نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو جيئي سنڌ
ڪافي ڏينهن جي غير حاضري کان پو سنڌ جي کاهوڙي ۽ جاکوڙي شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم جو وڊيو مُنشي ابراهيم پارٽ 4 توهان سان ونڊ پيو ڪريان، هن وڊيو ۾ مرحوم شاعر پنهنجا ٻه نظم مان ئي آهيان مان آهيان منهنجو عزم فولاد ، دودي ڏاهر جو اولاد ، ۽ موت کي جنهن مارِي آهي چيا آهن۔ توهان دوستن کي ياد ڏياريندو هلان هي ناياب ۽ انمول وڊيو ٽنڊو محمد خان شهر جي تمام زبردست شخصيت محترم ڊاڪٽر انور عالماڻي صاحب سنڌ سلامت کي ڊونيٽ ڪيا آهن صرف انهي محبتي واعدي تي ته هي وڊيو سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪيا ويندا۔ دوستو، ايڊيٽنگ وارو ڪم ڪافي ٿڪائيندڙ آهي پر سنڌ سلامت جي هن نگري جي ڪاميابي واسطي مون کي انهي ٿڪائيندڙ ڪم جي ڪا پرواهه ڪانهي۔ شڪر الحمد الله سنڌ ڌرتي جي هن مزاحمتي شاعر مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني جا وڊيو سنڌ سلامت کي 13 سي ڊيز جي صورت ۾ ڊونيٽ ٿي مليا آهن، جيڪي قسط وار توهان دوستن سان ونڊ ڪيا ويندا۔ مونکي اميد آهي ته سنڌ ڌرتي جي هن مهان مرحوم شاعر جي شاعري سندس زباني توهان کي ضرور وڻندي۔

سنڌ جو جاکوڙي ۽ مزاحمتي شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم پارٽ 4 سنڌ سلامت جي پنهنجي فخريه پيشڪش
ڪي ٽي اين تان هڪڙو پروگرام جيڪو مُنشي ابراهيم مرحوم جي سالگره جي موقعي تي پيش ڪيو ويو هو اهو پروگرام پڻ پيش خدمت آهي، اها شيئرنگ اسان جي نوجوان ميمبر سيد غلام علي شاهه جي آهي ان شيئرنگ ۾ سيد غلام علي شاهه نٿو جو سنڌ لا وڙهي نٿو جو سنڌ لا ڪڙهي سو سنڌ کي ڇڏي وڃي پڻ ترنم ۾ پڙهي ٻڌائي آهي۔