ير موالي ڀلي ڪري آيا ۔۔۔۔ جي آيا ۔۔۔۔ اوهان دوستن لاءِ ئي هيءَ اوطاق سجايل آهي، اسانجو نعرو آهي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي، سنڌ جي سهڻي علائقي خيرپور جا ڪيترائي دوست هت موجود آهن، جيتوڻيڪ سڀئي موالي ناهن پر ڪجهه موالي به ضرور آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ خيرپور جو هڪ نسواري دوست به آيو هو، هڪ ٻه ڏينهن ڪچهري ڪري وري گم ٿي ويو آهي لڳي ٿو ته پشاور مان نسوار وٺڻ ويو آهي، الله خئير ڪري ڪٿي ٻڏي نه ويو هجي ۔۔۔
دوست، اوهان پنهنجي دل جا احوال ٻڌائيندا رهو، اسان به ڪجهه اوهانجي ٻڌنداسون، ڪجهه پنهنجي ٻڌائينداسون ايئن ٻڌندي ٻڌائيندي دوستيون پڪيون ٿينديون آهن ۔۔۔ پر اوهان پنهنجو اصلي نالو ڪٿي به نه لکيو آهي ۔۔۔ انڪري منهنجا موالي ڀاءُ ممڪن ٿي سگهيوَ ته پنهنجو اصل نالو به لکندا ته سٺو ٿيندو۔۔۔
هن اڱڻ تي اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿي چئجي ۔۔۔ اميد ته ساٿ سلامت، سنڌ سلامت جو نعرو لڳندو رهندو ۔۔۔
دعائن ۾ گڏ ۔۔۔۔