محترمه سحر گل ڀٽي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ميڊيا سنڌ ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي؟



    اڱارو 02 مئي 2006ع

    سياسي بحران، نسلي ۽ مذهبي فرق، لاقانونيت، غربت، بدنظمي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جهڙن ٻين ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل ملڪ ۾ ميڊيا ڪيئن پنهنجو ڪردار ذميواريءَ سان نڀائي؟ اهو ڏاڍو پيچيده سوال آهي. جيڪڏهن ميڊيا جي اختيارن جي حوالي سان ڳالهائجي ته اها ماڻهن جي گڏيل راءِ جوڙڻ-ٽوڙڻ سان گڏ تضاد ختم ڪرڻ، يا وڌائڻ ۽ ڌاڙا بندي شروع ڪرائڻ يا ختم ڪرائي سگهڻ جهڙا اختيار رکي ٿي. اها هڪ حقيقت آهي ته دنيا ۾ مذهبن ۽ انسان جي انسان سان عام تعلق جي حوالي سان جيڪا ماڻهن جي راءِ جڙي ٿي، ان ۾ ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. هتي پاڻ وٽ سوال سنڌي ميڊيا جو آهي، سنڌي ميڊيا، جيڪا پاڪستان جي سموري علائقائي توڙي قومي ميڊيا کان وڌيڪ باشعور هوندي بردباريءَ وارو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. هن وقت گلوبلائيزيشن جي گهرجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف حڪمت عمليون تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. تمام گهڻو ضروري آهي ته سنڌ جي سياسي، ادبي ۽ سماجي سڄاڻ ماڻهن جي گڏيل راءِ سان ڪو اهڙو پروگرام تشڪيل ڏنو وڃي، جنهن ذريعي سول سوسائٽيءَ کي ايندڙ ڏهن/ويهن سالن ۾ ڪيئن هجڻ کپي؟ جهڙي اهم سوال تي ڪم ڪري ڪو خاڪو جوڙيو وڃي. جيڪڏهن پاڻ سنڌي اخبارن جو جائزو وٺنداسين، ۽ ان جي ماضيءَ جي ڪردار کي ڏسنداسين ته چئي سگهجي ٿو ته اها پنهنجي وس ۽ وت آهر مثبت ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. 1996ع ۾ جڏهن مرتضيٰ ڀٽو جو قتل ٿيو هو ته ان وقت افواهن ذريعي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي واري صورتحال پيدا ڪئي وئي هئي، پر ان نه سمجهه ۾ ايندڙ جذباتي صورتحال ۾ به سنڌي ميڊيا سياسي ويزن جو مظاهرو ڪري نه فقط امڪاني جهيڙي کي ٽاريو هو، پر عام سنڌي ماڻهن کي ڌر ٿيڻ کان بچائي اڻ سڌيءَ طرح کين قتل جي منصوبن ۾ شامل ڌرين جي به نشاندهي ڪري ڏني هئي. يا وري ون يونٽ ۾ ٻوليءَ وارن ڏينهن ۾ امر جليل جا ريڊيڪل ۽ ڪڙي سچ سان ڀريل ڪالم ڇاپڻ جهڙي جرئت ملٽري حڪمرانيءَ جهڙي ٻوسٽ واري دور ۾ اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي، ۽ هينئر ڪالاباغ ڊيم لاءِ ٿيل مظاهرن کي ايتري ڪوريج ڏيڻ انهن حالتن ۾ خاص ڪري ممڪن نه هو، جڏهن حڪومت جي خابرو ادارن ۽ چينلز جي آفيسن کي ڊئم جي خلاف مظاهرن ۽ جلسن کي ڪوريج نه ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا، تنهن وقت ۾ سنڌي اخبارن ۽ چينلز پاران ڪالا باغ ڊيم خلاف جوڳي جاءِ ۽ وقت ڏيڻ ڪنهن جوکم کان گهٽ نه هو.

    سو چئي سگهجي ٿو ته جيڪا بنيادي سگهه ڪنهن به ميڊيا جي اداري کي هجڻ کپي، سا بيشڪ سنڌي ميڊيا وٽ موجود آهي ۽ هاڻي آهي اڳئين قوم جي ضرورت. هن گلوبلائيزيشن واري دور ۾، جڏهن هر قسم جون حد بنديون ٽٽنديون پيون وڃن، ۽ ڄاڻ جو وهڪرو (Information Flow) تمام تيزيءَ سان وڌندو ۽ پکڙجندو پيو وڃي، تڏهن ميڊيا لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته ڪا مخصوص ادارتي حڪمت عملي جوڙجي ۽ قومي مفادن کي نظر ۾ رکي ان کي عمل ۾ آڻجي. حقيقت ۾ سماجي، سياسي ۽ عقلي لحاظ کان جيڪي مسئلا سنڌ کي گلوبلائيزيشن جي تيز ڌارا ۾ شامل ٿيڻ کان روڪي سگهن ٿا، اُهي آهن سنڌ ۾ مذهبي ڪٽرپڻي واري صورتحال، سنڌ جو سندس جوڳي سماجي، ثقافتي ۽ ادبي سڃاڻپ نه پيدا ڪري سگهڻ ۽ ان جو سياسي ڏيوالپڻو. تمام گهڻي ضرورت آهي ته سنڌي سماج ۾ ايندڙ ڏهن/ويهن سالن ۾ اهڙي سول سوسائٽي اڀري اچي، جيڪا مذهبي، ثقافتي ۽ سياسي سطح تي بين الاقوامي سوچ رکندي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي عقلي طور تي دنيا جي ٻين ترقي يافته قومن وانگر اڳتي کڻي هلي سگهي. ان ڪري ثقافت، ٻولي، تهذيب ۽ قومي سڃاڻپ جي بقاءَ لاءِ ڪي پاليسيون ۽ حڪمت عمليون جوڙڻ هن وقت ميڊيا جي پهرين ترجيح هجڻ کپي. ميڊيا جي اهڙي اڳواڻيءَ جي ضرورت آهي، جيڪا ماڻهوءَ جي ذهن سازيءَ جا مختلف پلان جوڙي ۽ ذهنن جي وقت ۽ حالتن مطابق جاري ارتقا کي نوان ڏس ۽ ڏانوَ به ڏئي سگهي. انهن سڀني پهلوئن تي سوچڻ جي ضرورت آهي. لازمي ناهي ته اسين ايندڙ ويهن سالن ۾ سنڌ کي هڪڙي آدرشي سماج ۾ تبديل ڪري وڃون، پر ان ڏس ۾ يقينن تحرڪ ضرور وٺي سگهجي ٿو. هاڻي انهن پهلوئن تي ڳالهائجي، جيڪي مان سمجهان ٿي ته ميڊيا جي ترجيح هجڻ کپن.

    (1) سنڌ ازلئون مذهبي رواداري ۽ سهپ قائم رکي آهي، سنڌ ۾ صدين کان مختلف نسلي ۽ انتها پسند مذهبي عقيدا رکندڙ قومن طرفان ڪاهن ۽ لڏپلاڻ هتي جي رهندڙ ماڻهن جي سهپ ۽ رواداري واري مزاج ۾ پئي ڦير گهير آندي آهي. هن وقت جي صورتحال ڏسجي ته مذهبي انتها پسندي سماج تي ڪافي اگرا اثر ڇڏيا آهن. اهو پراڻو مذهبي سهپ وارو لاڙو گهٽ ۾ گهٽ نئين نسل جي اڪثريت ۾ ڄڻ ته ختم ٿيندو پيو وڃي. هن وقت ضرورت آهي ته ڪي لبرل قسم جا بحث مباحثا ڪرائجن، جن ۾ ان ڳالهه تي به زور ڏجي ته اسين ”سڀاڻي جي سنڌ“ کي ڪهڙي مذهبي سهپ واري نظريي ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا. گلوبلائيزيشن جي دور ۾ ثقافتي ويجهڙائيءَ ڪارڻ جيڪي نظريا شڪل وٺندا پيا وڃن، انهن جي باقاعدي مانيٽرنگ ٿيڻ کپي ۽ انهن ڪٽرپڻي وارن نظرين کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عمليون جوڙڻ گهرجن. ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته مذهبي ۽ ٻوليءَ واري فرق کي ريج ڏيڻ ۾ ملڪ جي ڳجهن ادارن جو خاص ڪردار رهيو آهي، جنهن سول سوسائٽيءَ جي عام ماڻهن کي انتها پسند پوزيشن وٺڻ تي اتساهيو. منهنجو خيال آهي ته آيل فڪري ڏيوالپڻي جي خاتمي لاءِ فقط ميڊيا ئي آخري سهارو آهي، جيڪو باشعور، آزاد ذهن ۽ سمجهه ڀريل سڄاڻ ماڻهن کي مذهبي سهپ جهڙن موضوعن تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ اُتساهي سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ ٽي وي چينلز تي بحث مباحثا ڪرائي سگهجن ٿا، جن ۾ ڪائناتي انساني سهپ ۽ انسان جي انسان سان انسانيت پسنديءَ واري س۾ کي اجاگر ڪيو وڃي، ۽ ان اڻ سهپ جي گهڻ پاسائن تباهه ڪن پهلوئن تي رايا گڏ ڪيا وڃن.

    (2) اهم مسئلو، جيڪو مون کي سمجهه ۾ اچي ٿو، سو آهي ننڍي ۽ نئين ٽهيءَ جي گهڻائيءَ جو علم، فلسفي، ادب ۽ ثقافت ڏانهن لاتعلقيءَ وار ورويو. جيتوڻيڪ جديد دور جا موضوع ۽ ترجيحون پنهنجي جاءِ تي اهم آهن، پر قومي سطح تي اهو قبول ئي نٿو ڪري سگهجي ته جيڪڏهن سنڌي ادب، ڪهاڻي، ناول، ڀٽائي، اياز، سچل، سنڌي ٻولي ۽ راڳ نئين نسل ۾ منتقل نه ٿيو ته پوءِ به ڪو اهو جيئرو رهي سگهي. نصابي-غير نصابي سرگرمين مان اصلي علم ۽ ثقافت (Indegenous knowledges, cultare) گهٽ کان گهٽ ٿيندا پيا وڃن، ان لاءِ ڪجهه ڪجي. ڇو ته هن واديءَ جي جوهر ۾ اها سگهه ۽ ڏاهپ موجود آهي، جيڪا کيس دنيا جي چند ترقي يافته خطن جي صف ۾ آڻي بيهاري. توڙي جو اها هڪ وڏي دعويٰ آهي، پر جيڪڏهن پٺين 59 سالن تي نظر وجهجي ته سنڌي قوم اڳتي وڌڻ بدران پنهنجي سڃاڻپ جي بقاءَ لاءِ وڙهندي رهي آهي. هتي وري آئون چونديس ته ميڊيا ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳڀري ٿئي ۽ گلوبلائيزيشن جي هجوم ۾ هن ثقافت کي گم ٿيڻ کان بچائي. سو تمام گهڻن فائدن هوندي به گلوبلائيزيشن جو نقصان هن خطي جي ماڻهن کي هڪ اهو به ٿي سگهي ٿو ته صدين پراڻي ثقافت ۽ تاريخي قومي ڏاهپ نئين نسل ڏانهن منتقل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ميسارجي وڃي ۽ اهو امڪان آهي ته ايندڙ وقت ۾ دنيا جي ٻين ترقي يافته تهذيبن وانگر اسين پنهنجي ثقافتي ۽ عملي جوهرن سان دنيا آڏو نروار نه ٿي سگهون، يا وري پنهنجي سموري انفراديت سان دنيا آڏو نروار ٿيڻ فقط هڪ خواب ئي رهجي وڃي. ان ڏس ۾ ميڊيا تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي. اها ماڻهن کي اهڙي طريقي سان تيار ڪري، جو هو نه فقط سنڌي تهذيب کي انفراديت سان پيش ڪن، پر دنيا جي ٻين قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي به هلن. ٽي وي چينلز جي حوالي سان خاص طور تي ڳالهائجي ته سنڌي چينلز کي گهرجي ته دنيا جي (خاص ڪري ڀارتي) ڪمرشل چينلز جي پوئواري ڪرڻ بدران عقلي، منطقي، تهذيبي ۽ تاريخي علم کي ڊرامن، بحث مباحثن ۽ آرٽ ذريعي ڏيکارجي. اهو ئي فقط واحد طريقو آهي ته پنهنجي سول سوسائٽيءَ ۾ سماجي حساسيت پيدا ڪجي ۽ فقط اهڙا ئي پروگرام ماڻهن جي راءِ، رويا ۽ خواهشون عقليت جي آڌار تي تشيڪل ڏئي سگهن ٿا. سماج جي اجتماعي تبديلي فرد جي تبديليءَ تي مدار رکي ٿي. فقط هڪ فرد جي ذهن سازي هڪڙو آدرشي ۽ عظيم سماج جوڙي سگهي ٿي. پوءِ ان لاءِ لازمي آهي ته جديد سوچ کي جاءِ ڏجي ۽ ان لاءِ ميڊيا جي ادارن کي گهرجي ته اخبارن ۽ ٽي وي ذريعي سڀ کان پهرين مختلف حوالن کان سروي ڪيا وڃن، جن ۾ ماڻهن جي سماجي، عقلي ۽ سياسي ڄاڻ بابت ڊيٽا گڏ ٿئي. پوءِ ان نتيجي جي آڌار تي ئي حڪمت عملي جوڙي وڃي. دنيا جي تڪڙي تبديليءَ جي باوجود به ماڻهو ڪيترن ئي موضوعن تي آزاديءَ سان گفتگو ڪرڻ کان نه فقط لنوائين ٿا، پر انهن تي سوچڻ جي به سگهه نٿا سارين. مثال طور مذهبي عقيدن ۽ منطقي مڪتبه فڪر جو مذهبي انتها پسندي يا سهپ بابت موقف، هر انسان جي شخصي آزادي، سماج ۾ عورت جي مرد جي برابر حيثيت هجڻ وغيره اهڙا موضوع آهن، جيڪي جيڪڏهن وقت جي هن موڙ تي بحث مباحثن ۾ نه آيا ته اسين اڳئين قدم ڏانهن وڌي ئي نٿا سگهون، جتي دنيا جا ٻيا سماج ڪڏهوڪو پهچي چڪا آهن ۽ اڳتي جي ارتقائي مرحلن مان گذرن پيا. في الحال آئون هڪڙو ئي مثال ڏينديس ته ڪاروڪاري قتل جي حوالي سان اسان وٽ ان قاتل لاءِ ڪا به سڌاري جي راهه يا رستو ناهي، جنهن تي هلي سندس شعوري تبديلي ممڪن بنائي سگهجي. ڪيڏو نه الميو آهي ته هو پنهنجي ئي هڪ همزاد ساٿيءَ تي ڪاريءَ جو ليبل هڻي ماري پاڻ کي باغيرت سمجهي ٿو!! ڪيڏي نه ضرورت آهي ذهنن تي ڪم ڪرڻ جي، جيڪي ڪوڙي شعور تحت غير سچ کي سچ ڪري مڃين ٿا ۽ غير سچ عمل ۾ آڻين ٿا. پر وري به آئون هڪڙي ڳالهه چونديس ته جدت ۽ غير جدت ۾ فرق واضح آهي ۽ ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. آزاديءَ ۽ ڇڙواڳي ۾ به فرق واضح ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر اهو اڳواڻيءَ ۽ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻ کان پهرين ميڊيا جي نمائيندن کي ٿورو پنهنجي صحافتي ٻوليءَ تي ڪم ڪري، پنهنجي خبرن ۽ پروگرامن جي پيشگيءَ جي طريقيڪار تي نظرثاني ڪري پنهنجي معيار کي ٻيڻو ڪرڻو پوندو. حقيقت چئي ڏجي ته ڪافي جاين تي ميڊيا پاڻ به جدت ۽ غير جدت، ڇڙواڳيءَ ۽ صحيح معنيٰ ۾ آزاديءَ ۾ فرق کان بي خبري جو ثبوت ڏيندي رهي آهي. مثلن اها ڪهڙي عقليت آهي ته جنسي ڏاڍ جو شڪار ٿيل عورت لاءِ لڄا لٽ جو لفظ استعمال ڪيو وڃي؟ يا وري جسم جو ڪاروبار ڪندڙن عورتن کي ”سدا سهاڳڻيون“ سڏجي، يا وري ننڍي وهيءَ ۾ اٻهرائيءَ ۾ گهر ڇڏيندڙن لاءِ ”پريمي جوڙا“ جهڙا لفظ استعمال ڪري ان اٻهرائپ کي حقيقي عمل ڪري پيش ڪجي. اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته ٻوليءَ ۽ لفظن جو ڦير گهير ۽ موقعي جي حساب سان انهن جي استعمال جو طريقو صحيح/ غلط روين ۽ عملن کي ماڻهن ۾ نه فقط قبول ڪرائڻ، پر انهن کي واڌ ڏيڻ ۾ به مدد ڏئي ٿو.

    (3) آخر ۾ آئون چونديس ته هن دور جي حالتن مطابق سياسي حڪمت عملي جوڙڻ ۽ سياسي اتحاد جوڙڻ جي شديد ضرورت آهي. سوچجي ته ان ڏس ۾ ميڊيا ڇا ٿي ڪري سگهي؟ تمام گهڻين ويساهه گهاتين هوندي به عام ماڻهو ڪو باضابطا احتجاج ڪري پنهنجي ڌرتيءَ جي قسمت تبديل ناهن ڪري سگهيا. ڇڙ وڇڙ ۽ ٽڪرن ۾ ورهايل سياسي طاقت سنڌ کي فائدا گهٽ، نقصان گهڻا ڏنا آهن. هڪڙي ئي پليٽ فارم تان جيڪڏهن مسئلن کي کڻجي ها ته شايد هن وقت صورتحال ئي ٻي هجي ها. هن وقت به ميڊيا کي چ۾ مڙسيءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪجي ائين ته سياسي بحث مباحثا شروع ڪجن، جن ۾ سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ممڪن سياسي اتحاد جي مختلف پهلوئن تي نه فقط روشني وڌي وڃي، پر دور انديشيءَ سان سياسي سگهه هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ لاءِ نوان رستا ۽ راهون تيار ڪجن. صورتحال وڃي اها بيٺي آهي ته سنڌي سماج سياسي مزاج رکندي به ملڪ ۾ سياسي ڏيوالپڻي جي ڪري سنڌي عوام کي نااميد ڪري ماٺ ڪرائي ڇڏيو آهي. افسوس سان چئجي ته جيڪا سول سوسائٽي هڪ سياسي طاقت طور اڀري سگهي پئي، ان ۾ اسان جون مڙئي سياسي پارٽيون ننڍي سطح تي پنهنجي پنهنجي پارٽيءَ جي حساب سان ته کڻي ڪامياب ويون هجن، پر وڏي سطح تي سياسي پارٽيون هڪ مضبوط سياسي ۽ سماجي حساسيت رکندڙ سول سوسائٽي ٺاهڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام ويون آهن.

    ميڊيا جا ڌڻي سوچين ته ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ پنهنجي سموري عقلي سگهه، ذهانت ۽ ڄاڻ کي جيڪڏهن ميڊيا استعمال ڪندي فورم تشڪيل ڏئي، جن ۾ گڏيل مفادن وارا معاملا کڻجن، انهن جي ڀرپور وڪالت ڪجي ۽ عوام کي سياسي ڄاڻ ۽ سجاڳي ڏيڻ لاءِ حڪمت عمليون جوڙجن، جيئن ايندڙ ڏهن ويهن سالن تائين سنڌ جي سول سوسائٽي اڀري اچي. اها بنهه حقيقت آهي ته وقت جي هن حصي ۾ جتي اسين گهڻ پاسائن سماجي/اقتصادي/سياسي ۽ ثقافتي بحرانن کي منهن ڏيون پيا، اتي هن وقت جي ميڊيا Catalyst ٿي ڪري اڳتي نه آئي ته شايد اسين ترقيءَ جي ان رفتار تائين پهچڻ واري خواب کي حقيقت ۾ تبديل نه ڪري سگهون.
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه سحر گل ڀٽي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    سنڌ جي شاندار ريلوي نظام جي تباهي ۽ بُلٽ ٽرين!



    ڇنڇر 24 فيبروري 2007ع

    آمريڪا جي عراق تي فوجي والار جي ظاهر ٿيل حقيقتن اولهه جي اڪثريتي متعصب ميڊيا کي وائکو ڪري سامهون آندو آهي. تازو ئي Medical Journal Lancet جي پڌري ڪيل انگن موجب آمريڪا جي دخل اندازي کان وٺي هينئر تائين 650,000 عراقي مارجي ويا آهن. Refugee Internationl مطابق عراق ۾ بي گهر ماڻهن جو انگ تمام تڪڙو وڌندو پيو وڃي. لڳ ڀڳ ٻه ملين عراقي ملڪ ڇڏي ويا آهن، جڏهن ته تقريبن 50,000 پنهنجي ئي ملڪ اندر دربدر آهن.

    اچانڪ نازل ٿيل مهانگائيءَ سبب کاڌي پيتي ۽ بنيادي ضرورت جون شيون به عام عراقين جي سولي پهچ ۾ ناهن. پئٽرول جو هڪڙو گيلن جيڪو نومبر 2006ع تائين مشڪل سان چئن Cents جو هوندو، آءِ ايم ايف جي منسٽري آف آئل تي آيل چپ ۽ سبسڊي ختم ٿيڻ کان پوءِ ان تيل جي سرڪاري قيمت67 Cents تائين پهچي وئي آهي. تيل جي قيمتن ۾ اچانڪ ۽ تڪڙو چاڙهه عام عراقيءَ لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي، خاص ڪري انهن لاءِ جيڪي مهيني ۾ 0 5 1 ڊالرن کان وڌيڪ ڪمائي نٿا سگهن. اهي ته اهي ماڻهو ٿيا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن روزگار سان بهرحال لڳل آهن، پر ڪڙي حقيقت اها آهي ته بي روزگاري 0 6 کان 0 7 سيڪڙو وڌي وئي آهي.

    آڪٽوبر 2006ع عراق تي آمريڪي فوجي والار جو وڌ ۾ وڌ خوني مهينو ثابت ٿيو هو. فقط هڪڙي مهيني ۾ بغداد ۾ 6000 ماڻهن جي مارجي وڃڻ جو انگ ظاهر ٿيو، جڏهن ته آگسٽ 2006ع کان وٺي هزارن جي انگ ۾ آمريڪي فوجي عراق موڪليا ويا آهن، ان دعويٰ سان ته اهي امن امان قائم ڪندا، پر ان جي ابتڙ حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون آهن. گڏيل قومن جي خاص جاچ ڪندڙ مئنفريڊ نو واڪ بيان ڏنو آهي ته عراق ۾ ٽارچر جي صورتحال هاڻي مڪمل طور تي ضابطي مان نڪري وئي آهي. ايتري حد تائين جو عام ماڻهو اهو به چوڻ لڳا آهن ته ايتري خراب حالت صدام جي آمريت دوران به ڪڏهن نه ٿي هئي. ان کان سواءِ 2900 آمريڪي فوجين جي مارجي وڃڻ جو انگ ظاهر ٿيو آهي ۽ 21000 سخت زخمي ٿيا آهن. حقيقت پڌري پٽ آهي ته جيئن ئي هر ڏينهن فوجي والار جاري آهي، ۽ گهرو ويڙهه توڙي فرقي واريت کي هوا ڏني پئي وڃي. مان سجهان ٿي ته عراق ۾ آمريڪي فوج امن امان بحال ڪرڻ بجاءِ ان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ذميوار آهي.

    آخر آمريڪا ڇو نٿو پنهنجون فوجون عراق مان ڪڍي؟ آمريڪا جي عراق ۾ موجودگيءَ جا سبب اهي قطعي ناهن، جيڪي مٿئين طبقي ۽ اسٽئبلشمينٽ جي فرمانبردار پريس طرفان پڌرا ڪيا وڃن پيا. اهو سڀ ڪجهه آمريڪا جي ڳجهن مقصدن تي پردو رکڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. آمريڪا کي در حقيقت عام عراقين ۽ آمريڪي فوجين جي زندگين جي ڪا به پرواهه ناهي، پر مقصد دراصل عراق کي ڀروسي جوڳي رياست ۾ تبديل ڪرڻ آهي (جاگرافيءَ جي لحاظ کان عراق وچ اوڀر جي مک توانائيءَ جي ذريعن وٽ بحري لنگهه تي واقع آهي. اهو خطو پوري دنيا ۾ موجود تيل جي ذخيرن جو 50 سيڪڙو ذخيره پاڻ وٽ رکي ٿو) ته جيئن ان سڄي خطي ۾ عراق آمريڪي فوجي طاقت جو ذريعو ٿئي ۽ آمريڪا کي ايران سان وڌندڙ ڪشيدگيءَ ۾ هڪ عرب ملڪ جي اخلاقي ۽ جاگرافيائي مدد حاصل هجي، ته وچ اوڀر ۾ آمريڪي راڄ کي جاري رکي سگهجي. عالمي جنگ جي دهشت ڦهلائي ڏاڍ کي جسٽيفاءِ ڪري هزارين فوجي موڪلي سگهجن، ملٽري بجيٽ وڌائي ٻئي ملڪ جو سرحدون ٽپي ان تي قبضو ڪري عام شهرين جي آزاديءَ تي پابندي وجهي سگهجي. اهي سڀ سبب آهن آمريڪا جي عراق ۾ جنوني ۽ نه ختم ٿيندڙ قبضي جا! سندن سڀني بيانن جي ابتڙ دراصل عراق تي آمريڪي فوجي والار جو سبب نه ته جمهوريت قائم ڪرڻ ۽ نه وري تباهي ڦهلائيندڙ هٿيارن (Weapons of mass destruction) کي ختم ڪرڻ آهي، نه ئي وري عراق کي نئين سر تعمير ڪري گهرو ويڙهه ختم ڪرڻ آهي. آمريڪي فوج جي اچڻ سان جمهوريت جا ٿورا گهڻا امڪان به ختم ٿي ويا آهن ۽ ويتر عراقي شهرين جي خودداري ۽ آزاديءَ کي وحشاڻي طريقي سان ختم ڪيو پيو وڃي. عام ماڻهن اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي عراق مان آمريڪي فوج جي نيڪالي چاهين ٿا، هو پاڻ کي ڌاري فوج جي موجودگيءَ ۾ غير محفوظ سمجهن ٿا، ۽ هو سمجهي ويٺا آهن ته آمريڪا جي موجودگي ئي فرقي واريت کي هوا ڏني آهي.

    ايئن هرگز ناهي ته اهو احتجاج فقط عراقي ماڻهن جي طرفان ئي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچي پيو. خود آمريڪي ماڻهن جي چڱي اڪثريت ڪانگريس جي وچ مدي واري چونڊ ۾ ساڳي ئي سوچ جو اظهار ڪيو آهي. ڪانگريس ۽ ڊيموڪريٽس جي اڪثريت وارين رياستن سڌي سنئين ووٽ ذريعي بش حڪومت جي عراق تي چڙهائيءَ خلاف راءِ ڏئي ڄڻ ته پينٽاگان لاءِ وڌيڪ بجيٽ خلاف ووٽ ڏنو. خود عراق ۾ موجود آمريڪي فوجي به ساڳي راءِ رکن ٿا. سال 2005ع جي (Zagby international poll) مطابق 72 سيڪڙو فوجين 2006ع تائين عراق مان نڪري اچڻ کي ووٽ ڏنو. بش حڪومت چوندي رهي ٿي ته اسين عراق مان فضيلت سان نڪري اينداسين، پر ان ۾ ڪا به حقيقت نظر نٿي اچي. ڇاڪاڻ جو ڊڪ چيني وري چيو ته ”اسين عراق مان نڪرڻ جون نه، پر پنهنجي فتح جو پيا سوچيون.“

    عراق اسٽڊي گروپ رپورٽ:

    وچ مدي واري چونڊ کانپوءِ آمريڪا کي پنهنجي بدنام ڊفينس سيڪريٽري ڊونالڊ رمسفيلڊ تان هٿ کڻڻو پيو، پر ساڳي وقت نئون نامزد ڪيل رابرٽ گيٽس به بنيادي ڍانچي ۾ ڪا تبديلي نه پيو آڻي سگهي. رابرٽ آمريڪي ڳجهي اداري جو اهو ماڻهو آهي، جنهن نڪارا گوا تي بمباري جي پيروي ڪئي هئي ته جيئن لاطيني آمريڪا جي آمريت کي چئلينج ڪندڙن جو خاتمو ڪجي. بش انتظاميه کي جان بولٽن جهڙي ماڻهوءَ کي به ڇڏڻو پيو، جيڪو موجوده آمريڪي فارين پاليسي جي وڏي حصي جو خاص ذميوار آهي. عراق ۾ ناڪاميءَ کان بچڻ لاءِ ساڳي حڪمت عملي تحت (هارايل جنگ کٽڻ لاءِ) ڏاها ماڻهو اڳيان آڻڻ جو ڍونگ ڪيو ويو آهي. ”عراق اسٽڊي گروپ“ جي نالي تي لي هئملٽن، جيمز بيڪر ۽ ٻيا ماڻهو آندا ويا آهن، جيڪي به بهرحال فقط وائيٽ هائوس لاءِ عراق جي حوالي سان نئون آندل گروپ ڪي وڏيون تبديليون آڻڻ بدران وڌيڪ سنگين فوجي حڪمت عمليون ۽ گُر سوچڻ ۾ رُڌل آهي.

    عراق اسٽڊي گروپ (آءِ ايس جي) جي چوويهن ڪلاڪن تي ٻڌل رپورٽ جي (فقط) چند مثبت تجويزن کي بش مڃڻ بدران رد ڪيو، ان ۾ خاص ڪري ايران ۽ شام سان ڳالهه ٻولهه وارو نقطو به شامل آهي. وال اسٽريٽ جرنل مطابق واشنگٽن جو انهن تجويزن تي غور ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي ۽ عراق جي معاملي تي وڏي پئماني تي تنقيد باوجود به عراق مان آمريڪي فوجين جي بي دخلي ناممڪن ٿي لڳي. عراق اسٽڊي گروپ جي اڪثر تجويزن تي جيڪڏهن عمل ڪجي ته عراقي ماڻهن جي موت، دربدري ۽ اذيت ۾ اضافو ئي ٿيندو، ڇو ته رپورٽ ۾ عراق مان نڪرڻ جي ڪا به ڊيڊ لائين ڏنل ناهي. رهندو پُر زور اصرار آهي ته هن خطي ۾ فوج جي موجودگيءَ کي نه رڳو مضبوط ڪيو وڃي، پر ڪويت، بحرين ۽ قطر ۾ زميني، هوائي ۽ بحري پوزيشن مضبوط ڪئي وڃي ۽ ساڳي وقت افغانستان ۾ به موجودگيءَ جي ضرورت کي چٽيءَ طرح واضح ڪيو ويو آهي. عراق ۾ به لڳ ڀڳل ساڳي صورتحال آهي، جيڪا ويٽنام ڀيري هئي.

    وڌيڪ فوج موڪلڻ:

    اهو چوڻ ته عراق ۾ وڌيڪ آمريڪي فوج موڪلي صورتحال مستحڪم ڪبي ۽ امن قائم ڪبو، خام خيالي آهي، ڇو ته حقيقت اها آهي ته خود آمريڪي فوج وڳوڙ جو سبب آهي. فوج جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌاري فرقيواريت کي وڌايو آهي. مائيڪل شوارز جي تجزيي مطابق ته، ”بجاءِ ان جي جو هڪ وڳوڙ واري شهر ۾ داخل ٿي امن قائم ڪجي، آمريڪا هڪ پُر امن شهر ۾ گهڙي ان ۾ وڳوڙ جا سبب پيدا ڪيا آهن.“ حقيقت اها آهي ته ڪيترن ئي آمريڪا مخالف شهرن جهڙوڪ تَل اَمزَ ۽ رمدي وغيره ۾ ڪافي امن آهي، ڇاڪاڻ جو اتي آمريڪي فوج ناهي. خود سندن عراق اسٽڊي گروپ جي رپورٽ مطابق ته فوج وڌائڻ سان عراق ۾ 43 سيڪڙو وڳوڙ واڌ کاڌي آهي ۽ اها فقط جون 2006ع کان وٺي آڪٽوبر 2006ع تائين جي رپورٽ آهي. يشوارز جي بيان مطابق: ”آمريڪي فوج جو شيعا پاڙن ۾ گشت لوڪل تحفظ کي ڪمزور ڪري جهادي حملن جي امڪان کي وڌائي پيو، جڏهن ته سني علائقن ۾ آمريڪي فوج جو دخل صورتحال کي ويتر خراب پيو ڪري، ڇو ته آمريڪي فوجي جتي به عراقي آرمي يونٽ قائم ڪن پيا، انهن ۾ گهڻو تڻو شيعا فوجي رکن پيا، جنهن جي نتيجي ۾ شيعه ۽ سني وڳوڙ وڌي پيو. سني علائقن ۾ شيعا مليشيا جي گشت سني مزاحمتي ويڙهاڪن ۾ تيش وڌايو آهي، نتيجي ۾ جهادي پيدا پيا ٿين، جيڪي خودڪش ۽ ٻين حملن ذريعي تباهي ڪن پيا، جنهن جي جواب ۾ شيعا اسڪواڊ وڌيڪ سفاڪ حملا ٿا ڪن.

