مونکي پنهنجا کپن
نثاراحمد ناز
مونکي پنهجا کپن، ڪونه پراوا کپن
سنڌي سُهڻا رُڳو، مونکي ساوا کپن
ـــــ
مُنهنجو بر پيو وسي، سُهڻو ٿر پيو وسي،
مُنهنجا مارو مِٺا، مونکي ڍاوا کپن
ـــــ
رت هي مُنهنجو وهِي، ڀل پيو ريٽا ڪري
مونکي ٻرندڙ جبل، وارا لاوا کپن.
ـــــ
جن جي دل تي چِٽو ، نالو سنڌ جو هُجي،
ڀائر ڀيڻون ته سي، سنڌ جا ڄاوا کپن.
ـــــ
سنڌ جو ٻالڪ پڙهي، اُن جي اوسر ٿئي،
اڪَ جون ڪاٺيون اڃا، نِم جا پاوا کپن.
ـــــ
ٻولِي قومي سنڌي، ساري سنڌ جي هُجي،
اڻ ڳڻيا، سنڌيو، مونکي رايا کپن
ـــــ
جيڪي سنڌ تي لِکِي، جيڪي سنڌ لئه وڙهن،
سڀئي ليکڪ سنڌي، مونکي ڏاها کپن.
ـــــ
شل هي ويڙها سدا ، ”ناز“ سنڌ جا وسن
وستيون واهڻ ٻنيون، مونکي وا واه کپن