منصور سيتائي
سينيئر رڪن
توسان ملبو ضرور
توکي تنهجي ئي چپڙن جو آهي قسم
منهجي ويجهو نه اچ، منهجي ويجهو نه اچ
جيسين ڌاڙيل سنڌ جا نه ماريا و ڃن،
جيسين نڪري نٿا هتڙان ڌاريا وڃن،
جيسين ظالم جا گهر گهر نه ساڙيا وڃن،
جيسين آهي ڪراچي ڪنن ۾ اڃان،
جيسين ڳاڙهاڻ ناهي گلن ۾ اڃان،
جيسين ميراڻ آهي منن ۾ اڃان،
ڪارونجهر جي مٿان مور جيسين نچن،
کير ٿر جي مٿان مينهن جيسين وسن،
جيسين ڪاڇي ڪچي تي نه آگم اچن،
جيسين مارن تي آهي ستم تي ستم،
توکي تنهنجي ئي چپڙن جو آهي قسم،
منهجي ويجهو نه اچ منهجي ويجهو نه اچ۔
آ اوهان جي ادا مونکي هر هڪ وڻي،
مان مڃان ٿو اوهان ۾ ڪشش آ گهڻي،
آ اوهان جو نه مٽ ڪو به ڄاڻي ڌڻي،
مگر پير ننگا ء ڦاٽل لٽا،
گهمن ٿا جي رستن تي ننڍڙا ٻچا،
سمهي ٿا پون رات جو جي بکيا،
هي جي ننڍڙا روئن ٿا ويچارا مٺي،
هي جي آهن سڀئي بي سهارا مٺي،
منهجي اکين جا آهن ستارا مٺي،
جيسين ڏکڙا نه ٿيندا ته تن جا ختم،
توکي تنهجي ئي چپڙن جو آهي قسم،
منهجي ويجهو نه اچ منهجي ويجهو نه اچ۔
جڏهن ڳاڙها جهنڊا هوندا وڻ وڻ کتل،
جڏهن آزاد سنڌڙئ ۾ ٽڙندا ڪنول،
جڏهن گهر گهر ۾ پيدا ته ٿيندا سچل،
جڏهن سنڌ ڄائو نه مجبور ٿئي،
جڏهن هر ڪو حق چئي ء منصور ٿئي،
جڏهن سچ ملڪن ۾ مشهور ٿئي،
تون ئي آنِِ وفا تون ئي مانِ وفا،
منهنجي دل تون ئي آهين ته شانِ وفا،
ها تڏهن ها تڏهن منهجي جانِِ وفا،
توسان ملبو ضرور توسان ملبو ضرور۔
توکي تنهجي ئي چپڙن جو آهي قسم
منهجي ويجهو نه اچ، منهجي ويجهو نه اچ
جيسين ڌاڙيل سنڌ جا نه ماريا و ڃن،
جيسين نڪري نٿا هتڙان ڌاريا وڃن،
جيسين ظالم جا گهر گهر نه ساڙيا وڃن،
جيسين آهي ڪراچي ڪنن ۾ اڃان،
جيسين ڳاڙهاڻ ناهي گلن ۾ اڃان،
جيسين ميراڻ آهي منن ۾ اڃان،
ڪارونجهر جي مٿان مور جيسين نچن،
کير ٿر جي مٿان مينهن جيسين وسن،
جيسين ڪاڇي ڪچي تي نه آگم اچن،
جيسين مارن تي آهي ستم تي ستم،
توکي تنهنجي ئي چپڙن جو آهي قسم،
منهجي ويجهو نه اچ منهجي ويجهو نه اچ۔
آ اوهان جي ادا مونکي هر هڪ وڻي،
مان مڃان ٿو اوهان ۾ ڪشش آ گهڻي،
آ اوهان جو نه مٽ ڪو به ڄاڻي ڌڻي،
مگر پير ننگا ء ڦاٽل لٽا،
گهمن ٿا جي رستن تي ننڍڙا ٻچا،
سمهي ٿا پون رات جو جي بکيا،
هي جي ننڍڙا روئن ٿا ويچارا مٺي،
هي جي آهن سڀئي بي سهارا مٺي،
منهجي اکين جا آهن ستارا مٺي،
جيسين ڏکڙا نه ٿيندا ته تن جا ختم،
توکي تنهجي ئي چپڙن جو آهي قسم،
منهجي ويجهو نه اچ منهجي ويجهو نه اچ۔
جڏهن ڳاڙها جهنڊا هوندا وڻ وڻ کتل،
جڏهن آزاد سنڌڙئ ۾ ٽڙندا ڪنول،
جڏهن گهر گهر ۾ پيدا ته ٿيندا سچل،
جڏهن سنڌ ڄائو نه مجبور ٿئي،
جڏهن هر ڪو حق چئي ء منصور ٿئي،
جڏهن سچ ملڪن ۾ مشهور ٿئي،
تون ئي آنِِ وفا تون ئي مانِ وفا،
منهنجي دل تون ئي آهين ته شانِ وفا،
ها تڏهن ها تڏهن منهجي جانِِ وفا،
توسان ملبو ضرور توسان ملبو ضرور۔