    سياسي ۽ تحقيقي طاقتور:

    عراق اسٽڊي گروپ جي رپورٽ مطابق عراق جي سياسي طور سجاڳ مزاحمت کي منهن ڏيڻ آمريڪا لاءِ ڏکيو آهي، عراقي فوج جي ڪيتري به تربيت ٿيل هجي، پر مزاحمتي گروهه جي سياسي ڪمٽمينٽ ان تي حاوي رهندي.

    ايران ۽ شام کي جنگ جو حصو بڻائڻ:

    عراق اسٽڊي گروپ جي رپورٽ مطابق عراق ۾ ڪشيدگي اندرين بدران ٻاهرين قوتن جي ڪري آهي (شام ۽ ايران ڏانهن اشارو). بلڪل ايئن جيئن ويٽنام جنگ دورن ماسڪو ۽ بيجنگ تي دهشتگرديءَ جو الزام پئي هنيو ويو. هن ڀيري ايران ۽ شام تي حزب الله ۽ القائده جي حوالي کان الزام پيو هنيو وڃي ته اهي وڳوڙ جا اصل ذميوار آهن. آمريڪا جا اهي هٿيار پراڻا آهن، ۽ وائکا ٿي چڪا آهن. هاڻي بي بنياد الزامن ذريعي ايران ۽ شام سان ڳالهين لاءِ رستن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن جو نتيجو فقط ”عراق ۾ امن قائم ڪرڻ“ چيو پيو وڃي. Financial Times مطابق ايران سان ڳالهين لاءِ ضروري آهي ته ايران پهرين پنهنجي نيوڪليئر پروگرام کي ختم ڪرڻ لاءِ حامي ڀري.

    آمريڪي فوج جي واپسي:

    اهو چوڻ ته جيئن ئي عراق ۾ ”امن امان“ قائم ڪرڻ وارو مقصد حاصل ٿيندو، آمريڪا فوجون واپس گهرائيندو. اها فقط لفاظي آهي، ۽ ان تي عمل جي آمريڪا وٽ ڪا به گنجائش ناهي. ڊونالڊ رمسفيلڊ استعيفيٰ کان پهرين پنهنجي ڳجهي ميمورينڊ ۾ (جيڪو پوءِ ليڪ ٿيو) 6 نومبر تي چيو ته، آمريڪي مشن ۽ مقصد کي وري ٻيهر (ٿوري گهڻي تبديليءَ سان) آندو وڃي. مطلب ته لفظن جي ڦير ڦار سان ساڳيا مقصد نوان ارادا کڻي اچن ته جيئن هڪ ڀيرو وري صورتحال کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي.

    آمريڪي فوج کي عراق ۾ ٻيهر نئين سر سيٽ ڪرڻ:

    14 نومبر 2006ع تي ڊيموڪريٽس سينيٽر رس فين گولڊ بل پيش ڪيو ته پهرين جولاءِ 2007ع تائين فوج کي نئين سر مقرر ڪيو وڃي. تنهن جو به ساڳيو مطلب ته آفيسرن جي هتان کان هُتان بدلي ڪجي، پر ملٽري بيس قائم رهي، جيئن حالتن آهر فوج کي تڪڙو متحرڪ ڪري سگهجي. گڏو گڏ گهڻو مدار هوائي جهازن ۽ طاقت تي رکي پنهنجا مقصد حاصل ڪجن.

    عراق جو ورهاڱو:

    آمريڪي سياستدانن ۽ حڪومتي تجزيي نگارن مطابق صورتحال کي پُر امن ڪرڻ لاءِ عراق کي ٽن آزاد ملڪن ۾ ورهايو وڃي، يا وري ملڪي فيڊريشن واري نظام تحت ٽن خودمختيار رياستن ۾ ورهايو وڃي. عراق جو اهڙو ورهاڱو فرقيواريت جي وڏي پيماني تي خاتمي کان سواءِ ممڪن ناهي. اڪثر علائقن ۾ شيعا، سُني، ڪردن ۽ ترڪن جي گڏيل آبادي آهي ۽ وچ ۽ اولهه ۾ جيڪڏهن سُنين جي سرسي هجي به کڻي ۽ عراق جي ٽن ٽڪرن ڪرڻ واري تجويز تي کڻي عمل به ڪجي ته به وچ اولهه وارا سُني اڪثريت وارا علائقا، جيڪي اترين ۽ ڏاکڻي پاسن کان آهن (جيڪي تيل ۾ امير آهن) سي غريب ئي هوندا.

    وائيٽ هائوس ۽ پينٽاگون جي نئين جوا:

    2006ع جي شروع ۾ واشنگٽن لبنان ۾ اسرائيل ذريعي خوني ڊرامي کي اسپانسر ڪيو، ان اميد سان ته جيئن پنهنجي حڪمت عملي کي پراثر ڪرڻ وارا مقصد ماڻي سگهجن. اها جوا بري طريقي سان ناڪام وئي. تنهن هوندي به هاڻي عراق واري معاملي تي هڪ ٻي جوا کيڏڻ جو خيال پيش ڪيو ويو آهي. وائيٽ هائوس ۽ پينٽا گان مطابق ايران کي ڌمڪيون ڏئي عراق مان مقصد حاصل ڪجن.

    وائيٽ هائوس پير پٺتي ڪري:

    عراق جي صورتحال جو فقط هڪڙو ئي حل آهي، سو آهي آمريڪا جي مڪمل ۽ غير مشروط واپسي. گڏوگڏ آمريت ۽ ڏاڍ جي نتيجي ۾ جيڪو به مالي، جاني ۽ جذباتي نقصان ٿيو آهي، اهو به ڀري ڏجي. پر نيويارڪ ٽائيمز مطابق ڊيموڪريٽس جي کٽڻ باوجود به عراق مان فوج جي تڪڙي واپسي ممڪن ناهي. واشگنٽن ۾ بحث آهي ته اصولن ۽ مقصدن ۽ حڪمت عملي کي تبديل ڪرڻ بدران طريقئه ڪار ۾ تبديليون آڻجن. اصولن تي اٿندڙ بحث نسلي سوال کي جنم ڏئي پيو. مثال طور ماهر پڇن ٿا ته ڇا آمريڪا مسلمانن ۽ عربن کي بيمار سماج سمجهندي انهن تي جمهوريت آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ بئرڪ اوباما پنهنجي مشهور تقرير ۾ بُش حڪومت تي ان حوالي سان تنقيد ڪئي ته ”ڄڻ عراقين 2003ع ۾ پاڻ آمريڪا کي عرض ڪيو هو ته سندن آزاد ۽ خودمختيار ملڪ تي رات پيٽ ۾ قبضو ڪري!“

    آمريڪا جا وچ اوڀر ۾ مقصد:

    جيئن جيئن عراق جو بحران کلي سامهون اچي پيو، تيئن ئي آمريڪا جا وچ اوڀر ۾ مقصد به واضح ٿين پيا. هن المناڪ ڊرامي جو پهريون ايڪٽ اهو هيو ته واشنگٽن عراق ۾ داخل ٿئي، آمريت کي هٽائي نئين ڪلائنٽ حڪومت آڻي. (يعني وچ اوڀر جي استحڪام ۽ بيلنس آف پاور ۾ وڏي تبديلي آڻي.) بغداد کان پوءِ ايران ۽ شام ڏانهن مارچ ڪري. انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ کان اڳ ئي واشنگٽن ڊرامي جي ٻئي ايڪٽ تي اچي ويو. عراق ۾ فرقيواريت پيدا ڪري آمريڪا پنهنجا پير کپائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهو سوچي ته عراق ۾ داخل ٿي ئي ايران ۽ شام کي ڪمزور ڪري سگهبو ۽ علائقي ۾ پنهنجي ۽ اسرائيل جي پوزيشن مضبوط ڪري سگهبي، پر آمريڪا پنهنجي مقصد جي ابتڙ نتيجا حاصل ڪيا آهن. المناڪ ڊرامي جو ايڪٽ پهريون ۽ ٻيو پورا ٿيا، ٽيون ايڪٽ شروع ٿيو آهي. سڀ ڪو سمجهي ٿو ته عراق ۾ هلندڙ خوني ڊرامي جا ڪجهه مرحلا اڃا باقي آهن. عراق ۽ وچ اوڀر آمريڪا لاءِ سياسي حوالي کان ايترا ته اهم آهن، جو جيڪڏهن هن مهل آمريڪا پوئتي هٽيو ته کيس ويٽنام واري صورتحال کان به وڌيڪ اگرا نتيجا ڏسڻا پوندا.

    جيڪا به تباهي عراق ۾ ٿئي پئي، اها نظر انداز نٿي ڪري سگهجي ۽ اهو به ته جنگ ڪيستائين جاري رهندي؟ ڇا جنگ ايران ۽ شام کي به ڇڪي ايندي؟ اهي ڪجهه سوال آهن، جن جا جواب هر ڏينهن جي نئين صورتحال ڏيندي ويندي. هاڻي حل جو گهڻو تڻو مدار عراقي ماڻهن ۽ عراقي فوج تي آهي. جيتوڻيڪ جنگ بندي (فساد جي خاتمي) جون ڪوششون شروع ٿي چڪيون آهن، پر هڪ منظم ۽ فيصلا ڪن جنگ بندي ۽ آزاديءَ لاءِ باقائدي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، جيڪا عراق مان اڀرڻ کپي. آمريڪا 6 6 9 1 ع ۾ ويٽنام خلاف جنگ هارائي ۽ سالن تائين ٿيل نقصان کي نتيجن جي صورت ۾ ڀوڳيو به، پر هاڻي کيس ان ورجاءَ جي قطعي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ويٽنام واري جنگ هڪ ٻيو سبق به ڏنو ته جڏهن عوام منظم ٿي ڳالهائي ته طاقتور کان طاقتور ۽ بي پرواهه ملڪ ۽ حڪومت کي خوفزده ڪري ڪمزور ڪري سگهجي ٿو. انڊو چائنا ۾ جنگ بندي ملڪ جي ماڻهن جي ۽ بين الاقوامي پريشر کان سواءِ ممڪن نه هئي، اهو ئي سبق آهي، جيڪو عراق کي ويٽنام کان سکڻ جي ضرورت آهي.
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه سحر گل ڀٽي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    جديد دور ۾ سنڌي عورت جي سياسي ۽ سماجي حيثيت ۽ ذميواريون



    اڱارو 3 اپريل 2007ع

    هي دور سنڌ لاءِ ڪيترن ئي حوالن کان اهم دور آهي، جنهن ۾ هڪ پاسي اولهه ۽ يورپ جا سماج وڏيون ٻرانگهون ڀري سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ اڳتي وڌن پيا، ته ٻئي پاسي بين الاقوامي تعلقات جا ڏاها دنيا جي قومن جي وچ ۾ سياسي، سماجي، نسلي ۽ مذهبي باهميت جي حوالي کان نوان بحث کولي ويٺا آهن ۽ اُهي امڪان ڦلهورين پيا ته ڪيئن دنيا کي گلوبل سول سوسائٽي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، ته جيئن ڪنهن به مت ڀيد کان سواءِ دنيا جون قومون پاڻ ۾ برابريءَ سان رلي ملي وڃن. وٽن اسان جيان سڃاڻپ ۽ قومي تشخص جهڙا مسئلا ناهن رهيا. پنهنجيون قوميتون، ٻوليون ۽ ثقافتون ملهائي، منجهن نواڻ آڻي ويٺا آهن. ان ڪري قوم در قوم ميل ميلاپ جهڙا خواب ڏسڻ جا اهل ٿي پيا آهن، جڏهن ته اسين هن ملڪ ۾ رهي ڪري پنهنجي تاريخي تهذيبي ورثي کان لڳ ڀڳ هٿ ڌوئي ويٺا آهيون. جيستائين ان تهذيبي ورثي کي واپس حاصل ڪري نٿا وٺون، تيستائين گلوبل سول سوسائٽي جو سرگرم ڪردار ٿيڻ ته پري جي ڳالهه آهي، اسين اولهه ۽ يورپ ۾ شروع ٿي ويل سماجياتي بحثن جهڙا موضوع به سنڌ ۾ شورع نٿا ڪري سگهون. اسان کي ساڳي ئي وقت مختلف محاذن تي جدوجهد ڪرڻي پوندي، جيڪو ڪم ڏکيو کڻي ڪيترو به هجي، ناممڪن ناهي.

    سنڌ کي هڪڙو planned ايجنڊا کپي، جيڪا ترقي اسين سنڌ ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا ان جو خيالي خاڪو ڪڍڻ جي ضرورت آهي. ايجنڊا تيار ٿيندي ته اها لسٽ ڊگهي هوندي، جيڪا ذهن ساز (ذهن تيار ڪندڙ) دماغن، سرگرم ڏاهن ۽ دنيا جي علم ۽ منطق کي سمجهندڙ ڪردارن جي گهرجائو هوندي. اهڙي سنڌي محقق جي گهرجائو هوندي، جيڪو نئين سنڌ کي اڏاوت ڪري سگهي. جنهن جي گهڻ پاسائين اڏاوت لاءِ علم جي وسعت سان آراسته ذهن کپندا آهن. ان سڄي تمهيد جو مطلب اهو آهي ته سنڌ اهڙي معيار جي کيپ شايد ئي تيار ڪري سگهي، جيڪڏهن ان ۾ مرد سان گڏ عورت به مڪمل برابريءَ سان شامل ناهي.

    هن دور جي اشد ضرورت (ايجنڊا جو هڪڙو نقطو) اها به آهي ته سنڌي عورت جي سياسي ۽ سماجي ڪردار تي سوچجي ۽ سندس ذميواريون طئي ڪجن. گلوبلائيزيشن ۾ ترقي يافته ملڪن جي ٽيبل تي عورتن جي حوالي کان بحث ئي نوان اچي ويا آهن ۽ ان جو سبب اهو آهي ته اهي ملڪ عورتن جي آزاديءَ جي حوالي کان انهن مرحلن مان ڪڏهوڪا گذري چڪا آهن، جن مرحلن مان اڄ اسين گذرون پيا.

    اسان وٽ سنڌي عورت جي آزاديءَ جي حوالي کان بحثن جا موضوع به اسان جي ڪلچر جي پسماندگيءَ جي نشاندهي ڪن ٿا. اسان وٽ لاڳيتو جيڪا سياسي، اقتصادي ۽ سماجي بحران واري صورتحال رهي آهي، ان صورتحال سماجي بيمارين جو درمان ڪرڻ بدران انهن کي پيئي سانڍيو آهي، ان ڪري پراڻا موضوع قائم آهن. پر هاڻي جيئن ته هن ديس جي قسمت ۾ هڪ ٻئي پٺيان آمريتون اينديون رهيون آهن، اڳتي جي به خبر ناهي ته ملڪ کي خارجي گهرجن موجب ڪهڙي داخلي صورتحال پيدا ڪرڻي پوي ۽ بحران قائم رهي، بهتر آهي ته انهن مسئلن هوندي به اسين ڪوشش ڪريون ته دنيا ۾ هلندڙ سياسي ۽ سماجي ادب کي نظر ۾ آڻيندا رهون، ته جيئن عام سوچ ۽ موضوع بين الاقوامي حالتن پٽاندر تبديل ٿيندا ۽ ارتقا ڪندا رهن.

    يورپ ۽ اولهه جي عورت بيشڪ علم ۽ تدريس جي موقعن ۽ ڀرپور سهولتن ڪري ڏاڍي تيزيءَ سان ترقي ڪري پئي. تنهن هوندي به اولهه جي ميڊيا جيڪا عورت جي سماجي حيثيت ۽ ڪردار ڏيکاري ٿي، اهو بنهه غير منطقي ۽ عقليت کان وانجهو آهي. ان ڪري لازمي ناهي ته اسين جيڪڏهن سنڌي عورت جي آزاديءَ جي حوالي کان رستا سوچيون، ته ان ۾ اُهي به شامل ڪريون، جيڪي (خاص ڪري) اولهه جي ميڊيا ڏيکاري ٿي. شين کي عملي طور تي حاصل ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته پهرين خيالي خاڪو ڇڪجي. اسين نٿا چاهيون ته سنڌياڻيءَ جي سماجي ۽ سياسي حيثيت ۽ ڪردار کي اولهه جي ميڊيا جي حوالي ڪري ڇڏيون، ته اها جيئن چاهي تيئن برين واش ذريعي اهڙا ته عجيب ۽ غريب خيال/ خواب عورتن حوالي ڪري ڇڏي، جن جي حاصلات عورت کي سماج جي اهم ادارن کان لاتعلق ڪري رڳو درسني آڏو بيهاري ڇڏي. اهو طئي ٿيو ته ضروري ناهي ته اولهه جا ۽ يورپي ملڪ هر حوالي کان درست رستو اختيار ڪندا هجن.

    سرمائيداري نظام ۾ مختلف ادارن جون ادارتي قوتون سرمايي، خريد ۽ فروخت جي حوالي کان سواءِ سوچين به نٿيون. هن نظام جي جيئاپي لاءِ ضروري آهي ته عام ماڻهو وڌ ۾ وڌ ماديت پرست ٿئي، مادي شين پٺيان ڊوڙي ته جيئن دنيا جون خاص صنعتون ترقي وٺن ۽ وٽن سرمايو هر ڏينهن ٻيڻو ٿئي. اسان کي ان صورتحال ۾ تمام گهڻي سوچ ۽ ويچار کان ڪم وٺندي سنڌي عورت جي سياسي ۽ سماجي ڪردار ۽ ذميوارين کي خيالي حوالي کان طئي ڪري، انهن تي بحث شروع ڪري ڏيڻ کپي. اهو جلد از جلد ان ڪري به ڪرڻ کپي، جو ميڊيا جون قوتون تمام تيزيءَ سان ذهنن ۾ نوان خواب، خيال، خواهشون ۽ ضرورتون پيدا ڪنديون پيون وڃن. اهڙي چٽا ڀيٽي پيدا ڪن پيون، جنهن جي نتيجي ۾ لازمي طور تي ڪجهه صنعتون فائدو وٺن پيون. ان سان قومن جي تاريخ جي شڪل اهڙي ٺهي پئي، جيڪا اسين اڄ تصور ۾ به قبول ڪري نٿا سگهون.

    سنڌ ۾ عورت جي موجوده حيثيت:

    يورپ جنهن ڏاڪي تان صديون اڳ گذري چُڪو هو، تنهن تي اسين اڄ به بيٺا آهيون. Linda Pollock پنهنجي آرٽيڪل ”جديد انگلينڊ جي شروعاتي دور ۾ عورت جي حيثيت“ ۾ لکي ٿي ته، ”جديد انگلينڊ جي شروعاتي دور ۾ مرد ۽ عورت جا سماجي ڪردار طئي ٿيل هئا، ته مرد فرمان جاري ڪندو ۽ عورت تابعدار هوندي، ڇوڪرين کي علم ۽ اخلاق جي تعليم فقط ان ڪري ڏني وڃي، ته جيئن هو ور ڳولهي سگهن.“ سندن سياسي ۽ سماجي، خارجي حالتن ۾ ڪهڙو ڪردار هجي، اهي سندن موضوع ئي نه هئا.... اهڙي ملندڙ جلندڙ صورتحال اسان وٽ اڄ به موجود آهي، جڏهن ته يورپ ان حوالي کان وڏي پيماني تي تبديل ٿي چڪو آهي. اسان کي هرو ڀرو يورپي ثقافت ڏانهن ڇال هڻڻ جي ضرورت ناهي، اسان کي فقط دنيا جي تڪڙي تبديليءَ کي نظر ۾ رکندي پنهنجين حالتن آهر سنڌي عورت جي نئين ڪردار کي تشڪيل ڏيڻو آهي.

    آئيڊيل عورت بابت يورو- ويسٽرن مفروضا:

    چون ٿا ته برلن ديوار ڪرڻ کان پوءِ واري صورتحال ۾ اولهه ۽ اوڀر جي ماڻهن ۾ عورتن جي خوبصورتيءَ بابت ٻه انتهائي مختلف خيال هئا، ڇو ته سوشلسٽ رياستن عورتن جي نسوانيت ۽ عورتپڻي بدران سندن ذهني ۽ عقلي واڌ تي زور پئي رکيو، جڏهن ته سرمائيداري رياستن ۾ عورت جي جسماني نماءَ ۽ ٺاهه ٺوهه کي وڌيڪ اهميت پئي ڏني وئي. انهن مثالن کي به ذهن ۾ رکڻو پوندو ته نيٺ سنڌي عورت لاءِ ڪهڙيون شيون/ رويا اتساهه ڏياريندڙ هجن. جيتوڻيڪ رائج نظام جي جُڙيل تصورن جي غير منطقي نوعيت کي سوال ڪرڻ سولو ناهي، انهن کي ڊاهڻ ويتر ڏکيو ڪم آهي. تنهن هوندي به اسين انهن موضوعن تي ضرور به بحث شروع ڪري ڏيون ۽ سوچ جي نئين ڪلچر کي جنم ڏيون، جيڪو عورت دوست ۽ سماج دوست هجي. اها ڳالهه به سمجهڻ جي ضرورت آهي ته غلط مفروضا ڦهلائيندڙ عنصر طاقتور ادارن جي صورت ۾ قائم آهن، پر تنهن هوندي به منطق جي طاقت انهن کان ڏهوڻي آهي.

    (1) هڪ مفروضو اهو ته عورت لاءِ سياست، انقلاب، جاڳرتا، ليڊرشپ جهڙا لفظ، خيال ۽ ڪردار عورت جي صنفي حياتياتي، فطري حقيقتن جي ابتڙ آهن. ان ڪري مرد بنسبت عورت جي، سياسي ۽ رياستي ادارن ۾ وڌيڪ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ عورت گهر ٻار ۽ چار ديواريءَ ۾ پاڻ کي وڌيڪ بهتر ۽ محفوظ محسوس ڪري ٿي. اهڙا مفروضا ۽ انهن تي عقيدو ۽ عمل ڪنهن به سماج تي ڪاپاري ڌڪ کان گهٽ ناهي. سماج جي اڌ آباديءَ کي اهم سماجي ادارن کان الڳ ڪرڻ سماج جي چيلهه ڀڃڻ برابر آهي. مٿان گهر ۽ ٻار جي ذميواري فقط عورت تي رکي، مرد جي امڪاني گهريلو ڪردار کي ڪٽي مرد ۽ عورت، ٻنهي جي رشتي ۾ وڏو ڏار پيدا ڪيو ويو آهي، جنهن منجهن هم آهنگيءَ بدران مفاصلا وڌايا آهن.

    (2) ٻيو غلط مفروضو اهو ته، ”سينگار، زيور ۽ ٺاهه ٺوهه عورت جي فطرت آهي، يا وري جيڪا عورت سينگار نه پئي ڪري ۽ زيور نٿي پائي، سا غير عورت پڻي جو مظاهرو ڪري ٿي.“ هر انسان کي صاف سٿرو ۽ معطر رهڻ جو حق آهي، پر جي ان جي پٺيان دنيا جا ڪم ڪار ڇڏي ڏينهن رات لڳي پئجي، ته پوءِ ذهانت ۽ ڏاهپ تي سمجهوتو ڪرڻو پوندو.

    فلسفي جي ٻوليءَ ۾ ته ظاهري شڪل ۽ ڳُڻ گڏ هوندي به ٻه الڳ پاسا آهن، جن کي توازن ۾ رکڻ جي ضرورت آهي. جي ظاهر تي گهڻو ڌيان ڏبو ته اندر جي گهرائيءَ تي سمجهوتو ڪرڻو پوندو.

    (3) ٽيون مفروضو اهو ته، ”سينگار ۽ ٺاهه ٺوهه سان سونهن وڌي ٿي.“ اها سوچ به ميڊيا جو تحفو آهي، جنهن انساني اک ۽ دماغ کي ڪاسميٽڪس تي اهڙو ته هيرائي ڇڏيو آهي، جو ان بنا ڄڻ سندن جيئاپو ڏکيو ٿي پوندو.

    بلگيرين (Bulgarian) عورتن تي ٿيل ريسرچ بابت Kristan Ghodsee چوي ٿي ته، سوشلسٽ حڪومتن بنيادي ضرورتن جهڙوڪر: کاڌو، تعليم ۽ صحت فراهم ڪيا پئي پر جيئن ئي سندن زور ٽٽو ۽ ماڻهو سرمائيداري نظام جي آزاد مارڪيٽ جي پروپيگنڊا ۾ اچي ڪري جڏهن ٿورو وقت هليا، ته مٿن ظاهر ٿيو ته سرمائيداري نظام جي آزاد مارڪيٽ جو مطلب هرگز شيون مهيا ڪرڻ نه هئو، فقط خواهشون ۽ انهن جي ازلي حاصلات لاءِ چٽا ڀيٽي پيدا ڪرڻ هو. گڏو گڏ اهي خواهشون عجيب و غريب وهمن ۽ عقيدن تي ٻڌل هيون. هڪ بلگيرين عورت چواڻي،

    ”دنيا جي هر عورت خوبصورت ٿيڻ چاهي ٿي، اولهه جي عورت واقعي به خوبصورت آهي، جو وٽس سينگار ۽ نماءَ جا اڻ ڳڻيا سامان ۽ ذريعا ميسر آهن.“

    ايئن فقط بلگيرين عورت ئي نه، پر دنيا جي لڳ ڀڳ هر عورت ائين سوچي ٿي ۽ ڪيترائي مرد به ان سوچ جو شڪار آهن. عجيب ڳالهه اها آهي ته، دنيا جي هر عورت استاد، ڊاڪٽر، سائنسدان، انجنيئر، اسڪالر، دانشور ۽ ڏاهي ڇو نٿي ٿيڻ چاهي، فقط خوبصورت ئي ٿيڻ ڇو ٿي چاهي؟ ظاهري خوبصورت ٿيڻ ڪهڙي منزل آهي؟ ۽ اها ڪهڙي ماديت پرست سوچ آهي ته جنهن وٽ سينگار ۽ نماءُ جا گهڻا سامان آهن، فقط اها سهڻي آهي؟ ڀلا جنهن وٽ سينگار ۽ نماءَ لاءِ پئسو ناهي، سا سهڻي چوائڻ جي حقدار ناهي؟ ٻيو اهو ته، ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته جيڪڏهن ڪا عورت سائنسدان ٿيڻ چاهي ٿي ته ان سان ملڪ ۽ انسانيت کي فائدو رسندو، پر جي اها فقط سهڻي ٿيڻ چاهي ٿي ته ان سان خلق کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ٿوري دير لاءِ سوچجي ته جيڪڏهن مرد به نماءَ واري ان چٽا ڀيٽيءَ ۾ شامل ٿين ته دنيا جي ڪهڙي صورتحال بيهندي؟

    اقتصاديات مطابق ”بارٽر سسٽم“ اوائلي دور ۾ شين جي ڏي وٺ جو پهريون مارڪيٽ جو نظام هو، پر ڪهڙي خبر هئي ته جديد دور ۾ انيڪ ڪوڙين خواهشن تحت پئسن عيوض ڏيکاءُ ۽ جسم ”بارٽر“ ٿيندا. ڄڻ غلامداري دور ايڪيهين صديءَ ۾ نئون روپ وٺي آيو آهي ۽ ميڊيا ان جي وسيع ڦهلاءَ جو ذريعو آهي. ڇا ميڊيا کي عورت جي وڪري جي صنعت سڏجي؟ جسماني ٺاهه ٺوهه ۽ نه وري نماءَ ڪي اهڙا وکر آهن، جيڪي ڪلاسيڪي علم ۽ فن جيان آدجڳاد تائين قائم رهن.

    نماءَ جي عمر جَرَ ڦوٽي جيتري آهي. خود قومن وٽ جنهن شيءِ کي حقيقي دولت چئبو آهي، سو علم آهي، فلسفو، ڏاهپ ۽ وجدان آهي. اسين يونان کي سندس فلسفي لاءِ ساراهيون ٿا، نڪي فيثا غورث (پائٿا گورس) دور جي عورتن جي سونهن کي. تاريخي ڪتابن ۾ قومن جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ جا داستان قلمبند ٿيل آهن، نه ڪي اهو ته، فلاڻي دور ۾ فلاڻي عورت ڪيتري، گهٽ، وڌ سهڻي لڳي پئي. تاريخ ڪنهن ٻئي عمل سان ٺهندي آهي. هن دور ۾ سينگار ۾ ڏهه هٿ اڳتي نڪري عورتون ڪا به تاريخ نه پيون ٺاهين. ان کان ڀلي تاريخ ته ڳوٺ جي ڀرت ڀرڻ، رلي ٽڪڻ واري عورت ٺاهي ٿي، جيڪا ڪو فن پارو نه ڏئي ٿي.

    دنيا جي ٽن صنعتن الڳ الڳ حوالن کان ڳرا نقصان ڏنا آهن: هڪڙي هٿيارن جي صنعت، ٻي ڪاسميٽڪس جي صنعت ۽ ٽئين شو بزنس جي صنعت. هٿيارن جي صنعت دنيا جي اڌ آباديءَ جي هٿن ۾ بارود ڏئي دنيا جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو، باقي ٻن صنعتن دنيا جي اڌ آباديءَ کي نمائش ۾ لڳائي ڇڏيو، اهو هڪ وڏو الميو آهي.

    آئيڊيل عورت جون ٻه مختلف وصفون:

    آئيڊيل عورت جون ٻه وصفون آهن، هڪ اها، جيڪا آزاد ۽ خوشحال ملڪن جي ميڊيا ڏيکاري ٿي ۽ ٻي وصف رجعت پرست ۽ غريب ملڪن جي ميڊيا ڏيکاري ٿي. آزاد ۽ ترقي يافته ملڪن جي ميڊيا مطابق آدرشي عورت جو خاڪو الهڙ، شوقين، ڪپڙن ۾ اڌ ڍڪيل يا پوري اڻ ڍڪيل، رنگن، زيورن ۽ خوشبوئن ۾ وهنتل (ميڊيا جي ٻوليءَ ۾) اسٽائلش آهي، جنهن جي زندگيءَ جو عظيم مقصد جسماني سونهن کي ميڪ اپ سان وڌائڻ آهي. ٻي وصف اها، جيڪا اسان جهڙن ملڪن جي ميڊيا ڏيکاري ٿي. نازڪ، هيڻي، شرميلي، دڙڪي ۽ کڙڪي تي ڊڄڻ ۽ ڪنبڻ واري، پتڪڙي ڪم لاءِ گهر جي مرد تي پاڙڻ واري عورت پاڻ وٽ آئيڊيل سڏي وڃي ٿي. پاڻ وٽ به ميڊيا اولهه جي پوئواري ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي. فيشن شو، ڪيٽ واڪ شو، مس ورلڊ، مس انڊيا، مس پاڪستان جهڙيون نمائشون ڪرڻ، عورتن جي لباس کي مختصر ڪندو وڃڻ جهڙن خيالن جي خوب نقل ڪئي آهي. ميڊيا خواهشن جي صنعت جو ڪردار ادا ڪري پئي، ان مفروضي سان ته اها ”پبلڪ ڊمانڊ“ آهي. بدبختي اها ته، ڏسندڙن به اهو سمجهڻ شروع ڪيو آهي ته جيڪو ميڊيا ڏيکاري ٿي، اها سندن گهرج آهي. ان صورتحال کان سنڌي سماج پنهنجي سنڌياڻيءَ کي ڪيئن ٿو بچائي سگهي، ان تي سوچڻ ۽ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته سنڌ جي تبديلي ۽ ترقي مرد سان عورت جي ساٿ ۽ همراهيءَ کان سواءِ ناممڪن آهي. ان ڪري سنڌي ماڻهن کي اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته سرمائيداري نظام، جيڪو بزنس، فري مارڪيٽ ۽ آزاد کاپي (Free consumption) جي ڳالهه ڪري ٿو، اهو دراصل هر شيءِ جي وڪري لاءِ ادارا پيدا ڪري ٿو، ايستائين جو جسم جي وڪري لاءِ به ادارا ٺاهي ٿو. مشيل فُوڪو (Michel Foucault) مطابق ته، سول سوسائٽي تي پابنديون مڙهڻ ۽ سندن آزادي صلب ڪرڻ سان سرمائيداري نظام کي وڌيڪ آڪسيجن ملي ٿي.

