Sindhi Media
سينيئر رڪن
اجرڪ،سنڌي توپي ۽ سنڌو ڏهاڙي جيان سنڌي سيلاب زدگان جي مدد ڪريو "اپيل"
اچو ته ملي سنڌي اجرڪ، توپي ۽سنڌو ڏهاڙي جيان ميدان تي نڪري بيگهر سنڌي سيلاب زدگان جي مدد ڪريون.
جرڪ،سنڌي توپي ۽ سنڌو ڏهاڙي جيان سنڌي سيلاب زدگان جي مدد ڪريو "اپيل"

سنڌ جي عظمت و غيرت جي پيروڪارن کي سُڌ آهي ته سنڌ جون مٿي اُگهاڙيون هزارين نياڻيون، امڙون، ڌيئرون، ڀينرون ۽ عزتون سنڌي وڏيرن، راشي ڪامورن، سردارن، جاگيردارن، پيرن، ميرن، رئيسن، شاهن جي سنڌ ۾ مُسلسل ڏاڍ، جبر، ڪارو ڪاري بهانن سان قتل، سامن جي لڄ لڄاٽ ڪري آسماني آفتن ۽ سيلابن هاڻ سنڌ سڳوريءَ جو رُخ ڪيو آهي ۽ سُڪن سان گڏ آلن جي سڙڻ جي مفروضن تحت ، ۽ انهن ظالم وڏيرن جي پُڇ ۾ لٽڪي انهن جي ناجائز مدد ۽ موٽ ۾ پنهنجن تي پاڻ ظلم ڪرڻ ۽ خود غرضي، خود پسنديءَ جي ڪري اسلامي قانونن تحت الله جو ڏمر آسماني ۽ زميني آفتن جي شڪل ۾ ۽ اسان جي نُنهن کا چوٽيءَ تائين ظلم جو ساٿ ڏيڻ ڪري سنڌ سڳوريءَ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
اچو ته پنهنجن ڪيل ڪرتوتن تي ، نا انصافين تي، هڪ ٻئي کي نه سهڻ ۽ انا جي ڪري هڪٻئي جي پو.ياري نه ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کي نيچو ڏيکارڻ جي سزا تي شرمسار ٿي ۽ رب جي درٻار ۾ سُجود ٿي، پنهنجن گُناهن جي بخشش ڪرائڻ ۽ توبه تائب ٿيڻ سان گڏ، پنهنجن لڄن جي مٿي تي پوتي اوڙهيون، جيڪي آسماني ۽ زميني آفتن ڪري ۽ پنهنجي جان بچائڻ سان پنهنجا گهر گهاٽ، اٽا لٽا ڇڏي ، بي آسرا ۽ بي مدد گار، هن کُلي آسمان هيٺ آسمان طرف ڪنڌ کڻي مدد مدد پُڪاري پني رهيون آهن.
ان سان گڏوگڏ اهو ياد رکڻ کپي ته هي اُهي ئي مٿي اُگهاڙيون نياڻيون آهن جيڪي اوهان ۽ اسان کي ڀرپور موٽ ڏينديون آهن ، جڏنهن ووٽ کپندو آهي يا، اوهان کي ليڊر ٺاهڻ ۾، ايم اين اي ۽ ايم پي بنائڻ۾، ۽ اوهان جي هر حُڪم تي ۽اسان جي هڪ هڪ لفظ تي لبيڪ چئي پنهنجن گهرن کي ڇڏي، سنڌي اجرڪ ٽوپي ۽ سنڌُو ڏهاڙن جي نالن تي تي گهٽين، روڊن ۽ دريائن جي ڪناري گڏ ٿي، هڪ سمنڊ جيان ڪهي آيون هُيون ۽ چينلن اربن ڪوريج ڏئي رُپيئن جي ڪمرشيل حاصل ڪئي هُئي، اڄ اُهي ئي نياڻيون انهن ئي نماڻي اکين سان اسان ڏانهن مدد لاءِ ، بُک، اُڃ ۽ مٿي اُگهاڙي پڻ ڏسي رهيون آهن ۽ اسان جي قومي غيرت جو امتحان پڻ وٺي رهيون آهن.
سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ ۽ اُن جو ذيلي ادرو، سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) مڙني سنڌي فنڪارن ۽ سنڌي چئنلن جي مالڪن، انهن جي مُلازمن کي اپيل ڪري ٿو، خاص طرح مُحترم علي قاضي (ڪي ٽي اين ۽ ڪشش)، مُحترم ڊاڪٽر ڪريم راڄپر (سنڌ ٽي وي)، مُحترم سائين ناصر شاه (ڌرتي)، مُحترم غلام النبي ميمڻ (مورائي (مهراڻ) ۽ مُحترم ارشاد جتوئي (آواز ٽيوي) ۽ مڙني ، اميرن، پيرن، ميرن، شاهن، ڪامورن، سياسي، سماجي شخصيتن، اين جي اوز، قومي ليڊرن، جن جي سنڌي قوم سٺي زندگي غلامي ڪئي مڙني جي پيرن تي هٿ رکي ، سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ اپيل ٿي ڪري ته ساڳئي سنڌي توپي اجرڪ ۽ سنڌو ڏهاڙي جي جذبي جيان ميدانن، بر پٽن، شهرن، ڳوٺن، گهر گهر، گهٽي گهٽي، ديس پرديس ، ذاتي طور نڪري، پنهنجن فنڪارن کي گڏ ڪري ، هر هڪ اڳيان جهولي جهلي ، هن مٿي اُگهاڙن سنڌي نياڻين جيڪي هنن سيلابي ريلن ڪري مُتاثر ٿي آسمان طرف واجهائي رهيون آهن انهن جي مٿي تي پوتي پارائي، سندن اٽي، لٽي ۽ گهر لاءِ ڪاوش ڪيون اهڙي جوش ۽ جذبي سان جيئن پوري قوم سنڌي توپي، اجرڪ ۽ سنڌو ڏهاڙي تي ڪئي