اچي ويو ”سيلاب“

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ هن ڀيري سيلاب ”ٻوڏ“ لکين ڪروڙين ماڻهن کان زندگيءَ جون خوشيون کسي ورتيون آهن، پر اتي ئي گهوٽڪي اوٻاوڙو ۾‌هڪ اهڙو گهر به آهي جتي سيلاب جي اچڻ سان خوشيون اچي ويون آهن۔۔۔ اهو ماڻهن کي ٻوڙڻ وارو سيلاب نه آهي، پر هي ته گرلز ڪاليج ۾ پناهه ورتل عظمت بيبي جي گهر ۾ سيلاب جي تباهين جي دوران ڄايل ”سيلاب خان“ آهي۔ هن جي ڄمڻ سبب عظمت بيبي ۽ سندس سمورا گهرڀاتي ٻوڏ جي تڪليفن کي وساري ويٺا آهن۔۔ نئين ڄميل ٻار جو نالو ”سيلاب خان“ رکيو ويو آهي ۽ سمورا گهر ڀاتي هن آيل ”سيلاب“ مان خوش آهن۔۔
Selab%20Khan.JPG


 
جواب: اچي ويو ”سيلاب“

واھ واھ ادا قسم سان مان کي به اها خبر ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي سيلاب خان کي الله وڏي حياتي ڏي آمين

 
جواب: اچي ويو ”سيلاب“

تمام سٺي ونڊ آهي هي سيلاب خان اسان جي پاڙي واري شهر ۾ پيدا ٿيو آهي ڏسو ته اسان کي سيلاب کان بچائي ٿو يا نه
 
جواب: اچي ويو ”سيلاب“

تمام سٺي ونڊ آهي هي سيلاب خان اسان جي پاڙي واري شهر ۾ پيدا ٿيو آهي ڏسو ته اسان کي سيلاب کان بچائي ٿو يا نه

ادا، ڏسو ڪاڪي آچار جي پهچ، سيلاب خان توهان جي پاڙي ۾ پيدا ٿيو، خبر پهرين مون کي پئي۔۔۔
 
Back
Top