    جديد سنڌ ۾ عورت جو خاڪو:

    اها صورتحال فقط پاڻ وٽ نه پر اولهه ۽ يورپ ۾ به آهي ته، جيڪڏهن ڪا عورت برجستي هجي، اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ جي سگهه رکندي هجي، وٽس پنهنجي راءِ، مرضي ۽ خواهش هجي، اها سٺي يا نارمل نٿي سمجهي وڃي. يورپي جي اڪيڊميا انهن موضوعن تي بحث شروع ڪري ڏنا آهن. ان پنڌ ۾ اسين بهرحال شروعاتي پيچرن تي آهيون.

    سنڌياڻي علم، تدريس سان گڏ سائنسي، سماجي ۽ سياسي سرگرمين ۾ متحرڪ ٿئي، بهادريءَ سان آڏو اچي رايا ڏئي ۽ ثابت ڪري ته برجستگي، بهادري، سياسي سمجهه مرد ۽ عورت ٻنهي جي خصلت ٿي سگهي ٿي. سنڌي ماڻهن ۾ اها سمجهه واضح ٿئي ته سماجي ڪردار ۽ ذميواريون طئي ڪرڻ ۾ صنف ۽ جنس جو نه، پر ڪلچر جو هٿ آهي، جنهن مرد ۽ عورت جي جسماني ۽ حياتياتي حقيقتن کي کڻي سندن مختلف ڪردار ڊزائين ڪيا آهن. بورچيخاني ۽ چار ديواريءَ کان ٻاهر جي دنيا کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن خاص صنف سان جنم وٺڻ جي ضرورت ناهي. رڳو حالتن پٽاندر رجعت پرست سوچ کي لوڌڻ جي ضرورت آهي، نتيجتاَ عورت مرد جيان سماج جي هر پهلوءَ ۾ اڀري ايندي.

    مستقبل جي سنڌ ۾ اهو ڪلچر ڏسڻ عجيب ٿو لڳي، جنهن ۾ عورت جيڪڏهن بزنس ڪندي ته بيوٽي پارلر کوليندي ۽ جي ڪو شعبو کڻندي ته ٽيچنگ يا ڊاڪٽري هوندو. ڇا عورت لاءِ سياسي ۽ رياستي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ ڏکيو آهي؟ رياست جي معاملن کي سمجهڻ، ان جي جوڙجڪ ۽ ڪمن جو تنقيدي جائزو وٺڻ ڏکيو آهي؟ حقيقت ۾ قانون سازي ۽ فيصله سازيءَ ۾ عورت جي شموليت شايد وڌيڪ انسان دوست ۽ حساس قانونن ۽ نظام کي جنم ڏئي. رياستي ادارن ۾ عورت جي اچڻ سان جڏهن سندن آواز فيصلي سازيءَ ۾ شامل ٿيندو ته پاڻ مرادو ادارن جي نئين سر تشڪيل جو ڪم به شروع ٿي ويندو. خاندانن کي گهرجي ته تعليم، اظهار جي آزادي ۽ ٻين حوالن کان گهر جي نياڻين کي پُٽن برابر موقعا ڏين. جن خاندانن ڌيئرون پُٽن برابر ٻاهر آنديون، انهن نينگرين سماج ۾ وڏا مقام ماڻيا آهن.

    جيئن مون مٿي بيان ڪيو ته، دنيا ۾ هاڻي بحث جا موضوع مٽجن پيا. اسان کي انهن تائين پهچڻ لاءِ موجود نام نهاد ڪلچر کي ”ري اسٽرڪچر“ ڪرڻو پوندو. وڏي منزل پئي آهي اسان کي گلوبلائيزيشن جي دور ۾ يورپ برابر وک کڻڻ ۾. اسان ته اڃا پٻ جا پهاڙ به پار ناهن ڪيا. محمد خان مجيديءَ جي لفظن ۾ ته،

    اهي ته پَٻَ جا پهاڙ اوري،

    پنهل جا پيرا اڃان به اڳتي!
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه سحر گل ڀٽي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    آپريشن ڪلين اپ، رهيل امڪاني ايڪٽ ۽ ميڊيا جو ڪردار



    آچر 15جولاءِ 2007ع

    آخرڪار آپريشن ”سائلينس“ واري ”ڊرامي“ جو اهم ايڪٽ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. ڏيهي ۽ پرڏيهي ميڊيا ۽ حڪومتي ترجمانن طرفان هاڻي متضاد ڳالهيون سامهون اچن پيون. تنهن هوندي به بش انتظاميا صدر مشرف مان تمام گهڻي مطمئن نظر پئي اچي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سندس پٺي ٺپري پئي وڃي. (پهرين به شايد بش حڪومت جي ٽن نمائندن جو پاڪستان اچڻ ۽ صدر مشرف کي شاباس ڏيڻ مان اهڙي آپريشن جي پلاننگ ڪرڻ پيو لڳي.) اڃان لال مسجد تي اڇليل بارود جي بوءِ ئي ختم نه ٿي آهي ته وائيٽ هائوس جي پنجن صفحن تي ٻڌل انٽيليجنس رپورٽ ۾ القاعده پاران امڪاني حملن جو خدشو ڏيکاريل آهي ۽ رچرڊ بائوچر اميد ڏيکاري آهي ته پاڪستان ”هميشه جيان“ هاڻ به، دهشتگرديءَ جي خاتمي واري سندن گلوبل مهم ۾ ”به“ ساڻن گڏ هوندو.

    لال مسجد جي ڪارروائيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ حڪومتي ڌرين ۽ ترجمانن، ڏيهي ۽ پرڏيهي ميڊيا طرفان جاري ٿيل خبرن ۾ تضاد ڪنهن ٻئي پوشيده سچ جي نشاندهي ڪن پيا، جنهن جي في الحال واضح خبر نه پئي پوي. فقط انومان آهن، جن سان ميڊيا جا ادارا ۽ عوام الجهندا پيا رهن. ملڪ جي گهرو صورتحال اها آهي ته صدر مشرف خلاف سياسي پارٽين ٻيهر اتحاد ٺاهيو آهي. سندس خلاف ترقي پسند ڌرين کان وٺي مذهبي شدت پسندن تائين سخت تنقيد پيا ڪن، پر جيئن ته ظاهر پيو ٿئي ته منجهانئن آمريڪي سرڪار گهڻي خوش آهي. حڪمران سوين ”مبينا“ دهشتگردن جو رت وهائي پنهنجي ڪمزور پوندڙ ڪرسيءَ جا پاوا ڪجهه مضبوط ڪندا نظر پيا اچن، پر متضاد خبرن عوام ۽ ميڊيا کي شڪ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڪجهه تفصيل هن ريت آهن:

    (1) غازي رشيد جي موت ۽ سمجهوتي بابت تضاد:

    اها ڳالهه هڪ معمو ئي آهي ته آخر برطانيا جي گارجين اخبار ڪهڙي بنياد تي 12- جولاءِ واري خبرن ۾ لکيو ته، ”غازي رشيد آپريشن دوران پنهنجي شدت پسند ساٿيءَ هٿان مارجي ويو!“ اهو به سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪجهه پرڏيهي اخبارن تمام وضاحت سان (بشمول گارجين، نيويارڪ ٽائيمز، دي انڊپينڊنٽ، واشنگٽن پوسٽ) اهو ڇو لکيو هو ته، ”غازي رشيد ڪنهن به قسم جي سمجهوتي کان انڪار ڪيو آهي، ۽ پاڻ هر حال ۾ شهيد ٿيڻ کي ترجيح ڏئي ٿو؟“ غازي رشيد مرڻ کان ڪجهه ڪلاڪ پهرين ئي بي بي سي اردو ريڊيو تي انٽرويو ۾ صاف چيو هو ته، جيڪڏهن سڀني کي صحيح سلامت ٻاهر ڪڍيو وڃي ته هو پيش پوڻ لاءِ تيار آهن. ان مان ته اهو ظاهر ٿيو ته حڪومت ڄاڻي ٻجهي ڳالهين جو ”ڍونگ“ پئي ڪيو. هڪ جڙتو سرگرمي ڏيکاري پئي وئي، جنهن تحت حڪومت ۽ لال مسجد جي انتظاميا وچ ۾ ٽياڪڙيءَ لاءِ ٽين ڌر کي به ڏيک لاءِ گهرايو ويو. لڳي ائين ٿو ڄڻ ته فيصلو اڳ ئي طئي ٿيل هو، ان ۾ دير جو سبب به ميڊيا ۽ آمريڪا کي اهو تاثر ڏيڻ هو ته اندر ڪي ته اهڙا خطرناڪ دهشتگرد موجود آهن، جيڪي ڪنهن وڏي تباهيءَ جي تيارين ۾ آهن. اتي بهرحال پاڪستان حڪومت جي ترجمان ۽ بين الاقوامي ميڊيا جي بيان ۾ ڪنهن حد تائين هم آهنگي نظر اچي پئي.

    (2) صحافين کي مسجد ۽ اسپتال کان ڇو هٽايو ويو؟

    اچرج جي ڳالهه اها آهي ته صحافين کي آپريشن دوران لال مسجد تان هٽائڻ ته سندن لاءِ حڪومتي اهلڪارن جي حفاظتي تدبير ٿي سگهي ٿي، پر کين اسپتالن کان ڇو هٽايو ويو؟ اهو سمجهه ۾ ائين پيو اچي ته مئلن جي اصل تعداد کي لڪائڻ لاءِ شايد ائين ڪيو ويو.

    (3) مئلن جو انگ ۽ مسجد ۾ دهشتگردن جو تعداد:

    انفرميشن ڪرائيسز جي حد ته اها آهي جو اڄ به ملڪي ۽ پرڏيهي ميڊيا مئلن جو تعداد مختلف پئي ٻڌائي. ڪٿي 40 يا 50، ته ڪٿي 70 ۽ 80 ٻڌايو پيو وڃي. قبرون 3 7 ، حڪومت پاڻ 5 7 پئي ٻڌايا. ايڌي چواڻي ته هن 68 ماڻهن کي غسل ڏنو. ڪالهه اخبارن ۾ انگ ڪٿي 102 ۽ ڪٿي 108 ٻڌايل آهي. ان مان ٻه ڳالهيون ظاهر ٿين پيون، يا ته مئلن جو انگ ٻڌايل انگ کان تمام گهٽ آهي، يا تمام وڌيڪ آهي. حڪومتي بيان مري ويلن جي انگن اکرن جي حوالي سان ان ڪري به هاڻي گهٽ اهميت وٺن پيا، جو ملڪ ۾ سيلاب دوران ميڊيا جي ادارن اهو ثابت ڪري ڇڏيو هو ته حڪومت مئلن جو انگ اڌ کان به گهٽ پئي ٻڌايو، ڪٿي هاڻي به ائين ته ڪونهي؟

    (4) مئلن جي تدفين:

    هڪ ٻيو معمو اهو آهي ته آخر مئلن کي وارثن بنا ڇو دفنايو ويو؟ آخر اهو ڪيئن ممڪن آهي جو سڀ لاش سڙي ويا. نيٺ مولانا رشيد جو لاش ڇو نه سڙيو؟ ڪٿي ائين ته ڪونهي ته تابوتن تي اجايو خرچ ان ڪري ئي ڪيو ويو، جو حقيقت کي پوشيده رکيو وڃي؟

    (5) مارجي ويلن ۾ دهشتگرد ڪيترا ۽ معصوم ڪيترا؟

    آخر گارجين (UK) اهو بنا شڪ ۽ شبهي جي ڪيئن لکيو ته مسجد ۾ افغانستان ۽ ڪشمير جا تربيت يافته ماڻهو هئا؟ (اها ڳالهه بهرحال مضحڪه خيز ۽ غير يقيني ان ڪري به آهي ته چيو ۽ سمجهيو ائين ويندو آهي ته ڪشمير ۽ افغانستان ۾ موجود ويڙهاڪ پاڪستان مان تربيت يافته آهن). غازي رشيد خود بي بي سي کي انٽرويو ۾ چيو هو ته، وٽن ڪوبه ٻاهريون ماڻهو ڪونهي، هڪڙي نينگري آهي، جنهن کي عربي اچي ٿي. هوڏانهن جڏهن مقصود نالي نوجوان کي ”گهربل دهشتگرد“ چئي ماريو ويو ته سندس پيءُ ترديد ڪئي ۽ چيو ته سندس پٽ ته ڪالم نگار هو ۽ ٻارڙن لاءِ ”سٺا ٻار“ ڪتاب ڪڍندو هو. ان تي اهو الزام نه هنيو وڃي ته هو دهشتگرد هو ۽ گهربل هو. ان صورتحال مان سمجهي سگهجي ٿو ته ڪيترا دهشتگرد ماريا ويا هوندا ۽ ڪيترا معصوم ان ۾ کاڄ بڻيا هوندا.

    (6) لال مسجد جي واقعي جو رد عمل ۽ طالبان:

    هڪ سوال اهو به آهي ته هوڏانهن باجوڙ ۾ مذهبي پارٽين جي گڏجاڻيءَ ۾ مولوي فقير محمد جي فقط ان بيان تي ڇو ملڪي ۽ بين الاقوامي ميڊيا زور ڏنو ته هو لال مسجد جي ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ مشرف حڪومت خلاف جهاد ڪندا، پر سندن ان (بار بار چيل/ورجايل) بيان کي ڇو پيو نظر انداز ڪيو وڃي، جنهن ۾ هو سڌو سنئون انڪار ڪن پيا ته باجوڙ، مالاڪنڊ، ميران شاهه ۽ ٻين جاين تي بم ڌماڪن ۽ اهلڪارن تي حملن ۾ هو ملوث ناهن ۽ اهو سڀ ڪجهه کين بدنام ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته عام طرف مذهبي انتها پسند ڌريون خودڪش حملن ۽ ٻين سنگين ڪاررواين کي ڏاڍي بيباڪي ۽ فخر سان پاڻ سان منسلڪ ڪري ٻڌائينديون آهن ۽ اتي جي اهي انڪار ڪن پيون ته ان جو فقط اهو ئي مطلب ڪڍي سگهجي ٿو ته، يا ته ڪي ٻيا شرپسند وچان اهو ڪم ڪن پيا يا حڪومتي ادارا پاڻ انهن ۾ ملوث آهن. اتي اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته عراق ۽ افغانستان ۾ به اهڙي ئي طريقي سان ٿيندڙ حملن جي وارثي ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ڪونهي ۽ اتي به آمريڪي فوجون ۽ ناٽو ائين ئي ڪجهه ملڪن ۽ مذهبي شرپسندن جو نالو کڻن پيون. ٻنهي صورتن ۾ سياسي حڪمت عملي ساڳي پئي نظر اچي.

    (7) وائيٽ هائوس ۽ ايمن الزواهري:

    ان تي غور ڪري سگهجي ٿو ته آخر ڇو وائيٽ هائوس ۽ ايمن الزواهري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ لاجواب هم آهنگي ڏسڻ ۾ اچي پئي. بش انتظاميا چوي پئي ته القاعده پاڪستان جي ڪجهه علائقن ۾ مضبوطي حاصل ڪري ورتي آهي ۽ کانئس حملن جو سخت خطرو آهي ۽ ترت ئي پوءِ الزواهري به چيو آهي ته برابر! اسان مان توهان کي وڏو خطرو آهي. ڪيترائي ملڪي توڙي غير ملڪي ليکڪ ان راءِ جا آهن ته وائيٽ هائوس ۽ القاعده وچ ۾ رابطو ڪٽجي ويو آهي. پاڻ ۾ ٺهيا ڪو نه، ۽ ڪيترا وري ان جي ابتڙ راءِ رکن ٿا، پر بظاهر اهو به لڳي ٿو ته بش حڪومت ۽ سندس ”ملڪي ۽ پرڏيهي ملي ڀڳت ٽيم“ جون ننڊون حرام آهن. ان کي اولهه جي ميڊيا به وڌائي سڌائي پيش ڪري پئي، جڏهن ته اسان جي ميڊيا به انهن افواهن کي بنا تجزياتي مرحلي مان ڏسندي، جيئن جو تيئن پيش ڪري نه چاهيندي به هڪ پروپيگنڊا جي ”ٽول“ تحت ڪردار ادا ڪرڻ تي مجبور آهي. بين الاقوامي ميڊيا (اڪثريت ۾) ڪڏهن به ماضيءَ مان مثال کڻي اهو پنهنجي عوام کي نٿي ٻڌائي ته پاڻ ماري پنهنجو ئي سينو پٽڻ آمريڪي خارجه پاليسيءَ جو اهم حربو رهيو آهي، جيڪو سندس ”ڪلائينٽ رياستون“ به کانئس سکي ان جي ائين ئي تقليد ڪنديون رهيون آهن.

    ”ڊرامي“ جي هڪڙي ايڪٽ ۾ شدت پسند تيار ڪيا ٿا وڃن، ٻئي ايڪٽ ۾ سندن پاران هراسان ڪندڙ عمل ٿيندا نظر اچن ٿا، ۽ وري آخري ايڪٽ ۾ انهن جو خاتمو ڪيو ٿو وڃي، اهو چئي ته کين پاڙان ختم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اها ڳالهه ڀلي ڀت واضح آهي ته انهن جون ”پاڙون“ ڪٿي آهن. هي ”نه ختم ٿيندي نظر ايندڙ“ ڊرامي جو ته اڃا هڪ حصو آهي، ٻيو حصو هاڻي شروع پيو ٿئي. ان جا آهستي آهستي عيان ٿيندڙ ايڪٽ به ڏسندا ۽ سمجهندا وڃو ۽ بين الاقوامي پس منظر ۾ ڪڙيون ملائيندا به وڃو، ته شيون بهتر سمجهه ۾ اينديون.

    (8) اهم نقطو: ترقي پسند ڌريون ڪٿي بيٺل آهن؟

    ظاهري طور تي هتي ٻه ڌريون نظر اچن پيون، هڪڙا انتها پسند عنصر آهن، جيڪي بهرحال هر طريقي سان عوام دشمن ۽ سماج دشمن آهن. ٻي ڌر اُهي ملڪي ۽ غير ملڪي ”روشن خيال“ گروهه ۽ شخصيتون آهن، جيڪي پهرين ڌر جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪريو ويٺا آهن. پر اتي هڪڙي ٽين ڌر به آهي، انهن ترقي پسند تماشبين جي، جيڪي مذهبي انتها پسندن کان ته نفرت ڪن ٿا، پر اهي انهن روشن خيال ڌرين سان به گڏ بيهڻ پسند نٿا ڪن، جيڪي مذهبي انتها پسنديءَ کي پيدا ڪري هاڻي اچي ٻه ٽنگا ڦاٿا آهن ۽ ان جو خاتمو چاهين ٿا. هو ٻنهي ڌرين کي انتها پسند، ۽ انسانيت دشمن سمجهندي پاڻ کي هڪ منفرد زاويي ۾ بيهارين پيا، جنهن کي هو سمجهي ويا آهن ته هڪ وڏي سازش تحت ناسور پيدا ڪري ۽ ان جو خاتمو ڪيو پيو وڃي. (ڇا واقعي به خاتمو ڪيو پيو وڃي؟)

    (9) اقتدار ۽ وسيلن لاءِ چٽا ڀيٽي۽ ڀوڳيندڙ سماج:

    آمريڪا ۽ ان جي حوارين جي ٽين دنيا ۽ خاص ڪري مسلمان ملڪن ۾ مفادن جي نتيجي ۾ خوني دخل اندازيءَ جو اڻ ڪٿيو ۽ گهڻ پاسائون (جاني، مالي، اقتصادي، سياسي ۽ سماجي) نقصان ٿيو آهي. انهن ملڪن جون گهرو ۽ خارجه پاليسيون غير مستحڪم ڪيون ويون آهن. ملڪن مٿان آمريتون مڙهيون ويون آهن، رياستي دهشتگرديءَ جي وڏي پيماني تي پٺڀرائي ڪئي ويئي آهي. پروپيگنڊا جي مختلف ذريعن سان انهن ملڪن جي سماج کي ناڪاره ڪري ڪمزور ڪيو ويو آهي. سياسي پارٽين ۾ خفيه ادارن کي داخل ڪري انهن جي ايمانداري ۽ سچائيءَ کي ڪرپٽ ڪيو ويو، سول سوسائٽي کي مذهبي، نسلي ۽ سياسي بحرانن ۾ وجهي ايترو ته پيڙي رکيو، جو اها رياست تي تنقيدي اک رکڻ بدران ٻين مسئلن ۾ الجهيل رهي. آمريڪي فسطائيت انهن ملڪن ۾، جن ۾ سندن مفاد آهن، هڪ ڪمزور سماج چاهي ٿي، جيڪي پنهنجن ڪرپٽ رياستن تي نقطه چيني ته ڪن. سياسي مبصر ۽ تجزيه نگار هن سڄي هٿ سان ڊزائين ڪيل بحران جو سبب ڪميونزم ۽ تيل/ گيس کي قرار ڏين ٿا، جنهن مان هڪ جي خاتمي (ڪميونزم) ۽ ٻئي جي حاصلات (يعني تيل ۽ گئس) لاءِ مذهبي انتها پسندي جو ڊرامو رچايو ويو آهي، جنهن کي انهن سڄي دنيا جي رڳن ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. هن ڀيري جيڪا موتمار ناڪامي آمريڪا ۽ سندس حواري کڻندا، اها ويٽنام واري مثال ۽ روس جي افغانستان ۾، وچ يورپ ۽ سينٽرل ايشيا واري نيڪاليءَ وارن عبرتناڪ مثالن کان ٻيڻي نقصان سان سامهون ايندي. اها فسطائيت ناهي ته ٻيو ڇاهي جو 1998ع ۾ زبيگنيو برزيزنسڪي (صدر جمي ڪارٽر جو خاص صلاحڪار) پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته، ”دنيا ۾ ڇا اهم آهن؟ روس جو زوال يا طالبان؟ چند مشتعل/ ڏمريل مسلمانن (پيدا ڪرڻ) جي نتيجي ۾ سرد جنگ ختم ٿي ۽ وچ يورپ آزاد ٿيو، اها گهٽ ڪاميابي آهي.“ دنيا ۾ فاشزم ۽ سياسي سازش ۽ ڏاڍ جو شايد ئي ٻيو اهڙو مثال ملي. کين اهو احساس به ڪونهي (يا آهي؟) ته اسين خبر ناهي ڪيترن ڏهاڪن تائين سندن رت هاڻي سياست جا نتيجا ڀوڳيندا رهنداسين. نه صرف اسين (افغانستان ۽ پاڪستان) پر هن ڀيري هنن اهڙي باهه لڳائي آهي، جيڪا کين به وڪوڙي ويندي.

    (10) ميڊيا ڪيئن فسطائيت هٿان استعمال ٿي سگهي ٿي؟

    اهو ذهن نشين ڪرڻ کپي ته (ظاهري طور تي) اها راند ٻه پاسائين کيڏبي نظر ايندي. هڪ پاسي پاڻ ۽ پنهنجن پالتو ڌرين کان انتها پسنديءَ وارا بيان ڏياربا، خود تباهيون ڦهلائي انهن جا الزام ٻين ڌرين تي هڻي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهڙن ٻين خوني آپريشن جا جواز تيار ڪيا ويندا ۽ ميڊيا سندن ترجمان ٿي ڪري (نه چاهيندي به) سندن مشينري جو ڪردار ادا ڪندي. پر ان ٻه پاسائين راند ۾ ڪجهه اهڙيون ڌريون به پنهنجون ڪارروايون ڪنديون، جيڪي به سندن وانگر ئي خوني راند کيڏنديون ۽ قتل و غارت ڪنديون رهنديون. لکين ماڻهو ماربا ۽ نه ختم ٿيندڙ ڪهاڻيءَ جيان، دنيا ڏسندي ته شرپسند عنصر ان مخصوص وقت تائين قائم رهندا، تيستائين، جيستائين اولهه پنهنجا ”عظيم مقصد“ حاصل نٿو ڪري. (هاڻي ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي پئي ته آمريڪي حڪومت عراق ۽ افغانستان لاءِ اهو ڇو پئي چوي ته کين نڪرڻ ۾ ڪيترائي ڏهاڪا گهربل آهن.) ميڊيا اڻ ڳڻين طريقن (جانبداري ۽ غير جانبداريءَ سان) ان سڄي ڊرامي جو مک ڪردار هوندي. ان دوران جڏهن ڪجهه سنجيده ۽ ترقي پسند ڌريون (جن کي آئون ٽين ۽ پرامن ۽ نقاد جي ڪردار ۾ سامهون ايندڙ ڌر سڏيان ٿي) اهي منظم ٿينديون ۽ احتجاج ڪنديون ته انهن جي رپورٽنگ ته ڪئي ويندي ۽ جي ڪئي وئي ته غير اهم پهلوئن کي اهم ڪري ڏيکاريو ويندو. اهو فقط اسان جي ميڊيا ئي نه، پر اتي اينگلو آمريڪي ميڊيا کان علاوه يورپ (فرانس، جرمني، ۽ ڊينمارڪ وغيره) جي ميڊيا به رياستي دهشتگرديءَ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ پيش هوندي. اهڙا ڪئين واقعا (جيڪي ماضيءَ مان مثال طور کڻي سگهجن ٿا) مختلف روپن ۾ ظاهر ٿيندا، جيڪي مشتعل گروهن کي وڌيڪ اشتعال ڏياريندا، جن مان ماضيءَ ۾ توهين رسالت ڪارٽون ڇپڻ، صدام جي توهين آميز ڦاسيءَ جي وڊيو جاري ٿيڻ ۽ هاڻي رشدي کي ”سر“ جو خطاب ڏيڻ جهڙا اسان وٽ مثال موجود آهن.

    ميڊيا جيستائين تمام گهڻا ۽ غير معمولي ذهين مبصر نه ويهاريندي، تجزيا ۽ ٽيڪا ٽپڻيون نه ڪرائيندي، تيستائين لال مسجد ۽ اهڙين ٻين ڪيترين ئي امڪاني خوني راندين ۾ شريڪ ٿيندي/ ڪئي ويندي ۽ پروپيگنڊه ۽ افواهن کي سچ ڪري ثابت ڪرڻ ۾ بري طريقي سان استعمال ٿيندي. ذاتي طور تي مان صحافين ۽ ميڊيا جي ٻين ڌرين جي حڪومت، لال مسجد ۽ مذهبي پارٽين جي اڳواڻن کان پڇيل سوالن لاءِ چونديس ته، انهن لال مسجد جي بحراني پڇاڙيءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو. مثال طور، جنهن وقت ڳالهيون هلي رهيون هيون، ان وقت اهو سوال پڇڻ ڳالهين کي ناڪام ڪرڻ مترادف هو ته ڇا لال مسجد جا خفيه ادارن سان لاڳاپا آهن؟ جنهن کي ايترو ته ورجايو ويو ته مون هڪ خبر رسان اداري کي لکيو ته، توهان جو اهو سوال غازي رشيد کي مارائيندو. حڪومت کانئن لاتعلقي ڏيکارڻ لاءِ مڙني کي، بشمول غازي ڀائرن جي، مارائي سگهي ٿي. سو استعمال ٿيڻ کان علاوه غير ذميواريءَ کان ڪيئن ٿو بچي سگهجي، اهو ميڊيا جي نمائندن لاءِ اهم سوال آهي.

    sahargul@hotmail.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه سحر گل ڀٽي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    بينظير جي قتل مان ڪهڙين ڌرين کي فائدو ٿيندو؟




    آچر 6 جنوري 2008ع



    ڀٽو خاندان تي هيءَ يوناني ڏند ڪٿا ٺهڪي ٿي بيهي. هڪڙي يوناني ڪردار سيسيفسSysiphus) )کي زيوس (Zeus) ديوتا سزا ڏني ته هڪ ڳرو، دڙي جيڏو وڏو پٿر کڻي اولمپڪ جبل تي پهچائي. پر هر ڀيري جيئن ئي سسيفس جبل جي چوٽيءَ تائين ڳرو ڇپ جيڏو پٿر کڻي پهچي ٿو، اهو پٿر لڙهي وڃي جبل جي پيرن ۾ ڪري ٿو ۽ سسيفس ٻيهر نئين سر، اهو پٿر مٿي کڻي وڃي ٿو. ان ابدي سزا جو نمونو شايد ڀٽو خاندان (چئجي ته غلط نه ٿيندو ته خود سنڌ به ان سزا جي ڀوڳيندڙ آهي) نظر اچي ٿو، جو جيئن ئي هڪڙو نسل پاڻ منجهان ملڪ جي سياسي قيادت لاءِ ڪو ماڻهو تيار ڪري مٿي پهچائي ئي ٿو ته ان کي ماريو ٿو وڃي ۽ سندس سياسي بار اچي ٻي پيڙهيءَ تي پوي ٿو. ”بلاول“ ڀٽو خاندان جي ستين پيڙهي مان ٿيو، جيڪو هن ”عجيب ۽ غريب“ ملڪ (نه ته ٻيو ڇا سڏجي هن ملڪ کي؟) جو سياسي بار کڻي پنهنجي نوجوانيءَ جي حسين علمي ۽ تدريسي سالن ۾ آڪسفورڊ ۾ پڙهندو. ”ڏند ڪٿائي“ درجو ماڻيندڙ هن خاندان جا فرد ”ڏند ڪٿائي“ موت مرن ٿا ۽ پونئيرن کي نه فقط ڏند ڪٿائي سزائون ڏئي وڃن ٿا پر کين ڏند ڪٿائي ذميواريون به ڏئي ٿا وڃن، جيڪي سسيفس واري سزا جهڙيون آهن. ڏسون هن سسيفس جو ڇا ٿو ٿئي؟

    ملڪ جي 60 سالا سياست کي همه گيريت سان سمجهندڙ سياسي، سماجي ۽ ترقي پسند حلقن لاءِ بينظير ڀٽو جو قتل ڪيترائي نوان سوال ۽ اڪيچار پهلو کڻي سامهون آيو آهي ۽ سماجي حساسيت مٿن اها ذميواري به عائد ئي ڪندي ته هو نه فقط انهن سوالن ۽ پهلوئن کي سمجهن، پر سياسي عقل سان (ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي) جمهوري قوتن جي خاتمي يا ڪمزور ڪرڻ جي سببن تي به غور ۽ فڪر ڪن.

    وڌيڪ تفصيل ۾ وڃڻ کان پهرين نازي جرمني جي ڪيمپ ۾ فرانسي ڏاهي سارتر جي لکيل ڊرامي ”مکيون“ (The Flies) جو مثال ڏيڻ ضروري سمجهنديس. اهو ڊرامو سارتر هٽلر جي ڏاڍ خلاف لکيو. ڊرامي جي ڪهاڻي اها آهي ته، ملڪ جي راڻي ڪنهن ٻاهرين ماڻهوءَ سان سازباز ڪري ان کي تخت جو بادشاهه بڻائي ويهاري ٿي ڇڏي. اهڙيءَ طرح تخت جي جائز ۽ قانوني وارثن کان اهو حق کسجي وڃي ٿو. ان ڏاڍ جو احساس هوندي به رعايا ۽ قانوني وارث لاچاري کان خاموشي اختيار ڪري ويهي رهن ٿا. سندن مزاحمت نه ڪرڻ ۽ خاموش ٿي وڃڻ تي ڊرامي ۾ سارتر هڪ تمثيل پيش ڪري ٿو، اها هيءَ ته ماڻهو ۽ ملڪ مٿان اچانڪ وڏيون، ڪرڀائتيون مکيون ڀيانڪ نموني سان ”ڀڻ ڀڻ“ سان لامار ڏيڻ شروع ڪن ٿيون. تمثيل جو مقصد هو ته اهي مکيون پشيماني ۽ ڪجهه ڪري نه سگهڻ جي احساسGuilt) ) جون مکيون هجن ٿيون. جيڪو رياست جي هر فرد کي وڪوڙي رکي ٿو. عام ماڻهو توڙي رياست سان وابسته فرد سڄو ڏينهن ڪرت ڪار دوران به انهن مکين جي ”ڀڻ ڀڻ“ مان آجا نٿا ٿين. نيٺ هڪڙو ڏينهن اچي ٿو، جڏهن تخت جو اصل وارث اٿي بيهي ٿو ۽ ٺڳ بادشاهه جو تخت اونڌو ڪري پنهنجو جائز حق حاصل ڪري ٿو ۽ ان ئي ڏينهن کان سموري رياست ۽ ماڻهن جي مٿن مٿان لمندڙ ۽ ضمير کي چهنڊڙيون پائيندڙ ”مکيون“ گم ٿي وڃن ٿيون.

    بينظير جي قتل کان پوءِ هي مٿين تمثيل حالتن ٿي ٺهڪي به اچي ٿي ۽ هڪ ملڪ جي سچي ۽ ذميوار سياستدانن، مفڪرن، اديبن ۽ ڏاهن تي ٿيل جبر خلاف آواز اٿارڻ جي به اميد ڪري ٿو. پر گڏو گڏ هڪ ٻي لازمي صورتحال به طلبي ٿو ته ضمير کي آجو ڪرڻ لاءِ کڻي حالتن آڏو اٿي بيهي به رهجي پر اهو پراثر طور تڏهن ئي ڪري سگهبو، جڏهن پڪ هجي ته ”واقعي“ به دشمن ڪير آهي؟ جيڪو ملڪ جي جمهوري لاڙن آڏو رنڊڪون رکي ٿو؟

    اڃان سندس قبر جي مٽي سُڪي ئي ناهي ته پروپيگنڊه جون مختلف لهرون اٿاري سياسي ڀڃ ڊاهه شروع ڪرائي پئي وڃي ۽ نتيجي ۾ ڏاڍي ڪاميابيءَ سان ماڻهن ۽ سياسي حلقن جو ڌيان ان سانحي تان هٽائي ٻين غير ضروري پاسن طرف منتشر به ڪيو ويو آهي. پنهنجي پاڻ کي هڪ باشعور ۽ ادراڪ رکندڙ فرد جي حيثيت ۾ ۽ اجتماعي طور تي هڪ قوم جي حيثيت ۾ سخت ضابطي ۾ رکي جذباتيت کان پاسو ڪري قومي مفادن کي نظر ۾ رکي دور انديش ۽ وسيع نظر رويو اختيار ڪرڻو پوندو. جيئن ته اسين اڳي ئي اڻ اڳڻين حصن ۾ ورهايل آهيون، ان ڪري ويتر ذرڙن ۾ تبديل ٿيڻ سولا آهيون. جيئن مارجڻ سولا آهيون، تيئن ڌڙا بنديءَ جو شڪار ٿيڻ به سولا آهيون. (اسان جي ويجهي ۽ پراڻي تاريخ وٽ اسان جي ان ڪمزوري جو رڪارڊ اڃان موجود آهي) ان ڪري ان کان پهرين جو وڌيڪ ڪمزور بڻجي ۽ 60 سالن جي ڏهاڪي کان ٿيندڙ بتدريج تباهي جي آخري حدن تي پهچجي انهن محرڪن جو جائزو وٺجي، جيڪي بينظير جي قتل جا لازمي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. فقط اهو ئي طريقو آهي، جنهن تحت متوقع تباهين کي دور انديشي سان سمجهي وٺجي ۽ ان جو سياسي تدارڪ به هٿ ڪري وٺجي. هن ڪالم ۾ مان هيٺين نقطن تي تجويزون ڏينديس. جيتوڻيڪ مون وٽ به ڪي واضح جواب ناهن، تنهن هوندي به ٿي سگهي ٿو هي تجويزون اسان کي ڪو رستو ڏيکارين.

    (1) بينظير جي قتل مان فائدو حاصل ڪندڙBeneficiries) ) ڪير ٿي سگهن ٿا؟

    (2 ) رياستي پروپيگنڊا جي شڪار ٿيڻ کان ڪيئن بچجي؟

    (3) ليکڪن/ ڪالم نگارن/ ميڊيا ئي نمائندن جي ذميواري ۽ سياسي بردباري .

    (4 ) عالمي ٽربيونل ويهارڻ جي درخواست.

    (5 ) هينئر ڇا ڪرڻ گهرجي؟

    انهن لفظن کي نمبر وار بحث ۾ آڻجي ٿو.

    (1) بينظير جي قتل مان فائدو حاصل ڪندڙ ڪير ٿي سگهن ٿا؟

    امڪاني طور تي ئي، پر جائزو ضرور وٺڻ کپي ته هن قتل جا سياسي مفاد ڪهڙيون ڪهڙيون ڌريون حاصل ڪري سگهن ٿيون؟

    بينظير ۽ پي پي پي جا سياسي حريف:

    صدر مشرف، پاڪستان مسلم ليگ (ق)، مسلم ليگ (ن) ۽ ايم ڪيو ايم بينظير ڀٽو ۽ پي پي پي جا اهي سياسي حريف آهن، جن جو گراف پي پي پي جي ڪمزور ٿيڻ سان تمام مٿي چڙهي سگهيو ٿي. جيتوڻيڪ بدلجندڙ سياسي صورتحال جي پيش نظر مسلم ليگ (ن) هاڻي شايد پي پي پي جي ”ان معنيٰ ۾“ سنگين حريف نه رهي هئي، جو ان سان امڪاني اتحاد جوڙي پيپلز پارٽي پاڪستان مسلم ليگ (ق)، صدر مشرف ۽ ايم ڪيو ايم کي سڌو سنئون ڪمزور ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هئي. اهو دهشتگرد ڪيڊر جيڪو لڳ ڀڳ ڏهاڪي جي ڀرپور ”مدد“ کان پوءِ مشرف حڪومت مضبوط ڪيو ويو هو، اهو پي پي جي ڪاميابيءَ سان اچي پٽ پوي ها. سو جيڪڏهن معاملي جي جاچ ٿئي ته ان جاچ کان صدر مشرف ۽ سندس ساٿين کي به آجو نه ٿيڻ گهرجي. انهن جي اها حڪمت عملي ٿي سگهي ٿي ته بينظير ڀٽو کي منظر تان گم ڪجي، اليڪشن ملتوي ڪرائجي. ان دوران ڇتي پروپيگنڊا ذريعي پارٽيءَ ۾ ڌڙا بندي ڪرائجي ۽ ماڻهن جي ڏک ۽ ڪاوڙ کي کي ان پروپيگنڊه تحت مختلف رخ ڏجن ته جيئن پي پي نه فقط پاڪستان، پر سنڌ ۾ به ڪمزور ٿئي. (جيڪڏهن چونڊون ڊگهي عرصي لاءِ واقعي به ملتوي ٿيون ته اهي مقصد پورا به ٿي سگهن ٿا.) ٻيو ته محترمه جو خط نظرانداز نه ڪرڻ کپي، جيڪو هوءَ پاڻ مارڪ سيگل کي لکي وئي، جنهن ۾ سڌو سنئون چئي وئي ته جيڪڏهن سندس قتل ٿيو ته ان جو سبب مشرف لابي هوندي.

    ڳجهن ادارن جا ”ڪجهه خاص“ ماڻهو:

    اهو به امڪان آهي ته اهو خط جيڪو بي بي اچڻ شرط ”آمريڪا“ ڏانهن موڪليو، اهو سندس لاءِ ڳرو ثابت ٿيو. ان ڪري جو پاڻ ان خط ۾ ”ڪجهه“ ماڻهن جا سڌا سنوان نالا ڏنا هئائين. بي بي جي ان عمل تي هڪ ٽي وي چينل جي رپورٽر (18 آڪٽوبر جي واقعي واري ڏينهن) ٽي وي تي هڪ خاص اداري جي سابق سربراهه جو کيس چيل جملو دهرايو ته، ”ائين سڌا سنوان نالا کڻي بينظير وڏي غلطي ڪئي آهي.“ ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته حڪومت طرفان محترمه جي مسلسل مطالبي جي باوجود به کيس چئن سيڪيورٽي گاڏين جا (Escorts) گاڏيءَ جي شيشن کي ڪارو رکڻ Tinted glasses) ) ۽ جيمرز مهيا نه ڪيا ويا، سو ان قتل تي حڪومت ۽ انهن جي خاص ماڻهن ڏانهن به آڱريون کڄي سگهن ٿيون، جن جو ذڪر بينظير پنهنجي خط ۾ ڪيو. هنن هن قتل سان ڄڻ ته”هڪ“ تير سان انيڪ شڪار ٿيڻ جو فائدو حاصل ڪيو آهي. مثال طور تي بينظير ڀٽو جو ملڪي سياست مان هميشه گم ٿيڻ، سندس آمريڪا ڏانهن خط ۾ نالن جي ذڪر جو بدلو وٺڻ، قاف ليگ ۽ لساني ڌڙي کي ملڪي ۽ سنڌ جي صوبائي ادارتي ڍانچن ۾ مضبوط ڪرڻ، پي پي جي موجوده سياسي طاقت ڪمزور ڪرڻ ۽ منجهن ڌڙا بنديون ڪرائڻ ۽ ڊگهي عرصي تائين چونڊون ملتوي ڪرائڻ. اهي سڀئي مفاد بينظير جي قتل سان ئي سولا حاصل ٿي سگهيا ٿي.

    مذهبي انتها پسند ڌريون:

    اڪيلي سر مذهبي انتها پسند ڌرين کي بينظير جي قتل جو ذميوار قرار ڏيڻ جيتوڻيڪ منطقي نٿو لڳي پر تنهن هوندي به ان کي فرض ڪجي ته سندس پاڪستاني سياست کان گم ٿيڻ سان مذهبي انتها پسند ڌرين کي ڪهڙو فائدو پهچڻو هو؟ طالبان پاران قتل جي ڌمڪي وارا بيان جيڪي انهن بي نظير کان لال مسجد تي ڏياريل بيان جي جواب ۾ ڏنا، سي ڪافي تشويشناڪ هئا ۽ مون پنهنجن گذريل ڪالمن مان ڪنهن هڪ ۾ ان تي تشويش به ظاهر ڪئي هئي. پر ان ۾ مسئلو اهو آهي ته طالبان جي بينظير خلاف اهڙي ڌمڪي آميز سنگين بيانن کان ترت پوءِ ئي پهرين عبدالله محسود ۽ هاڻي بيت الله محسود ترديدي بيان ڇو پيا ڏين. (عبدالله محسود ته ان ترديد کان ترت پوءِ مارجي به ويو.) بيت الله محسود بينظير جي قتل بابت طالبان پاران قتل جي ذميواري قبولڻ کان تڪڙو پوءِ ترديدي بيان جاري ڪرايو. هڪ پرڏيهي اخبار کي ملا عمر انٽرويو ڏيندي اهو به چيو ته اهو اسان جي قبائلي روايت خلاف آهي ته اسين عورت تي هٿ کڻون. اسين اهو ڪري نٿا سگهون، اهو سڄو ڊرامو حڪومت اسان جي نالي ۾ پئي ڪري. ان صورتحال ۾ اچي تجزيه نگار به منجهن ٿا. بهرحال اهي تجزيه نگار ۽ ليکڪ جيڪي سرد جنگ واري دور کان وٺي هينئر تائين جي هن خطي جي سياست کي پڙهندا، سمجهندا ۽ ان جو ڳوڙهو مشاهدو ڪندا رهيا آهن. اهي ان لقاءَ ۾ لڪل محرڪن ۽ سببن جي شايد نشاندهي ڪري ويندا هجن، پر اڪثريت جو چوڻ آهي ته بهرحال اهڙي متضاد صورتحال متيون منجهائي ٿي. اهو سوال ته طالبان کي بينظير جي قتل سان ڪهڙو فائدو ٿيو؟ (جيئن مون پهرين چيو ته مون کي اهو فرض ڪرڻ به غير منطقي لڳي ٿو) ان جو فقط ”هلڪو“ امڪان آهي ته جيڪڏهن واقعي بينظير جا قاتل اهي ئي طالبان آهن، جيڪي آمريڪا جي سالميت کي ڌڪ رسائڻ جي ڌمڪي ڏيو ويٺا آهن ۽ جن کي آمريڪا ”واقعي به“ نسبت و نابود ڪرڻ پٺيان آهي، (جيئن مثال طور پاڪستان جي اترائين علائقن ۾ آپريشن) ۽ اهي طالبان بينظير کي آمريڪا جو عظيم ساٿي سمجهندا هئا، جنهن جي حڪومت ۾ اچڻ سان سندن مڪمل صفايو ڪيو وڃي ها ته پوءِ ڪنهن حد تائين اهي به بينظير جا امڪاني قاتل ٿي سگهن ٿا.

    اولهه جي لابي:

    مشرف ۽ سندس لابي ته ”ڳوڙها“ ڳاڙيا ته کين واقعي به بينظير جي قتل دردِ دل ۽ دردِ جان رسايو آ هي، پر گڏو گڏ المرٽ (اسرائيلي وزير اعظم) جا به ٽم ٽم ڳوڙها بس نٿا ٿين. هو پنهنجي ڪابينا جي اجلاس دوران چوندي ٻڌاو ويو ته، ”هوءَ (بينظير ڀٽو) اسلامي انتها پسنديءَ جو شڪار ٿي وئي ۽ ان (اسلامي انتها پسندي) کي اسين به ڀوڳيندا رهيا آهيون.“ ان تي ڇا چئجي، سواءِ ان جي ته، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڇسي سياسي مشڪري ٿي سگهي ٿي؟ مذهبي انتها پسندي ننڍي کنڊ جي پيٽان نه ڄائي هئي. اها يورپ جي مهرباني آهي جو ننڍي کنڊ کي مذهب جي نالي تي ٽڪرا ڪيو ويو. مذهب جي نالي ۾ پاڪستان جي سرحدن سان لڳل ملڪن کي بڇڻ لاءِ پاڪستان ۾ مذهبي انتها پسندي جو ٻج ڇٽيو ويو، انتها پسندي جون پاڙون پيدا ڪري ان کي ريج ڏنو ويو. ان ئي مذهبي حڪمت عمليءَ تحت آمريڪا روس جي زور کي هن خطي ۾ ڪمزور ڪيو. ان ڪري اهو سمجهڻ کپي ته مذهبي انتها پسندي هن مٽيءَ جي مزاج بدران هڪ امپورٽيڊ لقاءُ آهي، جيڪو زوري پيدا ڪيو ويو آهي.

    هڪ ٻيو امڪان اهو به آهي ته شايد نيگرو پونٽي کي بينظير جي مضبوطي ۽ ارڏائي ڪو نه آئڙي. پاڪستاني سياست ۾ پي پي واحد پارٽي هئي، جيڪا چئني صوبن ۾ ڳرو ووٽ بئنڪ رکيون ويٺي هئي ۽ سندس مضبوطي هتان جي هڪ ”خاص“ قوت کي شايد ڪمزور ڪرڻ جي طاقت رکندڙ هئي، جنهن جو احساس بينظير اولهه کي جلد ئي ڏياري وئي. مضبوط جمهوريت سان ڪلائينٽ رياست جو ڪهڙو ڪم؟ اتي فقط ڪمزور سماج گهرجن ٿا ۽ بينظير جي موجودگي سول سوسائٽي جي مضبوطيءَ جو سبب بڻجي سگهي پئي.

    (2 ) رياستي پروپيگنڊه جو شڪار ٿيڻ کان بچڻ:

    قاتلن بابت قياس آرائين کان پوءِ اهم نقطو پروپيگنڊه ۽ غير پروپيگنڊه ۾ فرق رکڻ جو آهي. گذريل ڏينهن ۾ ڪجهه ٻين ملڪي سياستدانن جي قتل جي افواهن اٿڻ سان ئي ڀڃ ڊاهه شروع ٿي وئي. اهڙا ڪيئي هٿڪنڊا استعمال ڪري صورتحال کي وڌيڪ پيچيده روپ ڏنا ويندا. انتها پسند ۽ دهشتگرد قوتن کي ڏهڪاءُ پيدا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو، تازي ٿيل سانحي تان ڌيان هٽرائي معاملو لئه مٽي ڪري چونڊون وڌيڪ عرصي لاءِ ملتوي ڪيون وينديون. بلڪل ائين جيئن هاڻي پنهنجن ماڻهن هٿان لٽ مار ڪرائي، بينڪن جا لاڪر خالي ڪرائي، باهيون ڏيارائي، دڪانن تان ڦرون ڪرائي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته بينظير جي قتل کان ترت پوءِ جيالا بينظير ڀٽو جي لاش مٿان روئڻ ۽ لاش دفنائڻ بدران لٽ مار ۾ لڳي ويا، جنهن تي يقين ڪرڻ جو غير عقلي لڳي ٿو. ان صورتحال کي سياسي فهم ۽ ڏاهپ سان سمجهڻو پوندو.

    (3) ميڊيا جي ذميواري ۽ سياسي بردباري:

    اسان سڀني (ڪالم نگارن، ميڊيائي نمائندن، سياسي ڪارڪنن ۽ دانشورن) کي سمجهڻ گهرجي ته اٻهرن نتيجن تي پهچڻ ۽ انهن کي ڪالمن ۽ ليکن ذريعي عوام تائين تڪڙو پهچائڻ کان پاسو ڪجي. قومي ذميواريءَ ۽ دانشمنديءَ سان لکڻ خود هڪ وڏو ۽ اهم ڪم آهي. اسان جهڙن ڀڳل ٽٽل سماجن ۾ تبديليءَ جا محرڪ پيدا ڪندڙ ”اڏول“ سياستدان يا وري ليکڪ ئي ته هجن ٿا. سياسي اڳواڻ ته هتي ڊگهو عرصو بيهن ئي ڪو نه ٿا. ان صورتحال ۾ ليکڪ سول سوسائٽيءَ کي متحرڪ ڪرڻ، ان کي سياسي ادراڪ ڏيڻ ۽ سماجي شعور ڏانهن راهن جي نشاندهي ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

    (4 ) عالمي ٽربيونل ويهارڻ جو مطالبو:

    جيتوڻيڪ حڪمران پنهنجي من گهڙت ڏنل بيانن کان ڦري ويا آهن ۽ کلي عام معافي وٺي اقرار به رڪارڊ ڪرايو اٿن ته قتل گوليءَ سان ٿيو آهي، نه ڪي سن روف جي ليور سان. تنهن هوندي به هن قتل جي تحقيقات ڪنهن عالمي ٽربيونل طرفان ئي ٿيڻ کپي، نه ته هي خون ”به“ لڙهي ويندو. پر اهو به امڪان آهي ته جيڪڏهن اهو قتل مٿي بيان ڪيل تجزئي موجب ڪن ڌرين جي ملي ڀڳت هوندي ته پوءِ سمجهو ته تاريخ جي ٻين ڪيترن ئي قاتلن جيان بينظير جا قاتل به هميشه ئي ڳجها رهندا.

    (5 ) هينئر ڇا ڪرڻ گهرجي؟

    هن وقت ملڪ جي مڙني ترقي پسند ڌرين، ليکڪن، دانشورن مختلف سياسي آئيڊيالاجي رکندڙ سياسي ڪارڪنن ۽ ميڊيائي نمائندن تي فرض ٿو لاڳو ٿئي ته هو پي پي پي جي موجود قيادت کي ٿورو وقفو ڏين ته جيئن هو دردناڪ غم مان ٻاهر نڪرن ۽ ان صدمي جي سختگير اثرن مان ٻاهر نڪرن. المئي مان گذرندڙ سياسي ڪيڊر کي وقت ڏجي ته هو ان اوچتي ڌڪ جي ڪڙي حقيقت کي پي وٺن. هن وقت مٿن تنقيد ڪرڻ نه فقط کين ٻٽي پاڃاريءَ ۾ وجهڻ برابر آهي پر قاتلن کي به ان صورتحال جو من پسند فائدو وٺي ڏيڻ آهي.

    اهو به سمجهڻ کپي ته جن مقصدن تحت هي سانحو ڪرايو ويو، اهي مقصد هر حال ۾ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. جيتوڻيڪ انهن امڪاني خطرن کي لنوائي نٿو سگهجي، پر نقصان گهٽائڻ لاءِ جوابي حڪمت عملي ضرور جوڙي سگهجي ٿي.

    آخر ۾ اهو ته ان سڄيءَ صورتحال دوران اڪيچار بحث ڇڙندا، جن مان سندس ”وصيت“ تي تنقيد به زير بحث ايندي، انڊيا ۽ سريلنڪا جي سياسي خاندانن جا مثال ڏنا ويندا. اهڙا بحث کڻي ڪهڙي به سچائي ۽ سياسي نقطهءِ نظر سان ڪيا وڃن، پر هن وقت اهي بهرحال انهن ئي ڌرين جي مفاد ۾ ويندا، جن جا هٿ هن خون سان رڱيل آهن. گڏوگڏ اهو به سمجهڻ کپي ته هن وقت ڏکڻ ايشيا جي سياسي وراثت واري ڪلچر تي تنقيد ڪرڻ بدران سندن سياسي اڳواڻن جي ائين هڪ ٻئي پٺيان مارجڻ جي سببن تي سوچڻ کپي، جيڪي ڪافي پيچيده آهن. پوءِ کڻي ان پيچيده سچ جا حل به اهي سياسي پارٽيون پيچيده ئي ڏين ٿيون، پر سوچڻ کپي ته آخر اهي سياسي اڳواڻ ائين مارجن ڇو ٿا؟ بحث ان سوال تي ٿيڻ کپي. سياسي وراثت تي بحث پوءِ ڪبو، پهرين قتل جا سبب ته ڳولهيو؟

    sahargul@hotmail.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه سحر گل ڀٽي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    پيپلز پارٽي جي ڪاميابي، عوام جي اميدون ۽ ڳرا چئلينجز!



    اربع 20 فيبروري 2008ع

    2008ع جي اليڪشن ۾ پي پي واضح اڪثريت سان سامهون آئي آهي ۽ نتيجي ۾ حڪمران ڌرين کي جيڪا شڪست ملي آهي، ان سياسي وايومنڊل کي نوان رخ فراهم ڪيا آهن. جيتوڻيڪ پارٽي جي اهم اڳواڻ کي 27 هين ڊسمبر تي پوري ملڪ ۽ دنيا آڏو بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو، پر هي اليڪشن ان شديد غم جي هوندي پارٽي ۽ عوام کي هڪ خوش آئند رستو به ٺاهي ڏنو آهي. هتي اهو ضرور چوڻ چاهيندس ته هي چونڊون جنهن ماحول ۽ جنهن سياسي پسمنظر ۾ ٿيون، ان لاءِ عام ماڻهن کي اڳ ئي پڪ هئي ته اهي صاف ۽ شفاف نه ٿينديون. اليڪشن کان پهرين ۽ پوءِ ڌانڌلين جا وڏي پيماني تي انتظام ڪيا ويا، جن ۾ ووٽر لسٽن ۾ غلط نالن جي داخلا ۽ نالن جو ورجاءُ، آخري ڏينهن تائين پولنگ اسٽيشنن ۾ تبديليون ۽ انهن تبديلين جي ڄاڻ اليڪشن ڪميشن طرفان پارٽين تائين نه پهچائڻ، پارٽين جي سياسي مهم ۾ ضلعي حڪومتن طرفان رنڊڪون وجهڻ، آخري ڏهن ڏينهن تائين به پوليس ۽ روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ بدليون ڪرڻ ۽ ان تي اليڪشن ڪميشن جو خاموش ڪردار، نگران حڪومت جو مخصوص پارٽين جي پٺڀرائي ڪرڻ، ضلعي انتظاميه پاران ڪجهه خاص پارٽين جي غير مشروط حمايت ڪرڻ ۽ مخالف پارٽين آڏو رڪاوٽون وجهڻ جهڙيون ڳالهيون شامل آهن.

    ان سمورن ”انتظامن“ باوجود به عوامي راءِ لڪي نه سگهي. ان ڪري اهو سمجهڻ کپي ته جن به جاين تي حڪمران پارٽين ووٽ کنيا آهن، اهي سيٽون صاف ۽ شفاف طريقن سان سندن لاءِ کڻڻ ممڪن نه هيون.

    جيتوڻيڪ صدر مشرف برطانوي اخبار کي پنهنجي تازي ڏنل انٽرويو ۾ سڌي سنئين خود اعتمادي ڏيکاري ته سندس اتحادي پارٽيون قائد ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سرسي حاصل ڪري وٺنديون، شايد اهو اعتماد سندس پاران ڪيل ”انتظامن“ جي ڪري هو، پر تنهن هوندي به نتيجا سندس اميدن جي برعڪس رهيا آهن. ان مان اهو ثابت ٿي ويو ته پي پي جنهن اڪثريت سان کٽي آئي آهي، ان صورت ۾ ”انتظام“ به ڪارگر ثابت نه ٿيا. صدر مشرف جي ان اعتماد ۽ بيان کي دنيا ۽ خود پاڻ صدر مشرف ڪيئن ڏسندو هوندو؟ اهو سوال ۽ صورتحال ڪافي دلچسپ آهي. سنڌ ۾ پ پ، پنجاب ۾ نواز ليگ ۽ سرحد ۾ اي اين پي جي سرسيءَ کان پوءِ اهو خيال اچي ٿو ته جيڪڏهن بلوچ قوم پرست اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪن ها ته قاف ليگ بلوچستان ۾ سيٽون نه کڻي سگهي ها. سياسي طور تي حڪمران ڌرين لاءِ ائين ميدان خالي ڇڏي ڏيڻ ڪو بلوچ قومپرست اڳواڻن جو صحيح فيصلو نه هو. پر تنهن هوندي به ٽنهي صوبن جا جيڪي نتيجا آهن، ان تحت به صدر مشرف لاءِ بي انتها ڏکي صورتحال آهي. اهو چئجي ته غلط نه ٿيندو ته صدر مشرف اهڙي صورتحال ۾ ڦاٿو آهي، جو جيڪڏهن جمهوري نظام تحت حڪومت ٺاهي وئي ته سندس صدارتي عهدو انتهائي غير مستحڪم ٿي ويندو ۽ کيس سولائي سان هٽائي سگهبو، پر اهو به سمجهڻ گهرجي ته ان جو دارومدار ان تي به آهي ته فوج ۽ آمريڪا جو هاڻي صدر مشرف بابت ڪهڙو موقف آهي؟

    جيتوڻيڪ اليڪشن جي نتيجن صدر مشرف ۽ ان جي اتحادين جي پيرن هيٺان ڌرتي کسڪائي ڇڏي آهي، پر سندس پوزيشن تڏهن ئي ڪمزور ٿيندي، جڏهن بين الاقوامي موقف به سندس مخالفت ۾ سامهون اچي. تنهن هوندي به صورتحال جو اصل دارومدار انهن پارٽين تي به آهي، جيڪي واضح اڪثريت سان کٽي آيون آهن. انهن کي تمام گهڻي ڳوڙهي سياسي سمجهه ۽ سياسي تدبر سان فيصلو ڪري حڪومت جوڙڻ کپي ۽ صدر مشرف توڙي سندس اتحادين کي ڪنهن به صورت ۾ وڌيڪ هلڻ جو موقعو نه ڏيڻ کپي.

    ان سڄي صورتحال ۾ نواز ليگ پنهنجي واضح موقف سان سامهون آئي آهي ۽ عوام پي پي کان به ساڳئي ئي جمهوريت پسند نقطهءِ نظر جي اميد ڪري ٿو، جنهن تحت صدر مشرف جي اقتداري طاقت جو غير آئيني استعمال يعني 58(2) b ۽ عدليه جي بحالي جهڙا نقطا نواز شريف سامهون آندا آهن. خاص ڪري عدليه جي بحالي وارو عمل اهڙو هوندو، جنهن کان پوءِ پاڻمرادو آئيني بحران درستگيءَ ڏانهن ئي ويندو ۽ ان لاءِ عوام پنهنجي چيف جسٽس کي چڱيءَ ريت آزمائي به ڏٺو آهي. اهو چيف جسٽس، جنهن کي تازو ئي صدر مشرف ڪرپٽ ۽ ٽئين درجي جو شهري سڏيو، سو عوام جي نظر ۾ سرخرو آهي ۽ ان جي اچڻ سان عدليه مضبوط ٿيندي ۽ مضبوط عدليه ادارن جي اندروني ڍانچن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. پي پي کي نواز ليگ جي سياسي موقف سان هم آهنگي ڪرڻ کپي، ڇو ته هاڻي عوام جون نظرون انهن ٻن سياسي پارٽين تي کتل آهن، جن کي انهن ووٽ سان آڏو آندو آهي.

    2008ع جي چونڊن دنيا آڏو اها به وضاحت ڪئي آهي ته مولانا فضل الرحمان جهڙن مذهبي انتها پسندن کي عوام نٿو قبولي، اهي تيستائين اقتدار ۾ نٿا اچي سگهن، جيستائين کين ڪي ”ڳجها هٿ“ کڻي ڪرسين تائين نه رسائين. بلڪل ائين جيئن 2002ع جي اليڪشن ۾ ٿيو. اها ڳالهه غور طلب آهي ته 11/9 کان پوءِ پاڪستان ۾ مذهبي پارٽين کي دراصل ڪمزور ٿيڻ کپي ها، خاص ڪري جڏهن بُش حڪومت انتها پسندي خلاف نعرو هڻي پاڪستان کي پاڻ سان شامل ڪيو ۽ بظاهر انتها پسندن جي خاتمي لاءِ قدم به کنيا، تڏهن به 2002ع جي چونڊن ۾ متحده مجلس عمل جون اهي سيٽون کڻڻ به عجيب هو، جيڪي پڪيون پڪيون ايم ڪيو ايم جون هيون ۽ وري هاڻي سندن اهي ساڳيون ئي سيٽون هارائڻ به تعجب کان گهٽ ڳالهه ناهي. نيٺ به ڪهڙا سبب آهن، جو 2002ع وارين چونڊن ۾ مذهبي پارٽين جو مضبوط ووٽ بئنڪ سامهون آيو، جيڪو انهن کي هاڻي حاصل نه ٿيو؟

    بهرحال عوام جمهوري قوتن تي ٻيهر اعتماد ڏيکاري کين اڳيان آندو آهي. سنڌ ۾ پي پي جي واضح اڪثريت آهي. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جا اليڪشن نتيجا دير سان سامهون اچڻ تي سوال اٿاري سگهجي ٿو، پر تنهن هوندي به صوبائي حڪومت جوڙڻ لاءِ پي پي هاڻي ڪنهن جي محتاج ناهي. پر اهو فيصلو ڪرڻ ته ايم ڪيو ايم کي پاڻ سان اتحاد ۾ کڻڻ کپي، يا نه؟ يا وري فنڪشنل ليگ ۽ ايم ڪيو ايم مان ڪنهن هڪ کي اتحاد لاءِ چونڊڻو هجي ته ڪهڙو فيصلو ڪرڻ کپي؟ ان لاءِ سياسي فهم ۽ ادراڪ سان فيصلا ڪرڻ جي گهرج آهي ۽ ان لاءِ گهٽ دور انديش نقطهءِ نظر اختيار ڪرڻو پوندو.

    ڪيترائي پهلو آهن، جن جي حوالي سان عوام پي پي کان عوام سياسي فهميدگيءَ جو مطالبو ڪري ٿو. مثال طور سنڌ جي پاڻي ۽ ناڻي جي حوالي سان واضح پاليسي هجڻ، عدليه جي بي حرمتيءَ خلاف واضح نقطهءِ نظر ۽ بينظير جي قاتلن بابت ڪليئر راءِ تحت موقف اختيار ڪرڻ جهڙا موضوع آهن. انهن مان ڪجهه نقطن کي هيٺ وضاحت سان بيان ڪجي ٿو.

    (1) صدر مشرف جو ڪردار ۽ ان لاءِ پي پي جو گهربل رويو:

    اهو سمجهڻ کپي ته چونڊن جا نتيجا پي پي جي حمايت ۾ ته آهن پر ان جي پٺيان صدر مشرف مخالف راءِ جي به وڏي اهميت آهي. جنهن کي به لازمي طور نظر ۾ رکڻ کپي. اها سڀني کي ڀليءَ ڀت خبر آهي ته ڪيئن صدر مشرف ۽ ان جي اتحادين اليڪشن مهم کان وٺي اليڪشن ڏينهن تائين عوام ۽ ان جي نمائنده پارٽين لاءِ رستا بنهه سوڙها ڪري ڇڏيا. هن (صدر مشرف) ڪيئن غير آئيني فيصله ڪري اسيمبليون معطل ڪيون، چيف جسٽس کي عهدي کان فارغ ڪيو، ڪيئن اليڪشن ڪميشن کان اختيار کسيا ويا. هڪ لساني ڌڙي جي ايتري حد تائين حمايت ڪئي، جو سندن 12 مئي واري قتل و غارت کي به درست چئي سندن حق قرار ڏنو ويو ته اهو جلوس سندن جي علائقن ۾ نه وڃڻ کپندو هو. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جو صدر جڏهن فقط هڪ لساني ڌڙي جي ڏهڪاءَ ۽ دهشت کي جائز قرار ڏئي ٿو ته پوءِ اهو ڪيئن پوري ملڪ جي باانصاف نمائندگي ڪري سگهي ٿو؟ ٻيو ته غير آئيني اختيارن ملڪ جي صدرن کي ايترو ته بااختيار ڪيو آهي، جو لڳ ڀڳ هر صدر پنهنجي دورِ حڪومت ۾ اسيمبلين کي ٽوڙيندو رهيو آهي. ان ڪري مشرف تيستائين سگهارو آهي، جيستائين آئين بحال نٿو ڪيو وڃي ۽ آئين جي بحالي اهو پهريون قدم هئڻ کپي، جيڪو حڪومت ٺاهيندڙ ڌرين کي سڀ کان پهرين کڻڻ کپي.

