مونکي پنهنجا کپن نثاراحمد ناز مونکي پنهجا کپن، ڪونه پراوا کپن سنڌي سُهڻا رُڳو، مونکي ساوا کپن ـــــ مُنهنجو بر پيو وسي، سُهڻو ٿر پيو وسي، مُنهنجا مارو مِٺا، مونکي ڍاوا کپن ـــــ رت هي مُنهنجو وهِي، ڀل پيو ريٽا ڪري مونکي ٻرندڙ جبل، وارا لاوا کپن. ـــــ جن جي دل تي چِٽو ، نالو سنڌ جو هُجي، ڀائر ڀيڻون ته سي، سنڌ جا ڄاوا کپن. ـــــ سنڌ جو ٻالڪ پڙهي، اُن جي اوسر ٿئي، اڪَ جون ڪاٺيون اڃا، نِم جا پاوا کپن. ـــــ ٻولِي قومي سنڌي، ساري سنڌ جي هُجي، اڻ ڳڻيا، سنڌيو، مونکي رايا کپن ـــــ جيڪي سنڌ تي لِکِي، جيڪي سنڌ لئه وڙهن، سڀئي ليکڪ سنڌي، مونکي ڏاها کپن. ـــــ شل هي ويڙها سدا ، ”ناز“ سنڌ جا وسن وستيون واهڻ ٻنيون، مونکي وا واه کپن
ادا سلطان، حق موجود نثار ناز جو هي من موهيندڙ ۽ قومپرستيءَ جي جذبي سان ٽمٽار شعر پڙهي، جذبا جوان ٿيو وڃن ... رب کيس گيتن ۾ سنڌ لاءِ لکڻ جي سگهه برقرار رکي ۽ کيس وڏي ڄمار ڏي ... پر يار ، هي لاڙ جو ۽ درياه جي پڇاڙ وارو دوست، اڄ ڪلهه ڪجهه شايد مصروف مصروف آهي، جو نظر نٿو اچي ... سدائين گڏ دعائن ۾ sindhsalamatsaathsal
واه ادا سلطان واه سائين ته asul matt ڪمال ڪري وجهندو آهي پر يار اسان آڱوٺي ڇاپن کي ڪجه لفظ سمجه ۾ نه آيا اهو ڍاوا ڇاکي چئبو آهي ادا سلطان خبر اٿئي ته ٻداء نه ته اجهو سائين نثار آيو ۽ يار هي لفظ لاوا به سنڌي آهي ؟ مان نا کي اردو سمجهندو هئس توهان ٻنهي دوستن جي مهرباني ادا سلطان اوهان شيئرنگ ڪئي سائين نثار اوهان اهڙي پياري شاعري ڪئي شل ٻ ئي جڙيا هجو