• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل

فياض منصور

سينيئر رڪن
غزل
فياض منصور

ڪير آيو نه ڪم شاعري کان سوا
ناه ڪجهه ڀي بچو خود ڪشي کان سوا

ساٿ مون کي ڏيڻ جي نه چاهين نه ڏي،
آ ويندس رهي زندگي کان سوا

نان منهجو وتو تو زبان تي ايئن،
جيئن قرآن کڻجي چمئ کان سوا

ڪو نه آهي ڪٽي ۽ نه ڪٽبي ڪڏهن،
ڪا گهڙي عمر جي سادگي کان سوا

آءُ هن کان سوا ايئن هان دوستو،
جيئن هجي ڪو غريب نوڪري کان سوا

جي چئين نانءُ پنهجو لکيئ ڇو فياض؟
بند پڙهندس سڀئي آخري کان سوا​
 
Back
Top