آيا سنڌ جا ساهه فضل الله، آيا هند جا حسن زيور ۽ جاه،
آيا فخر دنيا، خدا جي نگاهه، تونگر ۽ مسڪين جي پشت و پناه،
توئي ابر رحمت، توئي رنگ شفقت،
سندم جان تو ۾، ۽ ايمان تو ۾،
چوي توکي دم دم محبت ۽ چاه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!
سندءِ پاڙ ساري جهان جو آ تخت، جتي مينهن موتين سندو آ سخت،
وهي ٿو هتان هر هميشہ جو بخت، هي دنيا ۾ آهي بهشتي درخت،
جو چاهي لهي ٿو، ڪٿي ڀي رهي ٿو،
فرنگي ۽ هندي، جپاني ۽ سنڌي،
منجهان اهڙي سندر سخي بارگاه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!
هتان پاڪ گنگا جو آغاز ٿئي، ۽ جمنا جو ڀي ناز انداز ٿئي،
ٿي بنگال برهما سان دمساز ٿئي، هتي ڪشف الله جو راز ٿئي،
زمين آسمان سان، عرب گلستان سان،
پيا هتڙي گڏجن، مخالف به سڏجن،
هتي فرق مغرب ۽ مشرق ۾ ناه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!
اچين مانسرور مان ڪشمير ۾، ۽ باغ عدن واري تصوير ۾،
ڀرين تنهن کي خوشبوء اڪسير ۾، مفرح کڻي سنڌ لئي سير ۾،
ڏئين دل کي فرحت، ڏئين روح راحت،
۽ ڪيلاش پربت، منجهان شير شربت،
ٿو گلزار گلشن جا آڻين اٿاهه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!
ٽڪر ٽاڪي پهچين ٿو پنجاب ۾، وجهي توکي پنجاب ٿو خواب ۾،
ڀرين ملڪ کي خواب ۾ آب ۾، وجهين آب کي ڪين گرداب ۾،
ويون چاڙهيون لاهيون، نيون واهه واهيون،
ڇڏي گوڙ گهمسان، هلين ٿو مزي سان،
اي روح روان، صاحب عزوجا، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!
ٿي راوي اچي تنهنجي ديدار تي، ۽ ستلج ۽ جهلم نمسڪار تي،
ٿين مست ٿيون، تنهنجي للڪار تي، ڪرن تنهنجي قدمن جي آڌار تي،
ٿين توتان قربان، فنا پنهنجي ڪن جان،
ڏين پاڻ پنهنجو، لهن وصل تنهنجو،
جو ميلو سمايل فنا اندر آهه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!
تون داخل ٿئين سنڌ ۾ ٿو آخير، جا آعشق تنهنجي ۾ اصلاَ آسير،
سحر وقت، سنڌي، اچي ٿي حقير، ڪري تنهنجي پوڄا، مڃي توکي پير،
اي ”سنڌو“ سدائي، تون ڪر ”سنڌ“ سائي،
تون همنام سان رهه، وفا سان هميشہ،
جو سنڌو سوا سنڌ ٻي ڪجهه به ناهه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!
ٿو آخر وڃين سمنڊ ۾ گم ٿئين، ٿو ٽڪرن ۽ جبلن کان بي غم ٿئين،
۽ بي انت ساگر سان همدم ٿئين، رموز خوديءَ جو ٿو محرم ٿئين،
ابد ذات تنهنجي، همہ بات تنهنجي،
تون هر شي جو مايو، سندءِ سڀ تي سايو،
تر ۽ خشڪ کي بخشين نئون رنگ ۽ ساه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!
هو اول ۾ تنهنجو سمندر ۾ گهر، تپش عشق جي پر ڪرايئي سفر،
گهمئين ملڪ سهسين، ڏٺئي شهر و بر، هماليه تي ورتي تو شڪل گهر،
ٿيو پاڻي گوهر، پيو سمنڊ اندر،
سمندر مان ڄائين، وري تنهن ۾ آئين،
هي دنيا آ چرخي سندي چاڙهه لاهه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!
ٿي سانوڻ ۾ توکي بهاري ٿئي، بهاريءَ ۾ خوش خلق ساري ٿئي،
ٿي ساري ڌرتي به ڪاري ٿئي، ٿي هرڪا زمين برک واري ٿئي،
ٻنيون ريج کائن، سگهو ان اُپائن،
ڀرن واهه ريلا، ڪري جهنگ ٻيلا،
ٿئي جهنگ جهر پاڻي ٿو چار ماهه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!
دم عيسيٰ ڦوڪين ٿو هر واهه ۾، ڪسي سڀڪا سهڪي پئي چاهه ۾،
ڪڻس آب حيوان اچي گاهه ۾، قدم خضر جو آهه هر راهه ۾،
ٿئي جهنگ گلشن ۽ هر باغ روشن،
ٿي هر ٻوٽي ٻهڪي، پکي تنهن تي چهڪي،
ڌتاري ٿو اکين کي هر گاهه، گاهه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!
خوشيءَ مان نه ماپين ٿو اونهاري ۾، پڄي تنهنجو ڀاڪر ڪچي ساري ۾،
ڪرين تنگ تون بند کي گهاري ۾، اچي شل نه ڪو گهاري لهواري ۾،
ٿئي بحر بر مان، مڃي تنهنجو فرمان،
سڙن پوکون سايون، ٿين غرق جايون،
تون بيحد خوشيءَ مان نه ماڻهن تي ڪاهه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!
ڀلا ٻيڙي تنهنجي ڇهي آسمان، چڙهن مٿس ”حيدر“ مثل آس مان،
هي سچ نوح جي ڪشتي جي آسمان، جنهين جي سڙهن آ چٽيو آسمان،
ڀلا اوج تنهنجي، ڀلا موج تنهنجي،
عجب تنهنجون ڇوليون، ڏين دل کي لوليون،
هي لوليون ٿيون ٻوليون ڪري نين ساهه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه!