• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روبينه ابڙو سنڌ فيصلو ڏنو۔ (روبينه ابڙو)

سنڌي موالي

سينيئر رڪن
اڃان ته سوچ ۾ وڏي
ڪا آڳ ٿي ٻري پئي۔۔۔۔
اڃا اکين جي ڍنڍ ۾
ڪا ياد ٿي تري پئي۔۔۔۔۔

اڃا دلين ۾ درد ڪو
ڏکي پيو دکي پيو۔۔۔۔
اڃان ته جيُ ڪوڙ کي
ٿڏي پيو ٿڏي پيو۔۔۔۔

اڃان اسانجي درد تي
نکارا نکارا آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اڃان اسانجي سار ۾
خيام جو خمار آ۔۔۔۔۔

اڃان اسانجو پاڻ تي
يقين آ يقين آ۔۔۔۔۔
يقين ئي ته آ خدا
يقين ئي ته دين آ۔۔۔

اڃان اميد آس ڪا
ٽٽي ن آ ٽٽي نه آ۔۔۔۔
اڃان نه من مان روشني
کٽي نه آ کٽي نه آ۔۔۔۔

اڃان اسانجي روح ۾
ڪا ڪربلا جي شام آ۔۔۔۔
اڃان اسانجي صبر ۾
"حسين جو پيام آ۔۔۔۔۔

اڃان ته ماٺ جي مٿان
صداقتن جو باز آ۔۔۔۔۔
اڃان اسانجي خامشي
سوالن ۾ شمار آ۔۔۔۔۔

اڃان اسانجي هر گهڙي
بهار جي حصار ۾۔۔۔۔۔
اڃان اسانجو آ جيو آ
پيار جي حصار ۾۔۔۔

اڃان ته مند آ نئي
اڃان جوان سال آ۔۔۔۔
اڃان ته پنهنجي درد تي
نئون نئون جمال آ۔۔۔۔

اڃان وفا جي راه ۾
ڪريا نه هون ڪريا نه هون۔۔۔
اڃان ته پنهنجي قول تان
ڦريا نه هون ڦريا نه هون۔۔۔
اڃان اسانجو جوصلو
پهاڙ کان مٿي گهڻو
اڃان ته اس وڏ ڦڙو
اسان مٿان وسي گهڻو۔۔۔

اڃان سانجي زندگي
رڙهي رڙهي رڙهي پئي
اڃان ته ڏات هيکلي
وڙهي وڙهي وڙهي پئي۔۔۔۔

اڃان ته وار سامهون
آ اوٽ سنڌ ٿي پئي۔۔
اڃان ته هر سوال جي
آ موٽ سنڌ ٿي پئي۔۔۔

وڇائي ڀل ڪو ڪيترو به
نفرتن جي ڄار کي۔۔۔۔۔
نه قيد ٿو ڪري سگهي
هو سار کي پيار کي۔۔۔۔۔۔

ڀلا ڪڏهن ڪا خاڪ ڀي
آ اڀ جي ڇهي سگهي
ڀلا ڪڏهن ڪا رات ڀي
آ ڏينهن کي پڄي سگهي۔۔۔۔

گهڻو ٿيو گهڻو ٿيو
جو جنهن چيو گهڻو چيو
ٻڌي ڇڏيو ڏسي ڇڏيو
جو جنهن ڪيو گهڻو ڪيو۔۔

اسانجي چپ چپات کي
آ ڏات حوصلو ڏنو۔۔۔۔
اسان جي طرف کان سڄي
آ سنڌ فيصلو ڏنو
 
جواب: سنڌ فيصلو ڏنو۔ (روبينه ابڙو)

تمام سٺا لفظ، تمام اوچا جذبا، قومي جذبي سان سرشار هن نظم جي ليکڪ جي خبر پوي ها ته وڌيڪ سهڻو لڳي ها ۔۔۔ سنڌ سان ايترا سچا ۽ پيار ڪرڻ وارا انسان موجود آهن ته پڪ سان سنڌ جي ٻيڙي ترندي ضرور ۔۔۔ ماشاء الله ادا سانگي تمام سٺو ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔
 
جواب: سنڌ فيصلو ڏنو۔ (روبينه ابڙو)

اڃان ته سوچ ۾ وڏي
ڪا آڳ ٿي ٻري پئي۔۔۔۔
اڃا اکين جي ڍنڍ ۾
ڪا ياد ٿي تري پئي۔۔۔۔۔

اڃا دلين ۾ درد ڪو
ڏکي پيو دکي پيو۔۔۔۔
اڃان ته جيُ ڪوڙ کي
ٿڏي پيو ٿڏي پيو۔۔۔۔

اڃان اسانجي درد تي
نکارا نکارا آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اڃان اسانجي سار ۾
خيام جو خمار آ۔۔۔۔۔

اڃان اسانجو پاڻ تي
يقين آ يقين آ۔۔۔۔۔
يقين ئي ته آ خدا
يقين ئي ته دين آ۔۔۔

اڃان اميد آس ڪا
ٽٽي ن آ ٽٽي نه آ۔۔۔۔
اڃان نه من مان روشني
کٽي نه آ کٽي نه آ۔۔۔۔

اڃان اسانجي روح ۾
ڪا ڪربلا جي شام آ۔۔۔۔
اڃان اسانجي صبر ۾
"حسين جو پيام آ۔۔۔۔۔

اڃان ته ماٺ جي مٿان
صداقتن جو باز آ۔۔۔۔۔
اڃان اسانجي خامشي
سوالن ۾ شمار آ۔۔۔۔۔

اڃان اسانجي هر گهڙي
بهار جي حصار ۾۔۔۔۔۔
اڃان اسانجو آ جيو آ
پيار جي حصار ۾۔۔۔

اڃان ته مند آ نئي
اڃان جوان سال آ۔۔۔۔
اڃان ته پنهنجي درد تي
نئون نئون جمال آ۔۔۔۔

اڃان وفا جي راه ۾
ڪريا نه هون ڪريا نه هون۔۔۔
اڃان ته پنهنجي قول تان
ڦريا نه هون ڦريا نه هون۔۔۔
اڃان اسانجو جوصلو
پهاڙ کان مٿي گهڻو
اڃان ته اس وڏ ڦڙو
اسان مٿان وسي گهڻو۔۔۔

اڃان سانجي زندگي
رڙهي رڙهي رڙهي پئي
اڃان ته ڏات هيکلي
وڙهي وڙهي وڙهي پئي۔۔۔۔

اڃان ته وار سامهون
آ اوٽ سنڌ ٿي پئي۔۔
اڃان ته هر سوال جي
آ موٽ سنڌ ٿي پئي۔۔۔

وڇائي ڀل ڪو ڪيترو به
نفرتن جي ڄار کي۔۔۔۔۔
نه قيد ٿو ڪري سگهي
هو سار کي پيار کي۔۔۔۔۔۔

ڀلا ڪڏهن ڪا خاڪ ڀي
آ اڀ جي ڇهي سگهي
ڀلا ڪڏهن ڪا رات ڀي
آ ڏينهن کي پڄي سگهي۔۔۔۔

گهڻو ٿيو گهڻو ٿيو
جو جنهن چيو گهڻو چيو
ٻڌي ڇڏيو ڏسي ڇڏيو
جو جنهن ڪيو گهڻو ڪيو۔۔

اسانجي چپ چپات کي
آ ڏات حوصلو ڏنو۔۔۔۔
اسان جي طرف کان سڄي
آ سنڌ فيصلو ڏنو
محترما روبينا ابڙو جو هي نظم پنهنجي وزن بحر پنهنجي رواني ۽ خيالن جي اُڏام ۾‌پنهنجو مَٽِ پاڻ آهي۔ ادا سنڌي موالي جا لکين قرب جو هُنَ اسان کي اهڙو خوبصورت نظم پڙهڻ لا هتي آندو۔
 
جواب: سنڌ فيصلو ڏنو۔ (روبينه ابڙو)

دستو توهان سڀن جي مهرباني جو توهان موالي جي هن ننڌڙي ڪاوش ايترو پسند ڪيو دوستو توهانجو هي موالي آهي پر ڪجه تعليم به رکندو آهي ير بس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سنڌ فيصلو ڏنو۔ (روبينه ابڙو)

معاف ڪجانءِ يار مٿي ٽائيٽل ۾ روبينه ابڙو ڏسڻ رهجي ويو هو، محترم روبينه ابڙو جي شاعري پنهنجي مٽ پاڻ هوندي آهي ۽ جذبن سان سرشار هوندي آهي ۔۔۔ روبينه ابڙو جي شاعريءَ جو جواب ناهي ۔۔۔ لک ٿورا موالين جا، رب اوهانجي علم ۾ اڃان واڌارو ڪري ۔۔۔ آمين
 
Back
Top