    (2) بينظير جي قتل بابت موقف:

    جمهوريت ۽ عوام جو ووٽ کڻي ڪيڏو به عظيم بدلو ڇو نه هجي، پر بينظير جي قاتلن کي سڃاڻي الڳ دائري ۾ بيهارڻ کپي. بينظير جي قتل جي ردِ عمل ۾ جيڪا امڪاني مزاحمت پارٽي ۽ ملڪ جي جمهوريت پسند عوام طرفان اچڻي هئي، ان کي حڪومتي ڌرين (پاڻمرادو ڀڃ ڊاهه ڪري، ٻن ڏينهن تائين ملڪ جي هر نظام کي معطل رکي) ٿڌو ڪري ڇڏيو. بيظير ڀٽو جي قتل جي حوالي سان جيتوڻيڪ ايندڙ حڪومت ضرور ڪو نه ڪو موقف اختيار ڪندي، پر هڪ ڳالهه واضح رکجي ته حڪومتي مشينريءَ جي اها ڀيانڪ شڪل ڪڏهن به نه وسارڻ کپي، جنهن تحت ملڪ جي نمائنده سياسي پارٽيءَ جي مقبول سياستدان کي بي دردي سان ان شهر ۾ قتل ڪيو ويو، جتي جي ايڇ ڪيو آهي، ملڪ جو صدر آهي ۽ سيڪيورٽي ٻيڻي ٽيڻي آهي. عوام چڱيءَ ريت سمجهي ٿو ته اهو قتل ڪيئن Manage ڪيو ويو هوندو.

    جيتوڻيڪ قتل جي روايتي پلاند جي منطقي طور تي ڪا به حيثيت ناهي، پر اهو قتل ضرور قاتل ڌرين کي ڳرو پوڻ کپي. اليڪشن جي نتيجن جي صورت ۾ پهريون قدم عوام کنيو آهي ۽ انهن ڌرين کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، جيڪي عوام دشمن ۽ جمهوريت دشمن آهن، پر ان پلاند جي وک کڻڻ جو فرض پي پي تي پوي ٿو ته ڪهڙي طريقي سان پنهنجي حڪومت جي جوڙجڪ ڪري ۽ واضح موقف اختيار ڪري. هن وقت بيظير ڀٽو جي قتل تي (چاهي اهو بيروني توڙي داخلي ڌرين جي ملي ڀڳت هجي) جرائتمندانه ۽ بي ڊپو موقف پارٽي ۽ ان جي موجوده قيادت کي عوام ۾ ويتر مقبول ڪندو. گهٽ ۾ گهٽ اهو قتل ته هاڻي نه ڦٻڻ کپي. پي پي کي گهرجي ته بينظير جي قتل ۽ اهڙن ٻين فيصلن لاءِ اهڙا Mechanism جوڙي، جنهن ۾ عوامي راءِ حاصل ڪرڻ به ضروري هجي. اهي Mechanism سروي ٿي سگهن ٿا، يا وري عوامي ريفرنڊم ٿي سگهي ٿو. جمهوريت جي اعليٰ منصب تي پهتل نمائندن کي گهرجي ته جمهوريت جي قدرن ۽ اعليٰ اصولن کي نظر ۾ رکندي عوامي راءِ جو ڀرپور احترام ڪري ۽ انهن جي مرضي مطابق ئي پاليسيون به جوڙين.

    (3)آمريڪا جي حوالي سان ايندڙ حڪومت جو گهربل ڪردار:

    ان صورت ۾ جڏهن اڪثريت پارٽيون مشرف جي خلاف آهن ۽ اهي جمهوري طرح چونڊجي به آيون آهن، تنهن صورت ۾ تمام گهٽ امڪان آهن ته نئين جڙيل حڪومت صدر مشرف سان ملي ڪري ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪري، خاص ڪري تڏهن، جڏهن سندس طاقت هيٺ تازو ئي هڪ هاءِ پروفائيل سياسي اڳواڻ جو قتل ٿيو هجي. صدر مشرف کي آمريڪي حمايت هوندي به ڪجهه آمريڪي ڊپلوميٽس جي اهڙي راءِ به سامهون اچي پئي، جنهن مان صدر مشرف مخالف موقف محسوس ٿي رهيو آهي. تنهن هوندي به آمريڪي خارجه پاليسي پاڪستان لاءِ هميشه پيچيده رخ ۾ رهي آهي.

    لازمي ناهي ته آمريڪا وٽ صدر مشرف کان سواءِ ڪو ٻيو شخص ئي ناهي رهيو. هونئن به جڏهن سامراجيت پنهنجي ڀرپور طاقت استعمال ڪندي آهي ته اها نان سويلين تي ئي ناهي ڀاڙيندي، پر ملڪ جي جمهوري قوتن کي به پنهنجي چال سان ڀرپور نموني استعمال ڪندي آهي. آمريڪي منشا جي اهڙن مثالن سان پاڪستان جي ويجهي ۽ پراڻي تاريخ ڀري پئي آهي، ان ڪري هروڀرو به فقط صدر مشرف ئي آمريڪا جي مجبوري ناهي. آمريڪي ايجنڊا کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جيڪا ايجنڊا هر نئين ايندڙ جمهوري توڙي غير جمهوري حڪومت جي ٽيبل تي رکيل فائيل ۾ پهرين نمبر تي رکيل هجي ٿي. ڪيترائي اهم سوال ان ڳالهه سان وابسته آهن. مثال طور ڇا ايندڙ حڪومت اتر وزيرستان تي بمباري جاري رکندي/رکڻ ڏيندي؟ افغانستان جي حوالي سان پاڪستان جي آمريڪا کي اها ئي حمايت حاصل رهندي؟ يا ان ۾ ڪي تبديليون اينديون؟ يا ڊفينس جي بجيٽ ۾ ڪا ڪٽوتي ايندي؟ افغانستان ۽ پاڪستان جي اترائن علائقن ۾ جارحيت جيئن جو تيئن قائم رکبي، يا ڪي انسان دوست فيصلا ڪري سگهڻ ايندڙ حڪومت جي اختيار ۾ هوندو. اهي سوال آهن، جيڪي ايندڙ حڪومت جي ٽيبل تي عوام طرفان به رکيل آهن.

    هميشه ملڪ جي خارجه پاليسي ملڪ جي داخلي پاليسين تي اثر انداز ٿئي ٿي. جيڪڏهن نئين حڪومت جي خارجه پاليسي به هميشه جيان ملڪ جي اندروني پاليسين تي پهرين جيان اثر انداز ٿيندي رهي ته عوام نئين جمهوري حڪومت کان سخت مايوس ٿي ويندو. بهرحال ايندڙ ڏينهن ۾ جيڪو به آمريڪي موقف سامهون ايندو، نئين حڪومت جو ان تي ردِ عمل ڏسبو ۽ ڳالهه چڱيءَ ريت کلي سامهون ايندي ته اولهه مسلمان ملڪن ۾ جمهوري نظام آڻڻ جا جيڪي نعرا هڻندو رهيو آهي، انهن ۾ هاڻي ڪيتري سچائي آهي؟ ڇو ته ماضيءَ ۾ ان جو عملي ڪردار ته بلڪل سندس دعوائن جي ابتڙ رهيو آهي، پر اچو ته اميد ڪريون ته هن ڀيري ان ۾ شايد ڪا پاليسي شفٽ آئي هجي.

    (4) ايندڙ حڪومت ۽ امڪاني اتحاد:

    پنجاب ۾ پي ايم ايل (نون) جي واضح اڪثريت هڪ مثبت رُخ آهي. جمهوري قدرن جي آڌار تي ڏسجي ته ٻه پارٽي نظام بنسبت هڪ پارٽي نظام جي وڌيڪ موثر ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ سياسي پارٽيون وڌيڪ ذميواريءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون ۽ مثبت چٽاڀيٽيءَ ۾ داخل ٿي ڪري بهتر پاليسيون جوڙينديون، جنهن جو فائدو يقينن عوام کي ئي ٿيندو. نواز ليگ ۽ پي پي جي امڪاني اتحاد سان انهن سڀني غير آئيني فيصلن کي ختم ڪري سگهجي ٿو، جن جمهوري قدرن ۽ آئين کي پائمال ڪيو.

    (5) متحده قومي موومينٽ لاءِ ڪهڙو فيصلو اختيار ڪرڻ کپي؟

    ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته متحده کان سواءِ حڪومت ٺاهڻ سان امن امان جو مسئلو پيدا ٿيندو ۽ ڪجهه متحده جي اپوزيشن ۾ ويهڻ کي بهتر سمجهن ٿا. پر هڪڙي حقيقت آهي ته چونڊن جي نتيجن مطابق هاڻي متحده ان پوزيشن ۾ ناهي رهي، پي پي کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ لاءِ آزاد اميدوارن کان سواءِ ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ (فنڪشنل) جهڙيون پارٽيون آهن. منهنجي خيال ۾ هڪڙو آپشن فنڪشنل ليگ کي پاڻ سان کڻڻ جو آهي ۽ ٻيو آپشن ايم ڪيو ايم کي کڻڻ جو آهي. پر اهو فيصلو سياسي دور انديشيءَ سان ڪرڻ کپي. بدقسمتيءَ سان ايم ڪيو ايم کي حڪومتي پٺڀرائي هئڻ ڪري ڏاڍي آسانيءَ سان سنڌين کي سنڌ ۾ ئي هر طريقي سان ڪمزور ڪيو ويو. . ويتر ضلعي جي نين حد بندين مطابق اهو ممڪن ڪيو ويو ته ضلعي حڪومتون اندرونِ سنڌ ۾ مخصوص خاندانن ۽ شهرن ۾ ايم ڪيو ايم حوالي ڪيون ويون.ان صورت ۾ پي پي کي تمام گهڻي ڳوڙهي سوچ ۽ مشاورت کان پوءِ پارٽي فيصلو سامهون آڻڻ کپي.

    sahar.gul@gmail.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه سحر گل ڀٽي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    فردن جي فرسودگي ۽ شخصي ٽڪرائن جا سماج تي پوندڙ اثر




    آچر 20 اپريل 2008ع



    ڪنهن به سماج ۾ ان جو مخصوص ماحول جڙڻ جا ڪيئي محرڪ هجن ٿا ۽ فردن جا مخصوص رويا اهي محرڪ آهن، جيڪي سماج جي مزاج جو تعين ڪندا آهن ۽ سماج جو هڪ مخصوص ماحول جوڙيندا آهن. سماج جي مثبت روين جا مثبت ۽ منفي روين جا منفي اثر پوندا آهن. هن لکڻيءَ جو اهم مقصد سماج ۾ فردن جي انهن منفي روين جو جائزو وٺڻ آهي ۽ انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ آهي، جيڪي سماج جو هڪ مخصوص مزاج جوڙين ٿا ۽ جنهن کانپوءِ سماج ۾ روين جا عجيب و غريب ڪلچر ڇڏي ٿا وڃن.

    سنڌي سماج تي جڏهن عام ڪچهرين ۾ ڳالهائبو آهي ته ماڻهن جا مليل جليل احساس سامهون ايندا آهن. انهن مان ڪي احساس سنڌي سماج جي عظمت جي عڪاسي ڪندا آهن ته ڪي ان جي فقط نقصن جي ڳالهه ڪندا آهن. نراسائيءَ مان ڪجهه ماڻهو (جڏهن فردن جي منفي روين مان بيزار ٿيندا آهن) ته اهو به چوندا آهن ته سنڌي سماج بيمار ٿي چڪو آهي. پوءِ اهو سوال اٿي ٿو ته ڇا فردن جي بيمار روين جي ڪري سماج بيمار ٿيندا آهن؟ ان جو جواب هي آهي ته سماج بيمار نه ٿيندا آهن پر جيڪڏهن بظاهر سماج بيمار نظر ايندا به آهن ته ان جو سبب بيمار سوچ وارو ذهن نه، پر سامجي جوڙجڪ جا اهي تاريخي نقص آهن، جيڪي ادارن جي هڪ مخصوص بيهڪ طئه ڪندي نيٺ اچي ماڻهن جي ذهني صحت تي اثرانداز ٿين ٿا ۽ ان جي ابتري ۽ بهتري جو سبب بڻجن ٿا. ان ڪري اها منطقي طور تي هڪ پاسائين سوچ آهي ته ادارتي ڍانچن (Institutional Structures) بدران فقط فردن کي ئي موردِ الزام قرار ڏجي. سماج کي جيتوڻيڪ تبديلي جي سخت ضروت آهي پر اها تبديلي پهرين ادارتي ڍانچن ۾ (نين پاليسين ٺهڻ جي صورت ۾) اچڻ ضروري آهي ۽ گڏوگڏ سماج جي جوڙجڪ واري ڀڃ ڊاهه (Structural Restructuring) لاءِ تمام ضروري آهي ته ادارن سان گڏوگڏ ذهنن تي به فوڪس ڪندو هلجي. ذهن ۽ ادارتي ترقي ۾ بهتري ساڳي وقت هلن ٿا، ڇو ته ادارن کي ذهن ئي ٺاهيندا آهن، ذهنن کي ادارا نه. ان ڪري اداري سازي ۽ ذهن سازي ٻئي هڪ ئي وقت هلڻ کپن. تبديليءَ جون لهرون سماج جي ادارتي ڍانچن جي ذهن جي رڳ رڳ مان گذرندي سندن شعور ۾ وڏي تبديلي آڻينديون. ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

    وه قيامت جو سر سي گذري هي،

    ديکهين کب شعور سي گذري!

    بلڪل ائين ئي تبديلي اثر انگيز تڏهن ئي ٿيندي آهي، جڏهن انساني شعور جي ڍانچي جي به ڀڃ ڊاهه ڪرائي ان کي نئين سر جوڙجي. دراصل سماجي شعور کي ٿلهي ليکي تجزياتي مرحلن مان گذارڻ جي ضرورت هوندي آهي. کڻي جو ايڪڙ ٻيڪڙ ذهن اهڙا به نظر ٿا اچن، جيڪي غير منطقي ۽ سماج-مخالف رويو رکندڙ هجن ۽ کڻي ڀل اهڙن فردن تي سنگين تنقيد ڪري انهن کي Mainstream کان پرانهون رکجي، پر حقيقت اها آهي ته سماج ۾ حتمي سڌارا (Reforms) فقط تڏهن ئي ايندا آهن، جڏهن سماج جي جوڙجڪ ۾ تبديليون اينديون آهن. ذهنن جي غير عقلي ۽ اگري روش تي کڻي ڪيترو به ڳالهائجي، پر تبديلي سماجي ادارن جي تاڃي پيٽي ۾ کپندي آهي.

    حقيقت اها آهي ته بطور هڪ فرد/انسان جي سڀئي ماڻهو پنهنجي پاڻ ۾ پنهنجي سماج ۽ ان جي ادارن جي مخصوص تاريخي جوڙجڪ ۽ مزاج سبب شخصي يا شخصيتي نقص رکن ٿا، جيڪي ٻئي جي ڏک جو ڪارڻ به بڻجي سگهن ٿا. جيئن ته عام ماڻهو پنهنجي ۽ ٻئي جي شخصيت ۾ انهن خالن کي تاريخي پسمنظر ۾ ڏسڻ جا عادي ناهن، ان ڪري بجاءِ ان جي جو شخصي ڪمزورين جي سببن ۽ انهن سببن پٺيان ”لازمي طور موجود“ محرڪن تي ڳالهائجي ۽ انهن محرڪن کي سمجهندي پنهنجي ۽ ٻئي جي اصلاح ڪجي، فرد هڪ ٻئي تي ”سامهون ۽ پرپٺ“ تنقيد/چٿر ذريعي پيا هڪ ٻئي جي پاڇن کي ڪٽيندا آهن ۽ اهڙن روين جو ڇيهو اچي ذاتي دشمني ۽ گروهه بندي تي ٿئي ٿو، جيڪو لازمي طور تي سماج جي صحت لاءِ ناسور بڻجي پوي ٿو. اهڙي طرح سماج ۾ اوڻائين، نقصن ۽ بيمارين جو علاج ٿيڻ بدران اهي پيا وڌندا ويجهندا آهن ۽ سماج ڏاڪي در ڏاڪي اهڙي ته ٽوڙ ڦوڙ ڏانهن ويندو آهي، جيڪا ڊٺل شين کي ٻيهر ٺاهڻ بدران ويتر بگاڙي ڇڏيندي آهي. اچو ته انهن مڙني شخصي/شخصيتي ۽ نظرياتي نقصن تي ڳالهايون، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح فرد جي ذهن کي ابتر ڪن ٿا ۽ سماجي ڍانچن ۽ انهن جي تاڃي پيٽي کي ڪمزور ڪن ٿا. هيٺ انهن مان ڪجهه تفصيل سان بيان ڪجن ٿا.

    (1) عالمي نظرياتي ٽڪراءَ ۽ انهن جا اثرات.

    (2) نظرياتي اختلافن کي ذاتي اختلاف ڪري کڻڻ.

    (3) اڻ سهپ/حسد.

    (4) غيبت/گلا ڪرڻ.

    (5) ٿوري کي گهڻو ڪري ٻڌائڻ/ٿوري علم کي ئي ڪافي سمجهڻ.

    (6) اختلافن کي ڊگهو وقت هلائڻ ۽ نفرتن کي قائم رکڻ.

    (7) پنهنجي عقيدي کي عظيم تر ۽ ٻئي جي عقيدي کي هيچ سمجهڻ.

    عالمي نظرياتي ٽڪراءَ ۽ انهن جا اثرات:

    نظريي جو دائرو جيترو وسيع هوندو، ان جا اثر به اوترائي وسيع هوندا. دنيا ۾ عالمي نظرياتي ٽڪراءَ انقلاب آندا آهن، جن ۾ 1776ع جو آمريڪي انقلاب، فرانس جو 1789ع وارو انقلاب، روس جو 1917ع وارو انقلاب. اهي سڀئي مثال نظرياتي ۽ حقن جي جنگ جا مثال آهن، جيڪي سماجن لاءِ مثبت نتيجا کڻي آيا ۽ سماجي ۽ رياستي ڍانچن جي نئين سر جوڙجڪ ۾ مددگار ثابت ٿيا. مثال طور 20 هين صديءَ ۾ سرمائيداري نظام ۽ سماجواد نظام جي جوڙجڪ جي حوالي سان وڏا اختلاف سامهون آيا، جن دنيا ۾ اهڙا ته ٽڪراءَ پيدا ڪيا، جن سان دنيا ٻن طاقتن ۾ ورهائجي وئي ۽ دنيا جون ڪيئي رياستون ٻنهي طاقتن جي مفاد ۾ ڌرائتيون ٿي بيهي به رهيون ۽ سرد جنگ جڏهن پنهنجي اوج تي پهتي ته ان ۾ هر قسم جون (سياسي/انساني سطح جون اخلاقي/غير اخلاقي) حڪمت عمليون ۽ پروپيگنڊا جا طريقا استعمال ٿيا ۽ نتيجي ۾ 90ع جي ڏهاڪي واري شروعاتي حصي ۾ سرد جنگ (بظاهر)پنهنجي خاتمي تي پهتي ۽ افغانستان ۽ پاڪستان ته ڇا، پر پوري دنيا کي هڪ عالمگيري جهادي ڪلچر جو تحفو به ڏئي وئي، جيڪو هن وقت سڄي دنيا جي امن خلاف ”بظاهر“ مهاڏو اٽڪايو بيٺل نظر پيو اچي. ان ڪري تاريخي طرح نظرياتي اختلافن ۽ ٽڪرائن نه فقط فرد جي فرد سان، بلڪه هڪ نسل جي ٻئي نسل، هڪ مذهب جي ٻئي مذهب سان لاڳاپن کي وڏو ڇيهو رسايو، پر هڪ رياست جو ٻي رياست ۽ هڪ کنڊ جي ٻئي کنڊ سان ناتن کي به وڏو نقصان رسايو. ٽڪرائن جا مختلف قسم آهن ۽ هر ٽڪراءَ جو پنهنجو مزاج آهي، ۽ نتيجا به انهن ٽڪرائن ۽ مزاجن آهر سامهون اچن ٿا. ڪنهن ٽڪراءَ ۾ ٻه مختلف نظريا نيٺ ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي فلسفي تي اچي بنا هڪ ٻئي کي نقصان رسائڻ جي پيا هلندا آهن، پر ڪجهه نظريا هڪ ٻئي جو احترام ڪندي جڏهن هلي نٿا سگهن، تڏهن منجهن ٽڪراءَ جي صورت ۾ سماجي جوڙجڪ ۾ وڏي اٿل پٿل آڻيندا آهن ۽ نتيجي ۾ سماج نظامن جا نوان ويس ڍڪيندا آهن. ٿورو جاگيرداري نظام اندر موجود تضادن ۽ ٽڪرائن تي ڳالهائجي. اهو سماجي سائنس جو اصول آهي ته جنهن سماج ۾ طبقاتي اڻ برابري آهي، اتي جاگير جي زور تي جبر قائم رهندو آهي ۽ ان جبر کي سهڻ لاءِ اڻ ڳڻيو عوام به موجود هوندو آهي. تڏهن اتي پيڙهجندڙ عوام تي پنهنجي طاقت قائم رکڻ لاءِ اوسي پاسي جي زمين ۽ جاگير جا مالڪ به عوام تي مالڪي جي ڀيانڪ چٽا ڀيٽي ۾ الجهندا آهن.

    مثال طور 2008ع فيبروري وارين چونڊن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رتوڇاڻ جو انديشو هو، سرڪاري مشينريءَ اهڙو ته ڏهڪاءُ پيدا ڪيو هو، جو ڪجهه ضلعن جهڙوڪ ٺٽي، بدين، دادو ۾ خوني ويڙهه جو خطرو هو. خاص ڪري دادو ۾ ته اهڙو ڏڪائيندڙ ڏهڪاءُ پيدا ڪيو ويو، جو مقابلو سياسي پارٽين ۾ هوندي به قبائلي صورت اختيار ڪري ويو هو. سياسي ڌرين جا هٿياربند ماڻهو، ۽ خانگي سيڪيورٽي گارڊ هٿيار اڀا ڪيو اميدوارن جي اڳيان پٺيان پئي ڦريا. ان صورتحال سياسي مقابلي بدران قبائلي مقابلي جا منظر پئي ڏيکاريا ۽ ان جو اهم سبب اهو آهي، جو اسان وٽ جاگيرداري نظام مضبوط آهي، جيڪو ڪجهه علائقن ۾ پنهنجي سنگين شڪل ۾ موجود آهي. ٻيو ته حڪومتي ذريعن به فائدو وٺڻ لاءِ ان ڏهڪاءَ کي وڌائڻ جو هر حربو استعمال ڪيو. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن جاگيردار فقط ارتقا جي نظريي ۽ جدليات (تضادن جي سائنس) کي سمجهي وٺن ته کين ڄاڻ پوندي ته پراڻن فرسوده خيالن ۽ نظامن کي ڇڏي هو جڏهن جاگيرداري مان سرمائيداري ڏانهن پير کڻندا، تڏهن ئي وڌيڪ ترقي ڪندا. ارتقا جو ثمر فرسودگي کان وڌيڪ مٺو آهي.

    نظرياتي اختلافن کي ذاتي اختلافن

    ۾ بدلائڻ:

    نظريو کڻي ڪهڙو به هجي، انساني ذهن کي ڪنهن هڪ نقطي تي مضبوطي سان بيهارڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۽ ماڻهن جي شخصيت کي ان نظريي جي مزاج موجب هڪ مخصوص قسم جو توازن به ملي ٿو، جيتوڻيڪ لازمي ناهي ته هر نظريو ۽ ان جي پيدا ڪيل شخص جي شخصيت ۾ توازن انسان دوست به هجي، پر سوال اهو آهي ته اهو توازن ڪيئن ٻئي لاءِ هاڃيڪار ثابت نه ٿئي؟ ان لاءِ صورتحال آهر مهارتون گهرجن. پاڻ مٿي وڏي سطح تي ڪجهه نظرين ۾ ٽڪراءَ جو مختصر جائزو ورتو، پر اهو سمجهڻ گهرجي ته فرد جي فرد سان ٽڪراءَ جو مزاج به وڏي سطح تي نظرين ۾ ٽڪراءَ جيان آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ فائدو ۽ نقصان فرد ماڻيندا ۽ ڀوڳيندا آهن پر انهن ٻنهي قسمن جي ٽڪرائن جي فطرت ۽ مزاج ۾ ساڳيائپ هجي ٿي، فرق فقط اهو آهي ته وڏن ٽڪرائن ۾ قومون ۽ نسل ڀوڳيندا آهن ۽ ننڍن ۾ سماج جا ننڍا حصا بشمول فردن جي ڀوڳيندا آهن. فردن جي فرد سان ٽڪراءَ جا انيڪ مثال موجود آهن. مثال طور هڪ مذهبي ماڻهوءَ جو ٻئي مذهبي ماڻهوءَ سان ٽڪراءُ سماج ۾ ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿو، پر وڏي سطح تي ساڳئي وقت عقيدي پسندي ۽ منطقيت ۾ اختلاف سماج ۾ عظيم الشان متبادل نظام به پيدا ڪري سگهي ٿو، سماج جو هلندڙ وايومنڊل مٽائي ان ۾ انقلابي تبديلي آڻي سگهي ٿو ۽ جيڪو پنهنجي نتيجن ۾ سماج جي صحت لاءِ ڪارگر به ثابت ٿي سگهي ٿو، پر لقاءَ جڏهن ڪارگر نتيجن جي ابتڙ جنم وٺن ٿا، تڏهن نظرين جا سماج تي منفي اثر ٿين ٿا!

    توڙي جو گهڻي ڀڃ ڊاهه هلندڙ اسٽيٽس ڪو ۽ زندگيءَ کي اپ سيٽ ڪندي آهي، پر اها ارتقا تي لازمي طور ڇيهه ڪندي آهي پر اهي نظرياتي اڻ بڻتون جيڪي ٽاري نه سگهبيون آهن، اهي فرد جي فرد سان ٽڪراءَ کان شروع ٿيندي وڃي گروهن ۾ ٽڪراءَ تي ڇيهه ڪنديون آهن ۽ سماج جي مختلف حصن/ادارن ۾ ڌڙابنديون ٿيڻ شروع ٿي وينديون. پوءِ هر ننڍي ۽ وڏي فورم ۾ ڌڙا بندي نظر ايندي آهي. جيتوڻيڪ وڏي سطح تي ڌڙابندين جا سبب سياسي هجن ٿا، ۽ ننڍي سطح وارين ڌاڙا بندين ۾ شخصي اختلاف هجن ٿا، اڻ سهپ هجي ٿي. ننڍي سطح وارين ڌڙا بندين جو سبب اهو به آهي ته فرد پنهنجي شخصي سطح تي تضادن کي Reconcile ڪرڻ بدران پيا وڇوٽيون وڌائيندا ويندا آهن. ادب، سياست ۽ دنيا جي ٻين علمن ۽ ڏاهپ سان وابسته هر شعبي سان واڳيل فورمن ۾ ڏار پيل هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو باوجود مضبوط ۽ عقلي منشورن جي اهي فورم موثر ڪردار ادا ڪرڻ کان رهجي ويندا آهن.

    سياسي پارٽين ۾ ڌڙابندي وري خاص رياستي ادارن جو اهڙو هٿيار آهي، جنهن جو مقصد اهو هوندو آهي ته سياسي پارٽيون ڪمزور ڪري ماڻهن جو اڳواڻن، پارٽين ۽ سياست تان ارواح کڻائجي. ننڍن فورمن سان به جيتوڻيڪ اهڙيون وارداتون ٿيل هجن ٿيون، پر انهن لاءِ اهو نٿو چئي سگهجي ته ان جي پٺيان ڪٿي ڳجها هٿ آهن. ها باقي شخصي اڻبڻتون ۽ اڻ سهپ هڪ سبب طور ضرور سامهون آيا آهن. انهن جي روڪڻ ۽ تدارڪ لاءِ فقط فردن جا رويا آهن، جيڪي اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهي رويا جيڪي انسان دوست هجن، ۽”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ واري سوچ جي بنياد تي بيٺل هجن. اهي ٽڪراءَ واري صورتحال کان فردن، گروهن ۽ سماج کي بچائي ٿا وٺن. ان لاءِ اهڙا ماڻهو گهرجن، جيڪي پنهنجي نظريي کي بهتر ۽ درست سمجهندي به مخالف راءِ کي اها جاءِ ۽ مان ڏين، جنهن سان مخالف سوچ رکندڙ محسوس ڪري سگهي ته هو پنهنجي راءِ رکڻ ۾ آزاد آهي. پر جيئن ته انسان بنيادي طرح سطحي چٽاڀيٽيءَ ۾ مشغول رهندو آيو آهي، ان ڪري سندس لاءِ ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ واري سوچ تي عمل ڪرڻ اهڙي ڪشٽ جيان آهي، جيڪو هو کڻڻ کان لنوائي ٿو. ان جو حل فقط هڪڙو آهي، سو اهو ته فرد کي انفرادي سطح تي پنهنجي پاڻ ۾ وڏيون تبديليون آڻڻيون پونديون، پاڻ لاءِ انسان دوست اصول جوڙڻا پوندا، ضابطا ٺاهي انهن تي هلڻو پوندو، پوءِ وڃي سماج جي ننڍي سطح تي ٿيندڙ نظرين ۾ ٽڪراءَ کي ضابطي ۾ آڻي سگهبو. ننڍي سطح تي آيل روين جي پختگي مضبوط ادارن لاءِ راهه هموار ڪندي. آخر ۾ وري ساڳي ڳالهه چوان ته نظرياتي طرح ڪنهن به نقطي تي پير ٻڌي بيهڻ جيتوڻيڪ هڪ فرد جي شخصيت کي مخصوص معنيٰ ۾ مضبوط ڪري ٿو، پر ان نظريي جي آڌار تي ٻئي جي آزادي سلب ڪرڻ، نظريي بدران شخصيت تي تنقيد ڪرڻ نه فقط غير عقلي رويو آهي، پر ڪيترين ئي صورتحالن ۾ اهو رويو سماجي ڏوهه جي شڪل به اختيار ڪري ويندو آهي.

    اڻ سهپ/حسد:

    جڏهن سماج طبقاتي طرح غير متوازن هوندو آهي ۽ جنهن ۾ هوند ۽ اڻ هوند عام جام هوندي آهي، اتي ٻه متضاد پر غير متوازن نظام پيا هلندا آهن. اهڙو سماج، جتي اڪثريت ماڻهن جون پنهنجون خواهشون ته ڇا، پر بنيادي ضرورتون به پوريون نه ڪري سگهي ۽ سماج هڪ ڊگهو عرصو طبقاتي مت ڀيد ۽ سياسي ڏيوالپڻي جو شڪار رهيو هجي، اتي ان غير متوازن صورتحال جي نتيجي ۾ سماج جي مڙني طبقن ۽ ماڻهن ۾ (پنهنجي پنهنجي طبقي جي انفراديت آهر) اهڙا ته منفي رويا جنم وٺندا آهن، جيڪي سماج ۾ هڪٻئي کي اهنجائڻ کانسواءِ ڪو ٻيو ڪم نه ڪندا آهن. انهن منفي روين مان هڪ اهم رويو ساڙ/اڻ سهپ ۽ حسد جو آهي. فرد جي شخصيت ۾ انهن جو اصل سبب غير صحتمند ۽ اڻ برابري تي ٻڌل سماجي نظام هوندا آهن. مادي شين جي هوند، اڻ هوند، گهٽ هوند، يا گهڻي هوند سماج ۾ عجيب و غريب منفي روين کي جنم ڏيندي آهي، ان ڪري اهو سمجهڻ کپي ته فرد جي فرد سان اڻ سهپ جا گهرا سماجياتي ۽ اقتصادي سبب ۽ غير متوازن سياسي، سماجي جوڙجڪ آهي، ان ڪري سماجي روين جون پاڙون اتي ئي آهن. ساڳي ئي شعبي سان واڳيل ٻن همعصر ماڻهن وچ ۾ چٽا ڀيٽي ۽ هڪٻئي جي تخليق ۽ ان جي اوسر کي نه برداشت ڪرڻ به حسد/اڻ سهپ جو هڪ مثال آهي. حقيقت اها آهي ته هڪٻئي جي تخليق ۽ ترقي کي نه فقط سهڻ، پر ان کي ساراهڻ به وڏو وڙ هجي ٿو. هڪ تخليقار (کڻي ڪهڙي به سماجي/ترقياتي/سياسي شعبي سان وابسته هجي) جڏهن ڪنهن غير معمولي حاصلات سان سامهون اچي ٿو ته ان تي سندس پٺي ٺپڻ ۽ ساراهڻ ڪيڏي نه حسين ڳالهه هوندي. اهو ڪنهن حد تائين درست به آهي ته ماڻهو پنهنجي همعصرن سان چٽا ڀيٽي ۾ رهندو آهي، اها چٽا ڀيٽي ڪنهن حد تائين مثبت نتيجا به ڏيندي آهي، پر چٽا ڀيٽي جڏهن ساڙ ۽ حسد جو روپ وٺندي آهي ته ماڻهو هڪٻئي جي تخليقي صلاحيتن/تخليق مان اتساهه بدران درد پرائيندا آهن.

    جيتوڻيڪ اڻ سهپ اهو عنصر آهي، جيڪو بي علمي ۽ غير تخليقي مزاج جي نشاندهي ڪري ٿو، تنهن هوندي به ڏٺو وڃي ته اهو رويو مختلف علمن جي ماهر ماڻهن ۾ به هڪٻئي لاءِ ملي ٿو. جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ ڪيئن ممڪن آهي، جو عام ماڻهو ان منفي رويي کان بچي سگهي؟ ماڻهن ۾ چٽاڀيٽي يا ٻئي کان بهتر ٿيڻ جي خواهش مخصوص تاريخي ۽ ارتقائي مزاج جي ڪري آهي ۽ ڪجهه مخصوص سياسي ۽ اقتصادي نظام به ان جو سبب آهن. سرمائيداري نظام هن جديد دور ۾ چٽا ڀيٽي جي نظام کي لامحدود واڌارو ڏنو آهي، جنهن دولت جي ورڇ اهڙي ته ناهموار نموني ڪئي آهي ۽ سوچ جا اهڙا ته عجيب و غريب ڪلچر پيدا ڪرايا آهن (خاص طور تي ٽي وي ذريعي) جن سان هروڀرو به ماڻهو هر لحاظ کان پاڻ کي ٻئي کان بهتر ڪرڻ کي زندگيءَ جو اهم مقصد سمجهي ٿو، نتيجي ۾ ٿئي ائين ٿو جو بجاءِ ان جي جو ماڻهو پنهنجي ترقي ۽ تخليق تي ڌيان ڏي ۽ ان ۾ واڌارو آڻي، ٻئي جي زندگي ۾ جهاتيون پائڻ ۾ مشغول ٿو رهي. اها ازلي چٽا ڀيٽي نيٺ به اچي اڻ سهپ، ساڙ ۽ حسد تي ڇيهه ڪري ٿي ۽ انسان کي سطحيت جو شڪار ڪري ٿي ڇڏي. ان مان ماڻهوءَ جو ذهن ۽ سماج ٻن صورتن ۾ آجو ٿي سگهي ٿو، هڪ ته سامراجيت جو عالمي تختو اونڌو ٿئي، اڻ برابري جا تاريخي ڪوٽ اچي پٽ پون، ماڻهو جي سَڌ کان پهرين کيس ضرورت جون شيون ميسر هجن، پر جيستائين ايڏي وڏي عالمي سطح جي تبديلي اچي ۽ سامراجيت خلاف مثبت قوتون هڪ ڀيرو وري پنهنجي طاقت/توانائي کي گڏ ڪري اڀري اچن ۽ هلندڙ ناهموارين کي ختم ڪري نئين سر ادارا جوڙين، تيستائين فرد کي پنهنجي شعور تي ڪم ڪرڻ گهرجي، پنهنجي روين جي اصلاح ڪرڻ کپي، غير ضروري چٽا ڀيٽي جيڪا ساڙ تي اچي ختم ٿئي ٿي، ان کان پاسيرو ٿي پنهنجي شخصيت جي تخليقي پهلوئن کي محنت سان اجاگر ڪرڻ گهرجي ۽ ٻئي کي ان ترقي ۽ تخليقي سرگرمي لاءِ رستو فراهم ڪرڻ کپي. ياد رکجي ته فقط ڪشادي دل ئي عظيم تخليقي صلاحيتن جي مالڪ ٿيندي. انهن حقيقتن کي نه سمجهندي عام ڏٺو ويو آهي ته ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪٻئي جي شخصي زندگين تي پيا ڳالهائيندا ۽ هڪٻئي جي زندگي ۾ پيا جهاتيون پائيندا، جيئن تنقيد، نندا ۽ ڏک ڏيڻ جا انيڪ سبب ڳولي سگهجن. عام ماڻهو ته ڇا، پر دنيا جون ڪيتريون ئي رياستون ان ڇسپڻي ۾ مبتلا آهن. آمريڪا کي پاڪستان جي خارجي ۽ داخلي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ ته ڇا، پر کين پاڪستان جي فيصلي سازي ۾ به پنهنجو حصو گهرجي. ان سلسلي ۾ پاڻ ڪجهه ڏينهن پهرين بائوچر ۽ نيگرو پونٽي کي نواز شريف، آصف علي زرداري ۽ ٻين سياستدانن سان گڏ ويٺي ڏسي چڪا آهيون. پاڪستان تي اولهه جي اک کتل آهي ۽ گڏوگڏ پاڪستان جي گهرو ۽ خارجي پاليسين تي به اولهه اثرانداز ٿئي پيو. ان ڪري اهو چئجي ته غلط نه ٿيندو ته ماڻهو جي ماڻهوءَ جي زندگي ۾ مداخلت، گروهن جي گروهن ۽ رياستن جي رياستن ۾ مداخلت هڪ عام لقاءُ ٿيندو پيو وڃي. ڏسجي ته جڏهن وڏي سطح تي ملڪن جا رويا ايڏا غير عقلي آهن ته فردن جو انهن روين جو شڪار ٿيڻ ته ننڍي ڳالهه لڳي ٿي.

    غيبت/گلا ڪرڻ:

    انساني شخصيت جو غيبت گلا ڪرڻ وارو نقص ٻن ٽن حوالن کان کڻي سگهجي ٿو. هڪ اهو ته ڪو فرد ٻئي فرد جي اهنجائيندڙ روش کان ڏکارو ٿي ان تي ڳالهائي پنهنجي اندر جي ڏک کي هلڪو ڪري، ٻيو اهو ته ٻئي فرد جي مادي، عقلي ”هوند“ کي برداشت نه ڪندي ان جي خلاف ڳالهائيندو رهجي، ان جي ڪردار ڪشي ڪجي، ٻنهي صورتن ۾ رويو غير عقلي آهي. ڪنهن به فرد بابت هر جاءِ تي ڳالهائڻ کان بهتر آهي ته لاڳاپيل ماڻهو کي سڌو وڃي سندس ڪمزورين بابت چئي ڏجي. سوال اهو به آهي ته جيڪو ماڻهو اوهان کي وڻي ئي نٿو اهو، مسلسل اوهان جي ٽيبل تي بطور هڪ موضوع جي ڇو پيو آهي؟ ٻيو ته جيڪو وقت ڪنهن ماڻهو غلا غيبت تي وڃائجي، ڇو نه اهو وقت تخليقي سرگرمي ۾ لڳائجي؟ اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪير به ڪمزورين کان آجو ناهي، پر اسان جي اندر جون ڪمزوريون فقط اسين ئي درست ڪري سگهون ٿا. حقيقت ۾ انسان سماج ۽ فطرت جو حصو آهي، پنهنجي پاڻ کي بهتر ڪندو هلڻ سان دراصل ماڻهو سماج/فطرت کي بهتر ڪندو ٿو هلي.

    ٿوري کي گهڻو ڪري ٻڌائڻ/ٿوري علم کي ڪافي سمجهڻ:

    اهو به عام انساني رويو ئي آهي ۽ لڳ ڀڳ دنيا جي هر حصي ۾ اهڙن ماڻهن جو چڱو انگ به ملندو، جيڪي ٿوري حاصلات جو وڌاءُ ڪري پيا خوش ٿيندا. بنيادي طرح انسان اڳتي وڌڻ ٿو چاهي، وڌيڪ حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پر جڏهن حاصل نٿو ڪري سگهي ته اها حاصلات سندس حسرت بڻجي ٿي ۽ حسرتن جو اظهار انسان مختلف روين سان ڪندا آهن. انسان جي ان نقص کي سندس سٺي/خراب هجڻ جي حوالي کان نه ڏسجي ته بهتر آهي. پر اتي اها ڳالهه ڪرڻ تمام اهم آهي ته ٿوري علم کي گهڻو سمجهڻ ۽ ان کي ڪافي سمجهي زندگي ۾ هلندو هلڻ جمود جي هڪ ٻئي شڪل آهي، جنهن کي عقل/ڏاهپ جو موت (Intellectual Death) به سڏي سگهجي ٿو. اهو موت عام موت کان وڌيڪ نقصانڪار ان ڪري آهي، جو انسان پنهنجي جمود جي شڪار سوچ سان پوري سماج ۾ ان مختصر علم جي آڌار تي رايا ڏئي ٿو، نتيجي ۾ پاڻ ۽ ٻين کي منجهائي ٿو. سقراط جهڙي ڏاهي جو علم کان متاثر ٿي چوڻ ته، ”مون کي فقط هڪڙي ڳالهه جي خبر آهي ته مون کي ڪجهه به خبر ناهي.“ ٻئي پاسي اهي ماڻهو جن ۾ ڏاهپ جو جمود اچي ويو آهي، اهو مرڻ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟

    اختلافن کي ڊگهو هلائڻ ۽ نفرتون قائم رکڻ:

    اختلاف فطرت/سماج جي جوهر ۾ آهي. شين ۾ قدرتي تضاد شين جي ارتقا جو سبب بڻجن ٿا. هيگل جي فلسفلي مطابق جيڪڏهن تضاد کي Thesis, Antithesis and Synthesis وارن مرحلن مان نه گذاريو وڃي ته سماجي/شعوري/ادارتي جوڙجڪ بيهجي ويندي، تعمير بدران ڀڃ ڊاهه اڻ ٽر هوندي. ننڍا تضاد، ڪاوڙون، اڻ بڻتون ۽ رساما زندگي ۾ ڊگهو عرصو کڻي هلڻ ڪشادي دل جي منافي آهي. نفرت تخليقي اوسر کي گهٽائي ٿي ۽ ماڻهو کي محدود سوچ جي دائرن ۾بند ڪري ٿي ڇڏي، مٿس مثبت سوچن ۽ خيالن جا دروازه به بند ٿي ٿا وڃن ، پر جيستائين هڪٻئي خلاف ڪا اختلافي پائمالي، غير اخلاقيات جو ثبوت نه ملي، تيستائين ڊگهي رنجش جو ڪو جواز ناهي. وڏ ماڻهپائي بهرحال ضروري آهي، ٻيو ته اجتماعي سوچ سان ڪم ڪرڻ سان سماج ۾ گهڻ پاسائين تبديلي آڻي سگهجي ٿي. سماج کي سماجي ڪارڪن کپن، جيڪي اڳتي هلي تبديلي ۽ ترقي جا محرڪ ثابت ٿين. اهو تڏهن ئي ٿيندو، جڏهن روين ۾ لچڪ ايندي، غير اهم ڳالهين تان ڌيان هٽائي اهم ڳالهين ڏانهن توجهه ڏبي. جيئن اقتصاديات ۾ هڪ ٽرم استعمال ٿيندو آهي Trade Off يعني ”هڪ اهم شيءِ کي ٻي اهم شيءِ لاءِ ڇڏڻ“ اسان کي وڏي پئماني تي Trade Off جي ضرورت آهي. سماج ۾ باهميت عظيم تر آهي، ڏار جيترا وڌندا ويندا، اوترو ئي سماج ۽ فرد جي صحت تي اثرانداز ٿيندا. ان جو هرگز اهو مطلب نه سمجهيو وڃي ته آمر ۽ ظالم لاءِ به محبت پيدا ڪجي، غير اخلاق، جابر ۽ ڪيني پرور کي زوري به نهٺائي ڏجي. هتي آئون انهن خسيس اختلافن جي ڳالهه ٿي ڪريان، جيڪي فرد کي فرد سان/گروهن کي گروهن يڪجهتيءَ سان هلڻ نٿا ڏين ۽ سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ آڏو رڪاوٽون وجهن ٿا.

    پنهنجي عقيدي کي ٻئي جي عقيدي کان عظيم سمجهڻ:

    انسان عقيدن جو شڪار آهي. ڪي عقلي ۽ ڪي غير عقلي عقيدا. ڪي منطقي ته ڪي غير منطقي. انساني سوچ تي بهرحال عقيدو حاوي آهي، جنهن کانسواءِ ماڻهو هلي ئي نٿو سگهي. ڪيترائي عالمي نظريا ماڻهو مذهبي عقيدن جيان کڻندا آهن، انهن جي پوئواري به ائين ئي ڪندا آهن، جيئن صدين کان اٽل وهمن ۽ وسوسن جي ڪندا ايندا آهن. اها چئبي سائنسي نظرين ڏانهن غير سائنسي روش، ان غير سائنسي روش جي ڪري ٿيندو وڃي ائين جو ماڻهو پنهنجي نظريي کي عقيدي جيان کڻي ان کي عظيم تر سمجهي ان کي بي لچڪ ئي رکندو ۽ ارتقا کان پرانهون رهندو. جنهن نظريي ۾ لچڪ نه هجي ۽ ان کي تبديل نه ڪجي، اهو نظريو نظريو نه، پر غير سائنسي عقيدو سڏبو ۽ سماج توڙي انساني ذهن جي جمود جو ڪارڻ بڻبو. بهتر آهي ته عقيدي جي تاريخ پڙهجي، ان جي ارتقا جا محرڪ سمجهجن ۽ اهو به ته آخر ڇو اڻ ڳڻيا عقيدا تاريخ جي هر دور پئي پيدا ڪيا آهن. دنيا ۾ جيستائين عقيدي پرست رهندا، تيستائين عقيدو قائم رهندو.

    sahargul@hotmail.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه سحر گل ڀٽي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    نيٺ ڇا ڪجي؟: سنڌ جي نئين سر ادارتي تشڪيل جي ضرورت!




    ڇنڇر 2 آگسٽ 2008ع



    30 هين جولاءِ 2008ع تي علي قاضي صاحب پنهنجي ڪالم ۾ ساڳيو ئي اتساهيندڙ سوال هڪ ڀيرو ٻيهر اٿاريو آهي ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ ته جيئن ان سوال جو جواب ڳولي سنڌ کي ابتريءَ واري حالت مان ٻاهر ڪڍي اچجي. آرٽيڪل جو تت هيءُ آهي ته، ”ڏهه سال پهرين به ان موضوع تي بحث ٿي چڪو هو ۽ ڏهن سالن کانپوءِ به ڏسجي ته سنڌ بهتريءَ بدران ابتريءَ وارين حالتن ۾ گهيربي رهي آهي، ان گهيري مان سنڌ کي ڪڍڻ لاءِ ڪو لائحه عمل سامهون نه آيو آهي. بهتر ٿيندو ته اسين (ووڪل ڪلاس) مرده پرستي ڇڏي اڻڄاتل وقت ۽ طرف کان ايندڙ مسيحائي اڳواڻ جو انتظار ڪرڻ ڇڏيون ۽ سڀاڻي ”بدران“ ”اڄ“ ئي ڪجهه سوچيون ته جيئن غير فهميده ۽ غير سياسي روش کي پاسي تي رکي ڪجهه اهڙو ڪجي جو سماج ترقيءَ ڏانهن ويندڙ گس اختيار ڪري ۽ قدامت ۽ پائماليءَ جي اونداهين غارن مان نڪري 21 هين صديءَ جي دنيا سان قدم قدم سان ملائي هلي سگهي.

    علي قاضي صاحب هي سوال وقتائتو اٿاريو آهي، پر ان بحث جا بهتر نتيجا فقط تڏهن ئي اچي سگهن ٿا، جڏهن ان جي جواب ۾ ڪي ٺوس (Concrete) اپاءُ ، رايا ۽ نظريا سامهون اچن.

    گذريل ڀيري به ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ واري موضوع تي اسين (فقط) بحث براءِ بحث ۾ اٽڪي بيهي رهياسين. ان اٽڪي بيهي رهڻ جو سبب جيڪڏهن اهو هيو ته هڪڙي ڏينهن ڪو مسيحا ايندو، يا اوچتو ڪو ليڊر اچي سماج جي مڙني خرابين کي درست ڪري تبديلي ڪنهن چانديءَ جي پليٽ ۾ رکي آڻي ڏيندو، ته اها سوچ ۽ اهو سبب قطعي به درست نه هو. اهو نقطهءِ نظر (پنهنجي جوهر ۾) غير سائنسي ۽ غير منطقي آهي، ويتر 21 هين صديءَ ۾ ڪنهن ڏندڪٿائي ” هرڪيوليز“ (يوناني هيرو) جو سوچڻ ته هو ”جادوئي ڇڙيءَ“ سان وايومنڊل کي نئون ڪري ڏيندو، سو انتهائي مصنحڪه خيز خيال آهي. گهڻ رخي سماج کي جمود مان ڪڍڻ لاءِ ڪو هڪڙو Domino Effect Theory (گهڻ پاسائون اثر رکندڙ نظريو) ڪم نه ڪندو، جيڪو هڪ ئي عمل سان سڀئي مسئلا حل ڪري ڇڏي. سماج جي هر مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ الڳ الڳ نظريو کپي، الڳ الڳ ٽيم کپي. هڪڙي انگريزي چوڻيءَ جو سنڌي مطلب اهو بيهي ٿو ته، ”ڌڻيءَ جا ڪم ڌڻيءَ تي، ماڻهوءَ جا ڪم ماڻهوءَ تي.“ ايئن ئي هرڪو ويهي پنهنجن پنهنجن فرضن، ڪردارن ۽ ذميوارين تي ڪم ڪري. هن مضمون ۾ منهنجو زور سول سوسائٽيءَ تي آهي ته ان کي ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ واري سوال تي ڪهڙي رخ کان ڪري غور ڪرڻ گهرجي، ۽ رڳو غور ئي نه ڪرڻ گهرجي، پر حل ڏيڻ کپي. جيتوڻيڪ ”سول سوسائٽيءَ“ جي جديد وصف موجب ان ۾ سياسي پارٽيون به اچن ٿيون ۽ سماج کي تبديل ڪرڻ جو اولين فرض سياسي پارٽين تي ئي لاڳو ٿئي ٿو، پر سنڌ جي سياسي پارٽين جي ماضي/موجوده ڪردار ۽ انهن جي گهربل تشڪيل تي ڪنهن ٻئي وقت لکبو، هن ڪالم جو محور سول سوسائٽيءَ جا ٻيا نمائندا (Components) آهن ته اهي سماج جي نئين سر جوڙجڪ ۾ ڪيترو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

    سول سوسائٽيءَ جي وصف پنهنجو دائره اختيار هر ڏينهن وسيع ڪندي پئي وڃي. 20 هين صديءَ ۾ اها وصف مختلف ۽ مختصر هئي ۽ 21 هين صديءَ ۾ ان وصف حيرت انگيز ارتقا حاصل ڪئي آهي. سول سوسائٽيءَ جي دائري ۾ سياسي پارٽيون، استاد، شاگرد، وڪيل، صحافي، تعليمي ماهر، قانون ساز، عورتن، ٻارن، انساني حقن ۽ ماحولياتي تبديليءَ تي ڪم ڪرڻ وارا ادارا اچي وڃن ٿا ۽ تبديليءَ لاءِ ٿيڻ اهو کپي ته سول سوسائٽيءَ جو هر ادارو پنهنجي نئين سر تشڪيل ڪرڻ ۾جنبي وڃي ۽ اهو ئي سائنسي ۽ منطقي طريقو آهي ته وڏي سماجي تبديليءَ لاءِ ادارا پنهنجي اندر موجود خلائن ۽ ڪمزورين کي درست ڪري منجهن نواڻ آڻين. ان لاءِ هڪ ته اهو سمجهڻ کپي ته اهو ڪم ڪنهن هڪڙي اڳواڻ بدران گهڻ رخي طريقي سان شروع ٿيڻ کپي. ٻيو ته اهو به سمجهڻ کپي ته دنيا جي ڪا به قوم Isolation (اڪيلائيءَ) ۾ رهي ڪجهه به نٿي ڪري سگهي، ان کي ٻين قومن جي تاريخ مان اتساهيندڙ نظريا به کڻڻا پوندا. ساڳيءَ ئي ريت اسان کي انهن بين الاقوامي، سياسي ۽ سماجي سائنس جي نظرين کي به پنهنجي شعور ۾ لاهڻ کپي، جن دنيا جي ملڪن ۾ وڏي پئماني تي انقلابي تبديليءَ لاءِ راهون هموار ڪيون. سنڌ انهن نظرين مان فائدو وٺي پنهنجي ادارتي ڍانچن ۾ نواڻ آڻي سگهي ٿي.

    منهنجو خيال آهي ته اطالوي ڏاهي ”انتونيو گرامچي“ جي نظريي ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي مسئلن جو ادراڪ ۽ حل ممڪن ٿي سگهي ٿو. گرامچي جي نظريي کي کڻي ڪري نه فقط سنڌ جي گهڻ رخي پاليسي جوڙي سگهجي ٿي، پر سنڌ کي سياسي، اقتصادي ۽ سفارتي سطح تي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجن پيرن تي بيهاري سگهي ٿو. (گرامچي 1891ع ۾ اٽليءَ جي هڪ ٻيٽ سارڊينيا (Sardinia) ۾ پيدا ٿيو، هن طبقاتي جنگ، جبر جي جواب ۾ جبر ۽ دانشورن جي سماج ۾ ڪردار تي عظيم نظريا پيش ڪيا آهن.) هن وقت مان گرامچيءَ جي فقط ٻن نظرين تي ڳالهائينديس.

    (1) گرامچيءَ جو نظرياتي محاذ تيار ڪرڻ وارو نظريو.

    (2) رياست جي پيدا ڪيل ڪامن سينس جي جواب ۾ متبادل نظريو آڻڻ.

    گرامچيءَ جو نظرياتي محاذ تيار ڪرڻ وارو نظريو:

    گرامچي ڪنهن به عمل کان پهرين ان عمل لاءِ نظرياتي بنياد ٻڌڻ لاءِ چوي ٿو، يعني جسماني طرح تحريڪ شروع ڪرڻ کان پهرين نظرياتي محاذ تي ڀرپور ڪم ڪرڻ يا نظرياتي بنياد ٻڌڻ لاءِ چوي ٿو. سولي سنڌيءَ ۾ اهو ته سياسي ۽ سماجي جدوجهد شروع ڪرڻ کان پهرين سماجي ۽ سياسي مسئلن کي سمجهي انهن جي حل لاءِ هڪ نظريو آڏو آڻجي، ان نظريي تي (ان شعبي سان واڳيل) ماهرن، ڏاهن ۽ نظريي دانائن جي راءِ کانپوءِ ان کي آخري شڪل ڏجي. ان کان پوءِ ئي ان نظريي جي آڌار تي عملي تحريڪ شروع ڪجي.

    سنڌ جي حوالي سان آئون ان نظريي کي ائين کڻنديس ته سنڌ جي هر اداري، سول سوسائٽي جي هر عنصر (Component) سان لاڳاپيل نمائندن کي پنهنجن پنهنجن ادارن ۾ تبديليءَ لاءِ نظرياتي بحث شروع ڪري ڏيڻ کپن. سول سوسائٽيءَ جي نمائندن کي گهرجي ته ادارتي مسئلن جي چيڪ لسٽ تيار ڪري سماج جي هر (سماجي، سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ سفارتي) پهلوءَ جي بهتريءَ لاءِ حڪمتِ عملي جوڙين. لاڳاپيل ماهرين يا ته پنهنجن پنهنجن شعبن جي ڪمزورين جي نشاندهي ڪري انهن کي درست ڪري ادارن کي فعال بڻائين يا وري ادارن جي پراڻن ڍانچن کي ختم ڪري انهن جي نئين سر تشڪيل جو ڪم شروع ڪيو وڃي. مثال طور ائين ٿي سگهي ٿو ته مڙني لاڳاپيل شعبن جا ماهر ٽن کان ڇهن مهينن تائين بحث ۽ ٽيڪا ٽپڻين جي نتيجي ۾ نظرياتي/پاليسي پيپر کي تيار ڪري ان تي بحث ڪن، پيپر کي آخري شڪل ڏئي ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ حڪمتِ عملي جوڙين. ان جا مثال مختصرن هيٺ بيان ڪنديس.

    استاد ڪيئن تعليمي ادارن لاءِ نظرياتي فرنٽ تيار ڪري سگهن ٿا؟

    يونيورسٽين جا استاد نصاب ۾ نواڻ/تبديلي آڻڻ سان گڏ دنيا اندر مختلف شعبن ۾ آيل جديد نظرين کي تعليمي ادارن ۾ متعارف ڪرائي سگهن ٿا، هر شعبي جي نصاب کي دنيا جي معياري يونيورسٽين جي نصاب جي ماڊل تي تيار ڪري نئين ادب سان لائبريريون ڀري سگهن ٿا. ان کانسواءِ استاد تعليم جي وزارت تي به زور رکي سگهن ٿا ته تعليمي ادارن کي بين الاقوامي معيار تي آڻڻ لاءِ خصوصي فنڊ مهيا ڪري ڏان وڃن. حقيقت ۾ ان جي ذميواري يونيورسٽين جي سربراهن تي اچي ٿي ته ڪيئن هر شعبي جي استادن کي پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ نواڻ آڻڻ لاءِ اتساهيو وڃي.

    قانون جي ماهرن جو امڪاني نظرياتي محاذ:

    قانون جا ماهر ڪنهن جي به حڪومت جي غيرقانوني فيصلن تي قانوني سوال اٿارين، انسان دشمن قانونن جي نشاندهي ڪن، انهن جي تبديليءَ لاءِ قانونسازي ڪن. آئين جو چڱيءَ ريت مطالعو ڪري غير آئيني قدمن جو نوٽيس وٺي سو موٽو عمل ذريعي هلندڙ اسٽيٽسڪو کي چئلينج ڪن.

    عورتن جون تحريڪون ۽ انهن جي نظرياتي بيهڪ:

    عورتن جي تنظيمن کي گهرجي ته جنس جي بنياد تي رکيل فرق تي سوال اٿاري انساني برابريءَ تي زور ڏين. هر شعبي ۾ عورتن کي اچڻ لاءِ اتساهين ۽ اهو ثابت ڪن ته فقط جنس ۽ صنف جي بنياد تي شعبا نٿا ورهائي سگهجن. بهتر اهو ئي ٿيندو ته عورتن جي حقن جون تحريڪون مردن کي پاڻ سان شامل ڪري عورتن کي مردن برابر سماجي، سياسي ۽ اقتصادي هڪجهڙائيءَ لاءِ آواز اٿارين ۽ عورتن لاءِ رستا هموار ڪن ته جيئن اهي سياسي ۽ سفارتي ادارن ۾ اچي پاڻ مڃائين.

    NGO”S ۽ سماجي ترقيءَ جي ادارن جا نظرياتي محاذ:

    سنڌ /ملڪ جي NGO”S ۽ سماجي ترقيءَ جي ادارن کي گهرجي ته اولهه جي ترقياتي Paradigms مطابق تيار ڪيل ترقياتي منصوبن کي متعارف ڪرائڻ کان پهرين انهن جي امڪاني اثرن/نتيجن جو تجزيو ڪن ۽ پرڏيهي ڊونر-ادارن کي اهو باور ڪرائين ته اولهه جي سماجي ترقيءَ جي ماڊلز ۽ پراجيڪٽ جو اسان وٽ جيئن جو تيئن لاڳو ٿيڻ سان ڪي ڏور-رس نتيجا نه نڪرندا.

    ميڊيائي ادارن جي تشڪيل:

    ميڊيا ٻين مڙني ادارن کان وڌيڪ موثر ڪردار ان ڪري به ادا ڪري سگهي ٿي، جو اها فقط هڪ موضوع جي محتاج ناهي، اها سماج جي هر پهلوءَ جي حوالي کان مواد ۽ پروگرام پيش ڪري ٿي. ميڊيائي ادارن وٽ (خاص ڪري اليڪٽرانڪ چئنلز وٽ) مختلف شعبن جي ماهرن جي جيڪڏهن Cabinet هجي ته اها نه فقط خود ميڊيا، پر ٻين ادارن جي انهن مخصوص پهلوئن کي به بهتر نموني اجاگر ڪري سگهي ٿي، جيڪي پنهنجن ادارتي مسئلن جو شڪار آهن. گڏوگڏ ان غير صحافتي ٻولي (Jargon) تي به تنقيد ڪري ان کي سڌاري سگهي ٿي، جيڪا صحافت کي زرد صحافت يا (Yellow Journalism) جو روپ ڏئي ٿي. اهي ماهرين ان جي به نشاندهي ڪري سگهن ٿا ته ڪيئن اشتهارن، فلمن ۽ ڊرامن جو مواد ۽ ”ڳر“ سماج ۾ رهندڙن تي پنهنجا منفي ۽ مثبت اثر ڇڏي ٿو. نام نهاد ”لطف“ (Enjoyment) جي نالي ۾ غير ضروري ٺاهه ٺوهه، غير ضروري Gossips ڪيئن نه غير اهم شين کي اهم ڪري اهن ترين اشوز کي الجهائي ٿا ڇڏين. ڏسندڙن جي گهرج (Public Demand) جي غير منطقي فلسفي لاءِ مان اهو چونديس ته اهو مفروضو آهي ته ميڊيا اهو ٿي ڏيکاري، جيڪو ڏسندڙ چاهين ٿا. مان سمجهان ٿي ته دراصل ميڊيا ئي پبلڪ ڊمانڊ کي جنم ٿي ڏئي. جيڪڏهن ميڊيائي ادارا سماجي تبديليءَ لاءِ نوان خيال پيش ڪري نئين ”پبلڪ ڊمانڊ“ پيدا ڪن ته فقط هڪ ئي ڏهاڪي اندر سماج جي هر سطح تي حيران ڪندڙ تبديلي اچي ويندي.

    اهي هئا (گرامچيءَ جي نظريي مطابق) اهي مختصر مثال ته ڪئين مختلف ادارا پاڻ ۾ تبديلي آڻي سگهن ٿا ۽ پاڻ کي نظرياتي محاذن تي مضبوط ڪري سگهن ٿا ۽ سماج ۾ ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ واري سوال جا انيڪ جواب سامهون آڻي سگهن ٿا.

    گرامچيءَ جو جوابي ڏاڍ (Counter-hegemony) وارو نظريو ۽ سنڌ:

    گرامچيءَ مطابق ته حڪومتي مشينري جڏهن جبر ڪندي آهي ته ڪوڙي سوچ ۽ ڪوڙا عقيدا ”عام فهم“ (Common sense) پيدا ڪندي آهي، جن ذريعي سماجي ذهنن جي پنهنجي منشا موجب ڊزائيننگ ڪندي آهي. جيڪڏهن گرامچيءَ جي ان نظريي مطابق اسين پنهنجي ملڪ جو تجزيو ڪريون ته خبر پوندي ته هر ايندڙ حڪومت اهو ڏاڍ ٻن ادارن ذريعي ڀرپور طريقي سان ڪري سگهي ٿي. هڪڙا ”تعليمي ادارا “ ۽ ٻيا آهن ”ميڊيائي ادارا“. اهي تعليمي ادارن ۾ ڪريڪيوليم ۽ مخصوص نصاب ذريعي ڪوڙي تاريخ ۽ ڪوڙا انگ اکر ڏئي جابرن کي هيرو ۽ هيرن کي جابر ڪري پيش ڪري هڪ ڪوڙو ”ڪامن سينس“ يا ”عام فهم“ تيار ڪندي آهي، جيڪو نصاب ملڪ جي نئين نسل جي شروعاتي دور ۾ ئي ڪوڙي تاريخ ذريعي برين واش ڪندو آهي. ٻئي پاسي ميڊيائي ادارن کي روزمره جي (خارجي ۽ داخلي) معاملن تي پروپئگنڊا جي اوزار طور ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪندي آهي. اهي ٿيا رياستي ڏاڍ جا خطرناڪ ترين هٿيار، جيڪي هڪ مخصوص قسم جي ذهن سازي ڪندا آهن. اڳتي هلي اُهي مخصوص ذهن پنهنجي ذهن جهڙا ئي ”هڪ پاسائان“ ۽ ”کوکلا“ ادرا جوڙيندا آهن، جي بنياد ۾ اهو ڪوڙو ”ڪامن سينس“ يا ڪوڙو ”عام فهم“ هوندو آهي، جيڪو پنهنجن نتيجن ۾ لازمي طور سماج لاءِ هاڃيڪار هوندو آهي.

    هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا سول سوسائٽي ان هٿرادو ۽ ڪوڙي پيدا ڪيل ”عام فهم“ کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ جوابي ”عام فهم“ نٿي تيار ڪري سگهي؟ ان عملي کي گرامچيءَ جي سياسي ٻوليءَ ۾ ”ڏاڍ جي جواب ۾ ڏاڍ“ (Counter hegemony to hegemony) چئجي ٿو. جڏهن رياست ڪامن سينس/عام فهم تيار ڪرڻ واري ٽولي کي منفي نموني استعمال ڪري ٿي ۽ پنهنجي منشا ماڻي ٿي ته ڇا سول سوسائٽي ان ٽولي کي مثبت نموني استعمال نٿي ڪري سگهي؟ ها! ڪري سگهي ٿي. سول سوسائٽي حڪومتي مشينريءَ جي جابرانه کانچن مان تيار (Manufacture) ٿيل ڪوڙن خيالن آڏو سچ کي آڻي بيهاري سگهي ٿي.

    اهي ريتون رسمون ۽ (Institutionalized) رويا، جيڪي رياستي Elites سماج تي ڪائناتگير خيال ڪري مڙهيا هوندا آهن، انهن جي سگهه ۽ ڪوڙي تاريخ ختم ڪرڻ لاءِ سول سوسائٽي نون خيالن جو انقلاب آڻي سگهي ٿي ته جيئن فرسوده سوچن کي نين سوچن سان رد ڪجي.

    سماجي تبديليءَ جي حوالي سان ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ واري سوال جي جواب ۾ پهريون قدم اهو هوندو ته سوچ جو ڪلچر تبديل ڪجي، خيالن کي متحرڪ رکجي، ڇاڪاڻ جو غير متحرڪ سوچ ۽ خيال ”رضا تي راضي“ رهڻ تي مجبور ڪن ٿا، نه رڳو ايترو، پر بي معنيٰ ۽ غير تخليقي روين کي جنم ٿا ڏين. غير متحرڪ سوچ ”اهم“ کي غير اهم ۽ ”غير اهم“ کي اهم قرار ڏئي مادي شين جي حاصلات ۽ ظاهري ٺاهه ٺوهه ۾ گم ڪري ڇڏيندي آهي. ادارا سوچ (نظريي) جي ڪلچر ۾ نوان آڻڻ بدران موجود جمود کي پيا ويتر مضبوط ڪندا آهن ۽ امڪاني ترقي/ارتقا کي وڏو ڇيهو رسائيندا آهن. نيتيجي ۾ سماجي ذهن جن شين پٺيان هليو ٿو وڃي، انهن شين جي حاصلات کي ڪنهن به صورت ۾ عظيم سماجي ترقي نٿو ڪوٺي سگهجي. اهو فيشني جمود ذهنن جي تخليقي صلاحيت ۽ اوسر جي امڪانن کي ختم ڪري کوکلو ڪندو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتي ماڻهو ۽ ادارا پنهنجي فطري مزاج ۽ لاڙن جي ابتڙ ڪم ڪن ٿا ۽ استعمال ٿين ٿا.

    آخر ۾ مختصر ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جي جواب ۾ اهو چونديس ته هر اداري کي اتساهجي ته اهو نظرياتي محاذ تيار ڪري ”ادارتي تصور ۽ نظريا“ تشڪيل ڏئي ۽ پيدا ڪيل ڪوڙي ”عام فهم“ يا ”ڪامن سينس“ کي رد ڪرڻ لاءِ هڪ ”نئون ڪامن سينس“ پيدا ڪري ته جيئن سوچ جو نئون ڪلچر پيدا ڪري سگهجي. سياسي پارٽين تي پوءِ ڳالهائبو، پر سماجي تبديليءَ لاءِ سول سوسائٽي جا ٻيا حصا ڇا ٿا ڪري سگهن؟ ميڊيا ڇا ٿي ڪري سگهي؟ منهنجي خيال موجب ميڊيا سول سوسائٽي جي مڙني حصن کان وڌيڪ موثر ۽ فعال ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي!

    sahar.gul@gmail.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه سحر گل ڀٽي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ملڪي پرڏيهي پاليسيءَ جي 61-سالن جي تاريخ




    خميس 14 آگسٽ 2008ع



    14- هين آگسٽ 2008ع تي ننڍي کنڊ تان 350 سالن جي برطانوي بيٺڪيت جي خاتمي ۽ نتيجي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي صورت ۾ ٿيل ورهاڱي کي 61 سال گذري چڪا آهن، پر 1947ع کان وٺي هينئر تائين پاڪستان جي خارجه پاليسي پاڪستان جي موجوده خارجي ۽ داخلي بحراني صورتحال جو سبب رهي آهي.

    خارجي رابطن يا پرڏيهي لاڳاپن (Foreign relation /policy) جي سماجي سائنس ۾ معنيٰ آهي ته، ”جيئن ته ڪو ملڪ اڪيلائيءَ (Isolation) ۾ نٿو رهي سگهي ۽ ترقيءَ ۽ واڌ لاءِ ان کي ٻين رياستن، عالمي ادارن ۽ بين الاقوامي تنظيمن سان يا اهم فردن سان رابطن قائم رکڻ جي ضرورت پوي ٿي ته جيئن اهو، پنهنجي غربت، پسماندگي، دهشتگردي، منشيات، پاپوليشن/آدمشماري، توانائي، وسيلن ۽ معاملن سان وابسته حالتن کي رابطن، خيالن ۽ وسيلن جي ڏي وٺ ذريعي حل يا بهتر ڪري سگهي، ترقي ڪري ۽ پنهنجي شناخت ۽ تحفظ جو بندوبست ڪري سگهي.“ ان وصف جي روشنيءَ تحت جيڪڏهن پاڪستان جي صورتحال تي نظر وجهجي ته واضح طور تي سمجهه ۾ اچي ويندو ته، نيٺ پاڪستان ڪيتري حد تائين پنهنجن خارجي لاڳاپن جي نتيجي ۾ ملڪي سڌارا آندا ۽ ڪيترو بگاڙ آندو.

    پاڪستان جي آمريڪا سان پرڏيهي لاڳاپن ۽ سفارتي محاذ پاڪستان جي موجوده مخصوص خارجي، داخلي، اقتصادي، سياسي شبيهه کي طئه ڪيو آهي. پاڪستان هينئر دنيا ۾ عالمي دهشتگرديءَ خلاف مهم ۾ آمريڪا جو اهم اتحادي آهي ۽ 9/11 واري حادثي کانپوءِ ته پاڪستان جي سياسي ڪردار وڌيڪ اهم ۽ پيچيده رخ اختيار ڪيا آهن.

    ملڪي ۽ پرڏيهي صحافتي دنيا جي آڙيڪاپ شخصيتن ۽ ملڪي، غير ملڪي، سياسي تجزيه نگارن ته ڇا، پر دنيا جي هر عام ماڻهوءَ کي به خبر پئجي چڪي آهي ته هن ملڪ ۽ هن خطي ۾ مذهبي دهشتگرديءَ ۽ انتهاپسنديءَ جا سَلا ڦٽڻ جا ڪهڙا سياسي، اقتصادي ۽ Strategic سبب هئا. نتيجو اهو نڪتو آهي ته افغانستان ۽ پاڪستان جا قبائلي علائقا ته ٺهيو پر جيڪڏهن تباهه ڪاري 9/11 تي آمريڪا تي اچي ٿي يا لنڊن، استنبول، ميڊرڊ ۾ بمن ڦاٽڻ جي صورت ۾ اچي ٿي، انهن ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ ڌرتي ٽامو ٿي وڃي ٿي ۽ پرڏيهي ميڊيا پاڪستان تي الزام هڻي ملڪ کي مڙني دهشتگردين جو سبب ڪوٺي ٿي! ان ڪري اهو چئجي ته غلط نه ٿيندو ته، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي (Foreign policy) پاڪستان جي موجوده عالمي شناخت جو سبب بڻي ۽ ان پرڏيهي پاليسيءَ ۾ به انهن سفارتي لاڳاپن جو (پاڪستان تي دهشتگرد پيدا ڪندڙ ملڪ واري الزام ۾) وڏو هٿ آهي، جيڪي پاڪستان، آمريڪا سان رکيا.

    ٿلهي ليکي جيڪڏهن پاڪستان جي آزاديءَ (14 هين آگسٽ 1947ع) کان وٺي اڄ تائين جي پرڏيهي پاليسي تي نظر ڪجي ته خبر پوندي ته، پاڪستان 52/1953ع کان وٺي اولهه سان سفارتي محاذ کوليو، 90/1980ع وارن ڏهاڪن ۾ آمريڪا لاءِ پاڪستان واضح قدمن سان سامهون آيو ۽ افغانستان مان روس کي ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ جي حوالي سان آمريڪا کي جيڪا به سياسي ۽ فوجي مدد کپندي هئي، اها هن ملڪ جي حڪمرانن آمريڪا کي ڊالرز جي عيوض ڀرپور فراهم ڪئي. سرد جنگ جي خاتمي ( 2001-1999) کانپوءِ پاڪستان شديد اندروني بحران ۽ سفارتي پيچيدگين واري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو. 2001ع کان اڄ تائين اهو وقت نيٺ اچڻو هو، ۽ اچي چڪو آهي، جنهن کي اهو لُڻڻو هو، جيڪو پوکيو ويو. آمريڪا عالمي دهشتگرديءَ جي نالي ۾ بلين ڊالر هر سال اڏائي پيو ۽ اسان جا حڪمران نه صرف اها رقم فورسز کي ويتر مضبوط ڪرڻ ۾ خرچ پيا ڪن، پر 21- هين صديءَ ۾ به پاڪستان انهن چند ملڪن ۾ شامل آهي، جتي آمريت پنهنجي سنگين شڪل ۾ موجود آهي.

    نه فقط اهو، پر پاڪستان انهن چند ملڪن منجهان آهي، جتي جي حڪمرانن جي پرڏيهي پاليسي نه فقط ملڪ جي عالمي ڪردار (Image) ۽ ملڪي شان ۽ سلامتي کي ڪمزور ۽ بي اختيار ڪندي رهي آهي، پر پنهنجن پيچيده ۽ عقل سمجهه کان بالاتر خارجي پاليسين جي نتيجي ۾ اهڙن ملڪن جا حڪمران داخلي معاملن ۾ به اهڙيون پاليسيون اختيار ڪندا آهن. جيڪي پنهنجي جوهر ۾ عوام دشمن هونديون آهن. جيڪڏهن ان سوال جو مختصر جواب ڏجي ته آخر پاڪستان ۾ موجود سياسي اقتصادي ڏيوالپڻي، سفارتي پيچيدگين، امن ۽ سيڪيورٽيءَ جي بحران ۽ عوام ۾ حڪمرانن خلاف شديد تاءُ جو سبب ڇا آهي؟ ته چئبو؛ ”جيئن ته پاڪستان جي، خطي ۾ ڪميونسٽ راڄ رکندڙ ملڪن سان جاگرافيائي ويجهڙائي هئي، پاڪستان آمريڪا سان سفارتي محاذ مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ڪميونزم– مخالف معاهدن ۾شامل ٿيندو ويو ۽ آمريڪي فوجي، هوائي ۽ ٻي مالي مدد ذريعي بولشيوڪن کي سوڙهو ڪري سندن افغانستان مان تڏا –ويڙهه به ڪئي. داخلي سطح تي نتيجتن کيس اهي پاليسيون اختيار ڪرڻيون پيون، جيڪي عوام کي ايترو ته منجهائي رکن، جو عوام رياستي فيصلن تي تنقيد ڪرڻ بدران انيڪ مامرن ۾ الجهيل رهي ۽ آمريتن جي عتاب ۾ رهي.“

    ان سڄي صورتحال ۾ نه ته پاڪستان، بطور هڪ ملڪ، ڪي بهتر ڏينهن ماضيءَ ۾ ڏٺا، نه هاڻي ڏسي پيو (قطع نظر ان جي ته چند فرد، چند ادارن ۽ هڪ صوبي، جوڳي ترقي ڪري ورتي ۽ ملڪ جي خارجي ۽ داخلي فيصلن ۽ پاليسين جو ثمر ماڻيو) ويتر هاڻي پاڪستان خود دهشتگرديءَ جو شڪار بڻجي پيو آهي.

    پاڪستان جي خارجه پاليسيءَ جي تاريخ تي تفصيلي نظر:

    جيتوڻيڪ پاڪستان 1948ع کان وٺي آزاد ۽ خود مختيار خارجه پاليسيءَ جو بنياد وڌو هو، جنهن جي شروعات پاڪستان روس، آمريڪا ۽ چين کان ورتي. ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته لياقت علي خان، ٻن سياسي حريف ملڪن آمريڪا ۽ روس مان آمريڪا سان لاڳاپا وڌائڻ کي ترجيح ڏني. 1949ع ۾ سوويت يونين طرفان اتحاد ۽ دوري جي مليل آڇ کي لياقت علي خان جيتوڻيڪ رد نه ڪيو، پر ترت ئي آمريڪي لابي وڌيڪ مراعاتون آڇي ان کي روس جي دوري کان روڪي ڇڏيو ۽ لياقت علي خان 1950ع ۾ آمريڪي دورو ڪري ۽ اولهه نواز پاليسي اختيار ڪري سوويت يونين جي آڇ کي سرڪاري طرح ٿڏي ڇڏيو. ترت ئي پوءِ پاڪستان آمريڪا سان ڪيترن ئي سيڪيورٽي معاهدن ۾ شامل ٿي ويو ۽ ان طرح اولهه طرفان پاڪستان لاءِ ملٽري ۽ اقتصادي مدد جا انبار لڳي ويا ۽ اتان ئي پاڪستان سوويت يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري سرد جنگ جي ڄار ۾ وڪوڙجي ويو.

    پاڪستان جي سوويت يونين تي عدم اعتمادي جو سبب 1951ع واري ”پنڊي سازش“ ڪيس به هو. ٻئي پاسي انڊيا جي سوويت يونين جي مدد سان افغانستان ۾ مداخلت به پاڪستان تي آمريڪا سان اتحاد جو اسٽريٽيجڪ دٻاءُ وڌو.

    69/1959ع تائين آمريڪا باقاعده پاڪستان کي امداد ڏني ۽ موٽ ۾ پاڪستان طرفان پشاور ۾ ”سهولت“ حاصل ڪئي، جتان سوويت يونين جي چرپر تي آمريڪا جاچ رکندو رهيو.

    1980ع واري ڏهاڪي ۾ ”مجاهدين“ تيار ڪري افغانستان ۾ سوويت يونين کي ڪمزور ڪرڻ ۾ به اسان جي حڪمرانن جو مک ڪردار رهيو، پوءِ 1994ع تائين ملڪ ۾ انيڪ مدرسا کولي انهن ۾ انتهاپسند فرد تيار ڪري کين 1994ع ۾ افغانستان موڪلي سندن نئين حڪومت ”طالبان“ جي نالي سان شروع ڪرائڻ جي پڳ به هتان جي ئي حڪمرانن ٻڌي، پر 2001ع ۾ جڏهن آمريڪي عمارتن کي جهازن ذريعي تباهه ڪيو ويو ته ان جو الزام به پاڪستان ۾ انهن انتهاپسند تي لڳو، جيڪي 9/11 کان پهرين پاڪستان ۽ آمريڪا طرفان مراعات يافته قوت هئا. هاڻي آمريڪي ناٽو فوجن کي کلي ڇوٽ مليل آهي ته هو افغان سرحدن تان پاڪستاني قبائلي علائقن ۾ حملا ڪري پنهنجن ئي تيار ڪيل امڪاني انتهاپسندن جو خاتمو ڪن،

    ان سڄي صورتحال ۾ هڪ پاسي جڏهن افغانستان ۾ خوني راند کيڏي پئي ويئي، ٻئي پاسي پاڪستان جا تعلقات ڀارت سان به پيچيده ئي رهيا، جنگ جي تلوار لڳ ڀڳ هميشه ئي ٽنگيل رهي، ڪشمير مسئلو ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين قائم آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ پهرين جنگ 48/1947ع ۾ ڪشمير تي لڳي، جنهن جي جنگ بندي گڏيل قومن جي اداري ڪرائي. ٻي جنگ به 1965ع ۾ ڪشمير تي ئي لڳي، جنهن جي سوويت يونين 1966ع ۾ ٽياڪڙي تاشقند معاهدي سان ڪڍائي. 1971ع واري جنگ فيصله ڪن هئي، ڀارت جي مداخلت به ڀرپور هئي ۽ اوڀر پاڪستان، بنگلا ديش جي صورت اختيار ڪئي، اهڙيءَ ريت برطانوي بيٺڪيت جي تاريخ رکندڙ ننڍي کنڊ جو ٽيون ٽڪرو ٿيو.

    جيتوڻيڪ پاڪستان ٻين ملڪن ۽ ننڍين رياستن سان به سفارتي محاذن تي رهيو پر پنهنجن اولهه نواز مخصوص پاليسين تحت ٻين ملڪن سان اقتصادي ۽ سفارتي معاهدن ۾ اهي فائدا نه حاصل ڪري سگهيو، جيڪي ڪرڻ کپن ها. مثال طور 1992ع ۾ ايران، ترڪي، افغانستان، ۽ روس وٽان آزاد ٿيل رياستن ڪازڪستان، آذربائيجان، ڪرغستان، ترڪمانستان ۽ اُزبيڪستان سان ملي ڪري پاڪستان يورپ ۽ ايشيا جي ڳنڍڻ وارو ”مسلمان اقتصادي بلاڪ“ جوڙيو، جنهن کي (ECO) يعني Economic co operation organization سڏيو ويو، ان بلاڪ جا به پاڪستان جوڳا فائدا نه ورتا ۽ افغانستان جهڙي مسلمان ملڪ ۾، سندس مخصوص ڪردار، ملڪي ۽ خارجي ساک ۽ ڪار پت تي منفي اثر وڌو.

    چين سان پاڪستان جا بهتر تعلقات رهيا. 1950ع ۾ هيءَ پهرين مسلمان رياست هئي، جنهن ڪميونسٽ چين جي وجود کي سرڪاري طرح مڃيو، 1965ع واري جنگ دوران چين پاڪستان جي فوجي ۽ اقتصادي مدد به ڪئي، پر پاڪ چين تعلقات سان خطي ۾ امن جا اپاءَ ممڪن هئا، جنهن ۾ اسان جا حڪمران پنهنجي ڪمزور ساک جي ڪري ناڪام ويا.

    برطانيا سان پاڪستان جا سياسي سفارتي لاڳاپا 1947ع کان ئي مضبوط رهيا. ورهاڱي کانپوءِ به پاڪستان ۾ برطانوي فوجي عهديدار اهم عهدن تي فائز رهيا. پاڪستان کي فوجي مدد سان گڏ فوجي تربيت جون سهولتون به برطانيا فراهم ڪيون، پر جيئن ته برطانيا سرد جنگ کان پهرين ۽ پوءِ ۽ ان دوران آمريڪا جو اتحادي رهيو، ان ڪري برطانيا سان تعلقات ۾ به پاڪستان اهو ئي لاڀ پرايو، جيڪو پنهنجي اتحادي آمريڪا وٽان حاصل ڪيائين. ترقي ته ٺهيو پر آمريڪا سان پرڏيهي لاڳاپن ويتر ڏيتي ليتي ۽ سياسي (Bargaining) جا نوان گر سيکاريا. چون ٿا ته 1980ع ۾ جڏهن ڪارٽر انتظاميا جنرل ضياءَ کي 400 ملين ڊالرن جي امداد جي آڇ ڪئي، ته ان کي جنرل ”چند کاڄا“ (Peanuts) چئي رد ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ 1981ع ۾ آمريڪا مجبورن 3.2 بلين ڊالر پاڪستان کي ڏيڻ لاءِ راضي ٿيو ۽ اها رقم 1986ع تائين 4 بلين ڊالر ٿي وئي. ضياءُ دور ۾ انهن اربين ڊالرن ۾ اهي انتهاپسند تيار ڪيا ويا هئا. هڪ تماشو آهي، جيڪو سڄي دنيا ڏسي پئي ۽ پاڪستاني عوام ڏسڻ سان گڏ ڀوڳي پيو. دنيا ڏسي پئي ته ڪيئن جنون جي فيڪٽريءَ ۾ ٻارن ۽ نوجوانن کي انتهاپسنديءَ جا درس ڏئي افغانستان جهڙي حسين، جمالياتي ۽ ثقافتي سونهن سان ڀرپور زمين ڏانهن موڪلي، خوني ڊرامي جي شروعات ڪئي وئي. پوري دنيا تماشبين رهي، خود اولهه ۽ تنهن دور جي ملڪ جي حڪمرانن کي رتيءَ برابر به ڏور–نظري سمجهه ۾ نه آئي ته ڪيترا موتمار نتيجا انهن قدمن جا نڪري سگهيا پئي. ظاهر آهي ويڙهاڪ تيار ڪبا ته ڇا آخر ۾ دنيا کي اهي گل آڇيندا؟

    دنيا ڏسي پئي ته پاڪستان پنهنجي آزاديءَ جا 61 سال گذرڻ کانپوءِ به داخلي انيڪ بحرانن ۾ وڪوڙيل آهي، بلوچ آپريشن، سرحد صوبي ۾ رت جي ڀيانڪ راند ۽ سنڌ ۾ نسلي فساد ڇڙڻ جو خوف، وسيلن جي اڻ برابري واري ورڇ تي صوبن ۾ بي اطميناني، عدليه ڪمزور، پارليامينٽ بي اثر، اڳواڻن جو قتل، آمريت جو خوفناڪ روپ ۾ قائم رهڻ، هي سڀ دنيا ڏسي پئي ۽ هر ذهن تي ڀلي ڀت سچ وائکو آهي ته ان سڄي صورتحال جو ڪارڻ ڇا آهي؟

    هاڻي به تماشو هلي پيو. اڻ کٽ ڊرامي جي مختلف حصن (Acts) جيان دنيا اهو به ڏسي پئي ته اهڙو پتلي تماشو آهي، جنهن ۾ پتيلن جون رسيون ۽ آواز ڪنهن ٻئي هنڌ ڪنٽرول ٿين پيا. هر لمحي پتليون پنهنجا بيان بدلائين پيون. ڪنهن وقت بهادرانه ۽ ڪنهن مهل منجهن گيدي –پڻو پيو بکي. ملڪي عوام ۽ سڄاڻ دنيا پتلين جي رَسا–ڇڪ کي ڏسي ٿي ۽ سمجهي به ٿي.

    تماشبين اهو به ڏسن پيا ته هن خطي ۾ آمريڪا جا مفاد آهن، سندس سياسي حريف (competitors) موجود آهن، جن کي خطي جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ناهي ڏيڻو. سياسي هيجان ۽ بدحواسيءَ ۾ هو پاڪستان جي حڪمرانن کي يا ته ويجهو رکندو يا منظر تان هٽائيندو آيو آهي. بين الاقوامي برادري خاموش نظارو ڏسي پئي، ملڪ جا ڪي سياستدان مارجي ويا، ڪي موقعي پرست ۽ ڪي بيوس نظر اچن پيا.

    ملڪ ان دهشتگرديءَ ۽ انتهاپسنديءَ جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل آهي ۽ عوام ملڪ جي 61 سالن جي تاريخ دوران جن طوفانن جي زد ۾ رهيو آهي، انهن کيس Skeptic ته ڪري ڇڏيو آهي پر تبديليءَ جو منتظر آهي، پر سڀ ڪجهه سمجهندي به ڪري ڇا ٿو سگهجي؟ اولهه جهڙي اجگر کي ڪيئن منهن ڏجي؟ آزاديءَ جي ڏينهن تي فقط فيض جي ان چوسٽي جيان همت لاءِ رسم دعا اختيار ڪري سگهجي ٿي ته:

    جن ڪي سر منتظرِ تيغِ جفا هين ان ڪو

    دست قاتل ڪي جهٽڪ ديني ڪي توفيق ملي

    حرفِ حق دل ۾ کٽڪتا هي جو ڪانٽي ڪي طرح

    آج اظهار ڪرين اور خلش مِٽ جائي.

    Sahar.gul@gmail.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه سحر گل ڀٽي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    طالبان خلاف آپريشن ۾ بي گهر ٿيل ماڻهن سان گذاريل وقت!




    اڱارو 23 جون 2009ع



    مالاڪنڊ ڊويزن جي ضلعن سوات، دير ۽ بنير ۾ هلندڙ فوجي آپريشن جي نتيجي ۾ ٿلهي ليکي لڳ ڀڳ 3 ملين ماڻهو لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن، جن مان اڪثريت اچي مردان، صوابي، چارسده ۽ پشاور ۾ رهي آهي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو ملڪ جي ٻين حصن بشمول سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن. انهن مان به اڪثريت ڪيمپن بدران ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ رهندڙ پختون مٽن مائٽن ۽ دوستن وٽ اچي رهي آهي. سوات جي 1.7 ملين آباديءَ مان 60 سيڪڙو، دير جي 1.6 ملين آباديءَ مان 50 سيڪڙو ۽ بنير جي 1.2 ملين آباديءَ مان لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو پختون ملڪ جي مختلف حصن ۾ منتقل ٿي چڪا آهن. آريانا انسٽيٽيوٽ فار ريجنل ريسرچ اينڊ ائڊووڪسي (AIRRA) ۽ ڊزاسٽر رليف نيٽ ورڪ (Disaster Relief Network) جي تحقيق موجب حڪومتي ادارا ڏيهي ۽ پرڏيهي غير حڪومتي ادارا فقط انهن 25 سيڪڙو ماڻهن جي رجسٽريشن ڪري چڪا آهن، جيڪي ڪيمپن ۾ ترسيل آهن، جڏهن ته اهي ماڻهو جيڪي ميزبان خاندان يعني مٽن مائٽن ۽ دوستن وٽ ترسيل آهن، جيڪي ڪل لڏپلاڻ ڪندڙن جو 75 سيڪڙو ٺهن ٿا، انهن جو حڪومتي رجسٽري ۾ اندراج ناهي ٿي سگهيو. صوبائي ۽ مرڪزي حڪومتن جي طرفان رابطي ڪاري ۽ انتظام جي ڪميءَ جي ڪري بي گهر ماڻهن جي تڪليف ۾ اضافو ٿيو آهي. اهي ماڻهو جيڪي پنهنجو مال متاع ۽ گھر ڇڏي اچي ڪيمپن ۾ ويٺا آهن ۽ طالبان جي عتابن ۽ فوجي آپريشن جي نتيجي ۾ پنهنجي گهرن، رستن ۽ سماجي زندگي کان ٽٽي چڪا آهن، اهي سول ائڊمنسٽريشن جي رجسٽريشن، کاڌي پيتي جي فراهمي، صحت جي بنيادي سهولتن جي انتظام ۽ ڪيمپن ۾ رهندڙ ٻارن جي اسڪول جو بندوبست ڪرڻ جهڙين ذميوارين ۾ ناڪام ٿيڻ ڪري سخت مايوسي جي ور چڙھيل آهن.

    ٻئي پاسي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ لڏپلاڻ سبب اتان جي مقامي آباديءَ جي توازن ۾ وڏو بگاڙ آيو آهي، جنهن ڪري لاقانونيت جو به خطرو وڌي ويو آهي.پنهنجن حسين علائقن مان ڏتڙيل IDPs لاءِ ضروري هو ته حڪومت کين گرم ترين علائقن ۾ نه موڪلي، کين پنهنجي شهرن کان پري ڪري ڏورانهن علائقن ۾ آباد ڪرڻ بدران کين پنهنجن ئي علائقن ۾ رکي ها. هڪ پاسي صوبائي ۽ مرڪزي حڪومتي مشينري جي Relief جي سرگرمين ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي ادارن درميان رابطي ڪاريءَ جي کوٽ سبب پڻ سندن پرگھور غير موثر نموني ٿي رھي آھي. ٻئي پاسي حڪومتي فوڪل پرسن قمر زمان ڪائره (انفارميشن منسٽر) پاران IDPs بابت ڏنل انگ اکر بھ ڏاڍا متضاد آھن، جيڪي صورتحال کي پيچيده بنائين ٿا. حڪومتي ذريعن جا ٻڌايل انگ اکر هميشه بين الاقوامي ادارن جي جاري ڪيل انگن اکرن کان مختلف رهيا آهن. حڪومت جو (ERU) Emergency Response Unit يونائيٽيڊ نيشن سان ملي IDPs جي رليف ۽ Rehabilitation (بحالي) لاءِ ڪم ڪري پيو، پر ڊگهي بيوروڪريٽڪ پراسيس جي ڪري سروس ڊليوري ۾ دير پئي ٿئي. جيڪڏهن فنڊ جو پرائيم منسٽر/صدر اعلان ڪري سمري تي صحيحون ڪري موڪلي ڏين ٿا ته اهو فنڊ چيف سيڪريٽري، چيف منسٽر ڏانهن منتقل ڪري ٿو. اتان ڊويزن جي ڪمشنر ڏانهن وڃن ٿا. پوءِ لوڪل فنانس ڊپارٽمينٽ ڏانهن فنڊ منتقل ڪندا، اتان مختيارڪارن ڏانهن ۽ پوءِ پناھگيرن ۾ ورھاست ٿيندي. ان ڪري رليف جو سلسو شروع ٿيڻ ۾ گھٽ ۾ گهٽ ٻن کان چار هفتا لڳن ٿا. ان ڪري بي گھر ٿيلن تائين امداد پهچڻ ۾ ڪافي دير ٿي وڃي ٿي. موجوده صورتحال جي تقاضا بهرحال وقت سر امداد ڪرڻ آهي. ڪيترين ئي جاين تي حڪومتي نمائندن ۽ سول ائڊمنسٽريشن جي ماڻهن بدران عام ماڻهو IDPs جي واهر لاءِ پهتا آهن. اهڙا مثال به حڪومتي ادارن جي غير موثر هئڻ جي نشاندهي ڪن ٿا. مقامي ۽ بين الاقوامي تحقيقي رپورٽرن ۽ فيلڊ ٽيمن جون رپورٽون حڪومت جي بدانتظامي ۽ غير منظم رويي سان ڀريل آهن.

    IDPs جي صورتحال ۽ امڪاني خطرا:

    هتي جيڪڏهن فقط مردان جي ٻن ڪيمپن جلالا ۽ تخت باءِ جا ئي مثال ڏجن ته خبر پوندي ته لڏپلاڻ کي لڳ ڀڳ 45 ڏينهن گذرڻ باوجود به ڪيترن ئي خاندانن کي خيمه نه مليا هئا ۽ ماڻهن چادرن ۽ ٻين ڪپڙن سان خيمه ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جڏهن ته ڪيترائي خاندان کليل آسمان هيٺ سامان رکي بي آسرا ويٺل آهن. انھن بي گھر ٿيلن رھائش لاءِ تخت باءِ ڪئنال جي چونڊ ڪئي هئي ته جيئن گرميءَ جو تاءُ گهٽ محسوس ٿئي ۽ پاڻيءَ جو واهپو به ڪري سگهجي. آس پاس ٻي ڪا جاءِ نه هئڻ ڪري ڪئنال جي ڪناري تي ئي زنانين پوتين ۽ چادرن سان ننڍڙا ننڍڙا ليٽرين ٺاهيا هئا. جن جو نيڪال ظاهر آهي ته سڌو سنئون ڪئنال جي پاڻيءَ ۾ ويو پئي، جنهن مان اڻ ڳڻين صحت جي مسئلن جي اڀرڻ جو خطرو آهي، جو ان پاڻيءَ ۾ عورتن ڪپڙا ۽ ٿانو به ڌوتا پئي ۽ گرميءَ جي ڪري ٻار ان پاڻي ۾ تڙڳيا به پئي. ڪيمپن ۾ زمين تي سمهڻ ۽ جيت جڻين جي ڏنگجڻ جي ڪري ۽ ٻين مسئلن جي ڪري ٻارن جي اڪثريت مَلي ۾ ورتل آهي. ڊائيريا جي بيماريءَ ۾ هر ٻيو ٻار ورتل آهي، جيتوڻيڪ ڪيترن ئي غير حڪومتي ادارن پاران صحت جي حوالي سان يونٽ کليل هئا، پر صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت انهن سان رابطي ڪاري ۾ ناڪام نظر آئي.

    آپريشن ۽ طالبان بابت IDPs جا رايا:

    95 سيڪڙو ماڻهن جي اڪثريت طالبان جي حڪمرانيءَ کي جبر ۽ ڏاڍ سڏي ٿي، جڏهن ته 5 سيڪڙو ماڻهن طالبان خلاف ڳالهائڻ کان خوف وچان لنوايو پئي. ان خوف ۾ ته جيڪڏهن ڪنهن طالب کي خبر پئجي وئي ته هو سندس سسي وڍي ڇڏيندو. ڪجهه عورتن انٽرويو دوران ٻڌايو ته فقط ٻه يا ٽي طالبان به جيڪڏهن اسان جي پاڙي ۾ ايندا هئا ته اسان جا مرد خاموشيءَ سان سر جهڪائي هليا ويندا هئا. هڪ يا ٻه طالبان هڪ پاڙي جي ماڻهن آڏو ڪهڙي حيثيت رکن ٿا؟ ۽ تخت باءِ جي ڪيمپن ۾ ماڻهن وٽ طالبان خلاف ڪروڌ هو ۽ انيڪ داستان هئا. ڏاڍ، بربريت ۽ قتلن جا واقعا انهن ٻڌايا پئي. گهر جي هڪ بزرگ ٻڌايو ته ”طالبان جي ظالمانه ڪارروائي ڪري ماڻهن سگهه نٿي ساري ته ساڻن مقابلو ڪري سگهن.“

    هڪ نوجوان ٻڌايو: ”ڪيترن ئي جاين تي ماڻهن طالبان خلاف پنهنجا لشڪر ٺاهي پنهنجا ڳوٺ بچايا آهن. منظم ٿيڻ ضروري آهي، نه ته طالبان جي مخالفت يا سندن منهن مقابل اچڻ جو لازمي نتيجو موت آهي.“ انٽرويوءَ کان پوءِ جڏهن مون مختلف فيملين جا فوٽون ڪڍيا پئي ته عورتن پنهنجا منهن پئي لڪايا، جڏهن ته نوجوان/ٻڍن مردن (باريش) کلي پوز پئي هنيا ته مون کانئن پڇيو. ”مايون ڇا لاءِ ٿيون منهن ڍڪين جڏهن ته توهين مرد ته کليل منهن سان پراعتماد بيٺا آهيو؟“ ته هڪ نوجوان پنهنجي گهر واريءَ ڏانهن اشارو ڪري کلي چيو، ”ميري بيوي طالبان سي انتنا ڊرتي هي که ڊر سي مجهه سي بهي چهرا چهپاتي هي.“ ان تي سڀ کلي پيا ۽ پوءِ عورتن منهن تي ورايل پوتيون هٽائي ڇڏيون. اهي سڀ مثال آهن، هڪڙي اهڙي سماج جا جن کي ”طالبان جي اسلام“ ڊيڄاري ڇڏيو. هڪ نوجوان سوات جي مشهور رقاصه شبانه جي باري ۾ ٻڌايو ته ڪيئن هوءَ ڪيترن ئي ڏينهن تائين سوڳ ۾ رهيا هئا، جڏهن رقاصا شبانه کي سندس گهر مان گهلي سوات جي ”گرين چوڪ“ تي بي درديءَ سان ماريو ويو. هڪ ٻڍڙي چيو ته، ”جڏهن اسين موٽي سوات وينداسين ته ان چوڪ جو نالو شبانه جي نالي تي سندس يادگار طور رکنداسين.“

    ماڻهن ملٽري آپريشن جي پٺڀرائي ڪئي پئي، پر گڏوگڏ اهو به چيو ٿي ته فوجي آپريشن ماڻهن آڏو ثبوت سامهون آڻي ته ڪيئن هنن طالبان جي Commands Control Structure تباهه ڪيو آهي. سندن خيال هو ته جيئن ته ڪجهه طاقتور ڌرين طالبان کي هميشه پنهنجو Strategic Asset (حڪمتِ عمليءَ وارو اثاثو) بڻائي استعمال ڪيو آهي، ان ڪري ان شڪ کي رد نٿو ڪري سگهجي ته متان طالبان جي ٽاپ ڪمانڊ کي مارڻ بدران ڀڄڻ جا رستا فراهم ڪيا ويندا هجن. ان ڪري آپريشن جي حمايت سان گڏ ماڻهو ثبوت ڏسڻ چاهين ٿا ته واقعي ملا نذير، محسود، جلاالدين حقاني وغيره جهڙا طالبان يا ته جيل ۾ وڌا وڃن يا کين ختم ڪيو وڃي. ثبوتن نه هئڻ جي صورت ۾ ماڻهن کي واپسيءَ لاءِ ڪو به ويساهه نٿو بيهي. اها ڳالهه سمجهڻ کپي ته آپريشن جيترو طويل ڪيو ويندو، ماڻهو اوترو ڪيمپن ۾ بيزار ٿيندا ۽ هر صورت ۾ آپريشن کي بند ڪرڻ چاهيندا.

    فوجي آپريشن، عوامي لشڪر ۽ طالبان خلاف ويڙهه:

    ورهين کان طالبان واري موضوع تي انٽيليجيشيا، ليکڪ محقق، استاد، شاگرد بين الاقوامي ۽ قومي محرڪن تي ئي غور ڪندا نظر پيا اچن ۽ هاڻي ان جي مقامي محرڪن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ لوڪل محرڪ تي غور ڪرڻ سان نوان رخ سامهون اچن پيا. ورهين کان وٺي ملڪ ۾ طالبان جي شهرت جي حوالي سان کڻي ڪهڙو به تاثر پيدا ڪيو ويو هجي، پر انيڪ مثال آهن انهن ڳوٺن جا، ته ڪيئن نه ماڻهن پنهنجن ڳوٺن ۾ مقامي لشڪر منظم ڪري طالبان جو گهيرو، کين ماري پنهنجا علائقا ۽ ڳوٺ بچايا. مثال طور باجوڙ جا سالار زئي ۽ علي خيل قبيلا پنهنجي مزاحمت ۾ ڪامياب ويا. ان کان علاوه بينر ۽ دير جا يوسف زئي ۽ دره آدم خيل جا آفريدي به لشڪر جي صورت ۾ منظم ٿي طالبان جو مقابلو ڪندا رهيا آهن. اهڙا مثال ظاهر ڪن ٿا ته پختون قوم باوجود ان جي جو مذهبي معاملن ۾ منظم آهي، پر وٽن مذهبي انتهاپسنديءَ لاءِ ڪا به جاءِ ناهي. ڪالام جي هڪ جرڳي تي جڏهن طالبان قبضو ڪيو ۽ مڙني مردن کي قابو ڪيو ته اتان جي عورتن ڇت تان فائرنگ ڪري ڇهه طالبان ماري پنهنجن مردن کي آزاد ڪرايو. اهي مثال ماڻهن جي طالبان لاءِ نفرت جا ثبوت آهن.تازو IDPs تي ٿيل هڪ پروگرام ۾ مالاڪنڊ ڊويزن جا لڏپلاڻ ڪيل چڱا مڙس به آيا هئا. انهن مان هڪ ڄڻي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، ”پختون ثقافت ۽ ڪلچر کي عربي ڪلچر سان ملائڻ جي ضرورت ناهي، اسان پنهنجي پختون ڪلچر سان ئي بهتر مسلمان ٿي سگهون ٿا.“ پشاور ۾ تازي نڪتل هڪ ريلي، جنهن ۾ پشتو ڳالهائيندڙ ڊاڪٽر/سرجن، انجنيئر، استاد، صحافي، وڪيل، شاعر، ليکڪ، سول سوسائٽي جا مختلف ادارا ۽ سياسي ورڪر توڙي عورتون به شامل هيون، تن طالبانائيزيشن جي خلاف سخت نعري بازي ڪئي هئي ته، ”پختون خواهه کي عربنائيزيشن کان پاڪ ڪيو“، ”پختون خواهه کي طالبان کان پاڪ ڪيو.“

    اهو سڄو لقاءُ پختونن جي سوچ واضح ڪري ٿو. انهن جي سيڪيولر سوچ ٻڌائي ٿو. ان ريلي ۾ شامل عوامي لشڪر جا اڳواڻ به هئا. هن وقت تائين بنير، بڊا بير، دير، علي خيل، اورڪزئي، پاڙا چنار ۽ ڪرم ايجنسي ۾ اتان جي ماڻهن عوامي لشڪر ٺاهي طالبان جي مخالفت ڪئي آهي. اهي مثال انهن علائقن ۾ فوج جي نارسائيءَ جو ثبوت ڏين ٿا. هن وقت تائين جيتوڻيڪ بنير جو آپريشن ڪافي ڪامياب ويو آهي، لوئر دير ۽ دره آدم خيل ۾ آپريشن (Partial) جزوي ڪامياب ويو آهي، (جزوي مان مراد ته اتان طالبان کي ته ڀڄايو ويو آهي، پر انهن جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻ ۾ ڪاميابي ناهي ٿي. ان ڪري جيئن ئي آپريشن جو زور ٽٽندو ته طالبان جي انهن علائقن ۾ موٽي اچڻ جا امڪان به وڌندا. انهن خطرن کي نظر ۾ رکي ڏسجي ته آپريشن ختم ٿيندي نظر نه پيو اچي يا وري ڊگهي عرصي تائين هلندي نظر اچي پيو.

    اپائن لاءِ تجويزون:

    جيتوڻيڪ فوج پهرين به مختلف آپريشن ڪندي رهي آهي، 2003ع ۾ وزيرستان ۾ آپريشن شروع ٿيو ۽ 2004ع ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري معاهدو ڪيو ويو. وري 2005ع ۾ آپريشن ٿيو ۽ 2008ع ۾ معاهدو ڪيو ويو. اهڙي طرح طالبان ۽ حڪومتن وچ ۾ ست معاهدا ٿي چڪا آهن، پر امن لاءِ راهه ٺاهڻ ۾ اهي معاهدا بري طريقي سان ناڪام ويا آهن. هي آپريشن بهرحال پنهنجي نوعيت جو (گذريل ڪريڪ ڊائون کان) مختلف آپريشن آهي، جيڪو رياست هڪ جامع پاليسيءَ تحت طالبانائيزيشن جي خاتمي لاءِ شروع ڪيو آهي، ان جي ڪاميابيءَ جا ڪافي امڪان آهن، جيڪڏهن (1) طالبان جي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول اسٽرڪچر ۽ سندن ليڊرشپ کي ختم ڪيو وڃي. (2) مالاڪنڊ ڊويزن، وزيرستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ موجود طالبانائيزيشن جي مضبوط نيٽ ورڪ کي ٽوڙيو وڃي. ان ٽرينگل جي مڪمل خاتمي کانسواءِ ملڪ مان طالبانائيزيشن جو خاتمو نامڪمل آهي، فقط فاٽا ۾ ئي 26 انتهاپسند تنظيمون آهن. انهن سڀني جي نيٽ ورڪ ۽ ڍانچن کي تباهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. (3) رجسٽريشن جو عمل موثر بڻايو وڃي.

    اهو به سمجهڻ کپي ته ماڻهو طالبان جي مذهبي انتهاپسندي، ڦٽڪا هڻڻ، ڳچيون ڪپڻ ۽ ماڻهن کي هراس ڪرڻ کان تنگ اچي چڪا آهن. ان سڄي صورتحال ۾ سندن اسپتالن، اسڪولن ۽ ٻين سماجي ادارن جي تباهيءَ کان سواءِ سندن سماجي زندگي مڪمل طور تباهه ٿي چڪي آهي. ان حالت ۾ عورتون، ٻار، ٻڍا وڌ ۾ وڌ ڀوڳين ٿا، سکيا ستابا ماڻهو جڏهن قطار ۾ ماني وٺڻ لاءِ بيٺا آهن ته سندن عزتِ نفس مجروح ٿئي ٿي. ٻئي پاسي آباديءَ جو غير متوازن ٿيڻ، لڏپلاڻ، ڪلچرل سرگرمين جو ختم ٿيڻ، مارڪيٽ، زراعت ۽ ٽوئرزم جو تباهه ٿيڻ اهي سڀ لقاءَ اڄ پختون سماج جي چيلهه چٻي ڪن ٿا. ان ڪري حڪومت آپريشن مڪمل ڪري ماڻهن کي پنهنجن ماڳن ڏانهن ورائڻ لاءِ اپاءَ وٺي. ان سان گڏ حڪومت مختلف رليف جي ادارن سان رابطا وڌائي ۽ سياسي ورڪرن کي رليف جي سرگرمين ۾ شامل ڪري. بيوروڪريٽڪ ڪلچر کي ختم ڪري ماڻهن جي سهولتن ڏانهن رسائي وڌائي وڃي. رليف هيڊ ڪوارٽر ڪمشنر ۽ چيف منسٽر جي گهرن جي بجاءِ ٻين هنڌن تي ٺاهيا وڃن. آبڪلاڻيءَ جون برساتون مٿان اچي بيٺيون آهن، انهن برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياريون ڪرڻ کپن.

    sahargul@hotmail.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترمه سحر گل ڀٽي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    طالبانائيزيشن ۽ مفروضا!




    آچر 5 جولاءِ 2009ع



    سماج ۾ ڦهلجندڙ غلط مفروضا سماج ۽ ماڻهن جي مجموعي سوچ جو تعين ڪن ٿا ۽ سندس شعور سازي به ڪن ٿا. اهڙن مفروضن تي سوچڻ ۽ غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. ماڻهن جي اها سوچ جيڪا مفروضن جي آڌار تي جڙي ٿي، اها گهڻو ڪري ڪنهن نه ڪنهن گروهه جي مفاد ۾ هجي ٿي، پر لازمي ناهي ته اها عوام دوست به هجي. جيڪڏهن پاڪستان جي حوالي سان ڳالهائجي ته ”اڻ ڏٺل قوتن“ طرفان ڦهلايل مفروضن عوام دشمن ۽ ملڪ دشمن مقصد پئي حاصل ڪيا آهن. اهي سياسي مفروضا جيڪي بظاهر بنا ڪنهن ظاهري ۽ نظر ايندڙ ذريعن طرفان ڦهلجن ٿا، انهن اسان وٽ سماج جي سياسي مزاج، رويي ۽ نقطهءِ نظر جو تعين ڪيو آهي. هڪ پاسي اهڙن مفروضن تي هلي عوام ”مخصوص“ رويو اختيار ڪندو آهي، ٻئي پاسي هو حقيقتن کان به پري ٿي ويندو آهي. ان مسئلي جو ٻيو ڪو حل ڪونهي، سواءِ ان جي ته اهڙن مفروضن تي غور ڪري حقيقتن کي الڳ ڪجي، ۽ مفروضن کي الڳ. جيئن سماج ۽ خاص طور تي سياسي حلقا انهن مفروضن جو شڪار نه ٿين.

    پاڪستان جي اترين علائقن ۾ پيچيده صورتحال جي پيش نظر اچو ته اهڙن غلط سياسي مفروضن جي ڇنڊڇاڻ ڪريون، جن پختون خواهه جي حوالي سان پختو سماج ۽ ٿلهي ليکي پوري پاڪستاني سماج جي سياسي مزاج، رويي ۽ نقطهءِ نظر بابت مخصوص خاڪو جوڙيو آهي. پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل آهي ۽ هن وقت انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، خاص ڪري تڏهن جڏهن ملڪ مذهبي انتهاپسند قوتن طرفان حملن جي ڊپ ۾ ورتل آهي. هڪ تربيت يافته فوج ۽ پنهنجي جوهر ۾ سيڪيولر سماج هوندي به اسان کي ملڪ مان انتهاپسند قوتن جو مڪمل خاتمو ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي آهي. ان جا ضرور به ڪي ٺوس سبب هوندا، جن مان ڪجهه ته اسين وائکا ڪري سگهون ٿا، ۽ ڪجهه تاريخ تي ڇڏيون ٿا. پر انهن سببن کي هيٺ ڏنل مفروضن جي مثالن سان سمجهي سگهجي ٿو، جيڪي پنهنجي جوهر ۾ جيتوڻيڪ ڏند ڪٿائي آهن، پر انهن مفروضن کي ائين ته ڦهلايو ويو آهي، جو اهي ماڻهن جي ذهن ۾ سچ بڻجي وسي ويا آهن.

    · هڪ مفروضو اهو آهي ته مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جو سبب بي انتها غربت ۽ تعليم جي ڪمي آهي: ان جي معنيٰ ته پختون پٽيءَ ۾ مذهبي انتهاپسندي ان ڪري پيدا ٿي آهي جو اتي خواندگيءَ جي ڪمي آهي ۽ بي انتها غربت آهي. انتهاپسندي ۽ مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو اهڙيءَ طرح غربت ۽ گهٽ تعليم کي جواز بڻائڻ غير منطقي آهي. مثال طور دنيا ۾ الائي ڪيترا ملڪ آهن، جتي غربت ۽ تعليم جي ڪمي آهي، پر اتي اسان کي دهشتگرديءَ جا مثال نٿا ملن. جيئن لاطيني آمريڪا، سينٽرل آمريڪا يا اتر آفريڪا جا ملڪ آهن. خود پاڪستان ۾ الائي ته ڪيترا علائقا آهن، جتي غربت آهي ۽ تعليم جي ڪمي آهي، پر اتي اهڙي بربريت ناهي. اهو ايترو ئي غير منطقي هوندو، جيئن چئجي ته ڪراچيءَ ۾ دهشتگرد ڪاررواين جو سبب غربت ۽ تعليم جي ڪمي آهي. جڏهن ته اها سڀني کي چڱيءَ ريت خبر آهي ته ڪراچيءَ ۾ وڏي عرصي کان هلندڙ دهشتگرديءَ جي پٺيان ڪهڙا هٿ ۽ سبب آهن. ها باقي ائين ضرور آهي ته دهشتگرد جڏهن سماج مان ڪن ڌرين يا گروهن کي پنهنجو حامي بڻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، انهن مان گهڻو ڪري ٻن قسم جا گروهه هجن ٿا. هڪ اهي جن کي سماجي حيثيت ميسر نه هجي. ٻيا اهي جيڪي شديد غربت جو شڪار هجن. انهن ٻنهي سماجي حصن کان سواءِ جيئن ته کين حمايت ملڻ جا امڪان نه هوندا آهن، ان ڪري هو انهن گروهه تي ڪم ڪرڻ جي سر ٽوڙ ڪوشش ڪندا آهن، جنهن ۾ هو اڪثر ڪري ڪامياب به ويندا آهن.

    · ٻيون مفروضو اهو آهي ته ماڻهو ان ڪري دهشتگرد ٿيندا آهن، جو کين تڪڙو انصاف ناهي ملندو: اهو درست آهي ته دهشتگردن جا گروهه پاڻ تڳڻ لاءِ انهن ماڻهن جي به حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪي رياست مان ناخوش هوندا آهن. انهن کي دهشتگرد حق ۽ انصاف ڏيارڻ جي واعدن ۽ ڏٽن سان پاڻ سان ملائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. خاص ڪري مذهب جهڙي حساس موضوع هئڻ ڪري ماڻهو ڏاڍي سولائيءَ سان دهشتگردن جي هٿن ۾ اچي ويندا آهن. اهڙا دهشتگرد انصاف ۽ مذهب جي نالي ۾ وڌ کان وڌ ۽ لامحدود طاقت حاصل ڪرڻ جي پٺيان هوندا آهن. فرينچ ڏاهي مشيل فوڪو مطابق ته ماڻهن جي ذهن کي ايترو ته پنهنجي اختيار ۾ ڪندا آهن جو ماڻهو پنهنجي اڪيلائيءَ ۾ به پنهنجي نه پر ڪنهن ٻئي جي ضابطي ۾ هوندا آهن. اهو ئي حال رهيو آهي پختون سماج جو. فضل الله سوات ۾ پنهنجي گروهه کي تشڪيل ڏيڻ دوران جلد انصاف ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ سوات جي ڪجهه پيڙهيل طبقن جي حقن جي ڳالهه ڪري سندن همدرديون حاصل ڪيون.

    · ٽيون مفروضو اهو آهي ته هي دهشتگردي ۽ فوجي آپريشن دراصل آمريڪا جي جنگ آهي، جيڪا پاڪستان وڙهي رهيو آهي: جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا جو هن خطي ۾ مذهبي انتهاپسنديءَ پيدا ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار رهيو آهي ۽ ان دهشتگردي واري صورتحال پيدا ڪرڻ سان ئي سندس وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ سياسي ۽ سفارتي مقصد پورا پئي ٿيا. اهو ڀلي آمريڪا کي نسل در نسل ياد ڏياريندو رهڻ گهرجي ۽ آمريڪا کي ان ڏوهه جي معافي به وٺڻ کپي، پر گڏوگڏ اهو به مڃڻ کپي ته خود اسان جي پنهنجي ملڪ جي مختلف قوتن جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي. ان جهادي فيڪٽري تيار ڪرڻ ۾ ان تي به ڳالهائجي ته آخر ڇو گهر ڌڻين گهر برباد ڪرڻ لاءِ ٻاهرين قوتن کي رستا، موقعا ۽ ذريعا فراهم ڪيا. بجاءِ ان جي جو پنهنجي هر نقصان جو الزام ٻين کي ڏيئي آجو ٿي ويهجي، پنهنجي ڏوهن جا بار پاڻ کي به کڻڻ گهرجن.

    آمريڪا جڏهن 1989ع کانپوءِ ۽ نوي واري پهرين ڏهاڪي ۾ هن خطي مان نڪري ويو ته سندن افغانستان ۾ ڪا دلچسپي نه رهي هئي. ان ڪري پاڪستان کي ملندڙ اهي فنڊ به آمريڪا بند ڪري ڇڏيا، جيڪي انتهاپسند جي جهادي فيڪٽري تيار ڪرڻ ۽ پالنا ۾ استعمال ٿيندا هئا ته پاڪستان ۾ انتهاپسندي پيدا ڪندڙ قوتن کي عدم تحفظ جو احساس ٿيو. پوءِ انهن قوتن پاڪستان جي وارياسن علائقن ۽ جابلو علائقن ۾ طالبانائيزيشن جو عمل جاري رکيو. اهو ممڪن ان ڪري به هو ته مذهب جي مخصوص نقطهءِ نظر جي ڦهلاءَ لاءِ سعودي عرب پاڪستان جي مالي مدد جاري رکي هئي. ان ئي دوران 1994ع ۾ طالبان افغانستان ۾ پنهنجي طاقت ۽ حڪمرانيءَ جي دعويٰ ڪندي انتهاپسند مذهبي راڄ جي نفاذ جو اعلان ڪيو. ان سان به آمريڪا کي خاص دلچسپي نه هئي، پر ان کانپوءِ 2001ع ۾ جڏهن 9/11 وارو واقعو ٿئي ٿو، ان آخرڪار وري آمريڪي ناڻو، پاليسي ۽ ڌيان اسان ڏانهن منتقل ڪيو!!

    سو اهو چئجي ته غلط نه ٿيندو ته روس جي ٽٽڻ کانپوءِ جڏهن بين الاقوامي قوتن پنهنجي مفادن جا رخ ٻين ٻين ملڪن ڏانهن ڪيا ته اهي افغانستان ۾ موجود پاڪستاني مفاد ۽ پاڪستان جي پختون علائقن ۾ پيدا ڪيل جهادي هئا، جن مذهبي انتهاپسنديءَ کي ريج ڏيڻ جاري رکيو. اهي لڪل محرڪ (Dynamics) هئا، جن ملڪ ۾ جهادي سياست کي جاري رکيو. ان ڪري جيڪڏهن اهو چئجي ته غلط نه ٿيندو ته پٺئين دور ۾ بين الاقوامي محرڪن بدران لوڪل محرڪ وڌيڪ حاوي رهيا، جن انتهاپسنديءَ ۾ سڀئي انساني ليڪا لتاڙي ڇڏيا. ان ڪري (في الحال) بجاءِ ان جي جو آمريڪا کي ئي ان بربريت جو اڪيلو ذميوار قرار ڏجي، ڪجهه پنهنجي ملڪ جي انهن قوتن کي ڪٽهڙي ۾ بيهارجي، جيڪي اڄ سوڌو خبر ناهي ڪهڙي سياست پيا ڪن. پختون خواهه ۽ پاڪستان جي عوام جي قيمت تي اها جنگ فقط آمريڪا جي ناهي، اها جنگ طالبان خلاف پاڪستاني فوج جي آهي، حڪومت جي آهي، پختون خواهه جي عوام جي آهي.

    · چوٿون مفروضو اهو آهي ته دهشتگرد جهادي آهن ۽ شريعت آڻڻ چاهين ٿا: اهو درست آهي ته ”جهاد“ جي اصطلاح کي آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ موجود ڌرين پاران افغانستان ۾ گڏيل مفادن تحت استعمال ڪيو ويو. جيتوڻيڪ مالاڪنڊ ڊويزن، وزيرستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ سفاڪ قوتون بربريت ۽ سماجي بربادي مذهب جي نالي ۾ ڪن پيون، پر حقيقت اها آهي ته انهن کي مذهب جي علم تي ڪا به مهارت حاصل ناهي. جيڪڏهن ايئن هجي ها ته هو نه اسڪول ڊاهين ها، نه وري سيڪيورٽي فورسز، فوج، پوليس ۽ معصوم شهرين کي ماري، ڪهي ملڪ جي ان قانوني نظام کي تهس نهس ڪن ها، جيڪو خود شرعي نظام تي ٻڌل آهي. هو ته پوري دنيا ۾ اسلام جي ساک کي ڇيهو رسائي چڪا آهن. هو مذهب جو نالو وٺي ماڻهن کي ماٺ ڪرائيندا رهيا، ڇو ته ماڻهو پنهنجي مذهب جي حوالي سان تمام حساس ٿين ٿا، ان ڪري دهشتگرد ان حساسيت جو ناجائز فائدو وٺندا رهيا آهن. هن وقت حالت اها آهي، جو هڪ طرف کين عوام وٽان نفرت ۽ ڌڪار ملي ٿي، ٻئي طرف اسان جي ملڪ جون اهي ڌريون جيڪي سندن مالڪي (Patronage) ۽ پٺڀرائي ڪنديون هيون، اهي هاڻي بين الاقوامي، قومي ۽ قانوني پريشر جي ڪري کين مارڻ تي مجبور آهن، ان ڪري اهو سمجهڻ کپي ته مذهب جو فقط استعمال ڪيو ويو. حقيقت ۾ اها به دهشتگردي هئي ۽ بربريت هئي.

    · پنجون مفروضو اهو آهي ته ته ملٽري آپريشن بند ٿيڻ کپي، جو اهو پختونن جي نسل ڪشي ٿو ڪري: سوات، دير ۽ بنير ۾ طالبان خلاف هلندڙ آپريشن جهڙي ڏکئي دور ۾ جڏهن ضرورت آهي ته طالبان جي خاتمي لاءِ فوج تي پريشر وجهڻ کپي، بي گهر ماڻهن جي پرگهور لهڻ لاءِ صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت جي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ کپي. ان وقت ملٽري آپريشن خلاف بيان بازي سٺو عمل ڪونهي. توهان بي گهر ٿيل ماڻهن، ليکڪن، سول سوسائيٽي جي ادارن، صحافين، وڪيل ۽ پروفيسرن کان پڇو ته هو ڇا ٿا چون؟ هو ٽارگيٽ ملٽري آپريشن جي ڳالهه ڪن ٿا، هر حال ۾ طالبان جي خاتمي جي ڳالهه ڪن ٿا. پاڪستان ۾ دراصل هر صوبي ۾ پيچيده صورتحال آهي. مثال طور بلوچ ملٽري آپريشن جي خلاف آهن، ان ڪري جو بلوچستان جي صورتحال ٻي آهي، بلوچ مزاحمت ۽ طالبان جي شورش ٻه الڳ لقاءَ آهن. شايد اسان جا ڏاها، ليکڪ ۽ سياسي ورڪر جيئن ته سالن کان بلوچن تي فوجي آپريشن جي مخالفت ڪندا اچن پيا ته سمجهن ٿا ته شايد هر صورت ۾ فوجي آپريشن جي مخالفت ئي ڪرڻ کپي. اهو غلط آهي. بلوچن جي مزاحمت پاپولر آهي، ان کي بلوچ عوام جي حمايت حاصل آهي، طالبان کي ڪهڙي حمايت حاصل آهي؟ بلوچ عوام سان ڏاڍايون ٿيون آهن، حق تلفي ٿي آهي، کين ننڌڻڪو ڪري ماريو ويو آهي. هزارين بلوچ سياسي ورڪر گم آهن، جيلن ۾ آهن يا مارجي ويا. سندن نسل ڪشي ٿي آهي، طالبان سان اهڙي ڪهڙي ويڌن ٿي آهي جو مٿن آپريشن جي اسين مخالفت ڪريون؟

    حقيقت آهي ته ملڪ کان ٻاهر وسندڙ ”ڪجهه“ پختون آپريشن جي مخالفت پيا ڪن، ان کي نسل ڪشي سڏين ٿا. جيتوڻيڪ اهو درست آهي ته پختون قوم سان هن وقت وڏو الميو آهي جو طالبان ۾ اڪثريت پختونن جي آهي، خودڪش حملي آور به پختون آهن، بمباري به سندن عمارتن ۽ ادارتي ڍانچن تي ٿئي پئي، بي گهر ٿيل به پختون آهن. زمينون، نديون، آبشار ۽ حسين واديون به سندن ئي تباهه ٿين پيون، ان ڪري وحشتناڪ صورتحال ۾ جڏهن پختون تاريخي الميي مان گذرن پيا ته سندن اهڙا ردعمل لازمي آهن، پر اسين ته ان قابل آهيون جو معروضي حالتن جو جائزو وٺي، سمجهيون پوءِ موقف سامهون آڻيون.

    دراصل هن وقت طالبان کي پختون سمجهي سندن بچاءُ ڪرڻ اسان جي تاريخي غلطي هوندي. طالبان پختون نسل جي ان ناسوريل حصي جيان آهي، جنهن کي هو پاڻ ڪٽي ڦٽي ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءِ اسان کي اها معمولي ڳالهه سمجهڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي؟ ان ڪري سمجهڻ کپي ته هن خاص وقت ۾ فورسز کي پنجابي سمجهي ۽ طالبان کي پختون سمجهي آپريشن خلاف بيان بازي فقط اهي ڌريون ئي ڪري سگهن ٿيون، جيڪي طالبان راڄ جي status quo جون حامي هونديون يا اڻ ڄاڻائي ۾ سندن حمايت ڪري رهيون هونديون. پختون ماڻهو فقط فوج جي غير منظم آپريشن ۽ بي گهر ماڻهن جي حوالي کان بدانتظاميءَ تي ڪاوڙيل آهن. آپريشن شروع ڪرڻ کان اڳ نه ته ماڻهن کي الرٽ ڪيو ويو، نه سندن لاءِ ڪيمپن جو بندوبست ڪيو ويو. ان وٺ وٺان ۾ ماڻهو ضرورت جون شيون/سامان سهيڙڻ کانسواءِ ئي لڏپلاڻ لاءِ نڪري پيا. خود منهنجي سامهون آيل (جلال ۽ تخت باءِ ڪيمپن ۾ رڳو الائي ڪيترا ڪيس هئا، جن ۾ ننڍا ٻار ۽ نوجوان نينگريون، اچانڪ لڏپلاڻ ۽ ڀڄ ڀڄان جي وحشت ۾ مائٽن کان وڇڙي ويا. اهڙا به مثال آهن ته سوات ۽ وزيرستان جي ماڻهن فوجي آپريشن لاءِ آيل فوج کي هار پارائي سندن آڌر ڀاءُ ڪيو.

    غلط مفروضن ماڻهن جي عام سوچ، ملڪي سياست ۽ خود ميڊيا تي به ڏاڍو خراب اثر وڌو آهي. اسان کي تمام سنجيدگيءَ سان انهن مفروضن جي مواد ۽ انهن کي ڦهلائڻ وارين قوتن تي سوچڻ کپي. سندن مفادن ۽ ايجنڊا تي سوچجي ته انهن مفروضن پکڙجڻ سان سندن ڪهڙا مقصد پورا ٿين ٿا؟

    sahargul@hotmail.com
     
  12. قمرالدين

    قمرالدين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: محترمه سحر گل ڀٽي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    محترمه سحر گل صاحبه سان تازو ڪلٍھ ملاقات ٿي۔ هڪ ورڪشاپ ۾ پاڻ ٽرينر ٿي آيون هيون ڏاڍو سٺو ًلًڳو ساڻن ملي۔۔۔
    سندن ڪالم اسان کي پسند آيا
     
  13. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: محترمه سحر گل ڀٽي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    سائين توهان جي مهرباني جو توهان سحر گل جي لکيل ڪالمن کي اسان سان شيئر ڪيو ليڪن اوهان ڪافي وقت پوء ديدار ڪرايو آهي ائين نه ڪيو پنهنجي زيارت جلدي ڪرائيندا ڪيو ته نهايت عنايت ٿيندي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو