سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پيشڪش مُنشي ابراهيم پارٽ 4

'مُنشي ابراهيم' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو جيئي سنڌ
    ڪافي ڏينهن جي غير حاضري کان پو سنڌ جي کاهوڙي ۽ جاکوڙي شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم جو وڊيو مُنشي ابراهيم پارٽ 4 توهان سان ونڊ پيو ڪريان، هن وڊيو ۾ مرحوم شاعر پنهنجا ٻه نظم مان ئي آهيان مان آهيان منهنجو عزم فولاد ، دودي ڏاهر جو اولاد ، ۽ موت کي جنهن مارِي آهي چيا آهن۔ توهان دوستن کي ياد ڏياريندو هلان هي ناياب ۽ انمول وڊيو ٽنڊو محمد خان شهر جي تمام زبردست شخصيت محترم ڊاڪٽر انور عالماڻي صاحب سنڌ سلامت کي ڊونيٽ ڪيا آهن صرف انهي محبتي واعدي تي ته هي وڊيو سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪيا ويندا۔ دوستو، ايڊيٽنگ وارو ڪم ڪافي ٿڪائيندڙ آهي پر سنڌ سلامت جي هن نگري جي ڪاميابي واسطي مون کي انهي ٿڪائيندڙ ڪم جي ڪا پرواهه ڪانهي۔ شڪر الحمد الله سنڌ ڌرتي جي هن مزاحمتي شاعر مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني جا وڊيو سنڌ سلامت کي 13 سي ڊيز جي صورت ۾ ڊونيٽ ٿي مليا آهن، جيڪي قسط وار توهان دوستن سان ونڊ ڪيا ويندا۔ مونکي اميد آهي ته سنڌ ڌرتي جي هن مهان مرحوم شاعر جي شاعري سندس زباني توهان کي ضرور وڻندي۔
    سنڌ جو جاکوڙي ۽ مزاحمتي شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم پارٽ 4 سنڌ سلامت جي پنهنجي فخريه پيشڪش​



    ڪي ٽي اين تان هڪڙو پروگرام جيڪو مُنشي ابراهيم مرحوم جي سالگره جي موقعي تي پيش ڪيو ويو هو اهو پروگرام پڻ پيش خدمت آهي، اها شيئرنگ اسان جي نوجوان ميمبر سيد غلام علي شاهه جي آهي ان شيئرنگ ۾ سيد غلام علي شاهه نٿو جو سنڌ لا وڙهي نٿو جو سنڌ لا ڪڙهي سو سنڌ کي ڇڏي وڃي پڻ‌ ترنم ‌۾‌ پڙهي ٻڌائي آهي۔​

     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پيشڪش مُنشي ابراهيم پارٽ 4

    ادا تمام بهترين شيئرن آهي .
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پيشڪش مُنشي ابراهيم پارٽ 4

    محترم رياض حُسين گلال لک لائق جو توهان سنڌ ڌرتي جي جاکوڙي شاعر مُنشي ابراهيم مرحوم جي شاعري جي وڊيو کي ڏسي بهترين شيئرنگ چيو مهرباني دوست۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پيشڪش مُنشي ابراهيم پارٽ 4

    السلام عليڪم سائين
    سائين توهان جي غير حاضري کي باقائدگي سان محسوس ڪيو ويو هو پر شادي جي ڪم ۾ ڪافي مصروف هئا

    دودي ڏاهر جي اولاد

    هر ڀيري جيان هن ڀيري به توهان جي شيئرنگ لاجواب آهي ،

    هن ويڊيو تيار ڪرڻ ۾ ڪيمرامين کان وٺي توهان جي محنت کي ساراهن کان سواه مان رهي نه سگهيس

    منشي ابراهيم جي ويڊيو سنگت سان ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    سائين اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

    توهان جي اهڙي ئي شيئرنگ جو انتظار رهندو

    سدائين گڏ
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پيشڪش مُنشي ابراهيم پارٽ 4

    سائين هڪ ته معافي جو طلبگار آهيان جو وقت سر (يعني ڪالهه) هن موضوع ۾ جواب نه ڏئي سگهيس۔۔ ڇو ته ڪالهه جيئن ئي جواب ٽائپ ڪرڻ شروع ڪيم ته بجلي به الله واهي ڪئي،
    وري ڪاڪي آچار جي خبر اٿوَ ته ياداشت مڙئي گهٽ اٿس۔۔ سو ڳالهه وئي پوئتي هلندي۔۔
    هاڻي وري ڏٺم ته سڀني ڪمن کي ڇڏي اوهان جي هن بهترين ونڊ جي جواب ڏيڻ‌کي بهتر سمجهيم۔۔۔
    تمام بهترين ونڊ آهي، توهان وٽ جڏهن اسان ٽنڊو محمد خان آيا هئاسين ته اوهان ان وڊيو سي ڊيز جو ذڪر ڪيو هو، توهان جي مهرباني جو اهڙو بهترين ونڊ خالص سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ڪيو پيا۔۔ توهان جي محنت کي سلام۔۔۔۔
    ٻيو سائين غلام علي شاهه واري وڊيو ڏسي خوش ٿي وياسين۔۔ سائين سان هن ڀيري اوهان جي پٽ محمد علي جي وليمي تي ملاقات نه ٿي سگهي،
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پيشڪش مُنشي ابراهيم پارٽ 4

    سائين نثار ناز صاحب اوهان جي مهرباني.
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پيشڪش مُنشي ابراهيم پارٽ 4

    پيارا وحيد ڦلپوٽا، جيئن ئي منهنجي پُٽ جي شادي کان فارغ ٿيس ته فوري دوستن جي سٿ ۾ شامل ٿي ويس پر وري مصيبت اها ٿي جو منهنجو ونڊو ڪنهن زبردست وائرس جي ڪري پَٽِ پئجي ويو تقريبن ٽن ڏينهن جي ڳاٽي ٽوڙ جدوجهد کان پو نئون ونڊو انسٽال ڪيو اٿم، ان ڪري نه رمضان ڪريم جون مُبارڪون دوستن کي ڏئي سگهيس ۽ نه ئي رمضان ڪريم جون مُبارڪون دوستن کان وٺي سگهيس، خير توهان کي مرحوم مُنشي ابراهيم جو هي وڊيو وڻيو لک لائق ادا هن وڊيوز کي تيار ڪرڻ ۾ محترم ڊاڪٽر انور علي عالماڻي صاحب جن جون اڻ ڳڻيون محنتون ، خرچ، ۽‌ ڪاوشون شامل آهن، مون ته صرف پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي هِي وڊيو سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري۔ لک لائق پسنديدگي لا
    [​IMG]
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پيشڪش مُنشي ابراهيم پارٽ 4

    پيارا مست زبردست شال جُڙيو هُجين يار ڪاڪو آچار ڄاڻي تون ڄاڻين، باقي مُنشي ابراهيم مرحوم جي شاعري سندس زباني جا سڄا سارا 13 وڊيو سي ڊي پيا آهن، اڃا تي صرف پهرين سي ڊي جو به صرف اڌ مٿين چئين وڊيو جي صورت ۾ ونڊ ڪيو اٿم پوڙهو مڙس آهيان مستي ۾ اچي پرفيڪٽ دعا ڪر ته الله سائين ايتري همت ڏي جو ڊاڪٽر انور علي عالماڻي جي هي محنت ساري سنڌ ۽ دنيا ۾ رهندڙ سڀني سنڌين سان ونڊ ڪري سوڀارو ٿيان۔ مهرباني ادا۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پيشڪش مُنشي ابراهيم پارٽ 4

    اڄ منشي ابراهيم جي اٺين ورسي آهي، ان حوالي سان سچ ته هي هڪ بهترين پيشڪش آهي۔

    منشي سچ جو ساٿاري هو، سرمائيدارن ۽ ظالمن سان نفرت ڪندڙ هو پر وري اتي پيار جو شاعري به هو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو