ڪمپيوٽر کي شٽ ڊائون بجاءِ هائيبرنيٽ ڪريو...

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ منتظرعلي طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2009۔

  1. منتظرعلي

    منتظرعلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هي ٽپ ادا رشيد جي لکيل آهي۔
    اڄ مان اوهان سان هڪ زبردست ٽپ شيئر ڪري رهيو آهيان...
    اسان جا ڪافي دوست ونڊوز ايڪس پي جي انسٽاليشن دوران ڪجهه غلطيون ڪري وجهندا آهن جنهن ڪري ونڊوز جا ڪافي فيچر صحيح انسٽال ٿي نه سگهندا آهن... انهن انسٽال نه ٿيندڙ فيچرز ۾ Hibernate فيچر پڻ شامل آهي...
    ڪجهه دوستن جي لاءِ ته هيءَ بلڪل نئين ڳالهه هوندي....... جيڪر اها ڳالهه آهي ته پوءِ مان توهان کي ٻڌائيندو هلان ته جڏهن توهان ڪمپيوٽر کي بند (Shut Down) ڪندا آهيو ته Start Menu کي ڪلڪ ڪري Turn Off Computer کي ڪلڪ ڪندا آهيو جنهن سان هڪ ونڊوز ظاهر ٿيندي آهي ان جي پس منظر ۾ باقي نظارو آهسته آهسته بليڪ اينڊ وائيٽ ٿي ويندو آهي...
    ظاهر ٿيندڙ ونڊوز ۾ ٽي آپشن هوندا آهن جن ۾ Restart ۽ Turn Off سان گڏ Stand By جو آپشن هوندو آهي جيڪو توهان يقينن تڏهن استعمال ڪندا هوندو جڏهن توهان عارضي طور ڪمپيوٽر جي سيٽ تان اٿندا آهيو...
    جيڪڏهن ڪمپيوٽر کي جلدي ۾ بند ڪرڻو پوي ۽ توهان کوڙ سارا پروگرام کليل رکيا هجن ته انهن سڀني کي بند ڪرڻ ۽ پوءِ ڪمپيوٽر کي شٽ ڊائون جي پروسيس ۾ يقينن ڪافي وقت لڳندو ۽ سڀ کان اهم اهو ته توهان جيڪي پروگرام يا ضروري سائيٽس کوليون آهن انهن کي ڪمپيوٽر جي بند ٿيڻ جي صورت ۾ وساري سگهو ٿا... خاص ڪري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ اهي دوست جيڪي ننڍا ننڍا UPS استعمال ڪندا هجن جن جو بيڪ اپ بلڪل گهٽ ٿيندو آهي کي ته بجلي وڃڻ جي ڪري ان ڳالهه جي ڪافي پريشاني ٿيندي آهي ......... ان صورت ۾ توهان کي گهرجي ته توهان Hibernate جو استعمال ڪيو جنهن کان پوءِ جڏهن توهان ڪمپيوٽر کي ٻيهر کوليندو ته ڪمپيوٽر کي بند ڪرڻ کان اڳ جيڪي به پروگرام کليل هيا سي ٻيهر کلي ويندا ۽ توهان جتان ڪم ختم ڪيو هيو اتان ئي جاري ڪري سگهو ٿا......... نه صرف اهو پر ڪمپيوٽر جي بند ٿيڻ ۽ کلڻ جي پروسيس واري رفتار به وڌيڪ محسوس ڪندو.........
    هائبرنيٽ Hibernate آپشن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ توهان کي ڪرڻو اهو آهي ته جڏهن Turn Off Computer واري ونڊوز کلي وچي ته توهان ڪي بورڊ تان شفٽ (Shift) واري ڪي پريس ڪريو
    توهان وٽ Hibernate وارو آپشن Disable ٿيل آهي..... انهي آپشن کي Enable ڪرڻ لاءِ Start Menu ۾ وڃي Run سليڪٽ ڪريو جتي powercfg.cpl لکي انٽر پريس ڪريو ... توهان ڏسندو ته Power Options Properties واري ونڊو کلي ويندي.. هتي Hibernate واري ٽيب کي سليڪٽ ڪريو جتي Enable Hibernate جي اڳيان بڻيل باڪس ۾ چيڪ (√) لڳايو... هاڻي پهريان Apply ۽ پوءِ Ok کي پريس ڪري ڇڏيو
    ادا رشيد عرف جادوگر جي ٽپ آهي
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا مهرباني پرين ۽ ڀلي ڪري آيا ادا پر ٿورو ان کي صفائي سان رکو ها ته اڃا بهتر ٿئي ها اوهان سڀ ڪجه هڪ ئي ڪلر ۾ ۽ بنا فاصلي جي رڪيو آهي اسان جهڙن پرائمري پاس کي سمجهڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي يار اڳتي جي لاء پارت اٿئي مهرباني شيئرنگ جي
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهتري شيئرنگ آهي مٺا مون جا منتظر
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    منتظر تمام بهترين شيئرنگ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو