشش کي رائيگان ڪري ڇڏيو ۽ جنهن ڪنڌ اونچو ڪري پنهنجي موت کي قبول ڪيو ۽ جنهن هن شعر جي حقيقت کي سچو ڪري ڏيکاريو ته، ”جس دهج سي کوئي مقتل مين گيا، وه شان سلامت رهتي هي، يه جان تو آني جاني هي اس جان ڪي تو ڪوئي بات نهين“ انهيءَ سڄي جادوءَ جو نالو هو بينظير! منهنجي هڪڙي انگريز دوست چوندي هئي ته، ”برطانيا ۾ اڪثر مايون بينظير تي رشڪ ڪنديون آهن. وٽس ڪيڏيون نه نعمتون آهن، خوبصورتي، ذهانت، دولت ۽ اقتدار.“ پر مان سمجهان ٿي ته خوبصورتي، ذهانت، دولت ۽ اقتدار کان به وڌيڪ اهم ڳالهيون، جن کيس بينظير

    (Matchless) ڪيو، سي هيون سندس سنجيدگي، ثابت قدمي، دور انديشي ۽ انتهائي صبر، جنهن کيس پنهنجي والد ۽ ڀائرن جي شهادت کانپوءِ به ڀڃي ڀور نه ڪيو. پنهنجي آتم ڪٿا ”ڊاٽر آف دي ايسٽ“ ۾ هن لکيو آهي ته، ڪيئن هوءَ ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو هڪ ٻئي سان ضياءَ جي آمريت کي منهن ڏيڻ بابت سياسي حڪمت عمليءَ تي سهمت ٿي نه سگهندا هئا، ڇاڪاڻ جو بينظير جو خيال هو ته ماڻهن جو ڪو ٽولو يا گروپ ڪيترو به هٿياربند ٿي وڃي، اهو ڪنهن ملڪ جي فوج سان جنگ جوٽي نٿو سگهي.

    هينئر آمريڪا جون اخبارون ۽ ٽي وي چينل وڏي زور شور سان بينظير جي ساراهه ۽ ڪردارڪشيءَ جا پل ٻڌندي مٿس اها تنقيد ڪري رهيا آهن ته بينظير پنهنجي چودگرد پنهنجي سياسي قد اوري ڪنهن به شخصيت کي اُڀرڻ ڪو نه ڏنو، يا اهو ته هن پنهنجي مڙس کي حڪومت ۾ طاقت جو ناجائز استعمال ڪندي ذاتي فائده ڏنا، يا اهو ته هو مصلحتن جو شڪار ٿي ڀٽو جا خواب وساري ويٺي. ان سڀ ڪجهه کي سچ مڃجي تڏهن به مان سمجهان ٿي ته پاڪستان جهڙي آمريتن جي ستايل ملڪ ۾ جتي جنازو ذوالفقار ڀٽي کي شهيد ڪرڻ جي صورت ۾ ڪڍيو ويو، اتي جلاوطنيون، ڀائرن جي شهادت ۽ مردن جي دنيا ۾ هڪ عورت ٿي ڪري بينظير جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪونهي. هوءَ انهيءَ سنڌيءَ جي ڌيءُ هئي، جنهن جي قيادت هن ملڪ جي عوام جي زخمن تي پها رکڻ آئي هئي، جنهن هڪ وڏيرو ۽ جاگيردار هجڻ جي باوجود ڪنهن حد تائين هن قوم کي آواز ڏنو. ذوالفقار ڀُٽي رڳو سنڌين، پاڪستانين يا مسلمانن جي قيادت جو خواب ڪو نه ڏٺو هو، بلڪه هن جي اعتماد ۽ جرئت جو اندازو انهيءَ واقعي مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن هو آڪٽوبر 1963ع ۾ وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي سان سندس (جي ايف ڪي) جي قتل کان مهينو اڳ ۾ مليو ته ڪينيڊي کانئس متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو ۽ چيائين جيڪڏهن تون آمريڪي هجين ها ته هينئر منهنجي ڪيبنٽ ۾ هجين ها. انهيءَ تي ذلفي ڀُٽي ٺهه پهه وراڻيو، صدر صاحب ٿورو خيال ڪجو، جيڪڏهن مان آمريڪي هجان ها ته هينئر مان توهان جي جاءِ تي آمريڪا جو صدر هجان ها. جيتوڻيڪ ذلفي ڀٽي جي انهيءَ جواب تي ڪينيڊي ۽ هو وڏا ٽهڪ ڏئي کليا هئا، پر گهرو ۽ عالمي طاقتن ڪڏهن به ذلفي کي دل سان پسند نه ڪيو، ڇاڪاڻ جو طاقت، اعتماد ۽ بي خوفيءَ جي طوفان واري انهيءَ سنڌي ذلفيءَ ۾ کين هڪ اهڙو خطرو نظر پئي آيو، جنهن خود آمريڪا کي للڪاريندي نٿي ڪيٻايو. هن مسلمانن ۽ نئين دنيا جي مظلوم قومن جو بلاڪه ٺاهڻ ٿي گهريو، هن ويٽنام جي جنگ جي حوالي سان آمريڪا جي مذمت ۽ مخالفت ڪئي هئي. هن پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنايو، هُن هِن اٻوجهه ملڪ جي عوام کي پنهنجي قسمت جا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو حق ڏيڻ چاهيو ٿي، اهو ئي ڪجهه جيڪو هن لنڊن ۽ ڪيليفورنيا جي يونيورسٽين مان ۽ آمريڪا ۽ برطانيا جي سماجن منجهان پرايو هو. پر هڪڙي انگريزي چوڻي ته، Do as I say, but not as I do (جيڪو مان چوان (حڪم ڪيان) اهو ڪيو، پر جيڪو مان ڪيان اهو نه ڪيو.) اسان جيڪي سوين سالن کان اڇي چمڙي جي سڌي يا اڻ سڌي غلاميءَ ۾ رهيا آهيون، تن کي ڪڏهن به اها اجازت نه ڏني وئي آهي ته ڪو اسان پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪري سگهون. بهرحال اهي ته ٿيون ماضيءَ جون ڳالهيون، هاڻي ڪيون ٿا ڪجهه حال جا احوال ۽ بينظير جي شهادت کان وٺي جيڪو سندس سياسي ورثي جي ورڇ وارو بحث هلي پيو آهي، ان جو رُخ بلاول جي ڀُٽي ٿيڻ ۽ آصف زرداري تي تنقيد ڏانهن ٿي ويو آهي. گهڻا ماڻهو بينظير جي وصيت جي حوالي سان آصف تي تنقيد ڪن ٿا ته پ پ ۾ سليڪشن بدران اليڪشن ٿيڻ گهرجي، جيڪا هڪ جمهوري عمل جي گهرج آهي. انهيءَ بحث کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ ۾ سڀ کان پهريان ته مان آصف زرداريءَ جي اخلاقي جرئت جي ساراهه ڪرڻ گهران ٿي، جيڪا مون کي سچ پچ ته تمام غير معمولي محسوس ٿئي ٿي. چڱا ڀلا مرد پنهنجين قابل زالن جي ڪارنامن ۽ ترقين تي فخر ڪرڻ يا کين همٿائڻ بدران احساسِ ڪمتريءَ جو شڪار بنجي پنهنجو ۽ پنهنجي زالن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندا آهن. انهيءَ سڄي سرشتي جي ابتڙ آصف زرداري بينظير جو سڀ کان وڏو ڀرجهلو ۽ وڪيل رهيو آهي. مان سمجهان ٿي ته پنهنجي اولاد کي پنهنجي ماءُ جي ذات سڏائڻ جي اجازت ڏيڻ به اسانجي نام نهاد غيرت مند سماج ۾ هڪ سٺو مثال آهي. مردن جي بالادستيءَ جو تصور سڄي دنيا ۾ آهي ۽ اولهه جي ملڪن کان به وڌيڪ اسان جا ملڪ انهيءَ بيماريءَ جو شڪار آهن. اڪثر مرد پنهنجي نفسيات ۽ پرورش جي ڪري پنهنجين ڌيئرن کي ته کڻي اڳڀرو ڏسڻ چاهيندا، پر زالن کي هميشه پنهنجو زيرِ دست ڪرڻ چاهيندا آهن، انهيءَ جي باوجود آصف زرداري بينظير کي پنهنجي ليڊر سڏيندو رهيو آهي. مان اهو به سمجهان ٿي ته منظرِ عام تي جيڪو ڪجهه ايندو رهيو آهي، تنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته بينظير سان شادي ڪري آصف زرداريءَ خوشيون گهٽ ۽ ڏک گهڻا ڏٺا آهن. شايد تڏهن ئي بينظير آمريڪا جي هڪ صحافيءَ کي ذميواريءَ سان اهو چوندي به نه ڪيٻايو ته، ”وقت ثابت ڪندو ته آصف زرداري پاڪستان جو نيلسن منڊيلا آهي.“

    پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به سياسي قيديءَ ايترو جيل ڪو نه ڪاٽيو آهي، جيترو آصف زرداريءَ. کڻي جو تنقيد ڪرڻ وارا ائين چوندا ته هو سياسي قيدي هو ۽ قيد جي اڪثر عرصي ۾ وٽس اي سي کان وٺي ٽي وي تائين هر سهولت موجود هئي، پر مان سمجهان ٿي ته قيديءَ کي کڻي سوني تخت تي ويهاريو وڃي، تڏهن به قيد جي ڀيٽ آزاديءَ سان نٿي ڪري سگهجي. ٻئي پاسي انهيءَ حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته آصف زرداريءَ تي جيڪي 14 ڪيس مڙهيا ويا هئا، انهن مان هڪ به ثابت ٿي نه سگهيو، بلڪه نواز شريف پاران بينظير ۽ آصف کان انهيءَ ڳالهه تي معافي ورتي ته ڪيئن هن پنهنجي حڪومت ۾ کين بدنام ڪرڻ ۽ سياسي طور مفلوج ڪرڻ جي لاءِ اهي ڪيس مڙهيا هئا. پر بدقسمتيءَ سان اسان جي عجيب دنيا ۾ ڪنهن جي خواريءَ جون خبرون ته زبان زد عام ٿي وينديون آهن پر جڏهن انهن خوارين جي پٺيان لڪل سازشن ۽ نيڪ نامين جي ظاهر ڪرڻ جو وقت ايندو آهي ته انهن تي ڪير به ڳالهائڻ يا لکڻ لاءِ تيار ڪو نه ٿيندو آهي. آصف زرداري تي هڪ ڪيس جو اڃان فيصلو ٿيو پئي ته تيستائين ٻيو ڪيس تيار بيٺو هو ۽ ڪجهه ڪيس ته اهڙا هئا، جن جي جوڙڻ جو ڪارنامو هن ملڪ جو جگر ئي جهلي سگهي ٿو. ضرور آصف زرداريءَ کان گذريل وهين ورهين ۾ ننڍيون وڏيون ڪوتاهيون ٿيون هو نديون، پر ڇا هو هن دنيا جو واحد ماڻهو آهي، جنهن کان غلطيون ٿيون آهن؟ آصف رداريءَ جي مثبت سوچ ۽ ثابت قدميءَ کي نظرانداز ڪرڻ ڪوتاهه نظري جي برابر هوندو. 30 ڊسمبر 2007ع تي جڏهن بينظير جي سياسي ورثي بابت پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ٿيڻو هو، تڏهن سڄي دنيا جي سياست ۽ صحافت جون اکيون انهيءَ فيصلي تي اٽڪيل هيون، جنهن جي غلط ٿيڻ سان نه رڳو پ پ پر سڄي پاڪستان جو نقصان ٿي سگهي پيو.

    مون کي ڪجهه ماڻهن جي اهڙي سوچ تي به عجب ٿو لڳي، جنهن تحت هو چون ٿا ته، ”هڪ بادشاهت جيان ڇو بلاول کي پ پ جو چيئرمين ڪيو ويو؟“ وڏي سوچ کان پوءِ مان انهيءَ نتيجي تي پهتي آهيان ته پ پ جو چيئرمين بڻجڻ ڪا سکن جي سيج ڪانهي ۽ جيڪڏهن ڀُٽن جي خاندان کي شهيد ڪرڻ جي لاءِ کين باقاعدي چونڊيو وڃي ٿو ته پوءِ پ پ اڳواڻيءَ جي لاءِ جيڪڏهن آصف زرداري يا بلاول ڀٽي جي چونڊ ٿي آهي ته انهيءَ تي ڇو عالمي ميڊيا ۽ اسان جا سٻاجها سنڌي ۽ پاڪستاني ارها ٿين ٿا؟

    گهڻين ڳالهين جو فيصلو وقت ڪندو، پر ڏکڻ ايشيا، پاڪستان ۽ سنڌ جي موجوده سياسي ۽ سماجي تاريخ ۽ حقيقتن کي آڏو رکندي انهيءَ کان بهتر فيصلو منهنجي نظر ۾ ٻيو ٿي نه ٿي سگهيو.

    neetushah@gmail.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه انيتا شاهه جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    بينظير بنا پيپلز پارٽي ۽ اڄوڪي اليڪشن!




    سومر 18 فيبروري 2008ع



    هلندڙ هفتي دوران آفيس ايندي ۽ ويندي، روڊن ۽ رستن تي گاڏين جي جسمن جي ٻولي (Body language) ۽ ماڻهن جي چهرن تي خوشي، جنهن جوش، ولولي ۽ زندگيءَ جو اعلان ڪيو آهي، تنهن مون کي 19 آڪٽوبر 2007ع کان اڳ واري هفتي جي يادگيري ڏياري ڇڏي ۽ بينظير ڀٽو بابت نه چاهيندي به سوچيندي ۽ اهو سوچيندي ته ”هوءَ“ هينئر هجي ها ته ڪيئن نه خوش ٿئي ها، منهنجون اکيون ڀرجي آيون. پر اهو سوچي مان خوش ٿيڻ، مسڪرائڻ کانسواءِ رهي ڪا نه سگهيس ته بينظير ڀٽو جي شهادت سان پ پ اوتري ئي مضبوط ۽ اڳي کان اڳري ٿي آهي، جيئن ڀٽي صاحب جي شهادت کانپوءِ ٿي هئي. جيتوڻيڪ بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ اڪثر اهو بحث زبان زدِ عام هو ته پ پ پ اهو ڌڪ ڪا نه جهلي سگهندي، بلڪه يا ته ختم ٿي ويندي يا ورهائجي ويندي. دليل اهو ڏنو پئي ويو ته ڀُٽو صاحب جي شهادت کانپوءِ بيگم نصرت ڀٽو کانسواءِ بينظير ڀٽو پاڻ به پارٽي سنڀالڻ جي قابل هئي، پر هينئر هڪ پاسي بلاول ننڍو آهي، ٻئي پاسي هو زرداري آهي ته ٽئين پاسي وري آصف علي زرداري کي اهو ”ڪردار“ سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جي ڪري بينظير ڀٽو کي ٻه ڀيرا وزارتِ عظميٰ تان گهر ڀيڙو ٿيڻو پيو هو. اهڙي قسم جي بحث دوران هميشه شاهين صحبائي جي اها ڳالهه ياد ايندي هئي ته ڪيئن هن ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني صحافي مسعود حيدر نيو يارڪ ۾ بينظير ڀٽو سان ڪچهري دوران کيس اهو مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس سڄي سياسي Credibility زرداريءَ جي ڪري داغدار ٿي هئي. تڏهن بينظير کانئن پڇيو ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي؟ شاهين صحبائي ۽ مسعود حيدر کيس صلاح ڏني ته، آصف کي طلاق ڏئي ڇڏڻ ئي سڀ کان بهتر ٿيندو. بينظير ڀٽو تنهن مهل نيويارڪ جي جان ايف ڪينيڊي ايئرپورٽ ڏانهن رواني ٿي پئي، تنهن ٻنهي صحافين کي صلاح ڪئي ته هو ڪينيڊي ايئرپورٽ ڏانهن ڊرائيو ۾ ساڻس گڏ وڃن ته جيئن آصف جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل سان ڳالهائي سگهجي. شاهين صحبائي لکي ٿو ته، سڄي واٽ بينظير تمام وزندار دليل ڏئي اسان کي مڃايو ته زرداريءَ جي مخالفت ۾ هو ڪيئن غلط هئا ۽ ڪيئن مختلف طريقن سان زرداري جي خلاف پروپيگنڊا ڪري سندس اميج خراب ڪيو ويو هو.

    1987ع کان وٺي، بلڪه تڏهن کان جڏهن بينظير ڀٽو جو مڱڻو آصف زرداري سان ٿيو، کيس هڪ ”ولين“ ڪري پيش ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. پهريان ته ڪوشش ڪئي وئي ته کيس ايڏو تنگ ڪجي، جو هو بينظير سان شادي ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏي. جڏهن هو انهيءَ ۾ ڪامياب ڪو نه ٿيا ته مٿس مختلف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا. اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ ڇا ممڪن ڪونهي، آخر ڇو ڪنهن کي ساڍا يارنهن ورهيه جيل گهارڻو پيو؟ جيڪڏهن آصف علي زرداري ايڏو ئي غلط هو ته هو چار شرطون مڃي آزاد ٿي وڃي ها، يا ايترو ڪري ها جو پنهنجي زال جو ساٿ ڇڏي ڏئي ها، جنهن جي ڪري هن کي ساڍن يارنهن سالن جو قيد ۽ جيل جا ٽارچر سهڻا پيا ۽ پنهنجي زندگيءَ جا Prime سال جيل جي اوندهه ۾ گهارڻا پيا.

    هڪ انٽرويو ۾ زرداريءَ چيو ته کيس سڀ کان وڏو ڏک اهو هيو، جو هو بلاول ۽ ٻين ٻارن کي وڏو ٿيندو ڏسي ڪو نه سگهيو. ڇا ڪنهن ماڻهوءَ جون اهي سڀ قربانيون، ڪردار جي بلندي، ثابت قدمي ۽ اخلاقي جرئت کيس انهيءَ قابل بنائڻ لاءِ ڪافي ناهن جو هو پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي ڌر جي اڳواڻي ڪري سگهي؟ بينظير ڀٽو الائي ڪيترين جاين تي اهو چوندي رهي آهي ته وقت گذرڻ سان آصف سان سندس تعلق مضبوط ٿيو. نه رڳو ايترو، بلڪه بينظير ڀٽو هڪ انڊين رسالي کي انٽرويو ڏيندي ايترو به چيو ته، پنهنجن ڀائرن ۽ ڀيڻ کان منهنجي شادي سڀ کان وڌيڪ ڪامياب ثابت ٿي آهي ۽ مان انهيءَ حساب سان سڀ کان وڌيڪ خوش نصيب آهيان. اها رڳو پروپيگنڊا آهي، جيڪا آصف کي بدنام ۽ مون کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي؟

    مسلم ليگ (ق) کي ڪنگز پارٽي به چيو وڃي ٿو، جنهن جو سنڌي ترجمو ٿيو ”بادشاهن جي پارٽي“ پر سندن اوسر، عملن ۽ بيانن کي نظر ۾ رکي منهنجي دل چاهي ٿي ته کين ڪو تاهه نظرن جي بادشاهن طور ياد ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو نظر ۽ شعور کي سڄي انسان ذات، مڙني انساني وصفن منجهان هڪ اتم وصف تصور ڪري ٿي، پر ڪوتاهه نظرن جي بادشاهن جي ليگ ۽ سندن برابريءَ جو جگر رکندڙ سنڌ جي ڪجهه سياستدانن وٽان جڏهن هو پ پ پ، بينظير ڀٽو يا آصف علي زرداريءَ بابت ڳالهائن ٿا، اها وصف مڪمل طور تي موڪلائي وڃي ٿي.

    جڏهن ڪوتاهه نظرن جي بادشاهه ليگ طرفان شايع ڪرايل انساني قدرن کان ڪريل اشتهار ڏسندي آهيان ته سوچيندي آهيان ته جيڪي شخص رات وچ ۾ وڃي وزارتن ۽ وڏ وزارتن تي ويٺا، جن نه جيل ڏٺا، نه قربانيون ڏنيون، جن سنڌ جي وڏن ضلعن کي صرف انهيءَ ڪري ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو ته جيئن پ پ پ جو ووٽ بينڪ ٽوڙي سگهجي، جن سنڌ ۾ ٻه سال نوڪرين کي تالو ڏئي مختلف ضلعن ۾ اي ڊي اوز کان پنهنجن من پسند ماڻهن کي نوڪريون ڏياريون، جن سڄي سنڌ ته ٺهيو، پر رڳو پنهنجن تڪن ۾ به ڪو ادارو نه جوڙيو، جن سنڌ ۽ سنڌين کي ڪنهن به حساب سان نقصان پهچائڻ کان وسان نه گهٽايو، سي ڪهڙي منهن سان ٿا ووٽ گهرن ۽ ڪهڙي منهن سان آصف زرداريءَ تي الزام هڻن؟ سندن ڪارڪردگي ڪهڙي آهي؟ ڪهڙين نيڪين تي کين ايڏو عزور آهي؟

    وڏي ڳالهه ته اها ڪهاڻي رڳو الزام هڻڻ تي ختم نٿي ٿئي، بلڪه ڪهاڻيءَ ۾ موڙ اهو آهي ته ارباب رحيم ۽ ان جهڙا ٻيا انتها تي وڃي زندهه بينظير ڀٽو جي خلاف بيان بازي ڪندا رهيا، سي وري سندس شهادت کانپوءِ آصف علي زرداريءَ جي دشمنيءَ ۾ بينظير ڀٽو جا وڏا وارث ٿي بيهي رهيا آهن.

    انهن کي ته زرداري لفظ کان ايڏي الرجي آهي، جو انهن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو ڪيئن ”زرداري-ڀٽو“ جوڙ کي ڪهاڙي جو ڪو ڌڪ هڻي ڌار ڪري ڇڏين. هو سنڌ جا بظاهر پڙهيل ڳڙهيل، پر ذهني طور تي انتهائي مدي خارج ۽ پوئتي پيل سوچ وارا آهن. جن جي لاءِ عورت جي اڳواڻيءَ جو تصور به ممڪن ناهي. اهي ويچارا اڃان ذُلفي ڀُٽي جي سياسي وراثت سندس ڌيءَ ڏانهن منتقل ٿيڻ وارو صدمو ئي هضم ڪو نه ڪري سگهيا هئا، جو بينظير ڀٽو جي وراثت سندس زرداري مڙس ۽ پُٽ ڏانهن منتقل ٿيڻ واري قيامت اچي مٿن ڪڙڪي، سو اهڙين قيامتن ڪڙڪڻ سان جهڙي قسم جي بدحواسي برپا ٿي سگهي ٿي، انهيءَ جو اندازو اهڙن ماڻهن جي بيانن مان ڀلي ڀت لڳائي سگهجي ٿو. سو انهن تي معيار ڪانهي، اسان سندن ڪيفيت سمجهي سگهون ٿا!

    انهيءَ کانسواءِ سنڌ ۾ نام نهاد قومپرستن ۽ دانشورن جو هڪ اهڙو گروپ پيدا ٿيو آهي، جيڪو ڪم ته بظاهر سنڌ لاءِ ڪري ٿو، پر اندروني طور تي سنڌ کي کاٽ هڻڻ لاءِ هٿيار تيار ڪن پيا. هو بينظير ڀٽو جي تعزيت جي لاءِ ريفرنس گهرائن ٿا ۽ ماڻهو ڪٺا ڪري بينظير يا آصف جو مذاق اڏائڻ کان نٿا مڙن، هو چون ٿا ته بينظير واپس موٽي هڪ غلط فيصلو ڪيو. هن ڊيل ڪئي، پ پ کي هڪ بادشاهت جيان خاندان اندر ئي رکيو، وغيره وغيره. اسٽيبلشمنٽ جي بي ٽيم طور ڪم ڪندڙن جي انهيءَ گروپ ۾ ايتري اخلاقي جرئت به ڪونهي جو (ق) ليگ وارن جيان گهٽ ۾ گهٽ هڪ پاسي ٿي بيهن. هو بظاهر جمهوريت جا وڏا علمبدار، علم ۽ عقل جا چڱا مڙس بڻجڻ جو ڏيکاءُ ڏيڻ چاهين ٿا، گهرن ۾ ويهي مٿي ڦريا سياسي تجزيا لکن ٿا ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته بينظير ڀٽو کي خود پ پ پ مارايو آهي. مان سمجهي نٿي سگهان ته ايجنسين جي اشارن تي هلندڙ ۽ ضمير جو سودو ڪندڙ انهن قومپرست دانشورن جي ڪهڙي سڃاڻپ آهي، ڪهڙو قبلو آهي ۽ ڪهڙو عقل آهي، جو هو ڊيل ۽ ڊائلاگ جو فرق سمجهي سگهن، يا سياسي Immaturity ۽ ڪانئر هجڻ جو تفاوت سمجهي سگهن.

    آخر عقل، مت ۽ فهم کان وانجهيل شير جي شڪرن گهر جا ڪڪڙ ماريندڙ انهن قومپرستن ۽ دانشورن مان سنڌ جي جند ڪڏهن آجي ٿيندي، جن مان ڪي پٽڪا ٻڌي جنهن ڪنهن جي جلسن ۾ ٽيليفونڪ خطاب ٻڌڻ لاءِ تيار ويٺا آهن.

    بهرحال اڄ اسان 18 فيبروري 2008ع جي اليڪشن واري ڏينهن اچي پهتا آهيون. ڪجهه ڌرين کي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هن ڀيري جو جوش ۽ جذبو 1988ع کان به ڪجهه سرس آهي. اهو ته مان به چئي سگهان ٿي، ڇا ڪاڻ جو هن ڀيري مون به ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪيترا شفاف ٿين ٿا، انهيءَ جو ڪجهه ته اندازو اڳيئي آهي، باقي خبر به اڄ يا سڀاڻي تائين پئجي ويندي. پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد پارٽي آهي، جيڪا ملڪ کي موجوده مصيبتن مان ڪنهن حد تائين ڪڍي سگهي ٿي ۽ آصف زرداريءَ جي اڳواڻي ئي نه رڳو پ پ پ، پر پاڪستان جي حق ۾ سڀ کان بهترين ثابت ٿي سگهي ٿي.

    neetushah@gmail.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه انيتا شاهه جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    رحمت العالمين صه جن جي ولادت ۽ عورتن جا حق!




    جمع 21 مارچ 2008ع



    حضرت ابو هريره رضه کان روايت آهي ته، هڪ ڀيرو ڪافرن جي ظلمن مان تنگ اچي مسلمانن حضور صه جن کي درخواست ڪئي ته هو کين بد دُعا ڏئي. تنهن تي رحمت العالمين صه فرمايو ”مان ڪيئن ٿو ڪنهن کي بد دعا ڏئي سگهان؟ مون کي ته هن جهان جي لاءِ رحمت بنائي موڪليو ويو آهي.“ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن کي سڀني جهانن جي لاءِ رحمت ڪري موڪليو ويو آهي. سندس ولادت ۽ اسلام جي شڪل ۾ آندل انقلاب جتي مڪي ۽ مديني جون دنيائون سياسي، سماجي ۽ اقتصادي طور تي بدلائي ڇڏيون، اتي انهيءَ انقلاب عورت دشمن سماجن جون پڻ پاڙون لوڏي ڇڏيون. حضور ﷺ عورتن جي حقن کي اهڙي نموني پيش ڪيو آهي، جو هزارين ورهين جون ڏتڙيل ۽ مختلف مذهبن ۽ سماجن جي نفرتن ۽ ظلمن جو کاڄ بڻيل عورتون اسلامي سماج ۾ مرد جي برابر بيٺيون.

    ٻين مذهبن ۾ عورت جو درجو:

    حضور صه جن جي ولادت هڪ اهڙي وقت تي ٿي، جڏهن دنيا جي مختلف سماجن ۾ هڪ نه ٻئي نموني عورتن کي جانورن کان به گهٽ درجو حاصل هو. ڏور اوڀر ۽ هندستان ۾ ٻڌمت، باقي دنيا ۾ يهوديت، عيسائيت ۽ بت پوڄيندڙ پنهنجن مندرن ۾ ته عورتن کي ديويون ۽ خدا ڪري پوڄيندا هئا، پر سماجي، اقتصادي، مذهبي ۽ سياسي طور تي عورت کي ڪي به حق حاصل هجڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر سندس وجود کي ڏوهه جو گهر ۽ ڏوهه جو سبب سمجهيو ويندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو دنيا جي آڳاٽن وڏن مذهبن عورت دشمنيءَ ۾ انهن حدن کي وڃي ڇهيو جو مردن کي نه رڳو عورتن کان پري رهڻ بلڪه شاديءَ کان ئي منع ڪيو ويو. انهيءَ جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته هينئر به عيسائيت جي ڪيترن ئي فرقن ۽ پادرين کي شادي ڪرڻ جي اجازت ڪونهي. جيئن ٻڌمت جي پوئلڳن جي لاءِ عورت جو تصور ڪرڻ به حرام آهي ۽ يهوديت جي عورت دشمنيءَ جي تفصيل جي طاقت ته هن ڪالم جي لاءِ مخصوص جاءِ ۾ ڪونهي، پر ڪجهه سٽن ۾ انهيءَ جي جهلڪ ضرور توهان کي ڏيکاري سگهجي ٿي.

    (1) هڪڙي (مناهات ط 43): ۾ هڪ دعا آهي ته ”اي خدا تو تي رحمت هجي ۽ تنهنجي مهرباني جو تو مون کي عورت ڪري نه خلقيو. اي خدا ساراهه تنهنجي آهي جو تو مون کي عورت ڪري پيدا نه ڪيو.“

    (2) (ايڪليسياستس 22:3) ”ڌيءَ جو ڄمڻ سراسر نقصان آهي.“

    (3) هڪ وڏي پادري سينٽ تر توليان عورتن کي چيو، ”ڇا توهان کي خبر آهي ته توهان سڀئي شيطان ڏانهن وٺي ويندڙ دروازو آهيو.“

    (4) (ايڪليسياستس 24، 19: 25) عورت جي ظلم ۽ مڪاري کانپوءِ سڀ ڪجهه دنگ آهي.

    (5) حضرت آدم عه ۽ حضرت حوا عه جي قصي ۾ به عيسائيت ۽ يهوديت ۾ ان جو ذمو ڏاڏي حوا عه مٿان مڙهيو آهي ۽ اهو تصور ڪيو ويو آهي ته ٻار ڄڻڻ ۽ ٻيون جسماني تڪليفون ڏاڏي حوا عه جي جي ڪري سڀني عورتن کي ڀوڳڻيون پون ٿيون.

    (6) انهيءَ کانسواءِ اونداهي دور جي يورپ ۾ اڻ ڳڻين عورتن کي ڏائڻ ڄاڻائي ساڙي ماريو ويو.

    ٻئي پاسي وري ايشيا جي هندو ۽ آريا سماجن جي حالت اها هئي، جو عورت جي سڄي قرباني ۽ خدمتن جي جواب ۾ جيڪو مانيءَ ڳڀو کيس نصيب ٿيو پئي، سو سندس حق نه پر مٿس احسان سمجهي کيس ڏنو ويو پئي. ننڍڙين نياڻين جون شاديون 5 سالن جي عمرين کان وٺي ڪيون ٿي ويون. بيواهه عورت جي ٻئين شادي ته ٺهيو، پر جنهن مائيءَ جو مڙس مئو ٿي تنهن کي بدنصيب سمجهي کيس ڄڻ ته سماج جي هر خوشيءَ کان ڌار رکڻ جو جتن ڪيو ٿي ويو ۽ اٿندي ويهندي کيس اڀاڳي هجڻ جو احساس ڏياريو ويو ٿي. بيواهه کي مڙس جي لاش سان گڏ ساڙڻ جو رواج هو ۽ جيڪڏهن نه ته جيئري بيواهه جي زندگي ايڏي عذاب ڪئي ويندي هئي، جو اهو جيئري سڙي مرڻ کان به وڌيڪ تڪليف ده ثابت ٿيندو. عورت لاءِ وراثت ۾ ڪو به حق نه هو. طلاق جو حق نه هجن کان سواءِ عورت جي حيثيت اها هئي (اڃان به آهي) جو شاديءَ کانپوءِ کيس نه رڳو ذات مٽائڻي پئي پوي، بلڪه ذاتي نالو به ساهرن جي خوشيءَ ۽ راضپي سان رکڻو پوي پيو. ڪنيادان جي رسم جيڪا ويدن ۾ لکيل آهي، اڄ تائين ڏکڻ ايشيا جي سماجن جي لاءِ هڪ اهڙو ناسور بڻيل آهي، جنهن ڪري مائٽ ڌيئرون ڄڻڻ ئي نٿا چاهين. ڇا ڪاڻ جو هو ڏاج جا خرچ ۽ گهوٽيتن جا ٻيا نخرا برداشت ڪري نٿا سگهن. مطلب ته نبي ﷺ جن جي آندل پيغام کان اڳي عورت جو وجود ته هو، پر سندس ڪا به سڃاڻپ، شخصيت، حيثيت يا حق نه هئا.

    اسلام ۾ عورت جا حق:

    حضور ﷺ هڪ اهڙي وقت تي اسلام جو پيغام کڻي آيا، جڏهن نياڻين جي پيدائش کي سماجن ۾ شرم جو سبب سمجهيو ويندو هو ۽ عرب ملڪن ۾ جيئري دفن ٿيل انهن معصوم نياڻين جي قبرن جي مٽي به اڃان ڪا نه سڪي هئي. ستين صدي عيسويءَ ۾ اسان جي نبي ڪريم صه عورتن جي لاءِ انهن حقن جو بنياد وڌو، جيڪي يورپ جي عورتن کي ويهين صديءَ تائين وڙهي وڙهي مس وڃي حاصل ٿيا. قرآن شريف جي سوره النساءَ سڄي ساري عورتن جي حقن کي مخاطب ٿيل آهي. عورت کي اسلام مرد جيترا ئي حق ڏنا آهن. اسلام ۾ GENDER EQUALITY ته آهي، پر انهيءَ جو مطلب اهو ڪونهي ته ڪو مرد عورت ٿي وڃي، يا وري عورت مرد جيان نظر اچي. اسلام موجب ڪنهن شهر جو مرتبو ڪيترو گهٽ يا وڌ آهي انهيءَ جو دارومدار سندس مرد يا عورت هجڻ تي نه، بلڪه انهيءَ تي آهي ته هن ماڻهو جو ڪردار ۽ اخلاق ڪيترو بلند آهي. اسلام ستين صدي عيسويءَ جي دنيا ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان جيڪي انقلاب آندا، تن مان چند هن ريت آهن.

    (1) ملڪيت: اسلام کان اڳي عورت کي خود مال يا زمين وانگر ملڪيت جو حصو سمجهيو ويندو هو، عربن ۾ ڪو مرد مرندو هو ته سندس ملڪيت ۾ شامل عورتون سندس وارث ورهائي کڻندا هئا. هڪڙي پاسي نياڻين کي ڄمڻ شرط جيئري پوريو ٿي ويو ته ٻئي پاسي وري ڪن قبيلن ۾ هڪ عورت کي ساڳي وقت تي چار پنج مڙس رکڻ جي اجازت هئي. سو اهڙين حالتن ۾ اسلام عورت جي لاءِ وراثت جا حق نه رڳو پنهنجي پيءَ بلڪه مڙس جي ملڪيت ۾ به مقرر ڪيا. اسلام عورت جي معاشي مضبوطيءَ جو انهيءَ حد تائين خيال رکيو آهي، جو عورت تي گهر جي خرچ جي ڪا به ذميداري ڪا نه رکي وئي آهي، کڻي جو هوءَ ڪيترو به ڪمائيندي هجي. نياڻيءَ جو حصو پُٽ جي حصي جي اڌ برابر رکيو ويو، ڇا ڪاڻ جو مرد تي زال ۽ ٻارن جي خرچ جي ذميداري آهي. عورت جي لاءِ شاديءَ مهل حق مُهر جو قانون ٺاهيو ويو، جنهن جي غلط سمجهاڻي ڏکڻ ايشيا ۽ خاص طور تي سنڌين وٽ اها آهي ته ”حق مهر“ صرف تڏهن ادا ڪبو، جيڪڏهن عورت کي طلاق ڏبي، يا جيڪڏهن عورت ”خلع“ جي لاءِ ڪوشش ورتي ته پوءِ کيس ”حق مهر“ تان ئي هٿ کڻڻو پوندس. حقيقت ۾ ”حق مهر“ جو تعلق طلاق نه بلڪه ”نڪاح“ سان آهي. عورت جي مرد سان نڪاح ۾ اچڻ شرط ”حق مهر“ جي ادائگي مرد تي فرض ٿي وڃي ٿي، پر افسوس جو اسان جي سماج ۾ دين جي حقيقي مفهوم۽ سمجهاڻي تي اڪثريت غور ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. جيڪو مذهب عورتن جي لاءِ سراسر رحمتن ۽ برڪتن جو سبب بڻيو، انهيءَ کي خود عورتن جي ئي خلاف استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

    (2) ڌيئرن بابت هدايتون: حضور صه جن جي حديث آهي ته، ”جنهن به ماڻهوءَ وٽ ڌيءَ ڄائي ۽ هن کيس جيئري نه پوريو، کيس ٻاجهه ۽ پيار سان پاليائين ۽ کيس پُٽن جيترا ئي حق ڏنائين، الله سائين ان کي ضرور جنت ۾ موڪليندو.“ انهيءَ حديث جو عملي اظهار نبي ﷺ جن جي پنهنجي پياري ڌيءَ حضرت فاطمه الزهره عه سان ورتاءَ منجهان به ٿئي ٿو، جن جي اچڻ تي احترام وچان پاڻ سڳورا صه اٿي بيهندا هئا.

    (3) زالن جا حق: حجته الوداع جي موقعي تي نبي ڪريم صه جن فرمايو، ”توهان جا پنهنجين زالن مٿان ڪي حق آهن ۽ توهانجين زالن جا توهان تي ڪي حق آهن. توهان جون زالون الله سائين توهان کي امانت (ويساهه) طور ڏنيون آهن، سو توهان جو فرض آهي ته ساڻن ٻاجهه سان پيش اچو.“ نبي صه جن جي هڪ ٻي حديث آهي ته، ”ايمان وارن مان بهترين اهي آهن، جن جو ڪردار بهترين آهي ۽ منجهانئن به سڀ کان بهتر اهي آهن، جن جو ورتاءُ پنهنجين زالن سان سڀ کان سٺو آهي.“ اولهه ۾ اسلام تي يا نبي ڪريم ﷺ جن تي جڏهن به تنقيد ڪئي ويندي آهي ته پهرين ڳالهه وڌيڪ شادين بابت هوندي آهي. قرآن پاڪ ۾ تمام واضح نموني انهيءَ بابت هدايتون آهن ته ڪو مرد هڪ کان وڌيڪ عورتن سان شادي صرف انهيءَ صورت ۾ ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن هو سڀني زالن کي هڪ جيترا حق ڏئي سگهي ۽ سڀئي هڪ جيتريون راضي هجن. ٻئي پاسي تڏهوڪي عرب معاشري ۾ اڻ ڳڻي انگ ۾ عورتون رکڻ فخر ۽ ناماچاريءَ جو سبب سمجهيو ويندو هو، سو انهيءَ صورت ۾ چئن شادين جو انگ مقرر ڪرڻ ڇڙواڳيءَ کي روڪڻ ڏانهن هڪ مضبوط قدم هو. حضور ﷺ جن جي يارهن گهروارين مان 9 کانئن عمر ۾ وڏيون ۽ بيواهه يا طلاق ٿيل هيون. مرد کي هڪ کان وڌيڪ شادين جي اجازت صرف مخصوص حالتن جي لاءِ آهي، ڇاڪاڻ جو عام طور تي عورتن جو تعداد مردن کان وڌي وڃي ٿو. مرد ايڪسيڊنٽن يا جنگين جو کاڄ ٿي وڃن ٿا. عورتون بيواهه ۽ ٻار يتيم ٿي وڃن ٿا. سو انهيءَ اجازت جو تعلق به خود خاندان جي سرشتي ۽ عورت جي سنڀال سان آهي، نڪي ان جي استحصال سان.

    حضرت بيبي عائشه رضه کان ڪنهن پڇيو، ”حضور ڪريم صه جن جڏهن گهر تي هوندا هئا ته ڇا ڪرڻ فرمائيندا هئا؟“ تنهن تي بيبي صاحبه رضه وراڻيو، ”پنهنجي زال جي خدمت ڪندا هئا.“ جڏهن ته اسان جي سماج ۾ نبي ڪريم صه جن جي شخصيت ۽ تعليم جا اهي اهم ترين رخ شايد گهڻا پيش ٿي نه سگهيا آهن ته جيئن عورتن جو ساهه سڪايو وڃي. انهن ڳالهين تي ڪير ڳالهائي به نٿو ته متان مايون اهي حوالا ڏئي ڳچيءَ مان نه وٺن. اسان وٽ مذهبن جو استعمال صرف ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي، نڪي کين حقن ۽ فرضن کان آگاهي ڏيارڻ جي لاءِ.

    (4) پردو: اسلام فضيلت وارا ڪپڙا پهرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو، قرآن شريف ۽ حديث جي مطالعي مان خبر پوندي ته پردي جو قانون رڳو عورتن تي نه، پر مردن تي به لاڳو ٿئي ٿو.

    (5) ڪمائڻ/نوڪري ڪرڻ جو حق: قرآن پاڪ جي آيت آهي ”۽ انهيءَ کي نه جهليو، جنهن ۾ الله سائين توهان کان وڌيڪ قابليت ڏني آهي. مرد، جيڪو ڪمائيندا تنهن جو فائدو کين ملندو ۽ عورتون جيڪو ڪمائينديون، تنهن جو کين فائدو ٿيندو.“ (آيت 4:32).

    حضور ڪريم صه جن جي وڏي گهر واري حضرت خديجته الڪبريٰ رضه تجارت سان وابسته هئي ۽ پنهنجو ڪاروبار پاڻ سنڀاليندي هئي، حضرت بيبي عائشه رضه هڪ عالم اڳواڻ هئي. حضور صه جن جي وفات کانپوءِ اڪثر اصحاب کانئن ئي مختلف موضوعن تي رهنمائي گهرندا هئا. حضرت بيبي عائشه رضه هڪ جنگ جي پڻ اڳواڻي ڪئي. حضرت بيبي فاطمته الزهرا رضه خاندان جي ملڪيت جا معاملا هڪ اڳواڻ جي طور تي اڪلائيندي رهي. انهن سڀني ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته عورت جي حيثيت يا ڪردار ڪنهن به حساب سان مرد کان گهٽ ڪونهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته مختلف حڪمرانن ۽ سماجن دين جي بنيادي تعليم کي پنهنجي مفادن آهر ٽوڙي مروڙي عورتن، غلامن ۽ ٻين ڪمزور ڌرين جي خلاف استعمال ڪيو آهي. اڄ حضور ﷺ جن جي ولادت جي موقعي تي جيتريون خوشيون ملهائجن، اهي گهٽ آهن ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت نبي ڪريم صه جن جي تعليم جي عورتن ۽ ٻين حوالن سان ڄاڻي واڻي وساريل حصن کي ڳولهي پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي آهي.

    neetushah@gmail.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه انيتا شاهه جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    آمريڪي اقتدار ۾ عورت لاءِ ”نو انٽري“ ۽ هڪ ”بليڪ“ جو وائيٽ هائوس ڏانهن پنڌ!




    اڱارو 10 جون 2008ع



    سڄي دنيا کي تهذيب جو سبق پڙهائيندڙ، پنهنجي پاڻ کي حقن جي هڪجهڙائي ۽ هڪجيترائي جو چيمپئن سمجهندڙ ۽ جمهوريت جي عالمي ايڪسپورٽر آمريڪا ۾ ڪڏهن به ڪا عورت يا ڪو ڪارو صدارتي عهدو ماڻي نه سگهيو آهي. اهو عهدو ماڻڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر صدارتي ڪرسيءَ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي آخري رائونڊ ۾ پهچڻ وارو عظيم ڪارنامو به آمريڪا جي تاريخ ۾ هن سال پهريون ڀيرو ٿيو آهي. آمريڪا ۾ شروع کان وٺي رڳو ”اڇا مرد“ ئي صدارتي عهدو ماڻيندا ۽ انهيءَ ڊوڙ ۾ شامل ٿيندا رهيا آهن.

    هينئر جڏهن هيلري ڪلنٽن هارجي، هوڏ ڇڏي، آڻ مڃي ۽ بارڪ اوباما آمريڪا جي صدارتي ڪرسي لاءِ ڊيماڪريٽ پارٽي پاران هڪ مضبوط حتمي اميدوار طور سامهون آيو ته منهنجي ذهن ۾ ايلڪس هيلي جو ناول ۽ مٿس ٺهيل فلم روٽس (Roots) کان وٺي مسسپي برننگ (MISSISIPI BURNINg) جهڙين فلمن جا اهي منظر تري آيا، جن ۾ آمريڪا ۾ آفريڪي غلامن سان ٿيل غير انساني قهر ڏيکاريل آهن. بارڪ اوباما اڃا ننڍڙو ٻار ئي هئو جو آمريڪا ۾ ڪارن کي ووٽ ڏيڻ جو حق مليو. ووٽ جو حق ملڻ تائين ۽ انهيءَ کان پهريان آفريڪا مان ٻيڙن ۾ سوڙهي سامان جيان سٿجي آيل غلامن (جن مان ڪيترائي آفريڪا کان آمريڪا ويندي واٽ ۾ ئي مري ويا) سان آمريڪا ۾ جيڪو سلوڪ ٿيو، اهو ذري گهٽ يهودين سان ٿيل هولوڪاسٽ جي برابر آهي. پر دنيا ۾ ڪارن سان ٿيل ظلمن جي پبلسٽي ايتري ٿيل ڪانهي، جيتري هولوڪاسٽ جي، ڇاڪاڻ جو دنيا ۾ ميڊيا ۽ معيشت جو محور يهودي ٿي ويا آهن، سو هو اڇي کي ڪارو يا ڪاري کي اڇو چون، مٿن ڪا روڪ ٽوڪ ڪانهي. انهيءَ جي مقابلي ۾ ويچارا آفريڪي غلام هاڻي مس وڃي ڪنهن ليکي ۾ (ڪنهن حد تائين) آيا آهن.

    جيتوڻيڪ اڄڪلهه ته آمريڪا ۾ ڪارن جي جدوجهد جي هيروز جيئن ڊاڪٽر مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر، مالڪم ايڪس ۽ ٻين کي عزت جي نظر سان ڏٺو ٿو وڃي، يادگارون تعمير ڪرايون ٿيون وڃن، ڪارن جي تاريخ جو مهينو (BLACk HiSTory MONTh) ملهايو ٿو وڃي، ڪيتريون ئي فلمون، ڪتاب ۽ ويب سائيٽون آهن، پر اڃا تائين به آمريڪا ۾ هڪ اڻ سڌو ۽ اڻ اعلانيل جنسي ۽ نسلي مت ڀيد جو سرشتو قائم آهي، جيڪو ڪڏهن اندر ئي اندر ته ڪڏهن وري ظاهر ظهور (Non WHites) خاص طور تي ڪارن ۽ عورتن جي خلاف ڪم ڪري ٿو، جنهن جو ثبوت انهيءَ مان ملي ٿو ته هن ڏينهن تائين آمريڪين جي گهڻائي ڪنهن عورت کي صدر جي روپ ۾ ڏسڻ جي لاءِ تيار ڪانهي. هيلري ڪلنٽن جڏهن پنهنجي صدارتي مهم جي شروعات ڪئي هئي ته مان اڃان آمريڪا ۾ ئي هئس ۽ اهو سوچي ته ريپبلڪن پارٽي حڪومت ۾ پنهنجا ٻه دور (اٺ سال) پورا ڪرڻ تي آهي. عراق، افغانستان جنگ ۽ ٻين سببن جي ڪري آمريڪي عوام جارج بش ۽ سندس ريپبلڪن پارٽي مان ڪڪ ٿي گهٽ ۾ گهٽ نومبر 2008ع جي چونڊن ۾ ڊيماڪريٽن کي ئي اقتدار ۾ آڻيندو.

    2006ع ۾ ڊيماڪريٽ پارٽي پاران چونڊ مهم شروع ٿيڻ مهل هيلري ڪلنٽن ئي سڀ کان مضبوط اميدوار طور سامهون آئي هئي ۽ مون پڪ پئي ڀانئي ته هاڻي آمريڪا کي به عورت جي صدارت جو اعزاز نيٺ نصيب ٿيندو پر سياسي تجزيي نگارن سدائين منهنجي سوچ کي رد ڪندي اهو ٻڌايو تهAmericans are too conservative for a woman president (هڪ عورت کي آمريڪا جو صدر بنائڻ لاءِ آمريڪي تمام گهڻو قدامت پسند آهن) ۽ گذريل هفتي جڏهن بارڪ اوباما جي ڪاميابي ۽ هيلري جي ناڪامي جون خبرون ۽ تجزيا ٻڌم ته سوچيم ته مون سميت ڪيترين ئي عورتن جو Optimism غلط ثابت ٿيو. ڪنهن عورت کي آمريڪا جي صدارتي ڪرسي تي ويهارڻ جي خواهشمند عورتن جي هانءَ ڇڄڻ جو اندازو انهيءَ مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ ڪراڙي مائي روئيندي چيو، ”لڳي ٿو ته ڪنهن عورت کي آمريڪا جي صدارتي ڪرسي تي ڏسڻ جو خواب اسان جي حياتين ۾ ته پورو ڪو نه ٿيندو.“

    پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن ۽ آفريڪا جي ڪجهه ملڪن ۾ ته قانون سازي وسيلي چونڊن ۾ عورتن لاءِ ڌار ڪوٽا رکي کين اسيمبلين تائين آندو ويو آهي، پر آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ هيلري کي صدارتي اميدوار بڻجڻ جي ڊوڙ ۾ شامل ڪرائڻ يا 2006ع جي وچولين چونڊن ۾ نينسي پلاسي جو آمريڪا جي مرڪزي اسيمبلي جي پهرين عورت اسپيڪر بڻجڻ جي پٺيان اڻ ڳڻين عورتن جي اڻ ڪٿ سالن جي جدوجهد شامل آهي.

    آمريڪا ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جي حق ڏيارڻ لاءِ به عورتن وڏا ڪشالا ڪاٽيا، جن جي مک شروعات 1848ع ۾ سينيڪا فال ڪنوينشن سان نيويارڪ ۾ ٿي. ستر سال هلندڙ انهيءَ جدوجهد جي ٻن اڳواڻن ايلزبيٿ ڪيڊي اسٽانٽن ۽ سوزن بي انٿوني کي هينئر به فيمنسٽ عورتون ياد ڪن ٿيون ۽ سندن حياتين تي ڪتاب ۽ فلمون ٺهيل آهن. ووڊرو ولسن جي صدارتي دور ۾ آمريڪا ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق 1920ع ۾ مليو.

    انگن اکرن موجب آمريڪي سياست ۽ اقتدار ۾ عورتن جي پتي 15 سيڪڙو مس آهي. سياست ۽ اقتدار جيان ٻين مڙني شعبن ۾ جيئن توهان مٿي ويندئو تيئن عورتن جو انگ گهڻبو ويندو ۽ جيئن گهٽ عهدن ڏانهن ڏسندئو ته عورتون ئي عورتون نظر اينديون. انهن اڻ برابرين کي محسوس ڪندي آمريڪا ۾ عورتن جي تحريڪ (جنهن ۾ ڪيترائي مرد به شامل آهن) جو وڏو زور عورتن جي سياست ۽ اقتدار ۾ شموليت تي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو پاليسي ليول تي تبديلي آڻڻ لاءِ سياست ۽ اقتدار کان سواءِ ٻي ڪا واضح واٽ ڪونهي.

    عورتن کي سياست ۾ حصو وٺرائڻ لاءِ همٿائڻ، پڙهائڻ ۽ سندن تربيت جي لاءِ آمريڪا ۾ تمام گهڻا ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ اين جي اوز، يونيورسٽيون، ميڊيا ويب سائيٽون ۽ بلاگس شامل آهن. مثال طور تي دي وائيٽ هائوس پراجيڪٽ هڪ ادارو آهي، جيڪو ميري ولسن Marie Wilson جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪري ٿو. دي هائوس پراجيڪٽ جو واحد مقصد اهو آهي ته عورتن کي وائيٽ هائوس تائين ڪيئن پهچائجي يعني عورتن کي ڪيئن ايترو همٿائجي جو هو سياست جي کٽراڳ لاءِ دل ٻڌي سگهن. دي وائيٽ هائوس پراجيڪٽ جي ميري ولسن عورتن جي حقن جي جدوجهد جي حوالي سان هڪ وڏو نالو آهي. سندس چوڻ آهي ته هن پنهنجي ڌيءَ کي باربي گڏي رڳو انهيءَ ڪري وٺي نه ڏني ته متان هوءَ پنهنجي سڄي زندگي باربيءَ جهڙو جسم ماڻڻ جي Complex ۾ ئي گذاري ڇڏي. ميري ولسن جو ئي چوڻ آهي ته ”هڪ عورت ضرور صدارتي عهدو ماڻيندي، ڇاڪاڻ جو هي دنيا گند جو هڪ ڍير آهي ۽ اسان عورتون ڄاڻون ٿيون ته ان جي صفائي ڪيئن ڪجي؟“

    ايمليز لسٽ وري هڪ ٻيو ادارو آهي، جنهن جو ڪم آمريڪا جي انهن عورتن جي مالي مدد ڪرڻ آهي، جيڪي اليڪشن ۾ حصو وٺن. ايملي ڪنهن مائيءَ جو نالو ڪونهي، بلڪه ايملي جو مطلب آهي (Emily: Early Money is like yeast) معنيٰ سوير ساجهر جيڪڏهن پيسا هٿ ۾ هوندا ته سياسي مهم ۽ ٻيا ڪم به خير خوبيءَ سان ٿي سگهندا. شروع ۾ جڏهن آمريڪا ۾ عورتن جي سياست ۽ اليڪشن ۾ شامل ٿيڻ جا بحث هلندا هئا ته ڳالهه اتي اچي کٽندي هئي ته جيڪي عورتون اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ تيار آهن، وٽن ايترا وسيلا ڪونهن، جو اهي اليڪشن جا ڳرا خرچ ڀري سگهن (ڇاڪاڻ جو آمريڪا ۾ اليڪشن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تمام وڏو پيسو گهرجي. اڪثر اميدوار پنهنجي دوستن، خاندان، ڪاروباري ادارن وغيره کان فنڊنگ وٺي پوءِ اليڪشن مهم جو گاڏو گهليندا آهن) سو انهيءَ ڪري هڪ مالدار عورت ايلن مالڪم جي اڳواڻي ۾ عورتن جي هڪ ننڍڙي گروپ ايمليز لسٽ ٺاهي، جنهن هينئر تائين آمريڪا ۾ اسٽيٽ ۽ مرڪزي سطح تي ڪيترين ئي عورتن جا اليڪشني خرچ ڀري کين اقتدار جي ايوانن تائين پهچايو آهي. انهيءَ کان علاوه آمريڪا جي اڪثر يونيورسٽين ۾ عورت ۽ سياست جو الڳ ادارو، ڊپارٽمينٽ، ننڍڙو سينٽر يا ٻيو ڪجهه نه ته پبلڪ پاليسي يا وومين اسٽڊيز ۾ ڪو ڪورس آهي، جن جو ڪم به عورت جي سياست سان لاڳاپيل يا نه لاڳاپيل هجڻ جي ڇنڊڇاڻ ۽ تحقيق ڪرڻ آهي.

    عورتن کي سياست ۾ همٿائڻ وارن جن به ادارن سان مون ڪم ڪيو، وٽانئن ميڊيا جي باري ۾ اڪثر تنقيد ٻڌڻ ۾ ايندي هئي ته جيڪي مايون سياست ۾ اڳيان اچڻ چاهين ٿيون، صحافت سندن زندگيون زهر ڪري ڇڏي ٿي. مثال طور ڪنهن به مرد سياستدان جي باري ۾ سندس لباس، گهر جي حالتن يا جذباتي ڪيفيتن جي حوالي سان ميڊيا ۾ ڪو ذڪر ڪو نه ٿيندو، پر عورت سياستدانن جي حوالي سان توهان کي کوڙ اهڙيون چٽپٽيون ڪهاڻيون ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ملنديون، يا اهو ته آمريڪا جي مک ٽي وي چئنلن تان نشر ٿيندڙ سنڊي مارننگ شوز جيڪي ملڪ ۾ پاليسي سطح تي اهم ۽ وزندار سمجهيا ويندا آهن، ۾ عورت سياستدانن جي شموليت مرد سياستدانن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي، جنهن ڪري عورت سياستدانن جي نمائندگي ۽ راءِ منظر عام تي اچي نٿي سگهي. انهن اهم اشوز تي عورتن جي غير موجودگي جي سوال جي جواب ۾ بهانو اهو ملندو آهي ته عورتن جو ڪو اتو پتو نٿو لڀي، جنهن ڪري ڪجهه عورتن www.shesource.org نالي هڪ ويب سائيٽ ٺاهي آهي، جنهن جو ڪم سياست، علم ۽ عقل جي ميدان جي ماهر عورتن جا نالا، ڏس پتا ۽ مهارتون ٻڌائڻ ۽ کين هٿ ڪري ڏيڻ آهي، يا عورت تنظيمن کي ميڊيا ۽ معاشري کان اها به وڏي شڪايت آهي يا اهو ته عورت جيڪڏهن تمام مضبوط شخصيت جي طور تي سامهون ايندي ته کيس اڻ (سڌين) گارين سان ياد ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن نازڪ ۽ جذباتي ٿي ڪٿي روئي ڏنائين ته چوندا هي ايڏي ڪمزور آهي جو اقتدار ماڻڻ جي لائق ڪانهي.

    بهرحال انهن مڙني ڳالهين مان هڪ پاسي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا ( ان جهڙن ٻين ملڪن) ۾ به عورتن کي اڳيان وڌڻ لاءِ وڏن امتحانن مان گذرڻو پوي ٿو، هر شعبي ۾ مردن جي مقابلي ۾ کيس ذري گهٽ ٻيڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي، قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون، تڏهن وڃي ڪو اقتدار ۽ سياست جو جهان جڙي ٿو ته ٻئي پاسي وري هيلري ڪلنٽن جي ايڏي سخت مقابلي ڪرڻ مان آمريڪي فيمنسٽ ۽ ٻين عورتن ۾ اها اميد پختي ٿي آهي ته هن ڀيري نه سهي ته ايندڙ ڀيري سهي هاڻي عورتن جي لاءِ وائيٽ هائوس ڏانهن رستو وڌيڪ سڌو ۽ صاف آهي.

    neetushah@gmail.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه انيتا شاهه جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سموري عالم جي عورتن لاءِ عيبن کان پاڪ مثال




    اربع 25 جون 2008ع



    هڪ اهڙي زماني ۾ جڏهن نياڻين جي ڄمڻ کي پيئر پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ نڀاڳ ۽ بدنامي تصور ڪندا هئا، ڄمڻ شرط اڪثر نياڻين کي جيئري ئي پوري ڇڏيندا هئا، حضور صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي نياڻي حضرت بيبي فاطمته الزهره عه جن جي مثال وسيلي اهو پيغام ڏنو، ته هڪ ڌيءُ ڪيتري قدر عزت، احترام، پيار ۽ سنڀال جي قابل آهي. حضرت بيبي فاطمته الزهره جو جنم هجري سال جي پنجين مهيني يعني جمادالثانيءَ جي ويهين تاريخ تي مڪي شريف ۾ ٿيو. بيبي فاطمته الزهره عه اڃا ڇهن سالن جون مس ٿيون، جو سندن والده حضرت بيبي خديجته الڪبريٰ رضه وفات ڪري ويون. ان کان پوءِ ايتري ننڍيءَ عمر جي باوجود حضرت بيبي فاطمه عه نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو ايتري حد تائين خيال رکيو، جو پاڻ سڳورن صه کين ”اُمِ اهبا“ (پنهنجي پيءُ جي امڙ) جو خطاب ڏيڻ فرمايو. اهو سال نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي حياتيءَ جو سڀ کان ڏکيو سال هيو. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي حضرت بيبي خديجه رضه جن رحلت فرمائي ته ٻئي پاسي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جا قريش جي مدافعت ۾ سڀ کان مضبوط ڀرجهلا سندن چاچا حضرت عبدالمطلب رضه پڻ لاڏاڻو ڪري ويا هئا. اهو سال بيحد ڏکيو ۽ تڪليف ده هو. مڪي جون گهٽيون وحشت سان انهيءَ حد تائين ڀرجي ويون هيون، جو پاڻ صه جن ڪيترا ئي ڀيرا جڏهن گهر موٽيا، ته سندن جسم مبارڪ قريش جي قهري ڪارروائين جي ڪري زخمن سبب چور ڏٺو ويو. حضرت بيبي فاطمه زهرا عه هميشه سندن صه زخم ڌوئي، مٿن پها رکي، نه رڳو کين آرام ڪرائينديون هيون بلڪه پنهنجن لفظن ۽ ڳالهين سان کين همٿائينديون به هيون. حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو:”فاطمه عه منهنجي وجود جو حصو آهي. کيس ايذائڻ ۽ تنگ ڪرڻ مون کي ايذائڻ ۽ تنگ ڪرڻ جي برابر آهي.“

    حضرت بيبي عائشه رضه جن جو چوڻ هو ته ”مون فاطمه عه کان وڌيڪ ڪنهن جي مشابهت نبي ڪريم صه جن سان محسوس ڪا نه ڪئي. سندن شڪل شبيهه، عادتون، اخلاق، ڳالهائڻ ۽ رهنمائيءَ جي سگهه هوبهو نبي ڪريم صه جن سان ملندڙ هئي. جڏهن هو اينديون هيون ته رسول الله صه اٿي بيهي کين چمي ڏيئي، سندن آڌر ڀاءُ ڪندا هئا ۽ پوءِ پنهنجي ويهڻ واري جاءِ کين ويهڻ لاءِ آڇيندا هئا.“

