آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    السلام عليڪم دوستو!
    جيئن ته اسان مان ڪيترائي دوست مائڪروسافٽ آفيس 2007 استعمال ڪري رهيا آهن، انهيءَ‌ آفيس ۾ ڪيترن ئي خوبين سان گڏ هڪ خامي آهي ته اها ورڊ جي فائلن کي باءِ‌ڊفالٽ ڊاڪس (Docx) فارميٽ ۾‌محفوظ ڪري ٿي ۽ اهو فارميٽ وري مائڪروسافٽ ورڊ جي گذريل ورزنس (97، ايڪس پي، 2003) وغيره ۾ نه ٿو کلي۔۔ ان ڪري گهڻا ئي دوست ان کي انسٽال ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا ۽ هن کي جهنجهٽ‌سمجهن ٿا۔ حالانڪه بس توهان ان جي ٿوري سيٽنگ مٽائي اهو ڪم سولو ڪري سگهو ٿا۔ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ دوست مون کي هن مسئلي جي باري ۾ پرائيوٽ ميسج ڪري پڇيو به هو۔ کيس حل ٻڌائڻ کان پوءِ مان سوچيو ته اهو حل توهان کي به ٻڌايان ان لاءِ مان اوهان کي اهائي سيٽنگ ٻڌائڻ آيو آهيان ته اوهان ڪيئن آفيس 2007 جي فائلن کي پوئين ورجنس جي فارميٽ ۾ محفوظ ڪري سگهو ٿا۔۔


    سڀ کان پهرين هن تصوير ۾ ڏنل جڳهه وانگر بٽڻ ورڊ آپشن Word Options تي ڪلڪ ڪري اهي آپشن اوپن ڪريو

    [​IMG]

    ان کان پوءِ‌ هاڻي save جي ٽيب ۾ وڃي هيٺئين سيٽنگ رکيو ۽ اوڪي جو بٽڻ دٻايو۔۔

    [​IMG]

    بس ڳالهه به ايتري۔۔ هروڀرو پريشان ٿيا آهيو۔۔ مست نه هجي ها ته الائي ڇا ٿئي ها توهان دوستن جو۔۔
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    ادا مست توهان جي مهرباني جو اهڙي قيمتي شيئرنگ ڪئي اٿوَ
     
  3. مظهرعلي

    مظهرعلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2010
    تحريرون:
    206
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Dadu
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    [​IMG]
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    مهرباني ادا رحيم بخش ۽ ادا مظهر علي
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    زبردست معلومات آهي ادا.
     
  6. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    مست واقعي مست آهي ، جي نه هجي مست ته اسان ٿي پئون سست۔
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    مطلب ته مست ڪري ٿو چُست۔۔ ڳالهه ڏسي اٿوَ زبردست۔۔
     
  8. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    جزاڪ الله خيرا
     
  9. ارشد

    ارشد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سچل سرمست ڪالوني ڪوٽڙي
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    ادا مست تمام بهترين ونڊ آهي مون کان به هڪ دوست اهو ئي سوال ڪيو هو ته 2007 وارو فائيل 2003 ۾ ڇو نه ٿو کُلي هاڻي اوهان جي مهرباني سان مان پنهنجي دوست جو مسئلو حل ڪري سگهان ٿو
     
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    واھ سائين واھ مست اصلي مست نه هجي هان ته اسان واقعي سست ٿي وڃون هان،،،،،،،،،،،،،،اڄ استاد ڪٿي هئا سڄو ڏينهن۔۔۔۔؟


    [​IMG]
    ادا مست مان وارو ته مسئلو حل ڪر نه مان موضوع لکيو آهي پڇڻا نه مجهڻا ۾ اوهان ڏسو۔
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    ادا مست تمام بهترين ونڊ ڪيو آهي توهان۔
    مهرباني سُکيا هجو شال
     
  12. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    ايم ايس ورڊ ۾ فائيل سيو ڪرڻ جو ٻيو طريقو

    تصويرن جي مدد سان ڏسو

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔


    ادا اهو طريقو ته بلڪل ڪارآمد آهي پر مان جيڪا ڳالهه ٻڌائي ان ۾ اهو فرق آهي ته ان سان اوهان جو ڊفالٽ فارميٽ Doc ٿي ويندو Docx نه هوندو
     
  14. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    هي سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو، 2007 جو فائل پاڻهي 2003 ۾ تبديل ٿي ويندو.

    http://www.4shared.com/file/kjdfN-LK/FileFormatConverters.html
     
  15. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    سبحان الله واه مست واه

    تمام پياري شيئرنگ آهي توهان جو ڏسيل طريقو لاجواب آهي ان نموني سان ان پريشاني مان ته آجا ٿئي سگهو ٿا

    باقي زاهد سومري جو ڏسيل طريقو به لاجواب آهي اميد ته دوستو اهڙي شيئرنگ جاري رکندا

    توهان جو دوست فقير

    سدائين گڏ
     
  16. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    السلام عليڪم سائين

    ادا ڇا 2003 جو فائيل به 2007 ۾ اوپن ٿئي ويندو

    اهڙي معلومات ڏيڻ جي مهرباني ڪندا

    سدائين گڏ
     
  17. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    نئين ورزن ۾ پراڻي ورزن کي سپورٽ جي سهولت اڳ ۾ موجود هوندي آهي، البته پراڻو ورزن نئين ورزن جي فائل کي نٿو کولي سگهي.

    ادي مست جو ڏسيل طريقو تمام بهترين آهي، پر مسئلو اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ آفس 2007 انسٽال ٿيل ئي نه هجي ته انهيءَ صورت ۾ ڇا ڪجي. ان صورت ۾ منهنجو شيئر ڪيل سافٽويئر انسٽال ڪرڻ سان، آفس 2007 جي ضرورت نٿي رهي.
     
  18. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    ادا سٺو ونڊ آهي۔۔ ان جي لاءِ‌الڳ موضوع شروع ڪيو ها ته جيئن گهڻي کان گهڻا دوست ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن۔۔
     
  19. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    سائين منهنجو ڏسيل طريقو نئين يوزرس لاءِ‌آهي جڏهن ته ادا زاهد الجميلي جو ڏسيل طريقو ايڊوانسڊ يوزرس لاءِ آهي ڇو ته سندس تجربو به چڍي بنيان واري فيڪٽري ۾ ڪم ڪري ڪري ايڊوانسڊ ٿي ويو آهي
    >:d<
     
  20. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آفيس 2007 جي فائل Docx کي ڊفالٽ طور Doc فارميٽ ۾ محفوظ ڪريو۔۔

    استاد سائين ۔۔۔ اوهان جي هن سوال سان شاگردن تي ڇا گذري هوندي اوهان کي ڪهڙي خبر۔۔۔
    %-(
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو