سعودي عرب ۾ ماهِ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!۔۔۔ سعودي عرب ۽ ان سان لاڳاپيل ملڪن ليبيا، انڊونيشيا، قطر، ترڪي ۽ ملائيشيا ۾ ماهِ رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسجي ويو آهي ۽ اربع جي ڏينهن انهن ملڪن ۾ پهريون روزو رکيو ويندو ۽ اڄ اتي پهرين تراويح جاري آهي۔۔۔
سعودي عرب جي شهر طائف ۾ اڱاري جي شام جو چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پڪين ثابتين کان پوءِ سعودي عرب جي شاهي دربار مان ماهِ رمضان جي چنڊ ڏسڻ ۽ اربع تي پهريون روضو هجڻ جو اعلان ڪيو ويو۔
مڪه مڪرمه ۾ مسجد الحرام ۽ مديني پاڪ ۾ مسجد النبوي صلي الله عليه وآله وسلم ۾ پهرين تراويح ادا ڪئي وئي۔۔
 
جواب: سعودي عرب ۾ ماهِ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو۔۔۔

جي ادا اوهان سڀني دوستن کي رمضان جون مبارڪون، مون پهرين روزي جون تراويحون حرم پاڪ ۾ پڙهي، ٿورڙو آرام ڪري وري اچي آفيس ۾ ويٺس ته اوهانجو هي ليک نظر چڙهيو ۔۔۔

ماشاء الله! حرم پاڪ ۾ روح پرور ڏيک هيو هر ماڻهون رمضان جو نور چهري تي رکي اچي حرم ۾ تراويحان پڙهڻ لا گڏ ٿيو هو ۔۔۔ ڀلا ڇونه گڏ ٿين هي مهينو ئي گناهن جي بخشائڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ جو مهينو آهي ۔۔۔ اچو ته اسين سڀ پڻ اهو وچن ڪريون ته هن مهيني جو لاڀ حاصل ڪنداسون ۔۔۔ براين ۽ شيطان کان پاسو ڪنداسون ۽ رب جي سڌي راهه تي هت الامڪان هلڻ جي ڪوشش ڪنداسون ۔۔۔

رب العالمين اسانجون دعائون قبول فرمائي ۽ اسانکي سڌي راهه تي هلڻ جي سگهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
 
جواب: سعودي عرب ۾ ماهِ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو۔۔۔

سائين خير مبارڪون اطلاع ڏيڻ جي مهرباني.
 
جواب: سعودي عرب ۾ ماهِ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو۔۔۔

السلام عليڪم دوستو!۔۔۔ color]


وعليڪم اسلام.. سائين مهرباني. توهان کي مبارڪ هجي دعائن ۾ ياد رکجو...

رب العالمين اسانجون دعائون قبول فرمائي ۽ اسانکي سڌي راهه تي هلڻ جي سگهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
ثم آمين ******* ادا دعائن ۾ ياد رکجو
 
جواب: سعودي عرب ۾ ماهِ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو۔۔۔

ادا سڀني مسلمانن ڀائرن کي مبارڪون، ادا مست اهڙي اطلاٿ ڏيڻ جي مهرباني۔
سائين نثار ابڙا صاحب اسان کي به دُعائن ۾ ياد رکندا۔
منهنجي الله رب العزت جي بارگاهه ۾‌دُعا آهي ته هن ڀلاري مهيني جي صدقي پوري عالمِ اسلام تي جيڪي به مصيبتون آيل آهن سي ختم ٿي وڃن۔
 
جواب: سعودي عرب ۾ ماهِ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو۔۔۔

دوستو۔۔۔۔ ڄامشورو شهر ۾ به چنڊ نظر اچي ويو۔۔ ماهه رمضان جي آمد مبارڪ۔۔۔
 
جواب: سعودي عرب ۾ ماهِ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو۔۔۔

ادا مست سڪرنڊ ۾ به رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو آهي توهان کي اسان جي طرفان مبارڪ هجي،
 
جواب: سعودي عرب ۾ ماهِ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو۔۔۔

ادا اطلاع ڏيڻ جي مهرباني پاڪستان ۾ ب چنڊ نظر اچي ويو آهي.
 
جواب: سعودي عرب ۾ ماهِ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو۔۔۔

♥♥ [̲̅̅h̲̅][̲̅̅à̲̅][̲̅̅p̲̅][̲̅̅p̲̅][̲̅̅y̲̅]♥♥♥♥♥♥♥♥♥♥
♥♥[r̲̅][̲̅̅à̲̅][̲̅̅m̲̅][̲̅̅à̲̅][̲̅̅d̲̅][̲̅̅à̲̅][̲̅̅n̲̅]♥♥♥♥♥♥
♥♥ [r̲̅][̲̅̅à̲̅][̲̅̅m̲̅][̲̅̅à̲̅][̲̅̅d̲̅][̲̅̅à̲̅][̲̅̅n̲̅].♥♥♥♥♥
♥♥[̲̅̅k̲̅][̲̅̅à̲̅][̲̅̅r̲̅][̲̅̅i̲̅][̲̅̅m̲̅] ♥♥♥♥♥♥♥♥♥
 
Back
Top