    نبي ڪريم صه جن جو پنهنجي نياڻي حضرت بيبي فاطمه عه سان انهيءَ انتهائي محبت، شفقت ۽ عزت جو اظهار رڳو انهيءَ ڪري ڪو نه هو، جو هوءَ سندن ڌي هيون يا سندن سڀ کان پياري گهر واري حضرت بيبي خديجته الڪبريٰ رضه مان پيدا ٿيون هيون بلڪه انهن ٻنهي سببن کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها هئي ته حضرت بيبي سانئڻ جو ڪردار سندن سخاوت، صبر، شڪر، رحمدلي، سچائي ۽ ٻين خاصيتن سبب به محترم هيو ۽ ان ڪري ئي سندن رُتبو الله سائين ۽ سندس رسول صه جن جي اڳيان ايڏو بلند هو. هڪ ڀيري نبي ڪريم صه ٽپهريءَ جي نماز پوري ڪري جماعت سان ويٺا هئا، جو وٽن هڪ ضرورتمند سوالي آيو ۽ سڄي جماعت کي مخاطب ٿي چيائين:”مان بکارو آهيان. مون وٽ پائڻ جي لاءِ ڪپڙا به ڪونهن. مان هڪ ڀٽڪيل مسافر آهيان ۽ ميلن جا ميل رليو آهيان. ڪير آهي، جو منهنجون ضرورتون پوريون ڪري؟“ نبي ڪريم صه وٽ کيس ڏيڻ جي لاءِ ڪجهه به نه هو. پاڻ سڳورن صه سواليءَ کي حضرت بيبي فاطمه عه جن ڏانهن موڪليو. بيبي صاحبه وٽ گهر ۾ ٻيو ته ڪجهه ڪو نه هو، بس ٻڪريءَ جي هڪڙي کل پئي هئي، جنهن تي سندن معصوم پٽ حضرت حسن عه ۽ حضرت حسين عه سمهندا هئا، سا کڻي سواليءَ کي ڏنائون. سواليءَ کل ڏسي چيو ”هن کل مان ڇا ٿيندو؟ انهيءَ مان ته منهنجي ڪا هڪڙي گهرج به پوري ڪا نه ٿيندي.“ بيبي صاحبه عه اهو ٻڌي پريشان ٿي وئي. ويچارڻ لڳي ته ڪهڙيءَ ريت سواليءَ کي مطمئن ڪجي. پوءِ کين ياد آيو ته کين ڳچيءَ ۾ هڪ هار پاتل هيو، جيڪو همزه بن عبدالمطلب جي ڌيءُ طرفان کين شاديءَ ۾ سوکڙيءَ طور مليو هو. بيبي صاحبه عه يڪدم اهو هار لاهي، سواليءَ کي ڏئي ڇڏيو. سوالي اهو هار کڻي واپس نبي ڪريم صه جن ڏانهن ويو ۽ کين ڏيکاريائين ته بيبي فاطمه عه کيس ڇا ڏنو آهي. هار ڏسي، نبي ڪريم صه جن جون اکيون ڀرجي آيون. انهيءَ محفل ۾ عمار ياسر نالي هڪ صحابي ويٺو هو. تنهن سواليءَ کان پڇيو ته ”ڇا هو هار وڪڻندو؟“ سواليءَ ها ڪئي ته عمار کانئس 300 درهمن ۾ هار خريد ڪري ورتو. عمار واپس گهر وڃي هار کي هڪ چادر ۾ ويڙهي، خوشبو لڳائي، سهم نالي هڪ غلام کي چيو ته، هي وڃي نبي پاڪ صه جن کي ڏي ۽ تون به تحفي طور سندن غلاميءَ ۾ آئين. سهم هار کڻي نبي پاڪ صه جن وٽ ويو. نبي پاڪ صه سهم کي چيو، ”هار فاطمه عه کي ڏي ۽ تون هاڻي آزاد آهين.“

    سهم بيبي سانئڻ کي هار پهچائي کلڻ لڳو. ماڻهن، جن اهو لقاءُ ڏٺو پئي، کانئس کلڻ جو سبب پڇيو ته چيائين ”ڇا ته ڪرامتن وارو اهو هار آهي. انهيءَ هار جي ڪري هڪ بکايل کي کاڌو مليو، ڪپڙا مليا، ڀٽڪيل کي سفر جي لاءِ سواري ملي، هڪ غلام کي آزادي ملي ۽ پوءِ به اهو هار وڃي پنهنجي مالڪياڻيءَ کي مليو“.

    حضرت بيبي فاطمته الزهره عه جڏهن شاديءَ جي عمر کي پهتيون ته سندن ڪيترا ئي سڱ آيا، جن مان نبي پاڪ صه حضرت علي رضه جن کي چونڊيو ۽ وڃي حضرت فاطمته الزهره عه کان پڇيائون ته ”ڇا هو حضرت علي سائين رضه تي راضي آهن.؟“ تنهن تي بيبي صاحبه خاموش رهيون، جنهن کي نبي سائين صه سندن راضپو ڀانيو. خاتونِ جنت جي شادي ۽ ڏاج جي بندوبست جي لاءِ ٻنهي جهانن جا سردار صه ڇا نٿي ڪري سگهيا، پر باقي دنيا کي فضول خرچيءَ ۽ اجاين رسمن کان روڪڻ جي لاءِ هڪ مثالي شاديءَ جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن تي تمام ٿورڙا پئسا خرچ ٿيا. انتهائي سادگيءَ سان شاديءَ جو هڪ وڏو سبب ڏاج جي لعنت جي حوصلي شڪني ڪرڻ پڻ هيو ته جيئن مائٽ نياڻين کي بار ڀري نه سمجهن.

    انهيءَ کان علاوه انهيءَ فقيراڻي شاديءَ جو ڪارڻ خود بيبي سانئڻ جن جي ذاتي طبيعت به هئي، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته پنجن ورهين جي ننڍڙيءَ ڄمار ۾ هڪ شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ حضرت بيبي خديجته الڪبريٰ رضه پنهنجي نياڻيءَ جي لاءِ چانديءَ جا زيور ۽ سٺا وڳا سبرايا ته جيئن شاديءَ ۾ شريڪ ٻين ماڻهن کي ڏسي، حضرت فاطمته الزهره عه کي ڪنهن ڪميءَ جو احساس نه ٿئي. جڏهن شاديءَ ۾ وڃڻ جو وقت ٿيو ۽ ماءُ ڌيءُ کي ڪپڙا ۽ زيور پارائڻا ڪيا ته بيبي فاطمته الزهره عه يڪدم چيو ”امان مان هي ڪپڙا ڪا نه پائينديس. مون کي صرف اهي ڪپڙا پسند آهن، جيڪي توهان رضه ۽ بابا سائين صه پائيندا آهيو.“

    حضرت علي ڪرم الله وجهه جن جي هڪ شعر جو ترجمو آهي ته:

    ”مون کي ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ ٻن قسمن جو فخر آهي. هڪ ته پنهنجي گهر واري (حضرت بيبي فاطمته الزهره عه) ۽ سندس پٽن جي ڪري ۽ ٻيو مون کي رسول ڪريم صه جن جي ڪري فخر آهي، جو هنن مون تي مهرباني ڪري پنهنجي نياڻي منهنجي نڪاح ۾ ڏيڻ فرمائي.“

    جڏهن حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي مبارڪ حياتيءَ جا آخري ڏينهن گذاري رهيا هئا، تڏهن هڪ ڀيري پاڻ صه ايڏو رُنا، جو سندن ريش مبارڪ آلي ٿي وئي. پاڻ صه کان جڏهن روئڻ جو سبب پڇيو ويو ته پاڻ صه فرمايائون، ”مان پنهنجي اولاد جي لاءِ روئان ٿو ۽ انهن ڏوهن جي لاءِ روئان ٿو، جيڪي منهنجي قوم جي ظالمن پاران منهنجي اولاد کي ايذائڻ ۽ تڪليف پهچائڻ جي لاءِ ڪيا ويندا. مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ مان پنهنجي نياڻي فاطمته الزهره عه کي ايذاءَ ۽ پيڙا وچان روئندي ڏسان پيو ۽ هوءَ مون کي ”بابا - بابا“ ڪري سڏي پئي، پر منهنجيءَ امت مان ڪير به سندس سار سنڀال لاءِ نٿو لڙي.“

    حضرت فاطمته الزهره عه جن اهو ٻڌي روئڻ لڳيون. جڏهن نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم سندن روئڻ جو آواز ٻڌو، ته کين روئڻ کان جهليائون. تڏهن بيبي صاحبه عه جن چيو ”بابا سائين، مان انهيءَ ڪري روئان پئي، ڇاڪاڻ جو مان توهان صه کان پري ٿي ويندس.“ انهيءَ تي پاڻ صه فرمايائون ”موت کان پوءِ مون سان سڀ کان پهريان تون ملندينءَ، انهيءَ ڪري تون ملال نه ڪر.“ نبي ڪريم صه جن جي وفات کان پوءِ بيبي فاطمته الزهره عه صرف 90 ڏينهن حيات رهيون ۽ انهن 90 ڏينهن ۾ به سندن روئڻ ۽ تڪليف سبب حالت خراب هئي. بيبي سانئڻ پنهنجي والد پاڻ صه جن جي وڇوڙي ۾ تمام گهڻا شعر چيا، جن مان سندن هڪ شعر جو ترجمو هن ريت آهي:

    ”منهنجي بابا جي گذاري وڃڻ کان پوءِ مون جيڪي ڏک ڏٺا آهن، اهڙا ڏک جيڪڏهن، ڏينهن ڏسن ته اُهي راتين ۾ تبديل ٿي وڃن.“

    حضرت بيبي فاطمه عه جن جي شخصيت کي اسلام ۾ تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. جيتوڻڪ مٿن تمام گهٽ لکيو ويو آهي، سندن شخصيت کي تمام گهٽ ساريو ويو آهي ۽ مٿن تمام گهٽ ڳالهايو ويو آهي، انهيءَ جي باوجود سنڌي سماج ۾ کين سچي سانئڻ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي ۽ هو وقتن کان عورتن جي لاءِ اُتساهه جو سرچشمو رهيون آهن. هڪ عورت کي هڪ ڌيءُ، زال ۽ ماءُ جي طور تي پنهنجو ڪردار ڪيئن ادا ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ عورت کي پنهنجي سماجي ذميداري ڪهڙيءَ ريت ادا ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪير ڏسڻ چاهي ته انهيءَ جي لاءِ صرف هڪڙو عيبن کان آجو ۽ سئو سيڪڙو پاڪ مثال آهي ۽ اهو حضرت بيبي فاطمته الزهره عه جو ئي آهي.

    neetushah@gmail.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه انيتا شاهه جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    مصلحتن جي ور چڙهيل سرڪار




    آچر 28 جون 2009ع



    ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ماڻهوءَ جي من جو ٿانءَ شين جي مختلف پاسن بابت سوچي سوچي ايڏو ته ڀرجي ويندو آهي، جو نهائينءَ جيئن اندر ئي اندر پيو پڄرندو آهي، پر ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي ڪونهي سگهندو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سدوري سرڪار جڏهن کان اسان جا اڱڻ اجاريا آهن، تڏهن کان وٺي مون سان اهو لقاءُ رهيو آهي جو ڪيترائي ڏينهن لکڻ بابت رڳو سوچيندي ئي گذري ويا. انهن ڏينهن ۾ ڇا ڇا نه ٿي گذريو، پر گهڻن موقعن تي رڳو قلم کڻي لکندي لکندي رهجي پئي وڃان. سوين ڀيرا سوين معاملن تي لکڻ جو سوچيم ۽ اهو سوچي نه لکيم ته چند فردن جا سيڪنڊن ۾ ڪيل فيصلا ڪروڙين عوام کي سالن ۽ صدين تائين لوڙڻا پوندا آهن، هڪڙيون حڪومتون جيڪي اَڪَ ڪارا ڪري گهرن ڀيڙيون ٿينديون آهن، نئين حڪومتن کي انهن جا ڪيل گند ڌوئي صاف ڪري پوءِ چڱن ڪمن جي لاءِ ڪا جاءِ ٺاهڻي پوندي آهي، سو اهو سوچيندي ئي رهيس ته سنڌين جي سرڪار تي ايڏي تڪڙي تنقيد ڪرڻ بدران انتظار ڪريان ۽ ڏسان ته ڪهڙا ٻوٽا ٿا ٻرن ۽ انهيءَ اوسيئڙي ۾ اجهو هي ڏينهن اچي ٿيو آهي، جو صبر جو پيالو ڇلڪي هارجڻ لڳو آهي.

    پ پ جي هن سرڪار جي شروعاتي دور کان وٺي جيڪا خاصيت سڀ کان حاوي رهي آهي، انهيءَ کي ”مصلحت“ چئي سگهجي ٿو، مصلحت پوءِ اها وفاقي سطح تي هجي، بين الاقوامي يا پرڳڻي جي حد تائين، پ پ پ سرڪار پنهنجن اتحادين جي خوشين ۽ اطمينان جي لاءِ هر وک يا ته مصلحت سببان کنئي آهي يا کڻڻ کان رهجي ويئي آهي. مثال طور: پاڻيءَ جي مسئلي کي ئي کڻي وٺجي، جنهن تي اسان جي وڏي وزير صاحب ته اهڙي چپ جو روزو رکيو آهي، جيڪا سمجهه کان ٻاهر آهي، ٻئي پاسي پنجاب جي پڇ تي لت اڃا آئي ڪانهي ۽ ڀنڀور کي باهه لڳي ناهي. شهباز شريف ايئرپورٽ تي ئي هنگامي اجلاس گهرائي ڇڏيو، جڏهن ته پ پ پ پنجاب اسيمبلي جي وزيرن شرطون هڻي ڇڏيون ته پ پ پ ائين ڪري ئي نٿي سگهي، جو برساتي واڌو پاڻيءَ جي شرط تي ناحق وهندڙ چشمه- جهلم لنڪ ڪئنال سنڌ کي سُڪائڻ ۽ سِڪائڻ جي شرط تي ڪو بند به ٿئي. هنن کي پڪ آهي ته سنڌين جو صدر هجي يا وزير اعظم، ڪَس سدائين سنڌ جي ئي مقدر ۾ لکبي. توهان پنجاب ۽ سنڌ جي مقابلي ۾رڳو ڪا هڪڙي اهڙي حق جي ڳالهه ڪري ته ڏسو، پنجاب جا پ پ ميمبر توهان کي سڃاڻندا به ڪونه، ڇاڪاڻ جو انهن وزيرن جي پهرين وفاداري پنجاب سان آهي، پوءِ ٿي اچي پ پ پ پر نڌڻڪي بڻيل سنڌ جي وزيرن مشيرن مان وري به سسئي پليجو، مراد علي شاهه ۽ سڪندر مينڌري کي شاباس هجي جن وقت بوقت سنڌ جي پاڻيءَ واري معاملي تي آواز اٿاريو آهي. مان سمجهان ٿي ته اسان سنڌين کي پنجاب کان تمام گهڻو ڪجهه سکڻ جي ضرورت آهي، اسان کڻي پنهنجي پاڻ کي ڪيڏو به عظيم ۽ قديم سمجهون پر حقيقتن اسان هڪ ناڪام قوم آهيون، جنهن وٽ اڳواڻي جي، تعليم جي حڪمت عملي، پلاننگ ۽ هر انهيءَ شيءِ جي کوٽ آهي، جيڪا ڪنهن قوم کي پيرن ڀر بيهڻ جي قابل بنائڻ جي لاءِ ضروري هوندي آهي، اسان کي موجوده حڪمرانن پاڪستان ۽ سنڌ جي ٻين وس وارن سان لکين ڪاوڙون آهن، جن رڳو مصلحتن خاطر سنڌ جي مفادن جو ڪو لحاظ ڪو نه ڪيو آهي. جن سنڌ کي For granted ڪري ورتو آهي، جن کي اها پڪ آهي ته هو سنڌ ۽ سنڌين سان ڪهڙو به سلوڪ ڪندا، سنڌي وري به کين ئي ووٽ ڏيندا. جن وس وارا هوندي به پاليسي ليول تي ڪو قدم کڻڻ ته ٺهيو پر جيڪي سنڌ دوست قانون قاعدا آهن، انهن جي Implementation جي لاءِ به ڪو به ذڪر جوڳو ڪم ڪو نه ڪيو آهي. پاڪستان سطح تي سنڌ سان ناانصافين جو ذڪر ته هڪ وڏو بحث آهي، پر سنڌ ۾ سنڌين جي سرڪار هوندي سنڌين سان جيڪو ڪجهه ٿئي پيو، انهيءَ جو حساب ڪتاب سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪنهن سان ڪجي؟ ڇا اتحادن جو مطلب اهو هوندو آهي، ته رڳو هڪڙي ڌر ڪسر کائي؟ ڇا اتحادي حڪومتون ڪنهن به معاملي تي ڳالهه ٻولهه، بحث مباحثي ۽ حڪمت عملي کانسواءِ رڳو ”جي ها.... جي ها!“ جي رٽ لڳائينديون آهن؟

    پ پ جي ڏيڍ سال جي حڪومت کانپوءِ به سنڌي شاگردن جي لاءِ ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن جا در ٻيڪڙيا پياآهن، ڇا سنڌ سرڪار وٽ ڪراچي جي ضلعي حڪومت جيترو به زور بار ڪونهي جو انهن پاليسين جو رد ڪڍي سگهي؟

    سنڌ ۾ ماڻهو بک ۽ بيروزگاريءَ سببان پنهنجا ٻار وڪڻڻ جاواڪ لڳائين ٿا، رڳو انهيءَ آسري تي ته متان حڪمرانن کي ڪا ڪهل اچي ۽ ڪنهن طريقي سان سندن واهر ٿئي، پر ائين ٿئي ئي نٿو. آخر حڪمران انهن ڳالهين ۽ انهن مسئلن جي حل تي نه سوچيندا ته پوءِ هو آخر ڪهڙي مرض جي دوا آهن؟

    ٻئي پاسي غريبن جي سهائتا جي نالي ۾ کل جوڳيون اسڪيمون جهڙوڪ، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عورتن کي هڪ هڪ هزار روپيا ڏنو وڃي ٿو. اهو هڪ هڪ هزار ڪنهن کي ٿو ملي، سو ته الڳ داستان آهي پر جيڪڏهن مڃجي به کڻي ته اهي پئسا حقدارن تائين پهچن ٿا ته ڇا ڪنهن سوچيو آهي ته اهوهزار رپيا وٺڻ لاءِ سرڪاري آفيسن تائين پهچڻ جا ڀاڙا خرچ ٽن چئن سون ۾ وڃي پهچن ٿا. وري جي چيڪ اڃا ڪو نه آيا آهن ته وري ٻيا چڪر. اهو ته سڌو سنئون غريبن جي غربت جو مذاق اڏائڻ جي برابر محسوس ٿئي ٿو.

    ساڳيو حال بينظير ڀٽو يوٿ ڊيولپمينٽ پروگرام جو آهي، هن پروگرام مان به مون کي ته ڪو خاص فائدو نظر نٿو اچي، مون کي اهو ڏسي افسوس ٿئي ٿو ته حڪومت وٽ نون خيالن ۽ نظرين جي ڪيڏي نه غربت آهي! بينظير انڪم سپورٽ پروگرام يا بينظير يوٿ ڊيولپمينٽ پروگرام جا ريسورسز ڪن نون خيالن ۽ نظرين جي بنياد تي وڌيڪ بهتر ۽ Sustainable طريقي سان به ماڻهن جي مستقل روزگار جي لاءِ استعمال ڪري سگهجن پيا. پر اسان جي حڪومتن کي مزو تڏهن ايندو آهي، جڏهن اهي اهڙا پروگرام جوڙين جو ماڻهو پنهنجي عزت نفس کي پاسيرو رکي هٿ ٽنگڻ تي مجبور ٿي وزيرن، مشيرن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي منٿون ڪندا ۽ سندن درن جون سلاميون ڀريندا وتن. مان سمجهي نٿي سگهان ته آخر ايترن سالن جا ڌڪا ٿاٻا، جلاوطنيون، هڪ عظيم اڳواڻ جي شهادت انهن جي اڳواڻن جو ڇا بگاڙيو آهي، ڇا اهو ظاهر ظهور ڪونهي ته زندگيون ۽ حڪومتون اچڻيون وڃڻيون شيون آهن، جيئن حبيب جالب چيو آهي.

    جس دهج سي ڪوئي مقتل کو گيا

    وه شان سلامت رهتي هي

    يه جان تو آني جاني هي

    اس جان ڪي تو ڪوئي بات نهين

    گر بازي عشق ڪي بازي هي

    جو چاهو لگادو ڊر ڪيسا

    يه جان تو آني جاني هي

    اس جان ڪي تو ڪوئي بات نهين

    آخر پ پ پ جا اڳواڻ سياست ۽ سرڪار کي عشق سمجهي ڇو نٿا ڪن؟ هو سنڌ ۽ سنڌي عوام ڏانهن پنهنجي ذميداري ائين ڇو محسوس نٿا ڪن، جيئن مسلم ليگ (ن) يا خود ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ محسوس ڪن ٿا.

    مون ٻڌوآهي ته پنجاب جو وڏو وزير صبح جو نوين وڳي آفيس پهچي ويندو آهي ۽ ڏينهن جا ڪم ڏينهن ۾ اڪلائي وٺندو آهي. شهباز شريف پنجاب جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بنا پروٽوڪول جي اوچتو پهچي ويندو آهي. تمام گهڻن معاملن جي ذاتي طور تي نظرداري ڪندو آهي ۽ اسان وٽ حالت اها آهي جو هزارين فائلون وڏي وزير صاحب جي هاڪار يا نهڪار جي انتظار ۾ ڳري ويون آهن. وڏي وزير صاحب تائين عوام جي پهچ جو ذڪر ته ڇا ڪجي، سندس ڪيبنٽ جي وزيرن جي پرسنل اسسٽنٽن تائين پهچ به ناممڪن بڻيل آهي. هي ڪهڙي قسم جي عوامي حڪومت آهي، جتي عوام کانسواءِ سڀني لاءِ سُک آهي؟

    هينئر به پاڻيءَ جو مسئلو هجي يا ڪهڙو به معاملو هجي، جيڪڏهن سنڌ ڪسر کائي ته قومي سلامتي ۽ مفاهمت قائم آهي، جيڪڏهن سنڌ سان ٿيندڙ ناحقن جو ذڪر به ڪبو ته انهيءَ سان قومي سلامتي ۽ مفاهمت کي ڇيهو رسندو. مان سمجهان ٿي ته انهن ٻٽين پاليسين ۽ طريقيڪار ۾ تبديلي بلڪه انهيءَ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ مون کي نٿو سمجهه ۾ اچي ته مرڪز ۽ پرڳڻي ۾ پ پ حڪومت هوندي ائين ڇو نٿو ٿي سگهي؟

    neetushah@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو